ناول

جوئاري

”جوئاري“ جڳ مشھور ليکڪ  فيوڊور دوستو وسڪيءَ جي لکيل ناول The Gambler جو سنڌي ترجمو آھي. ”جوئاري“ روسي سماج جي هڪ اهڙي فرد بابت لکيل ناول آهي، جنھن ۾ روس جي جڳ مشھور ناول نگار فيودور دوستووسڪي نھايت دل پذير ۽ سھڻي نموني سان انساني ڪيفيتن ۽ احساساتي ڪشمڪش جي تصوير ڪشي ڪئي آهي. لائق ليکڪ مختلف وارتائن ۽ حالتن جي حدت ۾ رهندي انساني خواهشن، ۽ خارجي حقيقتن جي ٽڪراءُ جو تفصيل عظيم فن سان پيش ڪيو آهي.


Title Cover of book جوئاري

باب سورهون

پئرس لاءِ ڇا چوان؟ بس ائين سمجيھو تہ اتي وڃي، مون وڏي بيوقي ڪئي. آءٌ پئرس ۾ ٽن هفتن کان ٿورو مٿي رهيو هوندس. پر ايترڙي وقت ۾ منھنجا هڪ لک فرانڪ خرچ ٿي ويا. هي تہ آءٌ رڳو هڪ ک فرانڪن جي ڳالھہ ڪري رهيو آهيان، نہ تہ باقي هڪ لک فرانڪ بہ مون مادموزيل بلانشي کي ڏيئي ڇڏيا. پنجاھہ هزار فرينڪفرٽ ۾ ۽ ٽن ڏينھن کان پوءِ باقي رقم جو دستاويز پئرس پھچي هن کي لکي ڏنم ۽ سو بہ هن پوري هڪ هفتي کان پوءِ مون کان مٽارائي ورتو. پئسا تہ پنھنجي اصلي جڳھہ تان ڏاڍيءَ سولائيءَ سان مٽارائي ورتو. پئسا تہ پنھنجي اصلي جڳھہ تان ڏاڍيءَ سولائيءَ سان مٽارائي سگهجن ٿا. پوءِ اهي ڀلي ڪنھن ننڍڙي ماڻھوءَ وٽ ئي ڇو نہ هجن. هوءَ مون کي ٽيوٽر ڪري سڏيندي هئي. انسانن جي جنھن طبقي سان مادموزيل بلانشي جو تعلق آهي، ان کان وڌيڪ ذليل ان کان وڌيڪ بخيل ۽ ان کان وڌيڪ ڪم ظرف دنيا ۾ ڪوبہ نٿو ٿس سگهي. پر اهو فقط پنھنجن پئسن خرچڻ مھل، جيستائين منھنجي هڪ لک فرانڪن جو تعلق آهي، هن ڪجهہ ڏينھن بعد مون کي صاف ٻڌايو هو تہ انھن پئسن جي کيس ڏاڍي سخت ضرورت هئي. ’ڇو جو، في الحال منھنجي اسڪيم اھا آهي تہ، ھاڻ، مان شانائتي نموني سان هميشہ لاءِ هتي ٿي رهڻ چاهيان- پنھنجي حياتي هڪ بھتر انداز ۾ گذارڻ ٿي چاهيان. ھاڻي ڪجهہ وقت تائين ڪو مون کي ڪجهہ چئي نٿو سگهي.‘ پوءِ اهي هڪ لک فرانڪ مون ڏٺا بہ ڪونہ. هوءَ هميشہ پئسا ٻٽونءَ ۾ رکندي هئي، جنھن ۾ ڪڏهن بہ هڪ سؤ فرانڪ کان وڌيڪ نہ ڏٺم- بلڪ جيئن پوءِ تيئن ان ۾ سؤ فرانڪن کان بہ گهٽبا پئي ويا.
”توکي آخر پئسا ڇو گهرجن.“ هوءَ اھا ڳالھہ اهڙي مٺي ۽ ٻالي ڀولي انداز ۾ ڪندي هئي جو مون کي جهيڙي ڪرڻ جي همت ئي ڪانہ ٿيندي هئي. پر هن انھن پئسن مان پنھنجي فليٽ کي سينگارڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانہ ڇڏي. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ جڏهن هوءَ مون کي سندس نئين رھائشگاھہ تي وڍي ويئي، تہ هن مون کي ڪمرا ڏيکاريندي چيو، ”ڏٺئي، ٿورڙن پسئن سان بہ ڪيترو نہ سگهڙپائيءَ جو ثبوت ڏنو اٿم.“حالانڪ ٿورڙن پئسن جي ڪل رقم پنجاھہ هزار فرانڪ هئي. ٻين پنجاھہ هزارن مان هن ٻن گهوڙن واري گاڏي ورتي. ان کان سواءِ اسان ٻہ ڀيرا ناچ جي دعوت بہ ڪوٺائي. يعني شام جو پاڻ وٽ پارٽيون ڪيونسين، جن ۾ ھارٽنسي، لزيٽ ۽ قلوپطره جھڙين عورتن شرڪت ڪئي. جن جي خاصيتن غ۽ صلاحيتن جي ڏاڍي ڳالھہ هئي. جي واقعي خوبصورت بہ هيون. انھن ٻن دعوتن ۾ مون کي ميزبان ٿيڻ جو ڌاڍو احمقاڻو ڪيم، تہ ڪڏهن بيوقوف ۽ بي حيا قسم جي فوجي ڪپتانن جو ڪڏهن خبيث قسم جي چاپلوس، خود پسند ۽ فيشن جي سڪايل اديبن ۽ صحافي ڪيڙن کي وڏي عزت ۽ مان سان پئي ويھارڻو پيم، جن ايڏي تہ ظاھريءَ بناوت ۽ ڏيکاءَ جو اظھار پئي ڪيو، جو انھن جو پيٽرز برگ ۾ تصور بہ نٿي هي سگهيو. واقعي اھا وڏي ڳالھہ آهي! انھن مان ڪي تہ مون سان چرچا ڪرڻ لڳا هوا، پر آءٌ شيمپن جي نشي ۾ مخمور پوئين ڪمري ۾ پير پٿاريو ستو پيو هوندو هوس. هي سڀ ڪجهہ منھنجي لاءِ ڏاڍي فضول مڪروه بڪواس هئي. هوڏانھن بلانشي منھنجي لاءِ چوندي هئي، ”هي بنھہ نظر انداز ڪرڻ جھڙو ماڻھو هو. ننڍڙو ماڻھو جو ٿيو، سينٽن کي جي فرانڪن ۾ بدلايائين تہ رڳو منھنجي لاءِ، نہ تہ مون کان سواءِ تہ هن کي خبر ئي ڪانہ هئي تہ پئسو خرچ ڪيئنڪجي. پر هي وري بہ ننڍڙو ماڻھو بنجي ويندو. ماڻھو کي پنھنجي اصليت ڪانہ وسرندي. ڪانگ هنج جي چال ھلندو آخر پنھنجي بہ وساري ويھندو. هن جي لاءِ ضرور ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪرنو پوندو.“
آءٌ گهڻو ڪري ڏاڍو اداس رهندو هوس. ھاڻ تہ هن زندگيءَ کي ئي مصيبت سمجهندو هوس. ان ڪري اڪٿر شمپئنپي بي خود ٿي ويندو هوس ۽ ان ۾ ئي پنھنجي سلامتي سمجهندو هوس. آءٌ پئرس جي شھري وچولي طبقي ۾ رهندو هوس، جنھن جا ماڻھو ايتار تہ ڪنجوس ۽ خود غرض ٿيندا آهن، جو توبهه، شروعاتي ٻن هفتن ۾ مادموزيل بلانشي مون کان ڪجهہ پري رهي. ڇو جو هوءَ مون سان نفرت ڪندي هئي. ان جي مون کي خبر ئي. هونئن منھنجي ڪپڙي لٽي جو ڏاڍو خيال رکندي هئي. منھنجا وار چڱيءَ طرح ٺاهيندي هئي ۽ روز مون کي ٽاءِ ٻڌندي هئي. پر پنھنجي روح ۾، پنھنجي دل ۾ مون کي حقير سمجهائين. مون بہ ان ڳالھہ ۾ ڪا خاص دلچسپي نہ ورتي. نااميدي، ناڪامي، حسرت ۽ ياس ۽ شڪست کان مجبور ٿي. آءٌ تقريباً روز فليزر هوٽل ۾ ويندو هوس، ڏاڍيءَ باقاعدگيءَ سان روز شراب جا جام تي جام چاڙهندو هوس. انھن سڀني عورتن ۽ مردن سان گڏ نچندو هوس، جيڪي گڏ نچندي فحس پر خفيف ۽ ھلڪڙيون حرڪتون ڪندا هئا ۽ اهڙيءَ طرح انھن کي ناچ ۾ ڏاڍو مزو ۽ لطف ايندو هو.
آخرڪار بلانشي منھنجي اصلي شخصيت ۽ ڪردار جو اندازو ڪري وڌو. خدا ڄاڻي هن کي ڇو هي خيال آيو تہ آءٌ ھر وقت ڪاغذ ۽ پينسل کڻي هن سان گهمندو آهيان ۽ جتي بہ هوءَ ڪجهہ خرچي تي لکي ڇڏيان، ۽ رڳو اهو اندازو بہ ڪندو رھان ٿو اتي لکان ٿو تہ هن هيترو خرچ ڪيو آهي، هيترو هن چورايو آهي. هيترو اڃا خرچ ڪندي، هيترو چورائيندي وغيره. هن کي اصل پڪ ٿي ويئي تہ اسان کي ھر ڏهن فرانڪن جي نوٽ تي باقاعده جهيڙو ڪرڻ گهرجي. هن کي منھنجي طرفان جنھن بہ اعتراض جي اميد هئي، ان جو جواب هوءَ پھرين ئي گهڙي تيار ڪندي هئي ۽ جڏهن ڏسندي هئي تہ آءٌ ڪوبہ اعتراض ڪونہ پيو ڪريان تہ بہ پاڻ جواب ڏيڻ کان نہ رهندي هئي. مورڳو ڪاوڙجي بہ ويندي هئي. ڪنھن ڪنھن وقت تہ ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۾ اچي ڳالھائڻ لڳندي هئي، پر مون کي خاموشيءَ کان کٽ تي ليٽي ڇت کي تڪيندو ڏسي هوءَ سخت حيران ٿيندي هئي. هوءَ اهو سوچي تہ آءٌ بلڪل احمق ۽ ننڍڙو ماڻھو آهيان، پنھجي ڳالھہ مختصر ڪندي هئي، ۽ شايد دل ئي دل ۾ سوچيائين ٿي تہ، ”ڪيڏو نہ بيوقوف آهي هي! هن کي چوڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي. هو مطلب تہ سمجهي ئي ڪونہ ٿو.“ ائين هو توبھہ توبھہ ڪندي، ٻئي ڪمري ۾ ھلي ويندي هئي ۽ وير ٻيھر ٻاھر ايندي هئي. (اهو عام طرح ان وقت ٿيندو هو جڏهن هوءَ ڪا وڏي فضول خرچي ڪندي هئي. يعني جڏهن خرچ آمدنيءَ جي حساب کان وڌيڪ ٿي ويندو هو. مثلاً پھريون دفعو جيڪي گهوڙا خريدڪيا هئائين، تن کي وڪڻي، هن نئين جوڙي سورنھن هزار فرانڪن ۾ خريد ڪئي.)
هوءَ مون وٽ ايندي هئي ۽ چوندي هئي، ”توکي تڪليف تہ ڪانہ ٿي.“
”نہ نه! ھر ھر پڇي ڇو ٿي خواه مخواه پريشان ڪرين.“ آءٌ پنھنجي سيني تي رکيل هٿ کڻي چوندو هوس. پر هن کي اھا ڳالھہ اهڙي عجيب لڳندي هئي، جو يڪدم منھنجي پاسي ۾ ويھندي هئي.
”ڏس نہ، مون ايتري رقم ان لاءِ خرچي جو ضرورت جي وقت اسين پوءِ بہ وڪڻي سگهون، ويھن هزار فرانڪن ۾ هنن کي ٻيھر وڪڻي سگهجي ٿو.“
”بي شڪ گهوڙا بہ عمدا آهن. ھاڻ تون وٽ بہ هڪ عمدي جوڙي ٿي ويئي. خدا مبارڪ ڪريئي! هونئن بہ تنھنجي لاءِ موزون رهندا!“
”تہ توکي ان مان ڪابہ تڪليف ڪانہ ٿي آهي؟“
”مون کي ڪھڙي تڪليف ٿي آهي! تون پاڻ عقلمند آهين. جن جن شين جي توکي ضرورت آهي، انھن کي حاصل ڪرڻ تون پاڻ بہ سمجهي سگهين ٿي. يعني اهي سڀ شيون، جيڪي تنھنجي لاءِ مفيد ثابت ٿي سگهن ٿيون. آءٌ سمجهان ٿو تہ اهڙي شاندار نموني سان پئرس ۾ رهڻ جي شروعات ڪرڻ تنھنجي لاءِ نھايت ئي ضروري آهي. نہ تہ تون ڪڏهن بہ هزارين، لکين فرانڪ ميڙي ڪين سگهندينءَ ۽ هي اسان جا معمولي هڪ لک فرانڪ تہ شروعات لاءِ آهن- بلڪل سمنڊ ۾ ڦڙيءَ جيان.“
مادموزيل بلانشي کي مون منجهان اهڙن خيالن جي بلڪل اميد ڪانہ هئي. بلڪہ اهڙن موقعن تي اھا ئي اميد رکدني هئي تہ آءٌ ٽوڪ ڪندس، طعنو هڻندس، زور سان ڳالھائيندس وغيره ۽ منھنجي انھيءَ طريقي جون ڳالھيون ٻڌندي ئي هوءَ گويا ڪنرن تان لهي زمين تي اچي ڪرندي هئي.
”تون ڇا آهين، مون کي ھاڻ خبر پئي. تون پنھنجي ضمير ۽ ڪردار جي ڪري تہ ڏاڍو سٺو آهين. جيتري تعريف ڪريان ٿوري آهي. پر بدڪردارن سان گڏجي، تنھنجي اصليت دٻجي ويئي آهي ۽ چند خاميون تو ۾ پيدا ٿي ويون آهن. حالانڪ تون هن ننڍو ماڻھو آهين، پر حقيقت ۾ توکي هڪ شھزادو هجڻ گهرجي ھا. ھا، تہ تون پئسن جو ايترو جلد ختم ٿيڻ تي ناراض تہ نہ آهين؟“
”پئسن کي باھہ ڏي مون کي تہ بس اھا خبر آهي تہ پئسا جيترو گهڻو خرچ ٿين، اوترو سٺو.“
”تون تہ واقعي رئيس ماڻھو آهين، تڏهن تہ پئسن کي ايترو حقير ٿو سمجهين. اھا ڳالھہ واقعي درست آهي تہ توکي پئسن جي ڪا پرواھہ ئي ڪانھي. بلڪ تون پسئن کي نفرت جي نظر سان ٿو ڏسين! ھائو نہ؟“
”تون ٺيڪ ٿي چوين، ان لاءِ مان همبرگ وينديس ۽ اُتان هڪ لک فرانڪ ٻيا بہ کٽي ايندس.“
”بيشڪ پئس واقعي رکڻ جي شيءِ آهن. دولتمند ٿيڻ ڪيتري نہ شاندار ڳالھہ آهي. مون کي خبر آهي تہ تون اُتي ضرور کٽيندين ۽ هتي مون وٽ آنيندين. اهو ٿيندو ۽ ضرور ٿيندو ۽ رڳو ان لاءِ ٿيندو، جو مان توسان محبت ٿي ڪريان، يقين ڪر تون منھنجي دل جي ڏاڍو ويجهو آهين. مان هميشہ هميشہ توسان محبت ڪندي رهنديس ۽ ڪڏهن بہ بيوقوفائي نہ ڪنديس. خبر اٿئي اڄ تائين مون توسان، محبت ڇو نہ ڪئي؟ان ڪري، جو منھنجي دل ۾ تولاءِ ڪجهہ نفرت جو احساس بہ هو ۽ اهو رڳو تنھنجي بدشعاري ڪري. (ڇو جو تنھنجي تعريف رڳو جوئا ۾ بھترين بازين کٽڻ جي ڪري ٿيندي هئي) پر مان هميشہ وفادار ۽ مخلص رهي آهيان، ڇو جو محبت دل جي هوندي آهي.“
”تون ڪوڙ پئي ڪرين. تون سمجهين ٿي تہ مون هن ڪاري بندري البرٽ کي ڏٺو ئي ڪونھي، ڪيئن؟“
”آءٌ تہ هن کي سڃاڻان بہ ڪونہ.“
”ڪوڙ ڇو پئي ڳالھائين ۽ تون سمجهين ٿي تہ آءٌ چڙي پوندس؟ اڙي، منھنجي لاءِ تہ اھا ڳالھہ ئي ڪانھي ۽ خبر اٿئي تہ آءٌ ڪاوڙجندس ڇونہ؟ ان ڪري جو تون هميشہ بھترين بازي هڻندي آهين. تنھنجو داءُ ڪڏهن بہ خالي نہ ويندو آهي. بيشڪ منھنجي موجودگيءَ ۾ بہ هن کي آڻي ٿي سگهين. هن کي منھنجي آڏو آڻيندي، توکي ڪا ججهڪ ٿيڻ نہ کپي. صرف هڪ ڳالھہ ٻڌ ۽ ڪن کولي ٻڌ. هن کي پئسا نہ ڏجانءِ.“
”تہ ڇا تون واقعي ان ڳالھہ مان ناراض نہ ٿيندين؟ تنھنجو تہ فلسفو ئي انوکو ۽ عجب آهي!“
”مون کي تہ پنھنجي خلوص تي ناز آهي، دنيا جي هڪ هڪ شيءِ ۽ هڪ هڪ ڳالھہ جي اندر کان واقف آهيان.“
۽ ان وقت هوءَ واقعي منھنجي ويجهو رهي ۽ صحيح معنيٰ ۾ باوفا ۽ مخلص. اهڙيءَ طرح اسان جا آخري ڏھہ ڏينھن بہ گذري ويا. بھرحال مون اُهي چمڪندر تارا ڪونہ ڏٺا، جن جي هن پھرئين ڏينھن ڳالھہ ڪري مون کي ھرکائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هڪڙيءَ طرح سان تہ هُن پنھنجو اُهو واعدو بہ پورو ڪري ڏيکاريو. هن مون سان ھر ٽنسيءَ جو تعارف بہ ڪرايو، جا واقعي ڏاڍي ٺاٺ واري عورت هئي ۽ اتي هن کي لذتيت جي فلسفي جي ديوي ڪوٺيو ويندو هو. کائو پيو ۽ عيش ڪريو. اهو ئي هن جي حياتيءَ جو مقصد هو.....
بھرحال انھيءَ قصي جي تفصيل ۾ وڃڻ جي ڪا ضرورت ڪانھي. انھيءَ لاءِ هڪ دفتر جي ضرورت آهي، يا ائين کڻي چئجي تہ هيءَ هڪ الڳ ڪھاڻي آهي. جنھن جو ذڪر آءٌ هن ڪھاڻيءَ ۾ ڪرڻ مناسب نٿو سمجهان. حقيقت هيءَ آهي تہ مون هن قصي کي جلد از جلد ختم ڪرڻ ٿي گهريو. ھا تہ جيئن آءٌ پھرين ٻڌائي آيو آهيان، اسان جا هڪ لک فرانڪ تہ ڪو مھيني کن ۾ ئي ختم ٿي ويا، جنھن تي منھنجي حيرت بجا هئي. انھن مان گهٽ ۾ گهٽ اسي هزار تہ بلانشي خود پنھنجيءَ ذات تي خرچ ڪيا ۽ باقي رهيل ويھن هزارن مان اسان کي گذارو ڪرڻو پيو- اسان لاءِ اُهي بہ ڪافيءَ کان زياده هئا. بلانشي، جا آخرڪار اسان سان بي تڪلف ٿي ويئي هئي، يا گهٽ ۾ گهٽ مون سان ڪوڙ ڳالھائڻ ڇڏي ڏنو هئائين، تنھن هڪ ڏينھن مون کي چيو تہ هن جيڪو قرض کنيو آهي، تنھن جو بار مون تي ڪونہ پوندو. چوڻ لڳي، ”مون ڪڏهن بہ توکي ڪنھن دستاويز يا قرض نامي تي صحيح ڪرڻ لاءِ ڪونہ چيو آهي. ان ڪري، جو مون کي تنھنجو ڏاڍو خيال آهي. منھنجي جڳھہ تي ڪا ٻي ڇوڪري هجي ھا، تہ هيستائين تون جيل ۾ پھچي چڪو هجين ھا! ڏٺئي! مون کي توسان ڪيترو پيار آهي ۽ آءٌ ڪيتري سٺي آهيان. ٿورو سوچ تہ سھي، هي اڪيلو شاديءَ جو خسارو ئي منھنججو ڪيترو خرچ طلبي رهيو آهي.؟“
واقعي شادي مٿان اچي ويئي هئي. جون واري مھيني جي بنھہ پڇاڙيءَ ۾ شادي ٿي گذري. منھنجي هڪ لک فرانڪن مان باقي جيڪي فرانڪ وڃي بچيا هئا، سي ان جي نذر ٿي ويا ۽ اهڙيءَ طرح سڄي معاملي جي اچي پڄاڻي ٿي. يعني منھنجو مھينو اچي پورو ٿيو ۽ مون کي دستوري رخصت نامو عطا ڪيو ويو.
ان جو تفصيل هي آهي تہ پئرس ۾ اسان جي اچڻ کان هفتو کن پوءِ جنرل صاحب بہ اچي ٺڪاءُ ڪيو ۽ سڌو بلانشي وٽ وڃي پھتو. پھرئين ڏينھن جيئن آيو، تيئن ڄڻ اسان سان ئي گڏ رهيو. البت رھائش جو انتظار هن جو پنھنجو الڳ هو. بلانشي هن جي آجيان ڏاڍيءَ خوشيءَ سان ٽھڪ ڏيندي ڪئي. بلڪ جوش ۾ اچي ڀاڪر ۾ پاتائينس. جھڙي صورتھال هئي، ان ۾ هن جنرل کي ڇڏڻ نٿي گهريو ۽ هو ھر جڳهه، هن جي پٺيان پيو ڦرندو هو. شاهي رستي کان وٺي ٿيئٽر تائين ۽ پنھنجي واقفڪارن وٽ. ٻيءَ طرح گهمڻ ڦرڻ وقت بہ هو هميشہ هن سان گڏ رهندو هو. گاڏيءَ ۾ بہ گهڻو ڪري گڏجي سير ڪندا هئا.
مطلب تہ بلانشي لاءِ جنرل صاحب اڃا اهڙن موقعن تي ڪمائتي ثابت ٿيڻ جھڙو هو. هن جي منھن مان رعب تاب پيو بکندو هو. اٿڻي ويھڻي بہ شاندار هئس. هو اميراڻي شائستگيءَ جو هڪ نمونو هو. قد عام ماڻھن کان ڊگهو ۽ مڇون ڪيس ۾ ڪاريون ٿيل ڊگهيون وٽيل هونديون هئس. بت البت ڪجهہ ٿلهيرو ۽ ڦيپو ٿي لڳس. پر ڏسڻ ۾ بھرحال ڏاڍي آب تاب واري ٿي لڳو. هن جي روايتي طور طريقن مان اڄ بہ شان شوڪت نمايان هو. شام جي لباس ۾ هو ڏاڍو کڙو تڙو ۽ ٺاهوڪو لڳندو هو. پئرس ۾ اچي، هن پنھنجا اعزازي فوجي ٻلا بہ لڳائڻ شروع ڪيا هئا. پئرس شھر جي ڪشادن رستن تي اهڙِ ڊبل ڊول واري شخص سان گڏ گهمڻ، جيڪڏهن ممڪن ٿي سگهيو ٿي، تہ اهڙي فائدي بخش موقعي مان بلانشي پورو پورو ڪم وٺي ڄاتو ٿي. اسان جي ٻولي ڀالي جنرل صاحب کي تہ انھن ڳالھين مان ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي. پئرس ۾ اچڻ کان پوءِ هڪ ڀيرو بہ هن کي اڳين معاملن جي باري ۾ سوچڻو ڪونہ پيو. نہ تہ اچڻ کان اڳ ان ڊپ ۾ ڪنبي رهيو هو تہ ڪٿي بلانشي ڪو ھل بکيڙو نہ ڪري وجهي ۽ ڌڪا ڏيئي ٻاھر نہ ڪڍارائي ڇڏي. ان ڪري هيءَ بدليل حالت ۾ مون کيس اتي ڇڏيو. مون کي خبر پئي هئي تہ جنھن ڏينھن اسين ٻئي رولٽن برگ مان ھليا آيا هئاسين، ان ڏينھن جنرل صاحب تہ ڏاڍو سخت دورو پيو هو ۽ هو صفا بي هوش ٿي ويو هو. پوءِ سڄو هفتو چرين جيان وڦليل ڳالھيون ڪندو رهيو هو. ڊاڪٽرن جو باقاعدي علاج ڪيو ويو. هونئن بہ چڱو خيال رکيائونس، پر هن ھر شيءِ کي خير آباد چئي پئرس جي راھہ ورتي، جتي بلانشي جو استقبال هن جي دورن لاءِ چڱو علاج هو. بيماري جون نشانيون تہ اڃا بہ مٿس هيون، پر ان هوندي بہ خوش هو- ھاڻ تہ هو سوچڻ جي قابل بہ ڪونہ رهيو هو. بلڪ اصل ڪنھن سنجيده مسئلي تي ڳالھائي ئي نہ ٿي سگهيو. جڏهن بہ ڪا اهڙي ڳالھہ سندس آڏو ڪئي ٿي ويئي، تہ هن رڳو ڪنڌ ٿي لوڌيو- سو بہ پاڻ کي بچائڻ لاءِ ۽ ھر لفظ تي هون، ھا، چوڻ شروع ڪري ڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن کل بہ ايندي هئس. پر مريضن واري. ائين لڳندو هو، ڄڻ هو ان کي چپن ۾ روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن پنھنجا گهاٽا ڀرون تاڻي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪنھن شيءِ کي تڪنددو رهندو هو. ڪيتريون ئي شيون سندس حافظي مان نڪري چڪيون هيون ۽ ڪوشش کان پوءِ بہ ياد ڪونہ اينديون هئس. هو صفا خالي الذهن ٿي چڪو هو ۽ هن ۾ پنھنجي منھن ڳالھائڻ جي عادت بہ پئجي چڪي هئي. مادموزيل بلانشي ئي اڪيلو فرد هئي. جا کيس تلسي ڏيئي ٿي سگهي ۽ واقعي ڪڏهن بہ هو ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ لڪي وڃي ڳوڙھا وھائيندو ۽ غمگين نظر ايندو هو، تڏهن ان جو مطلب سواءِ ان جي ڪوبہ ڪونہ هوندو هو تہ هن گهڻي دير کان مادموزيل بلانشي کي ڪونہ ڏٺو آهي يا وري بلانشي هن سان بنا ڳالھائڻ جي ئي ڪيڏانھن ٻاھر ھلي ويئي آهي، يا وري وڃڻ کان پھرين ساڻس خوش مزاجيءَ سان پيش ڪانہ آئي هئي. پر ان سان گڏوگڏ هيءَ ڳالھہ بہ آهي تہ، هو پاڻ اصل ٻڌائي ڪلونہ ٿي سگهيو تہ آخر سندس مرضي ڇا هئي ۽ ايترو پريشان ۽ غمگين ڇو ٿيو آهي. ٻہ ٽي ڪلاڪن ويھڻ کان پوءِ (اھا ڳالھہ مون تڏهن ڏٺي جڏهن بلانشي سڄي ڏينھن لاءِ غالباً البرٽ سان ملڻ ٻاھر ھلي ويندي هئي)، هو ڏاڍي گهٻراهٽ سان چئني طرف ڏسندو هو، يا وري ڪنھن شيءِ کي تڪندو رهدنو هو ۽ حافظي تي زور ڏيئي ڪنھن شيءِ کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ائين لڳندو هو، ڄڻ ڏاڍي بي قراريءَ سان ڪنھن جو انتظار ڪري رهيو هجي. پر جڏهن ڪجهہ ياد نہ ايندو هوس تہ ٻيھر غفلت ۽ بي خوديءَ جي حالت ۾ پھچي ويندو هو ۽ اھا حالت اوستائين رهندي هيس، جيستائين گونجندڙ ٽھڪن سان ٻيھر واپس نہ اچي ويندي هئي. هوءَ ڏاڍي خوشيءَ جي حالت ۾ ڊوڙندي جنرل کي چنبڙي ويندي هئي، هن کي تنگ ڪندي هئي ۽ چميون بہ ڏيندي هئي ۽ اھائي نوازش هئي. جا هوءَ ڪڏهن ڪڏهن هن تي ڪندي هئي. هڪ ڀيري هن کي ڏسي جنرل صاحب کي ايتري تہ خوشي ٿي، جو باقاعدي روئڻ لڳو. سندس اھا حالت ڏسي آءٌ حيران ٿي ويس.
پھرين ئي ڏينھن بلانشي منھنجي سامھون هن جي طرف داري ڪرڻ شروع ڪري ڏني هئي ۽ هن جي ھر ڳالھہ کي زور وٺائڻ جي ڪوشش ڪندي رهندي هئي. مون کي پراڻيون ڳالھيون ياد ڏريائين تہ ”مون جنرل سان رڳو تنھنجي ڪري بي وفائي ڪئي هئي. منھنجو مڱڻو حقيقت ۾ هن سان ئي ٿيل آهي. ھاڻ زبان ڏيئي چڪي آهيان ۽ زبان ڏيئي ڦرڻ شريفن جو ڪم ڪونھي.“ وري جنرل صاحب جي طرفان بہ پاڻ ئي ٿي چيائين تہ هن سندس لاءِ ئي پنھنجو ڪٽنب ۽ خاندان ڇڏي ڏنو- ۽ مون کي منھنجي فرض جو احساس ڏياريائين تہ تون هيترو وقت هن جي نوڪري ڪري چڪو آهين، توکي ڪجهہ تہ خيال ڪرڻ کپي- توکي شرم اچڻ کپي. حالانڪ هن جي زبان ڪينچيءَ جيان ھلندي رهي، پر آءٌ بلڪل خاموش رهيس. الائي ڇو مون کان ٽھڪ نڪري ويو ۽ ائين ڳالھہ ائي ويئي ٿي ويئي. اھا بہ ان ڪري، جو پھرين تہ هو اهو سوچيو تہ آءٌ صفا ڀوڪ آهيان، پوءِ نتيجو ڪڍيائين تہ شريف ۽ بامروت آهيان. در حقيقت اھا منھنجي خوش قسمتي هئي تہ ھر ڳالھہ جي آخر ۾ آءٌ هن شاندار نوجوان عورت جي خونودي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو هوس. (حقيقت ۾ بلانشي، پنھنجي نموني جي هڪ شاندار ۽ نيڪ فطرت هورت هئي. ائين برابر آهي تہ هن جي باري ۾ اڳ منھنجي راءِ اھا ڪانہ هئي). جڏهن ڳالھہ ختم ٿيڻ لڳندي هئي، تڏهن هوءَ مون کي چوندي هئي، ”تون ڏاڍو سٺو ۽ هوشيار ماڻھو آهين..... ۽..... افسوسناڪ ڳالھہ هيءَ آهي تہ تون ايترو بيوقوف آهين جو تون ڪڏهن پائي بہ ڪانہ بچائي.“
ڪڏهن ڪڏهن هوءَ مون کي جنرل صاحب سان گڏ گمڻ لاءِ موڪلي ڇڏيندي هئي. بلڪل ان طرح جيئن هو پنھنجي وڏي ڪتي کي پھريدار سان گڏ موڪليندي هئي. مطلب هيءُ تہ آءٌ هن کي پاڻ سان گڏ، ٿيئٽر، ناچ گهرن ۽ ريسٽورنٽ ۾ وٺي ويندو هوس. انھن سڀني خرچن لاءِ بلانشي مون کي پھرين ئي پئسا ڏيئي ڇڏيندي هئي. جنرل صاحب وٽ هونئن پنھنجو بہ ڪافي پئسو هو. کيس ھر موقعي تي ماڻھن جي سامھون ٻٽون کولڻ جو ڏاڍو شوق هو. هڪ دفعي تہ مون کيس ستن سون فرانڪن جي هڪڙي پن خريد ڪرڻ کان روڪيو جيڪا هن ’رائل پئلس‘ ۾ ڏٺي هئي ۽ بلانشي کي تحفو ڏيڻ لاءِ ٿي ورتائين. ڀلا ست سؤ فرانڪن جي پن جي ڪھڙي ضرورت؟ جنرل صاحب وٽ مجموعي طور تي هڪ هزار فرنڪ کان وڌيڪ رقم نہ هئي ۽ اھا خبر مون کي ڪڏهن بہ پئجي نہ سگهي تہ هن اهي پئسا ڪٿان حاصل ڪيا هئا؟ آءٌ ڀانيان ٿو تہ ائسٽلي صاحب ڏنا هوندس. ان ڳالھہ کي ان مان هٿي ملي ٿي تہ هن جو هوٽل جو بل بہ هن ڀريو هو. مون سان جنرل صاحب جنھن رويي سان ھليو ٿي، ان مان مون کي پڪ هئي تہ کيس منھنجي ۽ بلانشي جي تعلقات جي باري ۾ ڪابہ خبر ڪانھي. حالانڪ هن کي ڪٿان اھا خبر پئجي وئي هئي تہ مون جوئا ۾ ڪافي پئسا کٽيا هئا، پر هن وري بہ ائين ٿي سمجهيو تہ آءٌ بلانشي وٽ هجن جي پرائيويٽ سيڪريٽري طور هڪ نوڪر جي حيثيت سان هوس. بھرحال هو مون سان هميشہ مٿانھين لهجي ۾ ڳالھائيندو هو، بلڪ ڪڏهن ڪڏهن تہ دڙڪا ڏيڻ لڳندو هو. هڪ ڏينھن صبح جو نيرن تي هن مون کي ۽ بلانشي کي ڏاڍو کلايو. بيشڪ هن دل شڪني ڪرڻ نٿي گهري، پر اوچتو مون سان چڙي پيو- ڇو؟ اهو آءٌ اڄ تائين ڪونہ سمجهي سگهيو آهيان. حقيقت هيءَ آهي تہ هو پنھنجو پاڻ کي بہ ڪونہ سمجهندو هو. ان ڏينھن هن اهڙي تقرير ڪئي، جنھن جو ڪو بہ مقصد ڪونہ سمجهندو هو. ان ڏينھن هن اهڙي تقرير ڪئي، جنھن جو ڪوبہ مقصد ڪونہ هو. زور سان منھنجي لاءِ چوڻ لڳو تہ آءٌ ڏاڍو گستاخ ۽ بدمتيز آهيان.... هو مون کي ٻڌائيندو ته..... وغيره. پر اسان مان ڪو بہ هن جي ڳالھہ جو مطلب سمجهي نہ سگهيو. کلندي کلندي بلانشي کي پيٽ ۾ سور پئجي ويو. آخر گهڻين ترڪيبن کان پوءِ هن جي ڪاوڙ جي باھہ کي وسايو ويو ۽ کيس گهمڻ لاءِ ٻاھر وٺي وياسين. مون اڪثر اھا ڳالھہ بہ ڏٺي تہ هو بلانشي جي هوندي بہ غمگين رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن ڳالھہ تي افسوس جا هٿ مھٽيندو هو ۽ ٿڌا ساھہ کنيو پڇتائيندو پيو هو ۽ ڪڏهن ڪنھن ڳالھہ جي جستجو ۾ پريشان هوندو هو. اهڙن وقتن تي هو خود مون سان ڳالھائيندو هو، ۽ پنھنجي فوج جي زماني جون ڳالھيون، مرحوم زال جون ڳالھيون گهريلو ڳالھيون ۽ پنھنجي ملڪيت جي باري ۾ تفصيل- پر هو ڪنھن بہ ڳالھہ جو مطلب صاف طور تي بيان ڪري نہ سگهندو هو. ڳالھائيندي ڳالھائيندي اوچتو هو ڪنھن ڳالھہ ۾ منجهي پوندو هو- ۽ اُن منجهڻ مان بہ مزو وٺندو هو. اهڙي اڱکر اکر کي پيو ورجائيندو هو. مون ساڻس، سندس ٻارن جي متعلق ڳالھائڻ گهريو ٿي، پر ان موضوع تي ڳالھائڻ کان هو نٽائيندو هو ۽ موضوع بدلائڻ جي ڪندو هو، ”ھا، ھا، منھنجا ٻار، ھا ھا، بلڪل ٺيڪ آهن.“ رڳو هڪڙو ڀيرو هو جذباتي ٿي ويو هو. تڏهن اسين ٿيئٽر ۾ ويٺا هئاسين، ”ھا ھا، اهي بدنصيب ٻار به- جي- اهي بدنصيب ٻار به....“ انھيءَ شام کان پوءِ هن ’بدنصيب ٻار‘ جو اکر گهڻا ئي دفعا استعمال ڪيو هو. هڪ دفعي جڏهن مون پالينا جو ذڪر ڪيو، تہ ڪاوڙ کان ڳاڙهو ٿي اول فول بڪڻ لڳو. چئي، ”هوءَ احسان فراموش ۽ ناشڪرگذار آهي. هن خاندان جو نڪ ڪپائي ڇڏيو. جي ڪو اهڙو قانون هجي ھا تہ آءٌ هن جو دماغ بلڪل ڍيڪ ڪرائي ڇڏيان ھا. ھا ھا، سچ ٿو چوان. جيستائين گريو جو تعلق آهي، ان جو تہ آءٌ نالو ٻڌڻ بہ نٿو چاهيان. ان ذليل ئي مون کي تباھہ ڪيو آهي. برباد ڪري ڇڏيو آهي. لڳاتار ٻہ سال هڪ هيبت ناڪ خواب بنجي منھنجي ذهن تي ڇانيو رهيو آهي، ھا ھا، هو- سچ ٿو چوان- اڳتي منھنجي اڳيان ڪڏهن بہ هن جو ذڪر نہ ڪجانءِ.“
مون ڏٺو تہ هنن ٻنهي ۾، يعني بلانشي ۽ جنرل صاحب ۾، ھاڻ ڪجهہ ڪجه مڙئي ڪو ٺاھہ ٿي ويل هو. پر آءٌ هميشہ وانگيان خاموش رهيس. منھنجي واپس ٿيڻ کان هفتو اڳ بلانشي مون کي گهرائي چيو تہ، ”ھاڻ سنھري موقعو اٿئي. ھاڻ ڏاڏي واقعي بيمار آهي ۽ پڪ مري بہ ويندي. ائسٽلي جي تار آئي آهي. توکي تہ خبر آهي تہ جنرل هن جو اڪيلو وارث آهي ۽ جي نہ بہ هجي تہ بہ هو منھنجي ڪمن ۾ ڪڏهن بہ دخل اندازي نہ ڪندو. پھرين ڳالھہ تہ هن کي پنھنجي پينشن وصول ٿيندي رهي ٿي ۽ ٻيو تہ ڪنھن پاسي واري ڪمري ۾ پيو هوندو ۽ پاڻ هميشہ خوش گذارينداسين. مان مادام جنرل سڏائينديس. پوءِ اعليٰ سوسائٽي هوندي ۽ آءٌ.“ (بلانشي ھر وقت ان شيءِ جا خواب ڏسندي هئي). ”۽ آخر آءٌ هڪ روسي دولت مند جاگيردارياڻي بنجي وينديس- ۽ هونئن جي ڪو مون کي لکين ڪروڙين روپيا بہ ڏئي تہ آءٌ پنھنجي زندگيءَ جا اصول ڇڏڻ لاءِ تيار ڪونہ آهيان. آءٌ ڪنھن بہ طرح حسد ڪانہ ٿي ڪريان. اهو سڀ ڪجهہ منھنجي گهري محبت پئي ڳالھائي.....“
”چڱو، فرض ڪر تہ جيڪڏهن هو، تو سان بہ ڪڏهن حسد ڪرڻ لڳي، ۽ اصرار ڪرڻ لڳي ته..... خدا ڄاڻي مون ڇا پئي چيو؟ تون تہ سمجهي وئينءَ نہ؟“
”نہ، نہ، نه! ائين تہ هو ڪري ئي ڪونہ ٿو سگهي. مون پھرين ئي پڪ ڪري ڇڏي آهي. توکي پريشان ٿيڻ جي ڪا ضرورت ڪانھي. مون تہ هن کان آلبرٽ جي نالي تي قرض نامو بہ لکارائي ڇڏيو آهي. هن ٿوري بہ گڙٻڙ ڪئي، تہ گرفتار ڪرائي ڇڏيندي سانس ۽ هونئن بہ ظاھر آهي تہ هن ۾ ايري همت ڪٿي آهي؟“
”واهه، تہ پوءِ شادي ڪرينس نہ....“
ڪنھن بہ قسم جي ڌوم ڌام کان سواءِ شادي ٿي ويئي. بلڪل اهڙيءَ طرح ڄڻ گهر جو ڪو معمولي ڪم هجي. آلبرٽ کان سواءِ ٻين سڀني دوستن ۽ واقفڪارن کي دعوت ڏني ويي.ئ هئي. ھرٽنسي ۽ قلوپطره کي ڄاڻي ٻجهي ڪونہ گهرايو ويو هو. گهوٽ کي پنھنجي حيثيت جو ڏاڍو خيال ٿي رکڻو پيو. بلانشي پنھنجي هٿن سان کيس نيڪ ٽاءِ ٻڌي. هن جي ڪوٽ جي ڪالر تي عطر لڳايائين ۽ وارن ۾ خوشبودار تيل جي ھلڪي ھلڪي مالش ڪيائين. انھن ڪپڙن ۾ هو ڏاڍو رعبدار پئي لڳو.
”ڏاڍو معزز ۽ رعب دار پيو لڳي.“ بلانشي جنرل صاحب جي ڪمري مان ايندي چيو، ڄڻ تہ هي خيال تہ هو ڏاڍو رعب دار آهي، خود هن جي لاءِ بہ حيرت انگيز هو. آءٌ حالانڪ هڪ معمولي تماشائيءَ جيان دلچسپي ڏيکاري رهيو هوس، ان ڪري گهڻيون ئي ڳالھيون وسري ويون اٿم. رڳو ايترو ياد اٿم تہ بلانشي جي ماءُ ’ڪامنگس‘ جي بجاءِ مادام ’پلاسٽ‘ بنجي ويئي هئي. هو ٻئي اڃا تائين ڪامنگس ڇو بنيون رهيون، ان جي بر مون کي پئجي ڪانہ سگهي، پر ان تبديليءَ مان جنرل صاحب ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ڪامنگس جي جڳھہ تي ’پلاسٽ‘ هن کي ڏاڍو وڻيو ٿي. شاديءَ جي ڏينھن صبح جو هن پنھنجي پر ۾ ڏاڍا سٺا ڪپڙا پاتا ۽ ڊرائينگ روم ۾ چھل قدمي ڪرڻ لڳو. آهستي آهستي پنھنجي خاص انداز ۾ پاڻ ئي جهونگارڻ لڳو، ”مادموزيل بلانشي ڊي پلاسٽ، ڊي پلاسٽ-“ ۽ سندس منھن هڪ خاص سڪون ۽ اطمينان جي اثر ڪري ڳارهو ٿي ويو. گرجا ۾ نڪاح کان پھرين ۽ شاديءَ جي مانيءَ کان پوءِ هو نہ رڳو جوش هو بلڪ مغرور بہ پئي لڳو. مون کي هنن ٻنهي ۾ ڪافي ڦير نظر اچي رهيو هو... بلانشي ۾ بہ هڪ خاص قسم جو وقار پيدا ٿي ويو هو،جو سند سمنھن مان بکيو پئي.
بلانشي ڏاڍي سنجيدگيءَ سان چيو، ”ھاڻي مون کي پنھنجو رويو بلائڻو پوندو. پھرين تہ مون کي سنجيده ٿيڻو پوندو. اهڙين ڳالھين متعلق تہ مون ڪڏهن سوچيو بہ ڪونہ هو. ھاڻ تہ مون کي پنھنجو خانداني نالو بہ بدلائڻو پوندو. اوهو، مون کي تہ پنھنجو نئون نالو ئي ياد ڪونھي. ڇا هو؟ يا گويا وسڪي- نہ، ياگوز يافسڪي، مادام جنرل ساگو- ساگو؟ ائين چئي، بلانشي پنھنجي نئين نالي جي آب تاب مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ فرينچ ٻوليءَ ۾ پنھنجن روسي لقبن القابن کي بيان ڪرڻ ۽ ساراهڻ شروع ڪري ڏنو.
آخرڪار اسين جدا ٿياسين. بلانشي- نادان بلانشي، مون کي الوداع چوڻ وقت روئڻ ڳي، هيءَ ٻاراڻي ڳالھہ آهي، هن روئيندي چيو، ”سراسر حماقت آهي. تون تہ هوا ۾ قلعا بنائڻ جو عادي ٿي ويو آهين ۽ توکي شايد اهو ئي ٺيڪ ٿو لڳي.“ رخصيت وقت هن پنھنجي هٿ کي زور ڏيندي ڏک ڀريل آواز ۾ چيو، ”چڱو ٻڌ،“ اهو چئي، يڪدم پنھنجي ڪمري ۾ ويئي ۽ ٻن منٽن کان پوءِ بن هزار فرنڪن جو هڪڙو بئنڪ جو نوٽ کڻي آئي، جا منھنجي خيال ۾ نھايت ئي عجيب ڳالھہ هئي. نوٽ ڏيندي چوڻ لڳي، ”ٿي سگهي ٿو تہ هي تنھنجي ڪنھن ڪم اچي وڃن. ٺيڪ آهي تون هڪ پڙهيل ڪڙهيل ننڍو ماڻھو آهين. پر ڀوڪ آهين. مان توکي ٻن هزارن کان وڌيڪ نہ ڏينديس، ڇو جو تون جوئا ۾ ھارائي ڇڏيندين- چڱو خدا حافظ خدا ڪري تون پنھنجي راند ۾ ڪامياب ٿين- ۽ جي کٽي وڃين تہ مون کي پڪ آهي تہ تون مون وٽ ضرور ايندين. تنھنجي اچڻ مان مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي.“
مون وٽ باقي پنج سؤ فرانڪ وڃي بچيا هئا. ان کان سواءِ مون وٽ هڪڙي شاندار واچ هئي، جنھن جي قيمت هڪ هزار فرانڪ کان گهٽ نہ هئي ۽ هيري جا ڪجهہ ڪف بٽڻ هئم. ان ڪري بي فڪرو رهي سگهيس ٿي. هن ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄاني ٻجهي اچي رهيو آهيان تہ جيئن ماضيءَ جي يادگيرين کي تازو ڪري وٺان ۽ سڀ کان وڏي ڳالھہ هيءَ تہ مون کي ائسٽلي صاحب جو انتظار آهي. مون کي خبر پئي آهي تہ هو هتان ئي لنگهندو ۽ هن ڳوٺ ۾ پنھنجي ڪاروبار جي سلسلي ۾ چوويھہ ڪلاڪ ترسندو. آءٌ هن کان ھر ڳالھہ پڇندس ۽ مون کي ھر ڳالھہ جي خبر پئي آهي تہ هو هتان ئي لنگهندو ۽ هن ڳوٺ ۾ پنھنجي ڪاروبار جي سلسلي ۾ چوويھہ ڪلاڪ ترنسو. آءٌ هن کان ھر ڳالھہ پڇندس ۽ مون کي ھر ڳالھہ جي خبر پئجي ويندي- پوءِ آءٌ سڌو هيمبرگ ھليو ويندس.رولٽن برگ ڪونہ ويندس. اتي وڃڻ جو ايندڙ سال تائين تہ ڪو ارادو ڪونہ اٿم. ماڻھو چوندا تہ هڪ ئي ميز تي ٻيھر قسمت آزمائي ڪرڻ سٺو شگون ڪونھي ۽ هونئن بہ هيمبرگ اصل جوئا جو گهر آهي.