باب پنجون
ان وقت آءٌ خاص طور تي ڏاڍو ڪاوڙيل هوس، ان ڪري ئي مون کانئس هيءُ بي ڍنگو سوال ڪري ورتو تہ ھاڻ جڏهن بہ هوءَ ڪيڏانھن ٻاھر وڃي ٿي تہ هي مارڪئس ڊي گريو، اسان جو جناب فرينچ صاحب ساڻس گڏ ڇو نٿو وڃي، ۽ گهڻن ئي ڏينھن کان ساڻس ڳالھہ ٻولھہ بہ بند ڪري ڇڏي اٿس، سو ڇو؟
”ان لاءِ تہ هو وڏو ذليل ماڻھو آهي.“ هن ڏاڍي عجيب انداز ۾ وراڻيو. مون ڪڏهن بہ پلينا جي واتان مارڪئس گريو متعلق اهڙي سخت ڳالھہ نہ ٻڌي هئي، پر هن جي وڌيڪ تنگ ٿيڻ جي خيال کان چپ رهيس.
” تو ڏٺو تہ اڄ جنرل صاحب سان بہ سندس رويو ٺيڪ نہ هو!“
هن ڪجهہ چڙ مان ۽ رکائي سان چيو، ”تون اصل ڳالھہ ڄاڻڻ ٿو چاهين، توکي خبر آهي تہ جنرل صاحب هن جي مُٺ ۾ آهي. جنرل صاحب جي سڄي ملڪيت هن جي آهي، جي ڏاڏي نٿي مري تہ فرينچ انھن سڀني شين جو مالڪ ٿي ويندو، جيڪي وٽس گروي رکيل آهن.“
”تہ ڇا اھا ڳالھہ صحيح آهي تہ ھر شيءِ گروي رکي ويئي آهي؟ مون بہ ائين ٻڌو تہ ضرور آهي، پر اھا خبر ڪانہ هيم تہ سڀئي شيون گروي آهن.“
”بلڪل.“
” تہ پوءِ ماد موزيل بلانشي جو بہ خدا ئي حافظ آهي. هوءَ جنرل جي زال نٿي بنجي سگهي. توکي خبر آهي يا نہ، پر مون کي تہ ائين ٿو لڳي تہ جنفل صاحب هن سان ايتري محبت ٿو ڪري، جو جي هوءَ کيس ڇڏي ھلي وڃي تہ هو خودڪشي ڪري ڇڏيندو. هن عمر ۾ ايتري محبت ڪرڻ خطرناڪ آهي.“ ميو چيو.
پالينا ڪجهہ سوچيندي، پنھنجي راءِ جو اظھار ڪيو، ”منھنجي خيال ۾ هن سان ڪجهہ نہ ڪجهہ ضرور ٿيندو.“
مون ٿورو بلند آواز ۾ چيو، ”۽ پوءِ اهو سڀ ڪجهہ ڪيترو نہ عجيب لڳندو. ماڻھن تي ان کان وڌيڪ کليل نموني ظاھر نہ ٿي سگهندو تہ هوءَ جنرل صاحب سان رڳو هن جي پئسي خاطر شادي دري رهي هئي! ڇا، دنيا ۾ شرافت ڪا شيءِ نہ آهي ؟ پنھنجي شان ۽ مان جھڙي ڳالھہ ناهيءَ هي تہ وڏي حيرت جھڙي ڳالھہ چئبي ۽ جيستائين ڏاڏيءَ جو تعلق آهي. ڇا ان کان وڌيڪ مضحڪ خيز ۽ ذلت آميز بہ ٻي ڪا ڳالھہ ٿي سگهي ٿي تہ يڪيون هڪ ٻئي پٺيان ٻہ تارون موڪليون وڃان انھي لاءِ تہ خبر پوي تہ هوءِ مري چڪي آهي يا نہ؟ پالينا ان باري ۾ تنھنجو ڪھڙو خيال آهي؟
اھا سڄي بڪواس آهي، هن بيزاري سان منھنجي ڳالھہ ڪٽيندي چيو.مان حيران آهيان تہ تون ايتري قدر خوش ڇو آهين! ايتري خوشي! آخر ڪھڙي ڳالھہ آهي؟ اھا منھنجن پئسن جي ھارائڻ تي تہ نہ آهي!
ليڪن تو مون کي اهي ھارائڻ لاءِ ڏنا ڇو؟ مون تو کي صاف چئي ڇڏيو هو تو آءٌ ٻين ماڻھن لاءِ خاص طور تي تنھنجي لاءِ بلڪل کيڏي نٿو سگهان، آءٌ تنھنجو فرمانبردار آهيان تنھنجي ھر حڪم جي تعميل ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، پر نتيجي جي جوابدار ي بہ نٿو کڻان. مون توکي پھرئين ئي چئي ڇڏيو هو تہ ان مان ڪجهہ بہ نہ ورندءِ. ڇا توکي ايتري رقم ھارائڻ جو ڏک آهي؟ آخر توکي ايترا پئسا ڇو کپن؟
تون اهڙا سوال ڇو ٿو ڪرين؟
واه، تو مون کي سڀ ڪجهہ ٻڌائڻ جو انجام ڪيو هو... ٻڌاءِ، مون کي پڪ آهي تہ جڏهن آءٌ پنھنجي لاءِ کيڏندس (۽ هينئر مون وٽ ٻارنھن فيڊرڪ آهن). تہ ضرور کٽيندس. پوءِ توکي جيترا پئسا کپن اڌارا وٺي سگهين ٿي.
پالينا جي رويي مان شديد بيزاري ۽ نفرت جو اظھار پئي ٿيو.
منھنجي هن صلاح تي تون رنج نہ ٿي. مون کي خبر آهي تہ تنھنجي آڏو آءٌ هيچ آهيان، پر تون مون تي يقين ڪر تہ تنھنجي بي عزتي اصل ڪو نہ ٿيندي. مون کي خبر آهي تہ تنھنجي نظرن ۾ منھنجي ايتري اهميت بہ ڪانھي جو تون مون کان پئسا اڌارا وٺي سگهن __ پر بہ تہ خيال ڪر تہ مون تنھنجا پئسا ھارايا آهن.
هن تيز نظرن سان مون ڏانھن ڏٺو ۽ اهو ڏسي تہ منھنجي لهجي ۾ ڪاوڙ سان گڏ ٽوڪ جو انداز بہ شامل هو.هن هڪدم ڳالھہ ڪٽي ڇڏي.
منھنجي خانگي حالتن ۾ توکي ڪا بہ دلچسپي ڏسڻ ۾ ڪانہ ايندي. پر پوءِ بہ جي ڄاڻڻ چاهين ٿو تہ ٻڌ، حقيقت ۾ آءٌ ڏاڍي مقروض آهيان. ھاڻ اهو قرض موٽائڻو اٿم. هونئن تہ مون وٽ پئسا ڪونہ آهن، پر مون کي خيال اچي ٿيو آهي تہ شايد جوئا ۾ آءٌ کٽي، اهو قرض موٽائي سگهان. اهي تہ بيشڪ چريائپ وارو خيال پر ڇا ڪريان. دل کي ان تي يقين اٿم، شايد اهو يقين ان ڪري بہ اٿم جو پئسن حاصل ڪرڻ جو ٻيو ڪو ذريعو ڪونھيم.“
”اهو تہ ان ڪري تنھنجو کٽڻ لازمي آهي. مون کي تہ هيءُ ٻڌندڙ ۽ ٻوڙي واري ڳالھہ ٿي لڳي. خبر اٿئي تہ ٻڌندڙ ۽ ٻوڙو بہ بنڊ وانگي محسوس ٿيندو آهي.“
پالينا وري مون ڏانھن ڏٺو.
تنھنجي معنيٰ تہ تو مون کي اڃا محسوس نہ ٿو ڪري سگهين. تون جلد باز آهين. توتي ڪو ڀروسو ڪري نہ ٿو سگهجي. تون پاڻ ٻڌاءِ تہ آخر توکي پئسن جي ايتري ضرورت ڇو آهي. انھيءَ ڏينھن جيڪي سبب تو مون کي ٻڌايا هئا، تن مان تہ هڪڙو بہ ٺيڪ ڪونہ هو.“
”تو هينئر چيو نہ تہ ڏاڍو گستاخ ٿي پيو آهين. عجيب سوال پيو ڪرين! شراب تہ ڪونہ پيتو اٿئي.“
”اھا بہ توکي چڱيءَ طرح خبر آهي تہ آءٌ توکان ھر سوال پيو پڇڻ جو حق رکان ٿو، تنھنڪري ڪڏهن ڪڏهن صافگوئي سان سوال ڪري وجهندو آهيان. آءٌ هڪ دفعو وري چوان ٿو تہ آءٌ تنھنجو غلام آهيان. جيئن پنھنجي غلام کي سڀ ڪجهہ ٻڌائي سگهجي ٿو تيئن تون بہ مون کان ڪجهہ نہ لڪاءِ، نہ ڪو منھنجي ڳالھين جو دل ۾ ڪر.“ پر آءٌ تہ تنھنجي ان غلام واري خيال کي مڃان ئي ڪونہ ٿي.“
”ڏس هيڏانھن آءٌ ڪو پنھنجي غلامي متعلق ان ڪري ڪونہ ٿو ڳالھايان جو واقعي تنھنجو غلام ٿيڻو اٿم، آءٌ تہ اهو ئي ڪجهہ چوان ٿو جيڪي دل ۾ اٿم.“
”چڱو ڀلا مون کي اهو ٻڌاءِ تہ توکي پئسن جي ايتري ضرورت ڇو آهي؟“
”تون اھل ڳالھہ ڇو ٿي پڇين؟“
”نہ ٻڌاءِ تہ نہ ٻڌاءِ، تنھنجي مرضي.“ هن غرور سان ڪنڌ ڌوڻيندي چيو.
”تون منھنجي غلام هجڻ واري خيال کي رد ٿي ڪرين پر غلام واري ذهنيت برقرار رکڻ تي زور ٿي ڏين. جواب ڏي، بحث نہ ڪر، خير ائين ئي سھي. تون ٿي پڇين تہ مون کي پئسن جي ڪھڙي ضرورت آهي؟ ان ڳالھہ جو آخر ڪھڙو جواب ڏيان، پئسن جي تہ سڀني کي ضرورت پوندي آهي.“
”اھا تہ مون کي بہ خبر آهي، پر تون جھڙي طرح پئسن لاءِ چريو ٿيو پيو وتين، تنھن جي پويان ضرور ڪا خواهش لڪل آهي، منھنجو خيال آهي تہ تون هٿ جون ٺاهڻ بدران مونکي ان جو صحيح جواب ڏي.“
هو ٿوري ڪاوڙ ۾ اچي وئي هئي ۽ ان ڪري مون خوشي پئي محسوس ڪئي. مون جواب ڏيندي چيومانس. ”بيشڪ انھي جو خاص مقصد آهي. پر اهو ڪھڙو مقصد آهي تنھن جي آءٌ وضاحت نہ ٿو ڪري سگهان. ڀلا اهو مقصد هن کان سواءِ ٻيو ڇاٿو ٿي سگهي تہ دولت مند ٿيڻ کانپوءِ آءٌ توکي هڪ ٻئي قسم جو انسان نظر ايندس غلام نه!“
”هو ڪيئن ٿيندو ! تہ توکي اھا بہ خبر ڪانھي تہ اهو ڪيئن ٿيندو؟
اهڙي بي يقيني آخر ڇو؟، واقعي تون مون کي هڪ غلام کان وڌيڪ ڪجهہ بہ سمجهڻ لاءِ تيار ناهين پر مون کي ان جي ڪابہ پرواھہ ناهي.“
تو تہ چيو ٿي تہ ان غلامي مان توکي خوشي ٿي حاصل ٿئي، حالانڪ منھنجو خيال هو تہ خوشي توکي صرف مون مان ٿي حاصل ٿئي.
”تہ تون پاڻ اهو ٿي سوچين!“ تہ منھنجي جسم ۾ ڄڻ خوشي جي لھر ڊوڙي وئي. تنھنجي اھا سادگي ڪيڏي نہ سٺي آهي! ڪنھن کي ذليل ڪرڻ مان بہ تہ خوشي حاصل ٿيندي آهي. پل خوشي ان هنٽر کي بہ ٿيندي هوندي جيڪو ڪنھن غريب جي پٺن تي لڳي ان جي کل لاهي ڇڏيندو آهي. پر مونکي هڪ ٻئي قسم جي خوشي حاصل ڪرڻي آهي. تو ڪالھہ ٻڌو هوندو تہ جنرل صاحب مون کي ست سو روبل ساليانہ ڏيڻ جو چيو هو (جنھن جي موکي ڪابہ اميد ڪانھي) مارڪئس گريو بہ تہ اتي ويٺو هو. منھنجي دل ٿي ٿي تہ هن جي ڪا چڱي خاصي بي عزتي ڪريان تہ جينئن تون بہ ڏسي سگهين.
”آخر ڪار اھا ڪھڙي ڳالھہ آهي؟ هڪ ماڻھو هي وقت، ھر هنڌ ۽ ھر حالت ۾ وقار ۽ مان واري حالت جو مظاھرو ڪري سگهي ٿو.“
”اهي ڪتابن جون ڳالھيون آهن. توکي تہ بس اهو احساس ٿي ويو آهي تہ مون کي وقار سان ڳالھہ ڪرڻ ئي ڪونہ اچي. توکي تہ خبر آهي تہ اسين روسي سادا سودا انسان آهيون. اخلاق تہ اسان وٽ بہ آهي پر ان جو مظاھرو مناسب نموني سان ڪونہ ڪريو سگهون. اصل ۾ اسن وٽ خوبيون تہ آهن پر فطري صلاحيتون تمام گهٽ اٿئون. اهوئي سبب آهي جو فرينچ مرد اسان جي روسي عورتن لاءِ هڪ قسم جي ڪمزوري بنجي چڪا آهن. پر منھنجي خيال ۾ فرينچن جو اهو رويو بہ نمائشي ڏيک هوندو آهي. ٽرڙي ڪڪڙ وانگر سڄو ڏينھن آڪڙيا وتندا آهن. ٿي سگهي ٿو تہ اهي ڪڪڙ ٽرڙا نہ پر اصلي هجن! آءٌ ڪيتري دير کان بڪان پيو. تو مون کي اصل روڪيو ئي ڪونہ. تون مونکي وچ ۾ روڪيندي رهندي ڪر. جڏهن آءٌ توسان ڳالھائيندو آهيان تہ اهو چاهيندو آهيان تہ مان توسان پنھنجي دل جي ھر ڳالهه، بلڪ سڀ ڳالھيون ڪري ڇڏيان. مان سڀني سٺن طريقن کي وساري ويھندو آهيان. بلڪ آءٌ تہ هي بہ مڃڻ لاءِ تيار آهيان تہ مون ۾ نہ اطوار آهي نہ اخلاقي گڻ. آءٌ هيءَ ڳالھہ توکي پھرين ئي ٻڌائي چڪو آهيان تہ آءٌ پنھنجي ذهن کي ڪنھن قسم جي اخلاقي گڻن لاءِ فڪرمند ٿيڻ نہ ڏيندو آهيان. ھاڻ تہ مون کي ھر شيءِ بيٺل ٿي لڳي. توکي خبر آهي تہ مون ۾ انسانن جھڙي هڪ بہ ڳالھہ نہ آهي. هڪ عرصي کان مون کي هيءَ بہ خبر نہ آهي تہ دنيا ۾، روس ۾ يا هتي ڇا ٿي چڪو آهي يا ٿي رهيو آهي. هتي مان ڊريسڊن شھر مان آيو آهيان. پر مون کي ياد ڪونھي تہ ڊريسڊن ڪھڙي قسم جو شھر هو. توکي چڱيءَ طرح خبر آهي تہ مون کي ڪنھن ڳڙڪائي ڇڏيو آهي ۽ ڇاڪاڻ تہ مون کي تو مان ڪابہ توقع نہ آهي ۽ آءٌ پنھنجي نظر ۾ ڪابہ وقعت نہ ٿو رکان، تنھنڪري صاف صاف ٿو چوان تہ ھرهنڌ توکان سواءِ ڪابہ شيءِ نٿو ڏسان. توکان سواءِ دنيا منھنجي نظرن ۾ هيچ آهي. توسان ڇو ۽ ڪيتري محبت اٿم؟ اھا خود بہ خبر ڪانہ اٿم. غالباً اھا ڳالھہ تون خود ڄاڻين ٿي تہ تون مون سان سٺي نموني ڪانہ ٿي ھلين. مان تہ تو لاءِ ائين بہ نٿو چئي سگهان تہ تون سھڻي آهين يا نه! پڪ تنھنجي دل ٺيڪ نہ آهي ۽ ٿي سگهي ٿو تہ تنھنجي دماغ ۾ بہ اجايون ڳالھيون ڀريل هجن.“
”شايد ان ڪري تون مون کي دولت سان خريدڻ جو سوچيندو رهندو آهين.“ هن چيو، ”ڇاڪاڻ تہ توکي منھنجي عزت نفس جي جذبي جو يقين ڪونھي.“
”پر مون توکي دولت سان ڪڏهن خريدڻ چاهيو؟“ مون يڪدم چيو.
”تون اوستائين ڳالھائيندو ٿو رهين، جيستائين خبر نہ ٿي پوي تہ ڇا پيو ڳالھائين. جي تون مون کي خريدڻ نٿو چاهين تہ پوءِ منھنجي عزت نفس جي جذبي کي خريدڻ جو خيال ضرور اٿئي.“
”بلڪل نہ، اھا ڳالھہ اصل ڪانھي. مان چئي چڪو آهيان تہ منھنجي لاءِ پنھنجي دل جي ڳالھہ جي وضاحت ڪرڻ تمام ڏکي آهي. تون اھا ڳالھہ چئي، ھر ھر مون تي بار وجهي رهي آهين. منھنجي ڳالھين مان ناراض نہ ٿيندي ڪر. توکي خبر آهي تہ تون مون سان ناراض نٿي ٿي سگهين! ان لاءِ تہ مان پاڳل آهيان. جي تون ناراض ٿي بہ وڃين تہ مان ان جي پرواھہ نٿو ڪريان. جڏهن مان پنھنجي ڪمري وارين ڏاڪڻن تي هوندو آهيان تہ مون کي رڳو تنھنجي لباس جي سرسراهٽ تصور ۾ آڻڻي پوندي آهي. ان کان پوءِ پنھنجا ننھن ڏندن سان چٻاڙڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهيان ۽ تون مون مان ناراض بہ ڇو آهين؟ منھنجي، پنھنجو پاڻ کي، غلام چوڻ ڪرڻ ڪري! خدا جي واسطي منھنجي غلام هجڻ جو ڪو فائدو نہ وٺ. ڇا توکي خبر آهي تہ هڪ نہ هڪ ڏينھن آءٌ توکي قتل ڪري ڇڏيندس. آءٌ توکي ان لاءِ قتل ڪونہ ڪندس تہ ڪو منھنجي محبت مري ويندي يا مان حاسد بنجي ويندس! بلڪ آءٌ توکي رڳو ان لاءِ قتل ڪندس ڇو جو آءٌ توکي ڳڙڪائي ڇڏڻ ٿو گهران. تون کلين ٿي.....“
”آءٌ کلان ڪانہ ٿي.“ هن غضبناڪ لهجي ۾ وراڻيو. ”آءٌ رڳو ايترو ٿي چوانءِ تہ چپ ڪر!“
هوءَ ڪجهہ دير لاءِ بلڪل چپ ٿي ويئي. حد کان وڌيڪ ڪاوڙ جي ڪري هوءَ بلڪل بي جان ٿي لڳي. ايمان سان مون کي خبر ڪانہ هئي تہ هوءَ ڪا واقعي سھڻي هئي. پر جڏهن هوءَ ڪاوڙ مان ڳاڙهي ٿي منھنجي اڳيان اچي بيھندي آهي تہ ڏاڍي خوبصورت لڳندي اٿم. تنھنڪري آءٌ گهڻو ڪري کيس ڪاوڙائيندو رهندو آهيان. شايد هوءَ بہ اھا ڳالھہ سمجهي ويئي هئي. تنھنڪري ڄاڻي ٻجهي ناراض ٿي رهي هئي. بلڪل اهي اکر مون هن کي چئي ڏنا.
”ڪھڙي نہ واهيات ڳالھہ ڪئي اٿئي.“ هن نفرت وچان چيو.
”مون بالڪل ٺيڪ چيو آهي.“ مون چيو، ”ڇا توکي اھا خبر آهي تہ پاڻ ٻنهي جو گڏ گهمڻ ڪيڏو نہ خطرناڪ آهي! ڪڏهن ڪڏهن منھنجي خواهش ٿيندي آهي تہ توکي لڪڻ سان ايترو تہ ماريان جو شڪل ئي ڦري وڃئي. يا گهٽو ڏيئي ماري ڇڏيانءِ! متان اهو سمجهين تہ ائين نٿو ٿي سگهي! تنھنجون ڳالھيون ٻڌي مون کي هونئن ئي تپ چڙهي ويندو آهي. تون سمجهين ٿي تہ آءٌ بدناميءَ کان ڊڄان ٿو؟ آخر مون سان تنھنجي ڪاوڙ جو سبب ڇا آهي، اهو تہ آءٌ توسان بي پناھہ عشق ٿو ڪريان، پر مون کي خبر آهي تہ توکي مارڻ کان پوءِ آءٌ توسان اڃا بہ هزار ڀيرا وڌيڪ عشق ڪندس. آءٌ توکي خون ڪندس تہ مون کي بہ آپگهات ڪرڻو پوندو پر آءٌ جلدي آپگهات ڪونہ ڪندس. ان لاءِ تہ جيئن توسان گڏ نہ هجڻ جو ڏک محسوس ڪندو رھان. ڇا توکي هڪ ٻي حيرت انگيز ڳالھہ جي خبر آهي! منھنجي محبت روزبروز وڌي رهي آهي. ايتري قدر جو ھاڻ مون کي پنھنجي حياتيءَ جي بہ پرواھہ نہ آهي. ياد اٿئي تہ ٽيون ڏينھن مون شلنگبرگ ۾ تنھنجي ڪاوڙ جي وقت چيو هو، ”تون هڪ معمولي اشارو تہ ڪري ڏس. مان هن اوچي چوٽيءَ تان ڪيئن ٿو ٽپ ڏيان. ان وقت چوين ھا تہ واقعي ٽپ ڏيان ھا. ڇا توکي شڪ آهي تہ مان ٽپ نہ ڏيان ھا.“
”ڪھڙيون نہ احمقاڻيون ڳالھيون پيو ڪرين!“ هن چيو.
”هي احمقاڻيون ڳالھيون آهن يا هوشمندن واريون، مون کي ان جي پرواھہ نہ آهي. مون کي تہ رڳو ايتري خبر آهي تہ مون کي تنھنجي موجودگيءَ ۾ ڳالھائڻ کپي.... ۽ مان ڳالھايان پيو. تنھنجي موجودگيءَ ۾ مون کي عزت نفس جي بہ ڪا پرواھہ نہ هوندي آهي ۽ آءٌ ان جي بہ پرواھہ ڪونہ ڪندو آهيان تہ ٻيا ڇا چوندا.....“
”توکي شلنگبرگ تان ٽپ ڏيڻ جو چئي ڀلا مون کي ڇا ملندو؟“ هن طنز آميز انداز ۾ چيو، ”منھنجي لاءِ اهو بلڪل بي سود ٿيندو.“
”واه!“ مون چيو ”تو هي شاندار لفظ ’بي سود‘ ڄاڻي ٻجهي چيو آهي تہ جيئن آءٌ اڃا بہ سڙان. آءٌ توکي چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿو. بي سود! تون ائين ٿي چئين نه! واقعي خوشي تہ هميشہ فائدي مان ٿيندي آهي. طاقت ۽ لامحدود اختيار، پوءِ اهي کڻي هڪ هڪ مک تي هجن، اهي خوشي ڏئي سگهن ٿا. انسان فطرتاً ظالم ٿيندو آهي ۽ هميشہ ڏاڍي بنجڻ جو خواهشمند هوندو آهي. تون بہ اھائي ڳالھہ ٿي چاهين.“
مون کي ياد آهي تہ ان وقت هوءَ مون ڏانھن خاص ۽ گهري ڌيان سان ڏسي رهي هئي. منھنجي چھري مان پڪ ئي پڪ منھنجا پريشان احساس ظاھر ٿيندا هوندا. مون کي اڃا تائين ياد آهي تہ اسان ٻنهي جي وچ ۾ لفظ بلفظ اهي ئي ڳالھيون ٿيون هيون، جي مان مٿي بيان ڪري چڪو آهيان. منھنجي اکين ۾ رت ٽمي آيو هو، وات مان گف پئي نڪي. جيستائين شلنگبرگ جو تعلق آهي، مان اڃا بہ حلفيہ چوان ٿو تہ جي هوءَ مون کي ٽپ ڏيڻ لاءِ چوي ھا تہ آءٌ واقعي ٽپ ڏيان ھا. جي هوءَ رڳو چرچي، نفرت يا صرف ٽوڪ خاطر بہ چوي ھا تہ مان ٽپ ڏئي پاڻ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيان ھا.
”بلڪل نہ ـــ مون کي تو ۾ پورو پورو اعتماد آهي.“ هن اهڙيءَ ريت چيو ڄڻ صرف هوءَ ئي ڳالھائڻ ڄاڻي ٿي. سو بہ اهڙي نفرت، حقارت ۽ درشتيءَ سان، جو خدا جو قسم ان وقت ئي گهٽو ڏيئي ماري ڇڏيانس ھا.
پر هوءَ بچي ويئي. جيڪي ڪجهہ مون هن کي چيو هو، تنھن ۾ ڪوڙ جو ذرو بہ ڪونہ هو.
”تون بزدل تہ نہ آهين؟“ هن مون کان اوچتو پڇيو.
”شايد آءٌ بزدل آهيان، مون کي خبر نہ آهي... ان باري ۾ مون ڪڏهن سوچيو ئي ڪونھي.“
”جي آءٌ توکي چوان تہ فلاڻي شخص کي خون ڪري ڇڏ تہ ڇا تون ان کي ماري ڇڏيندين؟“
”ڪنھن کي؟“
”جنھن کي آءٌ چوان.“
”فرينچ کي!“
”سوال نہ ڪر، جواب ڏي. جنھن کي بہ آءٌ چوان. آءٌ رڳو اهو ڄاڻڻ ٿي چاهيان تہ ڇا تون هينئر سنجيدگيءَ سان ڳالھائي رهيو هئين؟“
هوءَ اهڙي شوق ۽ اشتياق سان منھنجي جواب جو انتظار ڪرڻ لڳي، جو مون کي حيرت ٿيڻ لڳي.
”چڱو تہ ٻڌاءِ ڳالھہ ڪھڙي آهي!“ مون ٿورو وڏي سڏ چيو. ”توکي ڪنھن جو ڊپ آهي؟ منھنجو يا ڪنھن ٻئي جو؟ هتي جي ھر شيءِ منھنجي لاءِ خراب ۽ بي ڍنگي آهي. تون هڪ چرئي ۽ برباد شخص جي اڳ ڄائي آهين، جنھن جي دل ۾ هن شيطان ـــ بلانشي جي محبت جو ديرو آهي. هڪ هو فرينچ آهي، جنھن جي پراسرار اثر ۾ تون ڦاٿل آهين ۽ ھاڻ تون مون کان ايڏي اشتياق مان اهڙو سوال پڇين ٿي....! خير مون کي ٻڌاءِ، نہ تہ آءٌ هت جو هت چريو ٿي پوندس. ڇا، تون مون سان بي تڪلف ٿيڻ ۾ شرم ٿي محسوس ڪرين! ڇا، واقعي توکي ان ڳالھہ جي پرواھہ نہ آهي تہ آءٌ تنھنجي لاءِ ڇا ٿو سوچيان!“
”پر آءٌ توکي ان باري ۾ وڌيڪ ڪجهہ بہ نٿي چوان. مون تہ توکان هڪ سوال ڪيو، ۽ ان جي جواب جو انتظار پئي ڪريان.“
”بيشڪ تون جنھن بہ ماڻھوءَ لاءِ چوندينءَ آءٌ ان کي خون ڪري ڇڏيندس.“ مون يڪدم چيو، ”پر ڇا تون واقعي ائين ڪرڻ لاءِ چوندينءَ؟“
”تہ ڇا تنھنجو خيال آهي تہ آءٌ توکي ائين ئي ڇڏي ڏينديس! آءٌ توکي ضرور چونديس ۽ پاڻ هڪ طرف بيھي ڏسنديس. ڇا تون اهو برداشت ڪري سگهندين؟ جي توکي چوان تہ تون شايد هن کي ماري وجهندين ۽ پوءَ مون وٽ ايندين ۽ پوءِ مون کي بہ ماري ڇڏيندين ــ! ڇو جو مون ئي هُن کي مارڻ لاءِ توکي چيو هو!“
مون کي ائين لڳو ڄڻ انھن اکرن منھنجا هوش حواس اڏائي ڇڏيا هجن. آءٌ تہ ان وقت بہ ان سوال کي رڳو هڪ چيلينج ۽ چرچو سمجهي رهيو هوس تہ بہ هن ڏاڍيءَ سنجيدگيءَ سان ائين چيو هو. پر هن جي ايتريءَ بي تڪليفيءَ سان ڳالھيون ڪرڻ، مون تي پنھنجا ايترا حق قائم ڪرڻ، مون تي اهڙو اختيار ڄمائڻ ۽ بي حجابائيءَ سان چوڻ تہ، ”وڃ، وڃي تباھہ ٿي تہ مان هڪ طرف بيھي ڏسندي رھان!“ مون کي سخت حيرت ٿي. انھن اکرن هڪ صاف ۽ کليل ڳالھہ چئي هئي. منھنجو ذهن پري جي ڳالھہ سوچڻ لڳو هو. ان جي معنيٰ تہ هوءَ مون کي اُن نظر سان ڏسي ٿي! هيءَ تہ غلاميءَ ۽ حقارت جي نظرن کان بہ وڌيڪ خراب ٿي لڳي. جي ڪو ڪنھن کي انھن نگاهن سان ڏسي تہ ان جو مطلب هي ٿيو تہ هو ان کي مٿي کڻي پنھنجي سطح تائين آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. حالانڪ اسان جي گفتگو بلڪل بي معنيٰ ۽ منجهيل هئي، تڏهن بہ خبر ناهي تہ ڇو منھنجي دل زور سان ڌڙڪي رهي هئي.
اوچتو هوءَ ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳي. اسين ٻئي هڪ بينچ تي ويٺا هئاسين. اتي ئي ٻار بہ کيڏي رهيا هئا. سامھون ئي اھا جڳھہ هئي، جتي گاڏيون بيھنديون آهن ۽ اهو رستو هو، جتان ماڻھو ڪاسينو کان نڪري راھہ وٺندا هئا.
کلندي کلندي، هوءَ چوڻ لڳي، ”ڇا تون هن ٿلهيءَ متاريءَ جاگيردارياڻيءَ کي ڏسين ٿو! اھا برمرهيم جي جاگيردارياڻي آهي. هوءَ هتي رڳو ٽي ڏينھن رهي آهي. هن جي مڙس ـــ هن ڊگهي ۽ سنهي پرشيائيءَ کي بہ ڏٺو اٿئي؟ جيڪو هٿ ۾ هميشہ لڪڻ کنيو ٿو وتي. ياد اٿئي ٽيون ڏينھن هن اسان کي ڪھڙيءَ طرح گهوريو هو! تہ تون يڪدم هن جاگيردارياڻي وٽ وڃ ۽ پنھنجي ٽوپي لاهي، هن کي فرينچ ٻوليءَ ۾ ڪجهہ چئو.“
”ڇو؟“
”تو شلنگبرگ تان ٽپ ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ اڃا هينئر تو عهد ڪيو آهي تہ جنھن کي چونديس تنھن کي ماري ڇڏيندين. ان خوناخونيءَ جي بدران آءٌ رڳو کلڻ ٿي گهران. بحث جي ضرورت ڪانھي. آءٌ بہ ڏسان ٿي تہ جاگيردار پنھنجي ڏنڊيءَ سان ڪيئن ٿو تنھنجي خبر وٺي.“
”اوه تہ مون کي آزمائڻ ٿي چاهين، ڇا تنھنجي خيال ۾ آءٌ اهو ڪم نہ ڪندس؟“
”ھا، آءٌ توکي آزمائڻ ٿي چاهيان. وڃ، منھنجي اھائي خواهش آهي.“
”تہ چڱو آءٌ وڃان ٿو. حالانڪ اهي تہ وحشيانہ خيال. مون کي رڳو اهو خيال آهي تہ اھا ڳالھہ ڪٿي جنرل صاحب کي نہ خراب لڳي ۽ ايمان سان آءٌ پنھنجي لاءِ ڪونہ سوچي رهيو هوس. رڳو تنھنجي ۽ جنرل صاحب جي لاءِ سوچي رهيو هوس. هڪ خاتون جي توهين ڪرڻ چريائي نہ آهي تہ ٻيو ڇا آهي!“
”مون کي خبر آهي تہ تون رڳو ڳالھيون ڪرڻ ٿو ڄاڻين.“ هن بيزاريءَ مان چيو، ”تنھنجي اکين مان رت ٽمي رهيو هو، سو رڳو ان ڪري جو تو شراب پيتو هو. ڇا تنھنجي خيال ۾ آءٌ اهو نٿي سمجهي سگهان تہ اھا چريائي آهي ۽ جنرل صاحب ناراض ٿيندو! آءٌ رڳو کلڻ ٿي گهران، ۽ بس ـــ ۽ اهو سڀ ڪجهہ انھيءَ لاءِ ئي آهي. هونئن توکي هڪ خاتون جي بي عزتي ڪري ملندو بہ ڇا؟ رڳو موچڙا.“
آءٌ مڙيس ۽ هن جي حڪم جي تعميل ڪرڻ لاءِ خاموشيءَ سان ھلڻ لڳس. بيشڪ اھا چريائي هئي ۽ يقيناً مون کي خود خبر ڪانہ هئي تہ آءٌ هي ڪم ڪيئن ڪري سگهندس. پر جيئن جيئن مان جاگيردارياڻيءَ جي ويجهو پئي ويس، تيئن تيئن مون کي ياد آهي تہ منھنجي اندر ڪو جذبو مون کي اڳتي ڌڻ لڳو. ٻاراڻي حرڪت جو جذبو. ان کان سواءِ منھنجي حالت خطرناڪ حد تائين جوش ۾ بہ هئي. مون کي ائين پئي لڳو، ڄڻ مان شراب جي نشي ۾ مست ٿي چڪو آهيان.