باب يارهون
”وڏي ڪاميابي آهي!“ گريو چيو.
”محترمہ هيءَ تہ واقعي تمام وڏي ڳالھہ آهي!“ مادموزيل بلانشي ڏاڏيءَ جي دل ۾ گهر ڪرڻ لاءِ ڏاڍي لفريب مسڪراهٽ سان چيو.
”ھا، ڏسو تہ اڃا ائي مس آهيان تہ ٻارهن هزار فلورن بہ کٽي ورتم ۽ سون جي سڪن کي ملايو تہ ڪل تيرهن هزار فلورن!“ وري مون کي مخاطب ڪندي چيائين، ”چؤ! ڪل گهڻو سون آهي، ڇھہ هزار فلورن جيترو هوندو؟“
مون تفصيل سان ٻڌايومانس، ”ستن هزارن کان بہ گهڻو آهي. موجوده مٽا سٽا جي ناڻي جي اگهن جي مطابق غالباً اٺ هزار فلورن جو ٿيندو.“
”اٺن هزارن جو سون کٽڻ ڪا معمولي ڳالھہ ڪانھي. ڪن کولي ٻڌو، هتي روز ٿا اچو ۽ هڪ پائي بہ حاصل نٿا ڪريو! پوٽا پچ! خادمھ! اڙي توهين ڏسو پيا؟“
”مادام هيءُ تہ خدا جو وڏو فصل آهي، ٻيو ڇا. اٺ هزار، منھنجا خدا!“ نوڪرياڻي سؤ سؤ وٽ کائيندي، نزاڪت سان چيو.
”چڱو، وٺو هي پنج سونا سڪا توھان جا آهن.“
پوٽا پچ ۽ نوڪرياڻي ڏاڏيءَ جو هٿ چمڻ لاءِ وڌيا.
”اليگزي مزدورن کي بہ هڪ هڪ فيڊرڪ ڏيئي ڇڏ ۽ هي نوڪر ڇو پيا هڪ ٻئي تي ڪرن. ڇا مون کي مبارڪباد ٿا ڏين! چڱو انھن کي بہ هڪ هڪ فيڊرڪ ڏيئي ڇڏي.“
”مادام! واقعي توھان شھزادي آهيو. توھان جي قوت اراديءَ تہ مون کي حيران ڪري ڇڏيو. اوهين واقعي سخي آهيو. خدا اوھان کي وڏي حياتي ڏي. اوھان جي ڪرم ۽ سخاوت جي طفيل اسين بہ جي رهيا آهيون.“ هڪ وڏين مڇن وارو ڊگهو شخص جنھن کي ميرو ڪوٽ ۽ ڀورو واسڪوٽ پيل هو، اهي اکر چوندو ڪرسيءَ ڏانھن تيزيءَ سان وڌيو. هو ھر ھر جوش ۾ ٽوپي لوڏي رهيو هو.
”هن کي بہ هڪ- نہ، ٻہ فيڊرڪ ڏي. بس ڪر. هنن ماڻھن جو وات تہ ڪڏهن بہ بند نہ ٿيندو. ھاڻ ڪرسي ڇڪيو. پراسڪويا!“ هن پالينا اليگزينڊرونا کي سڏ ڪندي چيو، ”سڀاڻي توکي بہ هڪڙو سھڻو وڳو وٺي ڏينديس ۽ تنھنجي لاءِ بہ مادموزيل...... خدا نيڪي ڏينئي ڇا نالو اٿئي؟ مادمزيل بلانشي؟ توکي بہ هڪڙو وڳو وٺي ڏينديس. پراسڪويا، ترجمو ڪري ٻڌائينس.“
”وڏي مھرباني مادام.“ مادموزيل بلانشي ڏاڍي احترام سان جواب ڏنو. حالانڪ گريو ۽ جنرل ڏانھن ڏسندي، سندس اکين ۾ طنز اڀري آئي هئي. جنرل صاحب ڪجهہ پريشان نظر اچي رهيو هو. پر جڏهن شاه بلوط واري رستي تان لنگهياسين پئي تہ هن کي مڙئي ٿورو آرام آيو.
”فدوسيا- فدوسيا کي بہ ڏاڍو تعجب ٿيندو.“ ڏاڏيءَ جنرل جي نرسل لاءِ سوچيندي چيو.
”مان هن کي بہ هڪ وڳو وٺي ڏينديس. اليگزي اوانو وچ- اڙي اليگزي، هي هُن اپاهج کي ڏيئي ڇڏ!“
اهو هڪ ڪٻڙو ماڻھو هو، جنھن کي ڦاٽل پرانا ڪپڙا بلڪ رنگبرنگا ليڙن جھڙا ڪپڙا پيل هئا، اسان جي ڀرسان لنگهندي گهوري رهيو هو.
”ڏاڏي، هي اپاهج ڪونھي، ڪو بدمعاش ٿو لڳي.“
”خير ڪير بہ هجي، تون هن کي هڪ گلڊن ڏيئي ڇڏ. دير ڇو ٿو ڪرين؟“
مون ويجهو وڃي هڪ گلڊن هن کي ڏنو. پھرين تہ هو مون ڏانھن ڏاڍيءَ حيرانيءَ سان گهورڻ لڳو. پر پوءِ گلڊن ورتائين. هن جي وات مان شراب جا ڀڀڪا نڪري رهيا هئا.
”اليگزي، تو ڪڏهن پنھنجي لاءِ جوئا نہ ڪئي آهي؟“
”جي نہ.“
”پر جڏهن تون منھنجي لاءِ داءُ هڻي رهيو هئين، تہ مون کي ائين ٿي لڳو ڄڻ تنھنجون اکيون ٽانڊا ٿيو پئي ويون.“
”مون اهو پڪو ارادو ڪيو آهي تہ ھاڻ ضرور جوئا ڪندس.“
”۽ ڏس ويندي ئي ٻڙي تي داءُ هڻجانءِ، خدا ڪندو تہ فتح پنھنجي ٿيندي. هن وقت تو وٽ گهڻا پئسا آهن؟“
”رڳو ويھہ فيڊرڪ.“
”هي تمام ٿورا آهن. خير ڪا ڳالھہ نہ آهي. پنجاھہ فيڊرڪ مان توکي ڏيندس. جي ٻيا بہ کپنئي تہ قرض ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. هي وٺ بندل-“ وري اوچتو جنرل ڏي ڏسي چيائين، ”چڱا مڙس، تون اهڙيءَ طرح ڇو پيو ڏسين؟ توکي ڪجهہ بہ نہ ملندو. مون مان ڪا اميد نہ رک.“
جنرل صاحب جي بدن کي ڏڪڻي وٺي ويئي. پر ڪجهہ ڪڇيو ڪونہ.
”ڪمبخت ڏاڍي خبيث آهي. پر هن جي خباثت مان ڪنھن کي نقصان پھچي نٿو سگهي.“ گريو جنرل جي ڪن ۾ آهستي چيو.
”فقير، فقير.... ڏس سامھون فقير پيو وڃي. اليگزي اِوانووچ! هن ويچاري کي بہ هڪ گلدن ڏيئي ڇڏ.“
هو ڀورن وارن وارو شخص هو ۽ ويساکيءَ جي سھاري آهستي آهستي ھلي رهي هو. کي گوڏن تائين نيري رنگ جو ڪوٽ پيل هو. ڪو جهونو سپاهيءَ ٿي لڳو. جڏهن مون هن کي گلڊن ڏيڻ لاءِ هٿ وڌايو، تہ هو پٺيان هٽي ويو ۽ ڪاوڙ مان مون کي گهورڻ لڳو.
”بيوقوف! مون کي فقير ٿو سمجهين.“ ائين چئي مون کي سوين ڪچيون گاريون ڏنائين.
”اوهه! هي تہ ڪو چريو آهي!“ ڏاڏيءَ هٿ لوڏيندي چيو، ” چڱو ھاڻ جلدي ھلو. مون کي ڏاڍي بک لڳي آهي. ماني کائي ٿورو آرام ڪنديس، پوءِ وري هتي اينديس.“
”تہ ڇا ڏاڏي، اوهين وري بہ کيڏنديون؟“
”ٻيو نہ تہ تنھنجي ڪھڙي مرضي آهي تہ ويھي مکيون ماريان؟ تون ويٺو پنڪيون کاءُ ۽ مان تنھنجي شڪل تڪيندي رھان؟ اھا ئي مرضي اٿئي نہ؟“
گريو ويجهو ايندي چيو، ”يقينا محترمہ! اوھان جو خيال درست آهي. اول تہ ڪنھن کي موقعو ملي ئي نٿو، پر جي ملي، تہ بہ ڍنگ اچڻ کپي. جي موقعي جو فائدو ڍنگ سان نہ ورتو وڃي تہ اهو موقعي نہ ملڻ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي.“
”آخر ڇا ڪجي؟ اهو ڍنگ بہ تہ ٻڌاءِ؟“ مادموزيل بلانشي ڳالھہ کي چٻاڙيندي آهي.
”پر توهين آخر منھنجي ڳالھين تي پڄرو ڇو پيا؟ توهين ڪوبہ الڪو نہ ڪريو، جي مون ھارايو تہ بہ پنھنجو پئسو ھارائينديس. هو ائسٽلي صاحب ڪٿي آهي؟“ ڏاڏيءَ مون کان پڇيو.
”ڏاڏي، هو ڪاسينو ۾ ئي ترسي پيو.“
”هنہ، تہ هو بہ اتي آهي. هو ڏاڍو چڱو ماڻھو آهي.“
هوٽل جي ڏاڪڻن تي جڏهن ڏاڏي وڏي بيري سان ملي تہ جوئا ۾ پنھنجي کٽڻ جي ڳالھہ ٻڌائڻ لڳيس. پوءِ هن فدوسيا کي سڏيو ۽ هن کي ٽي فيڊرڪ انعام ڏنا ۽ ماني آڻن لاءِ چيائين. ماني کائڻ وقت فدوسيا ۽ نوڪرياڻي ملرفا بئي ڏاڏيءَ سان گڏ هيون.
ملرفا گرھہ چٻاڙيندي چيو، ”مادام، مان اوھان کي باقاعدي ڏسي رهي هيس ۽ پوٽا پچ کي چيم پئي تہ ڪٿي مادام کي ڪنھن شيءِ جي ضرورت نہ هجي ۽ پئسا، ميز تي پيل پئسا، ايمان سان ايتري دولت مون ڪڏهن بہ اکئين نہ ڏٺي هئي. چئن ئي پاسي شريف ماڻھو ويٺا هئا. هڪ بہ تہ لوفر ڪونہ هو. مون پوٽا پچ کان پڇيو تہ هي سڀ ماڻھو ڪٿان آيا آهن؟ پر هن ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنو. مادام! آءٌ اوھان لاءِ دعا گهري رهي هيس. خدايا، اسان جي مالڪياڻي شل کٽي! يا خدا هن جي مدد ڪر! پر مادام! آءٌ پگهرجي وئي هيس ۽ دل ٻڏم پئي. يا الاهي اسان جي مالڪياڻي کٽي! ۽ ڏسو، منھنجي دعا قبول ٿي وئي ۽ اوھان الله جي فضل سان کٽي ويون. مان تہ ڏڪي رهي هيس. ھاڻي وري ڪجهہ هوش آيو آهي.
”اليگزي! تون مانيءَ کان پوءِ ڀلي وڃي آرام ڪر. پر ڏس، ٺيڪ چِئين بجي هتي پھچي وڃجئين. ڪنھن سٺي ڊاڪٽر کي مون ڏانھن ضرور موڪلي ڏجئين. مان دوا باقاعدي استعمال ڪرڻ ٿي گهران.“
جڏهن مان ڏاڏيءَ وٽان موٽيس، تہ مون کي ائين ٿي لڳو ڄڻ بلڪل مدهوش، بلڪل ديوانو ٿي چڪو آهيان. آءٌ اهو سوچي رهيو هوس تہ هنن ويچارن جو ڇا ٿيندو! هي ماڻھو ڇا ڪندا، ڪيڏانھن ويندا ۽ معاملو ڪھڙو رخ اختيار ڪندو؟ ان ڳالھہ کان تہ چڱيءَ طرح واقف هوس تہ هي سڀ (خاص ڪري جنرل صاحب) اڃا تائين پھريون جهتڪو ئي وساري نہ سگهيا هئا. هن جي وفات جي خبر آڻڻ ۽ هن جي سڄي ملڪيت جي ورثي واريءَ تار جي بجاءِ ڏاڏيءَ جي اوچتي اچڻ هنن جي خوابن کي اصل پاڙؤڻ پٽي ڇڏيو. سڀ منصوبا مٽيءَ ۾ ملي ويا هئن ۽ ھاڻ رولٽ جي جوئا خاني ۾ ڏاڏيءَ جي هنگامن کان هو اڃا بہ وڌيڪ پريشان پئي ٿيا. ھر شخص هوش کان نڪرندو پئي ويو ۽ سڀئي اهڙا تہ چپ چاپ هئا، ڄڻ نانگ ڪکي ويو هون.
هيءَ ٻي حقيقت پھرينءَ حقيقت کان بہ وڌيڪ اهميت ٿي رکي. حالانڪ ڏاڏيءَ جنرل کي صاف چئي ڇڏيو هو تہ هوءَ کيس هڪڙي ڪوڏي بہ نہ ڏيندي. پر خدا کي خبر هت ٿيڻو ڇا هو؟ بھرحال، دنيا اميد تي قائم آهي. اميد کي بلڪل ڇڏڻ بہ ٺيڪ نہ آهي. تنھنڪري گريو، جو جنرل جي ھر معاملي ۾ دخل ڏيندو هو، بلڪل نا اميد نہ ٿيو هو. مون کي پڪ اهي تہ مادموزيل بلانشي به، جيڪا جنرل جي ھر معاملي ۾ گريو وانگيان دخل ڏيڻ جي عادي ٿي چڪي هئي (ڀلا، هڪ تہ جنرل ٻيو هيڏي ساريءَ گهڻي دولت وارو) صفا اميد لاهي نہ ويٺي هئي. بلڪ پنھنجي دلفريب مرڪ ۽ دلربائيءَ سان ڏاڏيءَ کي پاڻ وڻائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي ۽ معصوم پر مغرور پالينا تہ ڪنھن جي خوشنودي حاصل ڪري ئي نٿي سگهي، ان ڪري جو هوءَ چٽ ٻڌڻ ڇا ڄاڻي؟ پر ھاڻ ڏاڏي رولٽ جي جوئا خاني مان ڪافي رقم کٽي چڪي هئي. ممڪن آهي تہ هوءَ آئينده ھارائي بہ وجهي. هڪ تہ ھارائڻ جو امڪان، ٻيو هن جي سرڪشي، ٽين هن جي پيري- غالباً گريو انھن ئي ڳالھين کي ٺلهيون ڳالھيون ۽ خيالي پلاءُ چئي، پنھنجي دل ۽ گڏوگڏ جنرل جي دل پرڀائي رهيو هو. ممڪن آهي تہ هوءَ واقعي ھارائي وڇي. هوءَ پننجي کٽڻ تي ٻارن وانگر خوش هئي- ايتري خوش، جو اهو بہ ممڪن هو تہ ان حد کان وڌيڪ جوش- مسرت ۾ اچي هو سڄي دولت ھارائي ئي ويھي. آءٌ ڏاڍي شرارت ڀريءَ مرڪ سان (خدا مون کي معاف ڪري) سوچي رهيو هوس تہ جيڪي داءَ لڳا پئي، انھن مان جنرل صاحب جي دل وري هڪ ڀيرو جلي ڪباب ٿي وئي هوندي ۽ مادموزيل بلانشي چپن تائين آيل جام کي ڀڄي ڀور ٿيندي ڏسي، ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي وئي هوندي. وري ڏاڏي پنھنجي ڪاميابيءَ جي نشي ۾ ھر ڪنھن کي پئسا ڏيئي رهي هئي. ھر لنگهندڙ کي فقير پئي سمجهيائين، وري ان وقت جنرل کي چوڻ تہ ”مان توکي هڪ ڪوڏي بہ نہ ڏينديس.“ هي سڀ ڳالھيون خطري کان خالي نہ هيون. ان جو کليو کلايو اهو مطلب هو تہ هن کي واقعي جنرل صاحب کي ڪجهہ ڏين جو خيال ڪونھي. هن اهو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هو تہ جنرل صاحب کي ڪجهہ بہ نہ ڏيندي ۽ اھا ڳالھہ حقيقتاً خطرناڪ هئي. تمام خطرناڪ!
ان قسم جا گندا خيال منھنجي ذهن ۾ ان وقت اڌما کائي رهيا هئا، جنھن وقت آءٌ ڏاڏيءَ جي ڪمري مان نڪري، مٿي پنھنجي ڪمري ڏي وڃي رهيو هوس. حقيقت هيءَ آهي تہ مون کي انھن ڳالھين سان ڏاڍي دلچسپي هئي. بي شڪ آءٌ گهڻو اڳ انھن مقصدن ۽ ڳالھين کي ذهن ۾ آڻي سگهيس ٿي، جن منھنجي سامھون انھن ائڪٽرن کي نچائي ڇڏيو هو. پر ان هوندي بہ ايمان جي ڳالھہ هيءَ آهي تہ آءٌ اڃا تائين سڄي ڊرامي ۽ ان جي رمزن کي باقاعدي سمجهي نہ سگهيو هوس. پالينا ڪڏهن بہ مون سان ملي ٿي تہ ڏاڍي رازداريءَ سان ٿي ڳالھائين، پر ٻئي طرف وري پنھنجي چيل ڳالھين کي ٿوريءَ دير کان پوءِ رد ڏئي ٿي ڇڏيائين. اصلي ڳالھہ تي پڙدو وجهي، ان جو رخ ئي بدلائي ڇڏيندي هئي ۽ وڌاءُ ڪري هڪ نئين ڳالھہ ٻڌائڻ لڳندي هئي. اصل ۾ هن مون کان گهڻو ڪجهہ لڪايو هو. بھرحال ھاڻ مون کي صاف نظر پئي آيو تہ جلد ئي انھيءَ پراسرار معاملي جو ڦاٽ ڦاٽڻو آهي. جي هن قسم جو هڪ ٻيو جهٽڪو لڳو تہ سڀ ڳالھيون ظاھر ٿي پونديون. هونئن تہ منھنجي خوشقسمتي ۽ بدقسمتيءَ جو دارومدار بہ ان سڄي قصي تي ٻڌل هو، پر آءٌ پنھنجي لاءِ گهڻو پريشان ڪونہ هوس. منھنجي ذهن جي عجيب حالت هئي. کيسي ۾ ڪل ويھہ فيڊرڪ پيا هئم. هوڏانھن پرديس ۾ بي يارو مددگار نہ روزگار هو، نہ اميد، نہ تمنا، پوءِ بہ پريشان ڪونہ هوس. مون کي ڪنھن بہ شيءِ جو غم نہ هو. مگر ھا، رڳو هڪ غم منھنجي لاءِ عذاب بنيل هو ۽ اهو هو پالينا جو غم. جي مون کي پالينا جو خيال نہ هجي ھا تہ شايد ڪنھن بہ ڳالھہ سان ڪو تعلق نہ رکان ھا. بلڪ ھر مصيبت تي بيھي کلان ھا، ٽھڪ ڏيان ھا ۽ الائي ڇا ڇا ڪريان ھا. مون کي رڳو پالينا جو فڪر هو. مون کي خبر هئي تہ پالينا جي قسمت جو فيصلو ٿيڻ وارو آهي. تنھنڪري ڏاڍو پريشان هوس. پر اهو چوندي مون کي افسوس پيو ٿئي تہ منھنجي پيشاني صرف هن جي قسمت جي ڪري ڪونہ هئي. مان هن جي رازن جي تھہ تائين پھچڻ جي خواهش ۾ پئي لڇيس ۽ ڦٿڪيس. اھا آرزو نانگ وانگر منھنجي سيني تي سُري رهي هئي تہ هوءَ اچي ۽ آهستي اچي چوي، ”مون کي توسان پيار آهي.“ ۽ جي ائين نہ آهي، جي اھا اڻ ٿيڻي ڳالھہ آهي، جي اهو ڪو چريائي4 جو خيال آهي، تہ خير ڪا پرواھہ نہ آهي. پوءِ آخر مون کي گهرجي ڇا ٿو؟ آءٌ واقعي چريو ٿي چڪو هوس. مون تہ رڳو هي ٿي چاهيو تہ هيءَ جبل جيڏي زندگي هن جي گهاتن وارن جي پاڇن ۾ گذاريان، هن جي ايتري ويجهو رھان جو هن جي دل جي ڌڙڪڻ بڌان، هن جي حسن جي نوراني ڪرڻن سان پنھنجي روح کي تازو ڪريان- جيئندو رھان، مرندو رھان، ان کان وڌيڪ مون کي ڪجهہ بہ نٿي گهريو. هونئن بہ ڇا، آءٌ هن کي ڇڏي سگهيس ٿي؟
ٽيءَ ماڙيءَ تي چڙهندي، مون کي ائين لڳو ڄڻ ڪنھن اشاري سان سڏ ڪيو هجيم. پٺيا مڙي ڏٺم تہ ويھن قدمن جي فاصلي تي پالينا دروازي مان ٻاھر نڪري رهي هئي. هوءَ شايد منھنجو انتظار ڪري رهي هئي. هن مون کي ڏسندي ئي اشاري سان پاڻ ڏي سڏيو.
”پالينا اليگزنڊرونا....“
”چپ ٿورو آهستي.“
”ڏس،“ مون شائستگيءَ سان چيو، ”خبر اٿئي، مون کي ائين لڳو ڄڻ پٺيان ڪو سڏي رهيو هجيم. مڙي ڏٺم تہ تون هئينءَ- تون! مون کي اهڙو احساس ٿيو، ڄڻ تنھنجي طرفان ڪا برقي لھر بدن ۾ اچي وئي هجيم.“
پالينا شايد منھنجي ڳالھہ ڪانہ ٻڌي. هن پيشانيءَ تي گهنج وجهندي چيو، ”هي خط وٺ ۽ يڪدم ائسٽلي صاحب کي پھچاءِ. انھيءَکي ڏجانءِ، ڏس مان التجا ٿي ڪريان. ٿورو جلدي ڪر. جواب جي ضرورت نہ آهي. هو خود....“ هوءَ ڳالھہ ڪندي ڪندي رڪجي ويئي.
”ائسٽلي صاحب؟“ مون سخت حيرانيءَ وچان پڇيو.
”اوه! خط و ڪتابت بہ آهي!“ بھرحال جلدي ڪاسينو ڏي ڏيس. سڀيئي ڪمرا ڏٺم. پر هو نہ مليو. جڏهن پريشانيءَ ۽ نااميديءَ جي حالت ۾ واپس پئي آيس تہ اوچتو هو ملي ويو. ان وقت هو هڪ انگريز مرد ۽ عورت سان گڏ گهوڙي تي چڙهيو پئي ويو. مون هٿ جي اشاري سان سڏيومانس ۽ پالينا جو خط ڏنومانس. هن مون ڏي اک کڻي بہ نہ ڏٺو. بلڪ ڄاڻي ٻجهي گهوڙي کي لت هڻي تيز تيز اڳيان وڌي ويو.
ڇا آءٌ واقعي رقابت جي باھہ ۾ سڙي رهيو هوس؟ ڪابہ خبر نہ آهي. اھا خبر ضرور اٿم تہ شڪست جي احساس منھنجا گوڏا ڀڄي ڇڏيا هئا. آءٌ بلڪل برباد ٿي چڪو هوس ۽ ايترو شڪست کاڌل، جو اهو بہ ڄاڻڻ نٿي چاهيم تہ هو چٺين ۾ هڪ بئي کي ڇا لکي رهيا هئا. مگر پالينا کي هن تي اعتماد ضرور هو. تڏهن تہ هن کي خط لکندي هئي. مان سوچڻ لڳيس، ”پالينا هن تي اعتبار ڪري ٿي ۽ هو پالينا جو دوست آهي (پر هو پالينا جو دوست ڪڏهن بڻيو؟) خير اھا ڳالھہ تہ پڪي آهي تہ هو پالينا جو دوست آهي. مگر ڇا هنن جي پاڻ ۾ محبت آهي؟ نہ بلڪل نه!! عشق، عقل کي جواب ڏنو. پر اهڙين صورتن ۾ عشق جي ڪير ٿو ٻڌي. مطلب هي تہ وقت اچي ويو آهي ان ڳالھہ جي خبر بہ پوندي. پر هن وقت تہ معاملي جي مونجھارن ۾ هڪ وڌيڪ ڳنڍ پئجي چڪي هئي.
آءٌ تيز تيز قدمن سان پنھنجي وڏي ڪمري ڏي وڃي رهيو هوس تہ پھرين هڪ بيري ۽ پوءِ ٻئي بيري چيو تہ جنرل ٽي دفعا سڏي چڪو هوم، هنن اهو بہ ٻڌايو تہ هو پنھنجي ڪمري ۾ منھنجو بي چينيءَ سان انتظار ڪري رهيو هو. تنھن جو مطلب تہ مون کي اهو بہ ٻڌائڻو پوندو تہ ڪٿي هوس ۽ ڪھڙي سبب هوس؟ منھنجي ذهن ۾ آتش فشان ٿي ڦاٽو. پڙهڻ واري ڪمري ۾ جنرل کان سواءِ گريو ۽ اڪيلي مادموزيل بلانشي بہ هئي. اڪيلي ان لاءِ، جو ماڻس گڏ ڪانہ هيس. هن جي ماءُ تہ رڳو هڪ اهڙي ڪاروباري شيءِ جيان هئي، جا سينگاريل ڪمري ۾ رڳو ڏيکاءَ لاءِ رکي ويندي آهي ۽ ضرورت وقت خودبخود پنھنجو ڪم ڪندي آهي. هوءَ هڪ رانديڪو هئي. مٽيءَ جو پتلو- جنھن کي شايد پنھنجي ڌيءَ جي ڪارنامن جي خبر بہ ڪانہ هئي.
بھرحال هو ڪنھن گرماگرم موضوع تي ڳالھائي رهيا هئا: ڪمري جا سڀ در بند ڪيا ويا هئا. هن کان پھرين ائين ڪڏهن بہ نہ ٿيو هو. دروازي وٽ مون گوڙ جو آواز ٻڌو، گريو جو تيز تيز آواز، بلانشي جو غضبناڪ ۽ جنرل جو مايوسانہ آواز، جو شايد ٻين جي حملن کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. جڏهن آءٌ اندر ٿيس، تہ هو هميشہ جيان پنھنجي جذبات کي ضبط ڪري بلڪل خاموش ٿي ويا. گريو وارن ۾ آڱريو ڦيرائيندي پنھنجي ڀيانڪ چھري تي زبردستيءَ جي مرڪ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. اھائي فرانسيسي مرڪ جنھن کان مون کي سخت نفرت آهي. تباھہ حال جنرل پنھنجي منھن تي عظمت ۽ وقار جا آثار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مگر هن جي ڪوشش بہ گريو جي کل جيان ڪوڙي هئي. رڳو بلانشي پنھنجو چھرو بدلائڻ جي ڪوشش نہ ڪئي، جو ڪاوڙ جي باھہ ۾ ٻري رهيو هو. هوءَ رڳو چپ ٿي ويئي ۽ ڪنھن سٺي اميد جي انتظار بلڪ اضطراب ۾ مون کي تڪڻ لڳي. قطع ڪلام معاف، هتي هيءَ ڳالھہ ٿورو مون کي موضوع کان هٽي ڪرڻ ڏيو. ڪجهہ ڏينھن کان مادموزيل بلانشي جو رويو مون سان سٺو نہ هو. هوءَ منھنجي سلام جو جواب بہ نہ ڏيندي هئي. هوءَ مون کي ڏسڻ بہ پسند نہ ڪندي هئي ۽ هونئن ڪڏهن ڪو اتفاق سان اوچتي مون تي نظر پئجي ٿي ويس، تہ اھا ٻي ڳالھہ هئي.
جنرل صاحب ڏاڍي ادس لهجي ۾ چيو، ”اليگزي اوانووچ- اوھان جو رويو مون سان ۽ منھنجي گهر وارن سان ڏاڍو عجيب آهي- بيشڪ ڏاڍو عجيب.“
”اوه، اهڙي طنز!“ گريو ائين چيو، ڄڻ پنھنجي پاڻ کي ئي چئي رهيو هجي. وري هن جي ڳالھہ مون کي سمجهائڻ لڳو، ”ڏسو، جنرل جو مطلب رڳو ايترو آهي تہ هن سان سٺو سلوڪ ڪر ۽ هن کان رنج نہ ٿيءُ. يعني هن جو چوڻ رڳو ايترو آهي تہ تون پنھنجي رويو بدلاءِ. هو درخواست ڪري رهيو اٿئي تہ تون پنھنجي موجوده رويي سان هن کي برباد نہ ڪر. مان تہ هن جي ڳالھہ جو اهوئي مطلب سمجهيو آهيان.“
”پر، ڇو! آءٌ ڪڏهن ڪنھن کي برباد ڪري رهيو آهيان؟“
”آخر تون ڏاڏيءَ جو رهنما بڻيو ڇو پيو ڦرين! هوءَ ڪمبخت ظاھري طرح ڏاڍي خوشمزاج آهي، پر اندر ۾ ڏاڍي خطرناڪ آهي...“ گريو خود پننهجي ڳالھہ تي جهجهڪڻ لڳو، ”توکي خبر آهي تہ هوءَ جوئا ۾ سڄي دولت ھارائي وجهندي. توکي خود خبر آهي تہ هوءَ بي ڍنگي طريقي سان کيڏي رهي هئي. اچ تہ کٽي ويئي آهي، پر خدانخواستہ جي ھارائڻ شروع ڪيائين، تہ هوءَ پنھنجي جوش ۾ سڀ ڪجهہ ھارائي ويھندي ۽ ظاھر آهي تہ جوئا ۾ ھارايل رقم واپس نہ ايندي آهي.... پوءِ.... پوءِ“
جنرل صاحب گريو کي لقمو ڏيندي چيو. ”ائين تہ تون سڄي خاندان کي تباهيءَ جي غار ۾ اڇلائي ڇڏيندين، توکي خبر آهي تہ مان ۽ منھنجو ڪٽنب- اسين ان ملڪيت جا واحد وارث آهيون. ڇو جو هن جو ڪوبہ ٻيو مٽ مائٽ ڪونھي. مان اڄ توکي صاف صاف ٻڌائي ٿو ڇڏاين تہ منھنجي مالي حالت نازڪ ٿي چڪي آهي ۽ منھنجون حالتون خراب آهن. ڪنھن حد تائين توکي بہ خبر آهي... جي خدانخواستہ هوءَ هڪ وڏي رقم يا سڄي ملڪيت جوئا ۾ ھارائي ويٺي، تہ منھنجو ۽ منھنجي ننڍڙن ٻارن جو ڇا ٿيندو؟ (جنرل گريو ڏي ڏٺو) ۽ منھنجو ڇا ٿيندو.... (جنرل بلانشي ڏي ڏٺو، جنھن حقارت سان نگاهون ڦيرائي ڇڏيون) اليگزي! خدارا اسان کي بچاءِ. مان خدا جو واسطو ٿو ڏيانءِ.“
”پر جنرل صاحب، آءٌ توھان کي ڪيئن ٿو بچائي سگهان؟ منھنجو هن سان ڪھڙو تعقل؟“
”تون هن کي ڇڏي ڏي. هن سان گڏ وڃڻ کان بلڪل انڪار ڪر.“
”آءٌ نہ ويندس تہ ڇا ٿيندو، منھنجي جڳھہ تي ڪو ٻيو ويندو.“
”اهو بہ ٺيڪ آهي. چڱو تون ان کي نہ ڇڏ ۽ گهٽ ۾ گهٽ ايترو ڪر، جو سمجهائي مڃائينس. جوئا کان نفرت ڏيارينس... يا وري وڏيون رقمون هڻڻ نہ ڏينس. بس ٿوري رقم جي بازي هڻي.“
”پر آءٌ اهو ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟ گريو صاحب هي ڪم ڇو نہ ٿو ڪري؟ مون ٻالو ڀولو بنجي چيو.
مون ڏٺو تہ مادموزيل بلانشي گريو ڏي سواليہ نظرن سان گهورڻ لڳي ۽ گريو جي منھن تي ڪا معنيٰ خيز شيءِ اڀري آئي، جنھن کي هن لڪائڻ جي ڪوشش تہ ڪئي پر لڪائي نہ سگهيو.
”ڳالھہ هيءَ آهي تہ هوءَ مون کي پسند نہ ڪندي ۽ هونئن....“ گريو پنھنجي هٿن کي مھٽيندي چيو ۽ معنيٰ خيز نگاهن سان بلانشي ڏي ڏسڻ لڳو.
”موسيو اليگزي ٿورو هيڏانھن بہ ڌيان ڏيو!“ مادموزيل بلانشي قيامت خيز چال سان مون ڏانھن اچڻ لڳي. هن جي منھن تي ڏاڍي دل کسيندڙ مرڪ کيڏي رهي هئي. ايندي ئي مون کي بنهي ڪلهن کان جهليو ۽ ڀاڪر پائي زور سان چنبڙي وئي. هيءَ شيطان جي ڌيءَ. منٽن ۾ ڪيترو بدلجي ٿي وڃي! ان خاص لمحي ۾ هن جي منھن تي ميٺاج سان گڏوگڏ التجا بہ اُڀري آئي هئي. هن جي مرڪ جي سادگيءَ ۾ شرارت بہ ملي ويئي هئي. هڪ ئي لمحي کان پوءِ هن مون کان جدا ٿيندي، مون کي اک ڀڳي، جا مون کان سواءِ ڪوبہ ڏسي نہ سگهيو. ان طرح هن مون کي اهو ٿي سمجهايو تہ ”مان تنھنجي آهيان.“ ۽ ان ۾ هوءَ پنھنجي پر ۾ ڪامياب بہ ٿي چڪي هئي، پر هي سڀ ڳاهيون ڏاڍيون اڍنگيون ٿي لڳيون.
جنرل صاحب هڪدم ٽپ ڏيئي مون وٽ آيو ۽ ڏاڍي عاجزيءَ سان چوڻ لڳو، ”اليگزي اِوانو وچ! جيڪي ڪجهہ مون هينئر توکي چيو، تنھن لاءِ معافي ٿو گهران. منھنجو اهو مطلب ھرگز ڪونہ هو. مان التجا ٿو ڪريان، درخواست ٿو ڪرايان. مان تنھنجي پيرين ٿو پوان. تون ۽ رڳو تون اسان کي بچائي ٿو سگهين. مادموزيل ڪامنگس ۽ اسان توکي التجا ٿا ڪريون- تون سمجهي ويو هوندين. بيشڪ تون سمجهين ٿو.“ هن مادموزيل بلانشي ڏانھن اکين سان اشارو ڪندي چيو- حقيقت ۾ هن جي حالت رحم جي قابل هئي.
اوڏي مھل ڪنھن آهستي دروازو کڙڪايو. دروازو کليو. هوٽل جو بيرو ۽ ان جي پٺيان پوٽا پچ بيٺو هو. هن کي ڏاڏيءَ مون ڏانھن اماڻيو هو تہ جيئن مون کي سڏي اچي.
”هوءَ ڏاڍي ڪاوڙي ويٺي آهي.“ پوٽا پچ چيو.
”پر اڃا تہ ساڍا ٽي ٿيا آهن!“
”هوءَ تہ ستي بہ ڪانھي. سڄو وقت پاسا ورائيندي گذاريو اٿس. هينئر تہ پلنگ تان بہ اٿي آهي. پنھنجي ڪرسي گهرائي اٿس ۽ مون کي هيڏانھن موڪليو اٿس. پاڻ ٻاھرئين دروازي تي بيٺي آهي.“
”ميان، جلدي وڃ.“ گريو چيو.
مون کي ڏاڏي ڏاڪڻ تي ملي. مون کي اٿڻ شرط پاڻ وٽ نہ ڏسي، بنھہ آپي کان ئي نڪري ويئي هئي. ڪمال آهي، چئين بجي تائين بہ انتظار ڪري نہ سگهي.
”ھل! ھاڻ ھل! ڏاڏيءَ چيو ۽ اسين ٻيھر رولٽ جي جوئا خاني ڏانھن وياسين.