باب تيرهون
اڄ ڪلھہ آءٌ پنھنجي ياداشتن کي گڏ ڪندو آهيان ۽ انھن کي پڙهندو آهيان. (غالباً پنھنجو پاڻ کي هڪ پڪ ڏيارڻ لاءِ تہ هي يادداشت مون ڪنھن پاڳل خاني ۾ ڪانہ لکي آهي- پر اھا ڳالھہ ڪير سمجهي!) ھاڻ آءٌ بلڪل اڪيلو آهيان. سرءُ جي موسم تيزيءَ سان اچي رهي آهي ۽ وڻن جا پن زرد ٿيڻ لڳا آهن. آءٌ اڃا تائين هن ننڍڙي، سڃي ڳوٺ ۾ رهيو پيو آهيان. (اُف جرمنيءَ جا ننڍڙا ڳوٺ ڪيترا نہ ويران ٿين ٿا) اهو سوچڻ جي بجاءِ تہ مون کي اڳتي ڇا ڪرڻ کپي، آءٌ پنھنجي زندگيءَ جا ڏينھن ان احساس جي بار هيٺان پورا ڪري رهيو آهيان، جنھن جو هينئر هينئر مون بيان ڪيو. ماضيءَ جي يادگيرين کي تازو پيو ڪريان ۽ جيئان پيو. ان گردش ايام کي، جنھن مون کي جهلي زور سان هڪ طرف اڇلائي ڦٽو ڪيو آهي، ھر وقت ياد ڪندو آهيان ۽ زنده رهندو آهيان. زماني جي لڳايل زخمن کي محسوس ڪندو آهيان ۽ جيئندو آهيان. زمانو، جنھن مون کي پنھنجي جنڊ جي ٻن پڙن ۾ پيھي ڇڏيو. ڪڏهن ڪڏهن مون کي ائين لڳندو آهي. ڄڻ تہ آءٌ هڪ زبردست طوفان ۾ گهيرجي ويو آهيان ۽ هڪ معمول ڪک وانگر هيڏانھن کان هوڏانھن لڙهي رهيو آهيان، جنھن ڪري آءٌ ڪائنات جي سموري ترتيب ۽ توازن کي ڀلجيو ٿو وڃان ۽ طوفاني موجن ۾ وائڙن وانگر لڙهندو ٿو وڃان....
شايد آءٌ انھن تيز ۽ تند موجن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري، پنھنجي زندگيءَ ۾ ترتيب ۽ توازن پيدا ڪري سگهان ٿو، پر انھيءَ لاءِ ضروري هو تہ گذريل مھيني وارا سڀ واقعا منھنجي ذهن تان ميٽجي وڃن. مون ٻيھر قلم کنيو آهي ۽ لکڻ شروع ڪيو اٿم. ان کان سواءِ ڪري بہ ڇا ٿو سگهان. ڇو جو شام جو مون وٽ ٻيو ڪو ڪم ڪونھي. مون کي ڪنھن نہ ڪنھن ڪم ڪرڻ جي ايتري خواهش ٿيندي آهي، جو آخرڪار مجبور ٿي لائبريريءَ مان پال ڊي ڪاڪ جا جرمن زبان ۾ ترجمو ٿيل ناول ڪڍائنيدو آهيان. حالانڪ مون کي اهو ليکڪ پسند بہ ڪونھي. پوءِ بہ پڙهندو رهندو آهيان ۽ پنھنجو پاڻ تي حيران ٿيندو رهندو آهيان. شايد آءٌ اهي ڪتاب ان ڪري پڙهندو آهيان تہ جيئن ڪنھن سنجيده ڪتاب پڙهڻ يا ڪنھن سنجيده ڪم ڪرڻ سان گذريل وقت جو جادو نہ ٽٽي پوي. مطلب تہ اهو ڀوائتو خواب ۽ ان جا ڇڏيل سڀ اثر مون کي ايڏا تہ عزيز هئا، جو مون انھن تي ڪنھن بہ قسم جو رنگ چاڙهڻ نٿي چاهيو. مون نہ ٿي چاهيو تہ مفت ۾ هن خواب جا اثرات وڃائي ويھان. پر ڇا واقعي مون کي گذريل وقت جو ڀوائتو ۽ اڻ وڻندڙ روپ ايترو عزيز هو؟ ھا، بيشڪ اهو مون کي عزيز هو ۽ ھاڻ تہ آءٌ انھيءَ روپ کي چاليھن سالن تائين بہ پنھنجي ذهن مان ڪڍي ڦٽو ڪرڻ تي تيار نہ ٿيندس....
۽ ان لاءِ ئي آءٌ وري دائري لکي رهيو آهيان. حالانڪ ان وقت جيڪو جذباتي رد عمل ٿيو هئم، سو هن وقت محسوس ڪونہ ٿو ٿئي. وقت سان گڏوگڏ تاثرات جو زور بہ گهٽجي ويو آهي. پر آءٌ انھن کي اختصار سان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪندس.
سڀ کان پھرين آءٌ ڏاڏيءَ جي ڳالھہ پري ڪريان تہ ٺيڪ ٿيندو. ٻئي ڏينھن هوءَ پنھنجي هڪ هڪ پائي جوئا ۾ ھارائي چڪي هئي. پر ان ۾ حيراني جي ڪھڙي ڳالهه، اهو تہ ٿيڻو هو. ڄڻ تہ هن جي مقدر ۾ لکيل هو. هونئن بہ جوا خانن ۾ ويندڙن جو اهو حال ٿيندو آهي. هنن جو غرور هميشہ ائين ئي ٽٽندو آهي، جيئن جبلن تان ڇپون. هوءَ شام جو اٺين بجي تائين کيڏندي رهي. آءٌ پاڻ تہ اتي موجود ڪونہ هوس، پر جيڪي ڪجهہ مون کي ماڻھن ٻڌايو، هوبهو اهو بيان ڪري رهيو آهيان.
پوٽا پچ سڄو ڏينھن جوئا خاني م هن سان گڏ رهيو. هن جي زباني معلوم ٿيو تہ چند پولستاني جوئاري هن جي طرفان کيڏندا رهيا. سڀ کان پھرين اهو پلستاني کيڏيو. جنھن کي هڪ ڏينھن اڳ هن باھر ڪڍرائي ڇڏيو هو. ٿوريءَ دير کان پوءِ هن کي هٽائي، هڪ ٻئي پولستانيءَ کي چائين، پڇر هو پھرئين کان بہ ويل نڪتو. ٻئي کي ڪڍي، هن بيھر پھرئين کي حڪم ڏنو، جو پنھنجي برطرفيءَ تي ڳاڙهو پيلو ٿ يو، سندس ڪرسيءَ جي پٺيان بيٺو هو. هوءَ ان مان مطمئن نہ ٿي، بلڪ وڌيڪ نااميد ٿي. ٻيو پولستاني بہ هٽڻ وارو نہ هو سو اتي ئي بيٺو رهيو. هڪ ڪرسيءَ جي کاٻي پاسي، ٻيو ساڄي پاسي. هو هڪ ٻئي کي گاريون ڏيندا ۽ بازين تي وڙهندا رهيا. سڀيئي هڪ ٻئي کي بلڪ سڀني مھذب پولستانين کي ”بيوقوف، احمق“ جي خطابن سان پاڻ ئي نوازيندا رهيا. هو ڏاڍي بي پرواهي ۽ جلد بازيءَ سان کيڏي رهيا هئا. خاص طرح جڏهن هنن ۾ جهيڙو ٿي ٿيو تہ مرڳو هڪ ٻئي جي خلاف داءٌ ٿي هنيائون. جي هڪ ڪاري نشان تي ٿي داءُ هنيو، تہ ٻئي ڳاڙهي تي. ان ڳالھہ تي ڏاڏي ڏاڍي پريشان ٿي ۽ خزانچيءَ کي التجا ڪيائين تہ ”خدا جي واسطي مون غريب کي بچايو ۽ هنن کي ٻاھر ڪڍو.“ ان جو نتيجو هي نڪتو، جو ڏاڍين رڙين ۽ گوڙ کان پوءِ هنن کي زوريءَ ڪڍي ٻاھر ڪيو ويو. پر هو ويندي ويندي رڙيون ڪرڻ لڳا. ”هن پوڙهيءَ اسان کي دوکو ڏنو آهي. هن اسان جي بي عزتي ڪئي آهي. اسان کي هن کان پئسا وٺڻا آهن.“ اهو سڀ ڪجهہ ان شام جو، بدنصيب پوٽا پچ مون کي ٻڌايو، جو ان وقت باقاعدي ڳوڙھا ڳاڙي روئي رهيو هو. هن ٻڌايو تہ اهي سڀيئي پولستاني ڏاڍيءَ بي شرميءَ ۽ بي حياتيءَ سان چوري بہ ڪري رهيا هئا ۽ اندران ئي اندران کيسا پئي ڀريائون. مثلاً هڪ ڀيري هنن مان هڪ ڏاڏيءَ کي چوڻ لڳو. ”مان بلڪل تباھہ ٿي چڪو آهيان. خدا جي واسطي مون کي ڪجهہ ڏي!“ ڏاڏيءَ پنج فيڊرڪ کڻي هن جي بازيءَ ۾ لڳايا. ڏاڏي کٽي ويئي. هو خوشيءَ کان نچڻ لڳو تہ مون اهو کٽيو آهي. جڏهن هنن کي ٻاھر پئي ڪڍيائون تڏهن پوٽا پچ ڏاڏيءَ کي ڪن ۾ بڌايو تہ هنن جا کيسا سونن سڪن سان ڀريل هئا. ڏاڏيئءَ خزانچيءَ کي چيو. پوليس آئي، تہ هو ائين رڙيون ڪرڻ لڳا.ڄڻ ڪڪڙ کي ڪنھن ڪڪڙ چور پڪڙيو هجي. هنن جي تلاشي وٺي، سڀ سڪا ڏاڏيءَ کي ڏنا ويا. ان واقعي جي ڪري خزانچين ۽ جوئا خاني ۾ ويٺل سڀني ماڻھن تي ڏاڏيءَ جو رعب ويھي رهيو. پر اهو بہ ان وقت تائين جيستائين سڀ ڪجهہ ھارائي نہ ڇڏيائين. آهستي آهستي ڏاڏيءَ جو نالو سڄي ڳوٺ ۾ پکڙجي ويو. ھر عمر جو ماڻھو، ٻار، پوڙھا، مرد، عورتون، سڀئي هن عجيب غريب پوڙهي کي، جا ويچاري اوستائين لکن جا لک ھارائي چڪي هئي، ڏسڻ لاءِ جوئا خاني ڏي اچڻ لڳا.
ڏاڏيءَ کي هنن ٻنهي پولستانين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪر مان ڪو خاص فائدو ڪونہ ٿيو. انھن ٻنهي جي جڳھہ وري هڪ ٽئي قسم جي پولستانيءَ حاصل ڪئي، جو چڱيءَ طرح روسي زبان بہ ڄاڻندو هو ۽ ظاھري شڪل ۽ پوشاڪ مان ڏاڍو شريف ماڻھو پئي لڳو، حالانڪ پنھنجين ڊگهين ڊگهين مڇن ۽ کوکلي احساس برتريءَ مان هڪ معمولي پٽيوالو پئي لڳو. هن بہ ٻين ٻن پولستانين وانگر ڏاڏيءَ جا قدم ڇھيا ۽ چميا. پر اوسي پاسي جي ٻين ماڻھن سان سندس رويو ڏاڍو هٺيلو هو. هن جي سڀ کان وڏي خوبي هيءَ هئي تہ هو مڪمل آزاديءَ سان ۽ پنھنجي مرضيءَ سان کيڏندو رهيو. ان ڪري ٿوريءَ دير ۾ ڏاڏيءَ جو نوڪر تہ ٺھيو پر مورڳو مالڪ پئي نظر آيو. راند جي ھر موڙ تي هڪ هڪ منٽ کان پوءِ ڏاڏيءَ کي مخاطب ڪري وڏا وڏا قسم کڻي، اهو ٿي ثابت ڪيائين تہ هو خود وڏو ماڻھو آهي. جوئا جو بادشاھہ آهي، هڪ ناياب جوھر آهي. تنھنڪري ڏاڏيءَ کان معاوضي ۾ هڪ پائي بہ نہ وٺندو. هو ھر ھر قسم کڻي رهيو هو، ايتري قدر جو ڏاڏيءَ کي منجهانئس ڊپ ٿيڻ لڳو، تہ ڪا حرڪت نہ ڪري ويھي، پر ڇاڪاڻ تہ ان جوھر ناياب جي راند شروع ڪرڻ کان سندس قسمت بہ ٺھڻ لڳي هئي. ان ڪري پنھنجي مرضيءَ سان هن کي ڇڏي بہ نٿي سگهي. هڪ ڪلاڪ کان پوءِ ٻيھر اهي ٻئي پولستاني جن کي ٻاھر ڪڍيو هئائون، وري اچي ويا ۽ ڏاڏيءَ جي ڪرسيءَ جي اوسي پاسي ڦيريون پائڻ لڳا. هنن وري چيو تہ جي اوھان اسان کي کيڏڻ ڏيو، تہ اوھان جي لاءِ اسين وري بہ کيڏي سگهون ٿا. پوٽا پچ چيو، تہ پولسانيءَ هنن کي اک ڀڳي ۽ ڪجهہ پئسا هٿ ۾ ڏنائين. ڏاڏيءَ اڃا تائين ماني نہ کاڌي هئي. هن کي سخت بک لڳي رهي هئي. پر هوءَ اڃا تائين ماني نہ کاڌي هئي. هن کي سخت بک لڳي رهي هئي. پر هوءَ اتان وڃڻ لاءِ تيار بہ نہ هئي. تنھنڪري ظاھر آهي تہ هڪ پولستاني ڪم اچي ٿي سگهيو. هو يڪدم ڪاسينو جي بورچي خاني مان پھرين تہ گوشت جو ٻوڙ ۽ پوءِ چانھه جو سيٽ کڻي آيو. ڏسندي ڏسندي ٻيو پولستاني بہ هن سان گڏجي ويو. ڏينھن جي خاتمي تي جڏهن ھر شخص کي خبر پئجي چڪي هي تہ هن پوڙهيءَ جو بچڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ۽ ھاڻ هوءَ پنھنجو آخري نوٽ داءُ تي هڻي رهي آهي. تڏهن هن جي معذور بردار ڪرسيءَ جي چوڌاري هڪ نہ، ٻہ نہ، پورا ڇھہ پولستاني اچي بيٺا. جن جي شڪل بہ هن اڳي ڪانہ ڏٺي هئي. جڏهن ڏاڏيءَ آخري سڪي جي بازي هنئي، تڏهن هنن سڀني پولستاسنين جو رويو بہ بلڪل بدلجي ويو. ھاڻ هنن سندس ڪابہ پرواھہ نہ ٿي ڪئي. ڏاڍيءَ تيزيءَ سان هو سندس اڳيان ميز تي آيا ٿي ۽ کيسن مان پئسا ڪڍي ھر ھر داءَ ٿي هڻڻ لڳا ۽ هُن ’شريف‘ پولستانيءَ لاءِ چوڻ لڳا، ”هي تہ اسان جو ڀاءُ آهي.“ ۽ خود اُن حضرت، جنھن پنھنجو پاڻ کي جوھر ناياب پئي سڏيو، ڏاڏيءَ کي اصل وساري ڇڏيو. پنھنجي هڪ هڪ پائي جوئا ۾ ھارائڻ کان پوءِ، جڏهن شام جو اٺين بجي ڏاڏي واپس وڃي رهي هئي، تڏهن هو سڀ سندس ڪرسيءَ جي چوڌاري جمع ٿي، زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳا تہ هن پوڙهيءَ دوکي سان اسان کي ٺڳيو آهي. هن اسان جو پئو کاڌو آهي ۽ ھاڻ ڏيڻ جو نالو نٿي وٺي. هو ڏاڏيءَ سان گڏوگڏ هوٽل جي دروازي تائين آيا، جتي هنن کي موچڙا مار ڪري مس مس کانئن ڏاڏيءَ جي چند ڇڏايائون.
پوٽا پچ جي اندازي مطابق ڏاڏي ان ڏينھن ڪل نوي هزار روبل ھاريا هئا. تنھن ۾ اھا رقم شامل نہ آهي، جا ان کان هڪ ڏينھن اڳ ھارائي هئائين. سڀ نوٽ، هنڊيون، دستاويز، بئنڪ جا حصا، جي وٽس هئا، مٽائي جوئا ۾ هڻي ڇڏيائين، تعجب جي ڳالھہ هيءَ آهي تہ هوءَ لاڳيتي اٺ ڪلاڪ ڪرسيءَ تي ڪيئن ويٺي رهي. هڪ لمحي لاءِ بہ جوئا جي ميز تان نہ هتي. پوٽا پچ چيو تہ ٻئي ڀيري تہ خاصي رقم بہ کٽي هئائين. پر اهڙن موقعن تي وڌيڪ کٽڻ جي لالچ کيس ميز کان جدا ٿيڻ نٿي ڏنو. سچا جوئاري چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا تہ ماڻھو ڪيئن چوويھہ چوويھہ ڪلاڪ پتي راند ويھي کيڏندا آهن ۽ مٿي ماڻھو ڪيئن چوويھہ چوويھہ ڪلاڪ يڪي پتي راند کيڏندا آهن ۽ مٿي اک کڻي بہ نہ ڏسندا آهن.
هوڏانھن ڏاڏيءَ جو هي حشر ٿي رهيو هو. هوڏانھن هوتل ۾ ڏاڍي نازڪ حالت پيدا ٿي رهي هئي. يارهين بجي مھل اڃا ڏاڏي هوٽل ۾ ئي هئي تہ جنرل صاحب ۽ گريو گڏجي ڳالھہ ڪرڻ ۽ معاملي کي اڄ ئي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اھا منحوس خبر ٻڌندي ئي ڏاڏيءَ وڃڻ جوخيال لاهي ڇڏيو آهي ۽ وري کيڏڻ شروع ڪيو اٿس ۽ ان لاءِ ڪاسينو ويئي آهي، هنن ڏاڏيءَ جي ڳالھين کي آخري طور حل ڪرڻ لاءِ هڪ لڪل گڏجاڻي ڪئي، جنھن ۾ پالينا کان سواءِ سڀيئي موجود هئا. جنرل صاحب کي اڃا توڻي ڪجهہ نہ ڪجهہ پئسن ملڻ جي اميد هئي، ان ڪري هو ڪنبي رهيو هو. هن جي دل ھر ھر ٻڏيو پئي وئي. انھيءَ ڪمزوريءَ اهڙوپ تنگ ڪيو هوس، جو ڳالھين ۾ سڀني کان اڳرو پئجي رهيو هو. هن اڌ ڪلاڪ تائين دعائون، خوشامنديون ۽ التجائون ڪيون ۽ آخرڪار پنھنجي ھر ڪمزوري ويندي بلانشي سان عشق ۽ گريو جي قرض جو بہ صاف صاف بيان ڪيائين ۽ ان کان پوءِ هن يڪدم عجيب رويو اختيار ڪيو. هن ڏاڏيءَ کي ڌمڪيون تہ ڇا پر گاريون ڏيڻ شروع ڪيون. هن رڙيون ڪندي چيو، ”چاچي! توھان اسان جي خاندان جي نالي تي داغ هنيو آهي. اوھان روس جو نالو ٻوڙيو آهي ۽ ياد رکو....“ ان قسم جون ڳالھيون ڪرڻ کان پوءِ جنرل، پوليس کي اطلاع ڪرڻ جو دڙڪو ڏنو. ڏاڏيءَ ڪاوڙ ۾ اچي هڪ لٺ کنئي ۽ وھائي ڪڍيائينس، پوءِ ڌڪا ڏيئي در کان ٻاھر ڪڍي ڇڏيائينس. دراصل جنرل صاحب ۽ گريو اڄ صبح جو ٻہ ٽي ڀيرا پاڻ ۾ صلاح ڪري چڪا هئا تہ پوليس کي هي اطلاع ڏيڻ ۾ آخر ڪھڙو حرج آهي تہ هڪ بدنصيب محترمہ رڳو پنھنجي سادگي ۽ بيوقوفيءَ جي ڪري سڄي دولت جوئا ۾ ھارائي رهي آهي. هن ڳالھہ تي غور ڪيائون تہ ڇا واقعي هن کي ڪنھن نگرانيءَ يا پابنديءَ ۾ رکي سگهيا ٿي....! پر گريو ڏاڍي معنيٰ خيز انداز ۾ ڪلھا لوڏي، جنرل کي ڏسي، ٽھڪ ڏيڻ لڳو ۽ جنرل صاحب تيزيءَ سان ڪمري ۾ چھل قدمي ڪرڻ لڳو. آخر ۾ گريو هن کي سلام ڪيو ۽ ڪمري کان ٻاھر ھليو ويو. شام جو خبر پئي تہ هوٽل ئي ڇڏي ڪيڏانھن ھليو ويو. هو وڃڻ کان اڳ الاهي وقت تائين بلانشي سان پراسرار انداز ۾ راز جون ڳالھيون ڪندو رهيو هو. جيستائين مادموزيل بلانشي جو تعلق آهي، هوءَ پنھنجو ڪم صبح ئي ختم ڪري چڪي هئي. هوءَ جنرل صاحب کي ڇڏي ھلي ويئي. جڏهن جنرل هن کي ڳولڻ لاءِ ڪاسينو ويو، تہ اُتي هن کي هڪ ورانڊي ۾ بندري شھزادي سان چڪر هڻندي ڏڍائين. اتي بلانشي تہ ٺھيو پر سندس ماءُ مادام ڪامنگس بہ هن ڏانھن اک کڻي نہ نھايرو. ايتير قدر جو شھزادي بہ کيس سلام جو جواب نہ ڏنو. ماداموزيل بلانشي سڄو ڏينھن شھزادي کي مجبور ڪندي رهي تہ هو کيس پنھنجو آخري فيصلو ٻڌائي. پر افسوس جو هن کي دوکو مليو. شام جو هن جي اوچن خيالن جو اوچ مح: ڌڙام ڪري اچي هيٺ ڪريو. شھزادي صاحب هن کي صاف صاف ٻڌايو تہ هو هڪ مفلس شخص آهي ۽ پاڻ بہ رولٽ جي جوئا خاني ۾ قستم آزمائي ڪرڻ لاءِ مس صاحب کان قرض وٺڻ جو سوچي رهيو آهي. بلانشي مشتعل ٿي. هن کي تہ دفع ڪيو ۽ پاڻ ڪمري کي تالو هڻي، وڃي هنڌ تي ڪري.
ان ئي صبح جو آءٌ ائسٽلي صاحب وٽ ويس. بلڪ ائين چئو تہ هن کي ڳولڻ نڪتس. پر هو ڪٿي بہ نہ مليو. هوٽل، پارڪ ۽ ڪاسينو، مطلب تہ ھر جڳھہ ڳوليم. خبر پيئي تہ هن هوٽل ۾ ماني بہ نہ کاڌي آهي. چئين وڳي مھل هو اتفاق سان مون کي ملي ويو. هو اسٽيشن کان اينگلو هوٽل ڏانھن وڃي رهيو هو. هو تکو تکو پئي ويو. ائين پئي لڳو، ڄڻ ڪنھن گهريءَ سوچ ۾ ٻڏو هجي. حالانڪ منھن تي ڪنھن بہ قسم جو فڪر ۽ پريشانيءَ جا آثار ڪونہ هئس. هن گرمجوشيءَ سان هٿ ملايو ۽ هميسھ وانگي ’اچو اچو‘ چوندي، اڳيان وڌي ويو. آءٌ جلدي جلدي وک وڌائي وڃي پڳومانس. اڄ سندس رويو اهڙي قسم جو هو، جو مون کي ڪجهہ پڇڻ جي همت نہ ٿي ۽ هونئن بہ مون کي پالينا متعلق ڳالھہ ڪندي بجا طور تي ججهڪ ٿيڻ کپندي هئي. مون وانگر هن بہ کڻي چپ ڪئي هئي. آخرڪار آءٌ ڏاڏيءَ جي باري ۾ ڳالھائڻ لڳس. هو اهي ڳالھيون غور سان ٻڌندو رهيو ۽ پنھنجي عادت کان مجبور ٿي ڪلھا لوڏيندو رهيو.
”هوءَ پنھنجي سڄي دولت جوئا ۾ ھارائي ڇڏيندي.“
” جڏهن آءٌ ڪاسينو مان ٻاھر پئي ايس، تہ هوءَ کيڏڻ لاءِ اندر وڃي رهي هئي. پوءِ مون کي اھا بہ خبر پيئي تہ هوءَ پائي پائي ھارائي چڪي آهي. جي مون کي ٿورو بہ وقت ملي ھا، تہ اھا عجيب و غريب راند ضرور ڏسڻ وڃان ھا.“
”اڄ اوهين هئا ڪٿي؟“ مون پڇيو. هي سوال ڪندي، مون کي حيرت پئي ٿي تہ آخر، ھر ھر اهو سوال ڇو ڪري رهيو هوس.
”مان فرئنڪ فرٽ وي هوس.“
”ڪو ڪم هو، ڇا؟“
”ھا، هڪ ضروري ڪم هو.“
آءٌ سوچڻ لڳس تہ ھاڻ ڇا چوانس! هن سان قدم قدم ۾ ملايو پئي ھليس. اوچتو هو ڪواٽر سيزن هوٽل ڏانھن مڙيو ۽ مون سان هٿ ملائي هوٽل ۾ اندر ھليو ويو. جيئن جيئن منھنجا پير پنھنجي هوٽل ڏي وڌندا ويا، اهو خيال پڪو ٿيندو ويم تہ جي ٻہ ڪلاڪ بہ ساڻس گفتگو ڪريان ھا، تہ بہ ڪجهہ پڇي نہ سگهان ھا. پڇڻ لاءِ تہ مون وٽ گهڻيون ئي ڳالھيون هيون، پر مون کي پڇڻ جو ڍنگ ئي نٿي آيو.
پالينا سڄو ڏينھن يا تہ پارڪ ۾ ٻارن سان کيڏندي رهي، يا نرس سان گڏ گهمندي رهي. يا وري پنھنجي ڪمري ۾ بند ٿي پئي هئي. ڳچ وقت کان هن جنرل سان ڳالھائڻ ئي ڇڏي ڏنو هو. مورڳو هن کان پري پري رهندي هئي. خير اھا تہ پراڻي ڳالھہ آهي. پر اڄ جيڪا حالت جنرل صاحب جي ٿي هئي، تنھن مان ائين ٿي لڳو تہ پالينا کي پاڻ کان جدا نہ ڪندو. بلڪ ھاڻ هن کي ھر معاملي ۾ پالينا جي مدد جي ضرورت پوندي. بھرحال جڏهن مان ائسٽلي صاحب سان ملاقات ڪري موٽي رهسو هوس، تہ رستي ۾ ٻن منٽن لاءِ پالينا بہ ملي ويم- جا ان وقت ٻارن سان چھل قدمي ڪري رهي هئي. هن جي منھن تي سنجيدگي ڇانيل هئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ گهر ۾ آيل طوفان کان هوءَ اڪيلي ئي بچي نڪتي هئي. هن منھنجي سلام جو جواب ڏاڍيءَ سادگي سان ڏنو. آءٌ پنھنجي دل ۾ هن جي خلاف ساڙ ۽ حسد جا جذبات محسوس ڪندو واپس آيس.
مون ڄاڻي ٻجهي چاهيو ٿي تہ هن سان ملان، هونئن بہ برمرهيم واري افسوسناڪ واقعي کان پوءِ اڃا تائين ساڻس اڪيلائيءَ ۾ ملي نہ سگهيو هوس. مون اهو رويو ڄاڻي ٻجهي اختيار ڪيو هو. بي شڪ ان ۾ ظاھرداري ۽ بناوت هئي، پر وقت سان گڏوگڏ منھنجي پريشاني ۽ غمگيني بہ وڌندي پئي وئي. جي هوءَ منھنجي پرواھہ نٿي ڪري، تہ نہ سھي پر گهٽ ۾ گهٽ منھنجي جذبات کي ان طرح مجروح تہ نہ ڪرڻ کپيس ھا! ۽ منھنجي ڳالھين کي ۽ منھنجي عشق جي اظھار کي اهڙيءَ طرح حقارت سان نہ ڏسڻ کپيس ھا. هن کي اھا ڳالھہ ڀلي ڀت معلوم هئي تہ مون کي ساڻس عشق هو. هن منھنجي عشق کي مڃيو ۽ مون کي اهڙيون ڳالھيون بہ ڪرڻ ڏنائين- ان حد تائين جو مون کي ڪنھن بہ موقعي تي هڪ ڀيرو بہ رد نہ ڏنائين. مون کي خبر آهي تہ ان داستان جو آغاز ڏاڍي عجيب طريقي سان ٿيو. ٻہ مھينا اڳ ئي مون کي ان حقيقت جو احساس ٿي چڪو هو، تہ هوءَ مون کي پنھنجو دوست، پنھنجو ساٿي ۽ پنھنجو رازدار بنائڻ ٿي گهري ۽ ان لاءِ ئي هوءَ مون کي آزمائي رهي آهي تہ جيئن کيس خبر پوي تہ آءٌ آزمائش جي ڪسوٽيءَ تي پورو پورو لھان ٿو يا نہ. پر شايد هن کي انھيءَ ۾ چڱي طرح ڪاميابي نہ ٿي. انھيءَ ڳالھہ مورڳو اسان جي تعلقات جي راھہ ۾ ڪئين مونجھارا پيدا ڪري وڌا. جي اڃا تائين قائم آهن. مون انھن ئي عجيب و غريب تعلقات جي ڪري تہ ايترو کلي ڳالھيون ٿي ڪيون. جو هن کي منھنجو عشق نہ ٿي وڻيو، تہ پوءِ آخر ان وقت ڇو نٿي روڪيائين، جنھن وقت آءٌ ڏاڍي جوش وچان پنھنجي بي پناھہ عشق جو اظھار ڪندو ٿي رهيس.
هوءَ مون کي اهڙي وقت ڪڏهن بہ نہ روڪيندي هئي ۽ جي ڪڏهن روڪيندي هئي تہ چرچن ۾. مون کي پڪ آهي تہ بلڪ اهو منھنجو ايمان آهي تہ هوءَ منھنجي ڳالھين کي ڏاڍي غور سان ٻڌڻ کان پوءِ مون کي سخت پريشانيءَ جي حالت ۾ پھچائي خوش ٿيندي هئي. هن کي منھنجي دل ٽوڙڻ ۾ ڏاڍي خوشي محسوس ٿيندي هئي. ان سان گڏ کيس اھا بہ خبر هئي تہ آءٌ کانئس ڌاران جيئرو نٿو رهي سگهان. جاگيردار برمرهيم جي واقعي کي گذرئي اڃا ٽي ڏينھن ٿيا هئا. پر مون کي هن جو وڇوڙو برداشت ڪونہ ٿي ٿيو. اڃا هينئر جڏهن هوءَ مون کان ڪاسينو وٽ ملي، تہ منھنجي دل زور زور سان ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي هئي ۽ منھنجو رنگ اڇو پڻئي جھڙو ٿي ويو هو. مون سوچيو، ”پر هوءَ بہ تہ مون کان سواءِ جيئري رهي نٿي سگهي. هن کي بہ منھنجي ضرورت هئي، منھنجي بہ تہ ڪا حيثيت هئي.“
انھيءَ ۾ ڪوبہ شڪ نہ هو تہ هن جي دل ۾ ڪو راز لڪل هو. ڏاڏيءَ سان هن جي گفتگو منھنجي دل تي تير جيان لڳي هئي. مان سوين هزارين ڀيرا هن کي التجا ڪري چڪو آهيان ۽ مجبور ڪري چڪو آهيانس تہ هوءَ مون کان پنھنجو راز نہ لڪائي، بلڪ مون کي ٻڌائي تہ آخر ساڻس ڪھڙي ويڌن آهي. هوڏانھن کيس بہ خبر هئي تہ آءٌ سندس هڪ اشاري تي جان قربان ڪري ٿو سگهان. پر هوءَ هميشہ مون کي حقارت جي نظر سان ڏسندي رهي، يا جيڪڏهن زبان سان ڪجهہ گهريائين بہ تہ جان گهرڻ جي بجاءِ اهڙي حرڪت ڪرڻ لاءِ جيڪا وڃي ويچاري برمرهيم جاگيردار جي سر تي ڪڙڪي هئي.
ڇا ڪنھن جي جذبات کي مشتعل ڪري ڇڏڻ ڪافي نہ آهي؟ ڳالھہ اتي اچي بيٺي آهي تہ ھاڻ اهو فرينچ ۽ اهو ائسٽلي صاحب ئي وڃي هن جا بچيا آهن. هيءَ آخري ڳالھہ جڏهن منھنجي ذهن ۾ ايندي آهي، تہ سڄو معاملو هڪ عجيب گڙٻڙ ۾ پئجي ويندو آهي ۽ ھر شيءِ منھنجي سمجهہ کان ٻاھر ٿي ويندي آهي. اف منھنجا خدا! مون کي ڪھڙيون ڪھڙيون تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيون آهن! گهر ايندي ئي مون جوش ۾ اچي قلم کنيو ۽ پالينا ڏانھن هي مختصر چٺي لکيم:
”پالينا اليگزنڊ رونا! مون کي صاف نظر اچي رهيو آهي تہ ھاڻ گهڻي عرصي کان لڪل رازن تان پردو کڄڻ وارو آهي. جنھن جو اثر ضرور توتي بہ پوندو. آءٌ آخري ڀيرو پڇانءِ ٿو تہ توکي منھنجي جان جي ضرورت آهي يا نہ؟ جي آءٌ تنھنجي ڪنھن بہ ڪم اچي سگهان تہ مون کان فائدو وٺ. تنھنجي جواب اچڻ تائين آءٌ پنھنجي ڪمري ۾ ئي آهيان ۽ بلڪل ٻاھر ڪونہ وينديس. جي توکي منھنجي ضرورت آهي تہ جواب لک يا مون کي گهراءِ.“
مون لفافو بند ڪيو ۽ هوٽل جي بيري کي ڏنم تہ پالينا کي پھچائي. گڏوگڏ هيءَ هدايت بہ ڪئي مانس تہ جي پالينا نہ هجي، تہ اھا چٺي ٻئي ڪنھن کي نہ ڏجئين، بلڪ واپس کڻي اچجانءِ. مون کي ڪنھن جواب جي اميد ڪانہ هئي، پر بيري واپس اچي چيو تہ هن اوھان کي سلام چيا آهن.
ڇھين بجي ڌاري جنرل صاحب مون کي گهرايو.
ان وقت هو پنھنجي پڙهڻ واري ڪمري ۾ هو. ائين ٿي لڳو. ڄڻ ٻاھر وڃڻ وارو هو. ٽوپي ۽ ڪوٽ ڪرسي تي پيا هئس. جڏهن آءٌ ڪمري ۾ اندر داخل ٿيس، تہ هو ڪمري جي وچ ۾ بيٺو، پنھنجي منھن ڳالھائي رهيو هو. زبان سان گڏ سندس هٿ، پير ۽ مٿو بہ ھلي رهيا هئا. مون کي ڏسندي ئي، هو اهڙيءَ طرح گهٻرائجي مون ڏي ڀڳو، جو مان ڊوڙي واپس وڃڻ لڳس. پر هن مون کي جهلي وڌو ۽ زبردستيءَ ڪوچ ڏي وٺي ھليم. پاڻ ڪوچ تي ويھي رهيو ۽ مون کي ڀر ۾ آرام ڪرسيءَ تي ويھاريائين. اوچتو سندس چپ ڪبنڻ لڳا ۽ اکين مان ڳوڙھا وهڻ لڳيس- جيڪي ڳلن تان ڳڙڻ لڳس. منھنجي ڪنڌ تي هٿ رکي، ڏاڍي هيٺانھين وٺندي چيائين، ”اليگزي اوانو وچ! مون کي بچاءِ، خدارا، ان مصيبت مان بچائينم.“
مون کي هن جو مطلب ڪافي دير کان پوءِ سمجهہ ۾ آيو. هو مسلسل ڳالھائي رهيو هو ۽ ھر ھر ’مون کي بچاءِ! مون کي بچاءِ!!‘ رٽي رهيو هو. انھن ڳالھين جو مطلب مون هي ڪڍيو هو تہ شايد هو مون کان ڪا صلاح ٿو وٺڻ گهري، يا هينئن کڻي چئجي تہ فڪرن ۽ پريشانين هن کي ايترو گهيريو هو، جو ھاڻ کيس مون کان سواءِ ڪوبہ نظر نٿي آيو. جنھن سال دل جو حال اوري دل جو بار ھلڪو ڪري سگهي.
هو صفا بدحواس بلڪ چريو ٿي پيو هو. هو ڏاڍي ڏک سان ٻاڏائيندو رهيو، ”خدارا! مادموزيل بلانشي کي مڃاءِ! هن کي چئو تہ مون سان شادي ڪري!“ هو منھنجي آڏو هٿ ٻڌڻ وارو هو ۽ مون ٿورو زور سان چيو، ”مادموزيل بلانشي منھنجو چيو ڇو وٺندي، آخر آءٌ هن کي ڪھڙي حيثيت سان چوان؟“
پر هو اهڙيون ڳالھيون ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ڪونہ هو. هو تہ صفا واهي تباهي بڪي رهيو هو. هن ڏاڍي پريشانيءَ جي حالت ۾ ڏاڏي جي متعلق بہ ڳالھيون ڪيون. اڃا تائين هن جو خيال هي هو تہ جي پوليس کي اطلاع ڪيو وڃي تہ سڄو معاملو ٺيڪ ٿي سگهي ٿو.
اوچتو هو ڪاوڙ ۾ اچي چوڻ لڳو، ”هيڏي سٺي شھر ۾ جتي هيڏي سٺي حڪومت آهي، اهڙيءَ پوڙهيءَ کي حوالات ۾ نٿو بند ڪري سگهجي؟“ اهو چوندي هڪدم اٿيو ۽ ڪنھن خيالي ماڻھو سان ڳالھائيندي، چڪر هڻڻ لڳو، ”ھا سائين! مان ٺيڪ ٿو چوان. مان ٺيڪ ٿو چوان، اهڙيءَ عورت کي ڪاريءَ ڪوٺيءَ ۾ بند ڪيو وڃي. ھا ھا، مان سچ ٿو چوان.“
هو ڊُڪندو، وري اچي ڪوچ تي ويٺو ۽ هڪ لمحي کان پوءِ آهون ڀريندي، مون کي چوڻ لڳو، ”ھاڻ مادموزيل بلانشي ڪڏهن بہ مون سان شادي نہ ڪندي. ڇو جو تار جي بجاءِ خود ڏاڏي اچي ويئي آهي. ظاھر آهي، ھاڻ ورثي ۾ مون کي ڪجهہ بہ نہ ملندو.“ ائين ٿي لڳو ڄڻ هن جي خيال ۾ مون کي ان جي ڪابہ خبر نہ آهي. مون گريو جو ذڪر ڇيڙيو. هن ڪاوڙ ۾ اچي، هٿ الاريندي چيو، ”هو ڪميڻو هتان ھليو ويو آهي. منھنجي ھر شيءِ هن جي قبضي ۾ آهي. هن مون کي دوکو ڏنو. جيڪي پئسا تو آندا هئا الائي ڪيترا هئا. شايد ست سؤ فرانڪ هئا. ھاڻ مون وٽ بس رڳو اُهي پئسا آهن. باقي سڀ ختم ٿي چڪو آهي. خبر ناهي تہ قسمت ۾ ڇا لکيل آهي.“
”هوٽل جو بل ڪير ادا ڪندو ۽ ان کان پوءِ ڇا ٿيندو؟“ مون حيرانيءَ مان پڇيو.
هو مون کي ڏاڍيءَ حيرانيءَ سان تڪيندو رهيو. پر منھنجو خيال آهي تہ هن منھنجي ڳالھہ سمجهي تہ ڇا، پر ٻڌي بہ ڪانہ. مون پالينا ۽ ننڍن ٻارن لاءِ ڳالھائڻ چاهيو، پر هو جلدي چوڻ لڳو، ”ھا، ھا، ٺيڪ آهي.“ وري يڪدم زبان ترڪي ويس ۽ هو ٻيھر شھزادي جو ذڪر ڪرڻ لڳو. ”ھاڻ بلانشي هُن ڪمبخت سان ھلي ويندي. پوءِ ڇا ٿيندو؟ اليگزي اوانو وچ! پوءِ ڇا ٿيندو؟ خدا جو قسم تہ مان تہ صفا چريو ٿي چڪو آهيان. ڪجهہ سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ ڇا ڪريان، ڇا نہ ڪريان. چڱو، تون ٻڌاءِ اھا احسان فراموشي نہ آهي؟ هوءَ منھنجي سڀني احسان کي وساري ويٺي آهي!“
پوءِ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو.
اهڙي بدنصيب شخص کي آئون ڇا ٿي چئي سگهيس. ان خيال کان تہ ڪجهہ ڪري نہ ويھي، آئون هن کي اڪيلو بہ نٿي ڏسي سگهيس، پر گڏوگڏ هن کان ڇوٽڪارو حاصل ٿي ڪرڻ گهريم. تنھن ڪري نرس کي چيم تہ هن جو خيال رکي ۽ ڪمري مان ڪيڏانھن بہ نہ وڃي. ان سان گڏ هوٽل جي بيري کي بہ چيم تہ، هو ڪو ڏاڍوشريف ماڻھو هو. هن جنرل صاحب جو خيال رکڻ جو واعدو ڪيو.
آءٌ اڃا پنھنجي ڪمري ۾ پھتس تہ پوٽا پچ سڏڻ آيم. ان وقت رات جا اٺ لڳا هئا ۽ ڏاڏي پائي پائي ھارائي، ڪاسينو مان واپس آئي. مجبوراً هن وٽ ويس. هوءَ هڪ بيمار وانگيان ٿڪجي ٽٽي، ڪرسيءَ تي پئي هئي. نوڪرياڻي هن کي چانھه جو مگ ڏيئي رهي هئي ۽ هن کي چانھه پيئڻ تي مجبور ڪري رهي هئي. ڏاڏيءَ جو ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۽ سٺو نمونو بدلجي چڪو هو.
”اچ اليگزي اوانو وچ! معاف ڪجان. مون توکي هڪ ڀيرو وري تڪيلف ڏني. اميد آهي تہ تون مون پوڙهي کي معاف ڪندي. ڳالھہ هيءَ آهي تہ مان تقريبن هڪ لک روبل ھارائي ويٺي آهيان. تون اڄ مون سان گڏ نہ ھلئين. چڱو جو نہ ھلئين، نہ تہ توکي بہ تڪيلف ٿئي ھا. ھاڻ مون وٽ ٽڪو بہ ڪونھي ۽ مان هت هڪ منٽ بہ ترسڻ نٿي گهران. ساڍي نوين واري گاڏيءَ ۾ واپس پئي وڃان. مون تنھنجي انگريز دوست ڇا اٿس نالو- ھا ايسٽلي ڏي ماڻھو موڪليو آهي تہ هو مون کي هڪ هفتي لاءِ ٽي هزار فرانڪ اڌار ڏئي. هن کي مجبور ڪري پئسا هينئر ئي موڪل ۽ ڏس ڪٿي هو انڪار نہ ڪري. اڃا بہ خدا جي فضل سان مون وٽ گهڻو ڪجهہ آهي. ٽي سڄيون ديھون آهن. ٻہ وڏا محل آهن. چڱي خاصي نقدي بہ اٿس. جا مان کڻي ڪانہ آئي هيس. هينئر هن وٽ وڃ. ڪٿي هن جي دل ۾ مون لاءِ شڪ نہ پيدا ٿين. ڏسڻ ۾ تہ هو تمام چڱو ماڻھو ٿو اچي!“
آءٌ اڃا اتي ئي هوس تہ ائسٽلي صاحب ڏاڏيءَ جو پيغام ملندي ئي اچي ويو ۽ بنا ڪنھن ججهڪ جي ٽي هزار فرانڪ ڳڻي ڏنائينس ۽ قرض نامي تي صحيح ڪرائي، اجازت گهري، واپس ھليو ويو.
”چڱو اليگزي اوانو وچ! ھاڻ تون ڀلي وڃ. گاڏيءَ ۾ اڃا هڪ ڪلاڪ پيو آهي. تيستائين مان ٿورو آرام ڪري وٺان. سڄو بدن ٽٽي رهيو آهي. مون کي چريءَ کان رنج نہ ٿجانءِ. اڄ کان پوءِ ڪڏهن بہ نوجوانن کي جلد باز ۽ بدحواس ٿيڻ جو الزام نہ ڏيندس ۽ يقين ڪجان تہ هن بدنصيب جنرل کي بہ ڪجهہ نہ چونديس. جي چوان تہ خدا اڳيان گنهگار ٿيان. اھا ٻي ڳالھہ آهي تہ ڏينديسانس هڪ پئسو بہ ڪونہ. ان ڪري جو هو بيوقوف آهي. آءٌ تہ هن کان بہ وڌيڪ بيوقوف آهيان. سچي ڳالھہ هيءَ آهي تہ وڏي جيڪي چئي ويا آهن تہ غرور جو ڪنڌ هميشہ جهڪيل رهندو آهي، سچ آهي. خدا پوڙهپڻ ۾ بہ غرور جي سزا ڏيندو آهي. چڱو، خدا حافظ! الوداع! مائي تون اچ مون کي ٿورو اٿار.“
پوءِ بہ مون ڏاڏي کي اسٽيشن تي ڇڏڻ ٿي گهريو. مون کي ڊپ هو تہ وري ڪا ٻي ڳالھہ نہ ٿي پوي. ان ڪري آرام سان ڪمري ۾ ويھي نہ سگهيس، بلڪ ورانڊي ۾ چڪر هڻندو رهيس. اتان نڪري رستي تي آيس. پالينا ڏانھن منھنجو هي خط آخري هو. هيءَ مصيبت واقعي وڏي هئي. آءٌ هوٽل ۾ ٻڌي چڪو هوس تہ گريو ھليو ويو هو. جي هوءَ مون کي ٺڪرائي بہ ٿي، تہ شايد نوڪر جي حيثيت سان نہ ٺڪرائيندي. منھنجو وجود هن لاءِ ضروري هو. آءٌ هن لاءِ فائيدمند هوس. خواه منھنجي حيثيت هن لاءِ هڪ نوڪر جھڙي ڇو نہ هجي! پر ائين هو ضرور.
اڃا گاڏي ڇٽڻ ۾ ڪجهہ منٽ هئا. آءٌ ڊوڙندو اسٽيشن تي پھتس ۽ ڏاڏيءَ سان مليس، جا هڪ خاص گاڏي ۾ ويٺي هئي. چوڻ لڳي، ”ان بي لوث همدردي لاءِ مھرباني.“ جڏهن گاڏي ھلڻ لڳي، تہ چيائين، ”پراسڪويا کي چئجان تہ ڪالھوڪي ڳالھہ ياد رکي، مان هن جو انتظار ڪنديس.“ هن جي اکين ۾ ڳوڙھا هئا.
آءٌ هوٽل واپس آيس. جنرل صاحب جي ڪمري وٽان لنگهندي، پوڙهي نرس کان پڇيم تہ جنرل صاحب جو ڪھڙو حال آهي، تہ نراسائيءَ سان ٻڌايائين تہ ٺيڪ آهي. جڏهن آءٌ ڪمري ۾ داخل ٿيس تہ هو ڏسي حيران ٿي ويس تہ جنرل صاحب ۽ بلانشي ٽھڪ ڏيئي کلي رهيا هئا! جنرل صاحب ڏاڍو خوش پئي نظر آيو ۽ بي ربط نموني سان ڀڻڪي رهيو هو ۽ وڏا وڏا ٽھڪ ڏيئي رهيو هو. ٽھڪ ڏيندي وقت منھن تي گهنج ٿي اڀري آيس... اصل اکيون بہ گم ٿي ويس. پوءِ بلانشي کان خبر پيم تہ شھزادي کان جدا ٿيڻ کان پوءِ جڏهن خبر پيس تہ جنرل هن لاءِ روئي پيو، تہ رڳو تسليءَ خاطر هن وٽ ھلي آئي هئي، نہ تہ جنرل ويچاري کي ڪھڙي خبر تہ سندس قسمت جو فيصلو ٿي چڪو هو. هوءَ صبح جو پھرينءَ گاڏيءَ ۾ پئرس وڃي رهي هئي.
مون جنرل جي پڙهڻ جي ڪمري جي ڀر ۾ بيھي ارادو بدلايو ۽ موٽيس. هنن مون کي ڪونہ ڏٺو هو. آءٌ واپس ڪمري ۾ آيس. آهستي دروازو کوليم. ان اونداهي ۾ دريءَ واري ڪرسيءَ تي ڪو ويٺو هو. جڏهن آهستي اندر داخل ٿيس، تہ هو چريو پريو بہ ڪونہ. تيزيءَ سان وڌي، ويجهو ويس تہ هن کي ڏسي منھنجي دل ڄڻ ڌڙڪڻ وساري ڇڏيو- هوءَ پالينا هئا.