ناول

جوئاري

”جوئاري“ جڳ مشھور ليکڪ  فيوڊور دوستو وسڪيءَ جي لکيل ناول The Gambler جو سنڌي ترجمو آھي. ”جوئاري“ روسي سماج جي هڪ اهڙي فرد بابت لکيل ناول آهي، جنھن ۾ روس جي جڳ مشھور ناول نگار فيودور دوستووسڪي نھايت دل پذير ۽ سھڻي نموني سان انساني ڪيفيتن ۽ احساساتي ڪشمڪش جي تصوير ڪشي ڪئي آهي. لائق ليکڪ مختلف وارتائن ۽ حالتن جي حدت ۾ رهندي انساني خواهشن، ۽ خارجي حقيقتن جي ٽڪراءُ جو تفصيل عظيم فن سان پيش ڪيو آهي.


Title Cover of book جوئاري

باب پھريون

پندرنھن ڏينھن جي غير حاضري کان پوءَ آخرڪار آءٌ واپس اچي ويو آهيان. منھنجا ٻيا ساٿي ٻن ڏينھن کان رولٽنبرگ ۾ ئي رهيل آهن. مون ڀانئيو تہ هنن کي منھنجو ڏاڍو اونو هوندو، پرهتي تہ قصو ئي ٻيو هو، جنرل پنھنجي منھن ڌاڍو موج ۾ هو. هن مون سان ڌاڍي قرب سان ڳالھايو ۽ پوءِ طيڻس ڏانھن اماڻيائيم. مون کي ڪجهہ ائين پئي لڳو، ڄڻ جنرل مون ڏانھن نھاريندي ڪجهہ ڦڪو پئي ٿيو. ماريا فلپانا بہ ڪم ۾ رڌل هئي. هن تہ مورڳو مون سان گهڻو ڳالھويو ئي ڪو نہ، بھرحال مون کان پئسا وٺي ڳڻيائين ۽ بي خياليءُ سان منھنجي سفر جو احوال ٻڌايائين. ھاڻ هنن کي بندري فرينچ، ميزئوف ۽ ڪنھن انگريز جو انتظار هو. پئسا هٿ ۾ ايندي ئي هنن هميشہ وانگر ماسڪو واري طرز جي هڪ دعوت جو انتظام ڪري ورتو. پالينا الينگزينڊرونا مون کان هيترا ڏينھن ٻاھر رهڻ جو سبب پڇيو ۽ منھنجو جواب ٻڌڻ بنا ئي اندر ڪمري ڏانھن ھلي وئي ائين ڪرڻ ۾ بہ هن جو هڪ مقصد هو. کيس خبر هئي تہ اسان وٽ هڪ ٻئي کي ٻڌائڻ لاءِ جام ڳالھيون گڏ ٿي ويون هيون.
هنن مون کي هوٽل جي چوٿين ماڙ تي هڪڙو ڪمرو وٺي ڏنو. سڀني کي خبر هئي تہ آءٌ جنعل جي لڏي منجهان آهيان. هونئن بہ ھرڪنھن ائين ٿي سمجهيو تہ جنرل ڪو روس جو وڏو شاهوڪار ماڻھو آهي ۽ هنن بہ تہ ٻين کي مرعوب ڪرڻ لاءِ ائين ٿي ڪيو. دعوت کان ٿورو اڳ جنرل مون کي ٻين ڪمن سان گڏ هزار هزار فرانڪن جا ٻہ نوٽ بہ مٽائڻ لاءِ ڏنا، جيڪي، آءٌ هوٽل جي آفيس مان مٽائي آيس. ھاڻي اھا پڪ هئي تہ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتي تائين تہ هو اسان کي لکا پتي پيا سمجهندا. منھنجو خيال هو تہ ميشا ۽ ناديا کي ٻاھران گهمائي اچان. پر اڃان آءٌ ٻارن کي وٺي ڏاڪڻ تائين مس پھتس تہ جنرل صاحب جي نظر پئجي وئي. هن هڪ دم واڪو ڪندي پڇيو تہ ڪيڏانھن ٿو وڃين. ٻڌايو مانس پر هن مون سان نظرون ڪونہ ملايون ڇو جو ھاڻ مون بہ ڏاڍي گستاخي سان هن جي اکين ۾ اکيون وجهي پئي ڳالھايو. بھرحال وڏا وڏا جملا ۽ ڳرا ڳرا اکر استعمال ڪندي مون کي صلاح ڏنائين تہ ٻارن کي ڪاسينو کان جيترو پري ٿي سگهي وٺي وڃان. ائي چوندي جو اچي ويس ۽ چيائين تہ ٿي سگهي ٿو تہ هنن کي بہ جوئا خاني ڏانھن وٺي رهيو هجين. ڇو جو توکي تہ جوئا جي پِٽ آهي. خراب لڳئي تہ ڀلي، باقي اھا پڪ آهي تہ تون جوئا کان سواءِ رهي نٿو سگهين. آءٌ ڪو تنھنجو صلاحڪار ڪو نہ آهيان پر تہ بہ ايترو ضرور چوندس تہ اهڙو ڪم نہ ڪجئين ڪٿي مون کي ڏٺو تہ نہ ڪري وجهين. اهو مون هوريان هوريان جواب ڏنومانس تہ سائين، ھارائڻ لاءِ بہ تہ ماڻھوءَ کي پئسا گهرجن، مون وٽ تہ پئسا آهن ئي ڪونہ. ان تي هن جو منھن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ چيائين تہ پئسا توکي هينئر بہ ملي سگهن ٿا. هن ائين چئي ميز جي خاني ۾ هٿ وڌو ۽ ڪجهہ ڪاغذ اٿلائي پٿلائي منھنجو کاتو ڏسي چيائين تہ تنھنجا هڪ سو پيج رپيا اڃان مون ڏانھن آهن.
”پر ھاڻ ڇا ٿيندو، اهي تہ اسان کي فرانسيسي سڪي ۾ مٽائڻا پوندا. “
ائين چئي هن منھنجي رقم منھنجي حوالي ڪئي.
” ڏس، منھنجي ڳالھہ دل ۾ نہ ڪجئين، تون هونئن بہ جلدي چڙي پوندو آهين. آءٌ تہ تنھنجو ڀلو ٿو چاهيان، سو اهي ڳالھيون رڳو توکي خبردار ڪرڻ لاءِ ڪندو آهيان. “
شام جو ٻارن کي وٺي گهر پئي آيس تہ واٽ تي سوارين جو هڪ جلوس، ويندو نظر آيم، خبر پئي تہ اھا اسان جي پارٽي هئي ۽ ڪي پراڻا کنڊرات ڏسڻ لاءِ وئي هئي. ٻن شاندار گهوڙي گاڏين ۾ مادموزئيل بلانشي، ماريا فلپانا ۽ پالينا ويٺل هيون. فرينچ، انگريز ۽ جنرل گهوڙن تي سوار هئا. واٽ ويندڙ بہ هنن کي اچرج وچان ڏسي رهيا هئا. پر ان هوندي بہ جنرل خوش ڪونہ ٿي ڏٺو. مون دل ۾ حساب هنيو تہ چار هزار فرانڪ تہ آءٌ کڻي آيو هوس، ان کانسواءِ جيڪا رقم هنن هتان هتان، هتان ڪٺي ڪئي سابہ ست اٺ هزار فرانڪ مس هئي. سو اھا رقم ماسام بلانشي لاءِ بلڪل اڻپوري هئي.
مادام موزئيل بلانشي، ماڻس سميت هوٽل ۾ رهيل هئي. فرينچ بہ اتي ئي رهندو هو. بيرا هن کي ڪائونٽ چوندا هئا !
ماني کائڻ مھل مون کي اهو پڪ هئي تہ موسيو ڪائونٽ مون کي ڪونہ سڃاڻندو، نڪو ئي جنرل صاحب ڪا سڃاڻپ ڪرائيندو. هونئن بہ موسيو ڪائونٽ روس ۾ رهي چڪو هو، تنھن ڪري کيس خبر هئي تہ مجلسي قسم جي ماڻھن جي ڪا خاص اهميت ڪانہ هوندي آهي، بھرحال هن مون کي سڃاڻي ورتو. هتي آءٌ پنھنجي غلطي ضرور مڃيندس تہ آءٌ بنا دعوت جي ئي ماني تي ھليو آيو هوس. شايد جنرل کي دعوت ڏيڻ وسري وئي هئي نہ تہ مون کي ضرور چوي ھا. اھا ٻي ڳالھہ آهي تہ مون کي مانيءَ تي ايندو ڏسي هو ڪجهہ حيران بہ ٿيو هو. ماريا فلپانا رڙهي مون کي ٿوري جاءِ ڏني ۽ پوءِ جڏهن ائسٽلي صاحب بہ مليو تہ مڙئي ڳالھہ ٺي وئي. ھاڻ آءٌ بہ انھيءَ پارٽي جو هڪ حصو نظر پئي آيس.
ان انگريز سان منھنجي ملاقات پريشيا جي هڪ سفر دوران ٿي هئي. اسين ٻئي هڪ ٽرين جي ساڳئي گاڏي ۾ آمھون سامھون سيٽ تي ويٺا هئا سين. ٻن هفتن جي سفر دوران هو ٽي دفعا مون سان مليو هو. فرانس ۽ سوئٽزرلينڊ جي سفر ۾ بہ هن سان ملاقات ٿي هئم ۽ ھاڻ اوچتو رولٽن برگ ۾ ملياسين. آءٌ پنھنجي عمر اهڙي شرميلي طبيعت واري ماڻھوءَ سان ڪو نہ مليو آهيان. پريشيا واري پھرين ملاقات ۾ ئي مون هن جي طبيعت سمجهي ورتي هئي تہ ڏاڍو پيارو ماڻھو هو. سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ جنرل سان سندس واقفيت ڪيئن ٿي، باقي پالينا ڏانھن جن نگاهن سان ڏٺائين ٿي، تنھن مان سندس بي پناھہ عشق جي خبر ٿي پئي. هوءَ جڏهن ڪمري ۾ گهڙي هئي تہ هن جي منھن تي خوشيءَ جي لھر ڇائنجي وئي هئي ۽ هو کڙندڙ مکڙيءَ وانگر ٽڙي پيو هو. وري جو ميز تي منھنجي ڀر واري جاءِ مليس تنھن تہ هيڪاري خوش ڪري ڇڏيس، هن مون ڏانھن جگري دوست وارن نگاهن سان پئي ڏٺو.
ماني جي ميز تي فينچ ڏاڍي وڏ ماڻھپائي ڏيکاري رهيو هو. هو سڀني سان ڏاڍو سرد مھريءَ سان پيش پئي آيو. مون کي ياد آهي تہ هو ماسڪو ۾ ائين پيو هوائون جهٽيندو هو پر اڄ هو روس جي اقتصاسيات ۽ دساست تي وڏيون وڏيون ڳالھيون ڪري رهيو هو. جنرل صاحب ڪنھن ڪنھن مھل همت ڪري ترديد ٿي ڪئي، پر اھا بہ ايتري حد تائين جو ڪنھن جي عزت ۾ خلل نہ پوي.
منھنجو حال بہ ٺيڪ ڪونہ هو. اڌ ماني کائي مون هميشہ وانگر پنھنجو پاڻ کان سوال پڇيو تہ آخر آءٌ اڃا تائين جنرل سان ڇو چھٽيو پيو آهيان. جھڙا افعال هئا، تنھن مطابق تہ هيستائين هنن کي ڇڏي وڃڻ گهربو هوم. مون ھر ھر پالينا ڏانھن پئي ڏٺو پر هن هڪ ڀيرو بہ مون ڏانھن ڪونہ نھاريو. اهو ڏسي ڪاوڙ اچي ويم سو خيال ڪيم تہ ڪجهہ گوڙ ڪجي. سو اوچتو ڏاڍيان ڳالھائڻ شروع ڪري ڏنم. ڪا خاص ڳالھہ تہ ذهن ۾ ڪونہ هيم، بس ان فرينچ کي مُند جون ٻڌائڻ تي دل اچي ٿيم. مون جنرل ڏانھن منھن ڪيو ۽ هن جي ھلندڙ ڳالھہ کي وچان ڪاٽيم. ”منھنجو خيال آهي تہ هن موسم ۾ هڪ روسيءَ لاءِ تہ اهو ممڪن ئي ڪونھي تہ هو ڪنھن هوٽل جي کاڌي واري ڪمري ۾ پورجي ماني کائي.“ منھنجي ڳالھائڻ جي انداز تي جنرل جو حيرانيءَ کان وات ڦاٽي ويو. مون وري چيو، ”جي توهين خوددار آهيو تہ توھان کي اهي ڳالھيون تحمل سان ٻڌڻيون پونديون“ جنرل اڃا مون ڏانھن ڏسي رهيو هو. پر خبر نٿي پيم تہ هن جي اکين ۾ حيرت آهي يا ڪاوڙ، ان تي فرينچ نفرت وچان چيو تہ؛ ” ڀائينجي ٿو تہ ڪنھن جا هٿ لڳا اٿئي“
مون وري چيو تہ، ”ھا، منھنجو هڪ پولستانيءَ سان جهيڙو ٿيو هوم. تنھن کانپوءِ وري هڪ فرينچ آفيسر سان جهيڙو ٿيو هو، جنھن ان پولستانيءَ جو پاسو ورتو هو. خبر اٿو تہ ڪاوڙ مان مون هن جي قھوي ۾ ٿڪ اڇلائي هئي.“
”تو!“ جنرل حيران ٿي چيو تہ ”تو قھوي ۾ ٿڪ اڇلائي هئي.“
فرينچ بہ اکيون ڪرڙيون ڪري مون ڏانھن ڏسڻ لڳو.
’ھا‘. مون چيو ”جڏهن آءٌ ڪاروبار لاءِ روم پئي ويس تڏهن سفارتخاني ۾ هڪ فرينچ آفيسر مون سان اهڙي قسم جي ھلت ڪئي هئي ۽ جواب ۾ مون بہ ڪارروائي ڪئي. بھرحال پوءِ ڳالھہ ٽري وئي.“
”تنھنجون ڳالھيون بہ عجيب آهن“ جنرل تکائيءَ مان چيو ”تو اڃا ڏٺو ئي ڇا آهي؟ “
”سائين جڏهن مون فرينچن کي ٻڌايو تہ ٻہ سال اڳ 1812ع ۾ مون هڪ اهڙي شخص کي ڏٺو هو، جنھن کي هڪ فرينچ سپاهيءَ رڳو پنھنجي بندوق خالي ڪرڻ لاءِ نشانو بنايو تہ هو حيران ٿي ويا، پر جڏهن ٻڌايو مان تہ اهو شخص ڏهن سالن جو هڪ معصوم ٻار هو، جنھن جا مائٽ ماسڪو ڇڏڻ ۾ ڪامياب نہ ٿي سگهيا هئا، تہ هو اڃا بہ حيران ٿي ويا.“
”ناممڪن، ناممڪن، هڪ فرينچ سپاهي ڪڏهن بہ ڪنھن ٻار تي فائر نہ ڪندو.“ فرينچ اهو چوندي ڪاوڙ ۾ اصل تپي ٽامو ٿي ويو.
”بھرحال، اهو ٿيو هو، ان ڳالھہ جو شاهد هڪ رٽائرڊ معزز ڪپتان بہ آهي ۽ مون پاڻ ان ٻار جي ڳل تي گوليءَ جو نشان ڏٺو هو.“ مون جواب ڏنو.
موسيو فرنيچ صاحب تڪڙو ۽ زور زور سان ڳالھائڻ شروع ڪيو. جنرل صاحب هن جي تائيد ڪرڻ لڳو. ليڪن مون فرينچ کي مثال جي لاءِ جنرل پيروسڪيءَ جي ڪتاب ”يادگيريون“ جي ڪجهہ حصن جي پڙهڻ لاءِ چيو، جو 1812ع ۾ فرانس جو قيدي رهي چڪو هو. آخرڪار ماريا فلپانا گفتگوءَ جي موضوع بدلائڻ خاطر هڪ ٻيو مسئلو ڇيڙيو. جنرل صاحب مون کان ڏاڍو خفا هو. ڇو جو فرينچ ۽ مان گارگند تي لهي آيا هئاسين، منھنجو خيال آهي تہ ائسٽلي صاحب کي منھنجي ۽ فرينچ جي جھڙپ ڪري ڌاڍي خوشي ٿي هئي. ميز تان اٿندي، هن مون کي پاڻ سان شراب جو هڪ گلاس پيڻ لاءِ چيو.
شام جو مان پالينا اليگزنڊرونا سان پنڌرهن منٽ ڳالھائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس، اھا گفتگو ان وقت ٿي، جڏهن اسين سڀ سير ڪرڻ لاءِ ٻاھر نڪتا هئاسين. اسين سڀ ڪاسينو جي ويجهو هڪ پارڪ ۾ ھليا وياسين. پالينا ڦوھاري جي سامھون واريءَ بينچ تي ويھي رهي ۽ ناديا کي پريان ٻارن سان کيڏڻ لاءِ موڪلي ڇڏيائين. مون بہ ميشيا کي ڦوھاري ڏي ڀڄي وڃڻ ڏنو، ۽ ان طرح اسين ٻئي اڪيلا رهجي وياسين.
شروع ۾ تہ ظاھر آهي ڪاروباري قسم جون ڳالھيون ٿيون. جڏهن مون پالينا کي ست سؤ گلڊن ڏنا تہ هوءَ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي ويئي، هن کي پڪ هئي تہ مون پئرس ۾ هن جا جواھرات وڌيڪ نہ تہ گهٽ ۾ گهٽ ٻن هزارن گلڊن ۾ ضرور گروي رکيا هوندا.
” مون وٽ ھر صورت ۾ پئسا هئڻ کپن، چاهي ڪجهہ بہ ٿئي پئسن کا ن سواءِ مان برباد ٿي وينديس “
ڳالھہ شروع ڪرڻ خاطر مون پڇيس تہ، ”مون کان پوءِ ڇا وهيو واپرايو هو.“
”ڪجهہ بہ نہ، ھا، پيٽرس برگ مان ٻہ خبرون آيون آهن. پھرين هيءَ تہ ڏاڏي سخت بيمار آهي، پوءِ ٻن ڏينھن کان پوءِ هي خبر آئي تہ هوءَ پوين پساهن ۾ آهي. اهي خبرون تموفي پترورچ موڪليون آهن ۽ هو ڀروسي جو ماڻھو آهي. اسين ھر روز ڏاڏي جي وفات جي خبر ٻڌڻ لاءِ تيار ٿيا ويٺا آهيون.“
”ان جي معنيٰ تہ اوهين سڀ آسري ۾ ويٺا آهيو؟“ مون پڇيو.
”بي شڪ، بي شڪ. گذريل ڇھن مھينن کان اسان کي اهو ئي انتظار آهي“
”ڇا توکي بہ ان جو انتظار آهي؟“
”ڇو؟ هن جي مون سان ڪا مائٽي تہ ڪانھي. مان جنرل جي ماٽيجي ڌيءُ آهيان. پر مون کي پڪ آهي تہ هوءَ پنھنجي وصيت ۾ مون کي نہ وساريندي.“
مون ڳالھہ تي ٿورو زور ڏيندي چيو ”منھنجو خيال آهي تہ توکي گهڻو ڪجهہ ملندو؟ “
” ھا، ڏاڏيءَ جو مون سان ڏاڍو پيار آهي. پر، هي تہ ٻڌاءِ تہ تون مون کان اهي ڳالھيون ڇو پڇي رهيو آهين.؟“
مون سوال ڪندي جواب ڏنو. ”پھرين مون کي هي ٻڌاءِ تہ اسان جو. مارڪئس، (فرينچ نواب) اسان جي سڀني رازن کان واقف تہ ناهي؟ لڳي تہ ائين ٿو؟“
پالينا مون ڏي نھايت ئي رکائي ۽ تلخيءَ سان ڏسندي چيو، ” پر توکي ان سان ڪھڙي دلچسپي آهي.؟“
”ڪابہ نہ، پر منھنجو اهو ئي ويچار آهي، جي مان غلطي نٿو ڪريان تہ جنرل صاحب هن کان اڳي ئي قرض کڻي چڪو آهي.“
”تنھنجو اندازو بلڪل صحيح آهي.“
”تہ ڇا، تون سمجهين ٿي تہ جي هن کي ڏاڏي جي باري ۾ خبر نہ هجي ھا، تہ هو ايترو قرض ڏئي ھا؟ تو غور ڪيو تہ مانيءَ تي ڳالھائيندي، هن ٽيئي ڀيرا هن کي ڏاڏي ڏاڏي چئي پئي ياد ڪيو. ڪيترا ويجھا تعلقات آهن هن جا اوھان سان!“
”ھا، تون ٺيڪ ٿو چوين. جيئن ئي هن کي اھا خبر پوندي تہ وصيت نامي مطابق ڪجهہ مون کي بہ ملي رهيو آهي، تہ هو يقينا مون ڏي مائل ٿيندو. تو اهوئي ڄاڻڻ ٿي چاهيو نہ؟ ھان؟“
”توڏي مائل تہ هو، منھنجو خيال آهي، گهڻي وقت کان ٿي رهيو آهي.“
”حالانڪ توکي چڱي طرح خبر آهي تہ ائين نہ آهي. ـــ“ پالينا ڪاوڙجندي چيو. هڪ گهڙيءَ کان پوءِ ڳالھہ جاري رکندي چيائين، ”تنھنجي هن انگريز سان واقفيت ڪٿي ٿي هئي؟“
”مون کي خبر هئي تہ تون ان باري ۾ ضرور پڇندينءَ.“
مون ائسٽلي صاحب سان سفر دوران پنھنجي گذريل ملاقاتن بابت هن کي ٻڌايو.
”هو شرميلو ۽ عاشق مزاج آهي...... تنھنجي پيار ۾ بہ تہ وٺجي ويل ٿو ڏسجي.“
”ھا، هو تي مڙيو ئي نثار آهي.“ پالينا جواب ڏنو.
”هو سچ پچ فرينچ کان وڌيڪ مالدار آهي. يا واقعي فرينچ وٽ بہ ڪجهہ آهي! ڇا ان ۾ ڪنھن شڪ جي گنجائش ڪانھي؟“
”نہ، شڪ جي ڪا ڳالھہ ڪانھي. هن وٽ ڪونہ ڪو محل ضرور آهي. مون کي ياد آهي تہ جنرل صاحب ان باري ۾ ڪا ڳالھہ ڪئي هئي. ھاڻي تہ بس ٿِيَئي پڪ!“
”جي مان تنھنجي جڳھہ تي هجان ھا تہ پڪ انگريز سان شادي ڪريان ھا“
”ڇو؟“ پالينا پڇيو.
”ڇو جو فرينچ بيشڪ مھاڊي جو ٺاهوڪو آهي، پر وڏو بدنيت آهي ۽ هيءُ انگريز ديانتدار هجڻ کان سواءِ پئسي ۾ هن کان ڏهوڻو وڌيڪ آهي“. مون جهٽ جواب ڏنو.
”اهو تہ ٺيڪ آهي، پر ان جي ابتڙ فرينچ ’ماڪئس‘ آهي ۽ هوشيار بہ “
پالينا ڏاڍي اطمينان سان جواب ڏنو.
”ڇا واقعي ائين آهي؟“ مون پنھنجي ساڳئي شڪي نموني ۾ چيو.
”بلڪل ائين آهي.“
پالينا کي منھنجا سوال ڏاڍا ڏکيا پئي لڳا، تنھنڪري هوءَ پنھنجن ابتن جوابن سان مون کي ڪاوڙ ڏيارڻ جي ڪوشش بہ ڪري رهي هئي. مون بہ اھا ڳالھہ چئي ڏنس.
هن چيو؛ ”توکي اهڙي طرح ڪاوڙيل ڏسي، مون کي سچ پچ ڏاڍي خوشي ٿي آهي. مان جو توکي اهڙا سوال ڪرڻ ڏيندي آهيان ۽ تون پنھنجر دليلن سان جيڪي ڪجهہ سمجهي وٺندو آهين، انھن سڀني جي سزا بہ توکي ئي ڀوڳڻ گهرجي.“
مون ڏاڍي جهيڻي نموني جواب ڏنو، ”مان توکان ھر قسم جي سوال ڪرڻ جو حق رکان ٿو، رڳو ان لاءِ جو مان ان حق کي برقرار رکڻ لاءِ ڪا بہ وڏي ۾ وڏي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، ان حق جي آڏو تہ مون کي پنھنجي جان بہ بي قيمت ٿي لڳي.“
پالينا کلڻ لڳي ”تو اڳئين ڀيري شلنگبرگ ۾ مون کي چيو هو تہ تون منھنجي هڪ اشاري تي جبل تان ٽپو ڏيڻ لاءِ تيار آهين. مون کي خبر آهي تہ جبل هزارين فوٽ اوچو ٿيندو آهي، پر توکي آزمائڻ لاڙ هڪ دفعو چونديس ضرور. رڳو اهو ڏسڻ لاءِ تہ هون اھا قيمت ڪيئن ٿو ادا ڪري سگهين. پڪ ڪر مان ڪڏهن بہ ڪو نہ ڇڏينديس. مون کي توسان نفرت آهي. رڳو ان لاءِ تہ مون توکي ايتري آزادي ڏيئي ڇڏي آهي ۽ ان کان بہ وڌيڪ نفرت ان ڪري ٿي اٿم جو احساس اٿم تہ تون منھنجي لاءِ تمام سخت ضروري بڻجي ويو آهين، پر جيستائين تون منھنجي لاءِ ضروري آهين، مون کي تنھنجو خيال رکڻو ئي پوندو.“
هوءَ اٿڻ لڳي. هوءَ ڏاڍي چڙ ۽ ڪاوڙ مان ڳالھائي رهي هئي. اسان جي گفتگو هميشہ چڙ ۽ ڪاوڙ تي ختم ٿيندي هئي _ سچي پچيءَ ڪاوڙ تي.
” ڇا، مان ماد موزيل بلانشي جي باري ۾ توکان ڪجهہ پڇي سگهان ٿو؟“ مون نٿي چاهيو تہ هوءَ ڳالھہ جي صفائي ڪرڻ بنان ھلي وڃي.
”ماد موزيل بلانشي جي باري ۾ توکي ھر ڳالھہ جي خبر آهي. ان کان سواءِ ٻي ڳالھہ ڪونہ ٿي آهي. ڏاڏيءَ جي وفات جي افواه جي سچ ٿيڻ شرط هوءَ مادام جنرل بنجي ويندي. هن وقت تہ ماد موزيل بلانشي، هن جي ماءُ، هن جو تمام پري جو سؤٽ، يعني ’مارڪئس_‘ سڀني کي خبر آهي تہ اسين تباھہ ٿي چڪا آهيون.“
” ۽ ڇا واقعي جنرل صاحب جي هن سان محبت آهي؟“
”خير، ھاڻ ان ڳالھہ کي ڇڏ منھنجي ڳالھہ ٻڌ. هي وٺ ست سؤ فلورن وڃ، ’رولت‘ (ڦيٿي) جي جواخاني مان تون منھنجي لاءِ جيترو بہ کٽي سگهين، کٽي اچ، ھاڻ ھر صورت ۾ مون وٽ پئسا هجڻ ضروري آهن.“
اهو چئي، پالينا ناديا کي سڏيو، ۽ ڪاسينو ۾ ھلي ويئي ۽ پارٽيءَ جي ٻين ماڻھن ۾ شامل ٿي ويئي. آءٌ حيران ٿي سوچيندو، کاٻي هٿ واري گس تي ھلڻ لڳس. مون کي ائين لڳي رهيو هو، ڄڻ. ’رولت‘ جي جوا خاني ۾ جوا کيڏڻ جو چئي، ڪنھن منھنجي ذهن تي مترڪو هنيو آهي. عجيب ڳالھہ آهي. حالانڪ سوچڻ لاءِ سوين ڳالھيون آهن. پر آءٌ صرف پالينا متعلق پنھنجي جذبي جي اصل حقيقت ڳولڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوس. سچ تہ اهو آهي تہ آءٌ گذريل ٻن هفتن جي سوري مان وڌيڪ خوش هوس. حالانڪ سفر ۾ آءٌ چرين وانگر اداس ۽ پريشان رهيو هوس. گهڻائي ڀيرا مون پالينا کي پنھنجي خوابن ۾ ڏٺو. هڪ ڀيرو سوئٽزرلينڊ ۾ گاڏي ۾ جاڳندي پنھنجر منھن زور زور سان ڳالھائڻ لڳس ۽ ظاھر آهي تہ پالينا سان ڳالھائي رهيو هوس. گاڏيءَ جا سڀئي مسافر منھنجي چريائي مان مزو وٺي رهيا هئا. هڪ ڀيرو وري مون پنھنجو پاڻ کان سوال ڪيو، ”ڇا مون کي هن سان محبت آهي؟“ پر هميشہ وانگر پنھنجي ان سوال جو جواب هي ڏنو تہ مون کي هن سان نفرت آهي. ھا، مون کي هن سان نفرت آهي، گهڻائي ڀيرا اسان جي ڳالھين جو خاتمو اهڙي طرح ٿيو آهي جو ان وقت آءٌ اصل زور سان گهٽو ڏيئي ماري ڇڏيانس ھا. خدا جو قسم جي ان وقت سندس سيني ۾ خنجر هڻي ڪڍان ھا تہ مون کي ڏاڍي لذت ملي ھا. پر ان هوندي بہ ھر مقدس شيءِ جو قسم! جڳ شلنگبرگ ۾ هن مون کي ان جبل تان ٽپ ڏيڻ لاءِ چيو هجي ھا تہ آءٌ ساڳيءَ ئي لذت جي احساس کان يڪدم ٽپو ڏيان ھا. ايتري تہ مون کي خبر هئي ۽ منھنجو پنھنجو هي صاف خيال آهي تہ هوءَ منھنجي پھچ کان ٻاھر آهي. آخر اٺ ڪھڙي طرف وهڻ ٿو چاهي _ ان ڳالھہ کي هوءَ بہ باقاعدي سمجهي ٿي. منھنجو هي احساس تہ منھنجا جنوني خواب ڪاميابيءَ کان ڪيترو پري آهن_ هن کي تمام گهڻي تسڪين پھچائي رهيا هئا ۽ جي ائين نہ آهي تہ ايتري عقلمند ۽ محتاط هوندي، هوءَ مون سان ايتري قدر ويجهي ڇو ٿي پيئي رهي؟ پڪ سان هوءَ مون کي اڃا تائين اهڙيءَ نگاھہ سان ڏسندي آهي، جھڙيءَ نگاھہ سان اڳئين زماني جي ڪا ملڪہ پنھنجي ڪنھن غلام کي ڏسندي هوندي، جنھن جي سامھون هوءَ اگهاڙي ٿيڻ ۾ بہ عار محسوس نہ ڪندي هوندي ڇو جو هوءَ ان کي انسان ئي نہ سمجهندي هوندي. پالينا بہ مون کي اڪثر انسان نہ سمجهيو آهي. پوءِ بہ مون کي هن جي حڪم جي پوئواري ڪرڻي هئي. مون وٽ هي سوچڻ لاءِ تہ وقت ئي ڪو نہ هو تہ آخر آءٌ جوا ڇو ڪريان! ڪرڻ سو بہ ايندي شرط ۽ ايترو جلدي! ۽ نہ هيءَ سوچڻ جي فرصت هيم تہ پالينا جي سوچ ويچار جي عادي ذهن ۾ ڪھڙا نوان منصوبا تيار ٿي رهيا هئا. تنھن کان سواءِ گذريل ٻن هفتن ۾ منھنجي پر پٺ جيڪي نيون حالتون پيدا ٿين ٿيون، انھن جي بہ اڃا مون کي چڱي طرح پروڙ ڪانہ پئي هئي. مون کي انھن سڀني ڳالھين جي خبر ڪڍڻي هئي ۽ جلد کان جلد انھن جي انت تائين پھچڻو هو. پر ھاڻي تہ مون وٽ وقت ئي ڪونھي. مون کي ھر صورت ۾ ’رولت‘ جي جوا خاني ۾ پھچڻ کپي.