ناول

جوئاري

”جوئاري“ جڳ مشھور ليکڪ  فيوڊور دوستو وسڪيءَ جي لکيل ناول The Gambler جو سنڌي ترجمو آھي. ”جوئاري“ روسي سماج جي هڪ اهڙي فرد بابت لکيل ناول آهي، جنھن ۾ روس جي جڳ مشھور ناول نگار فيودور دوستووسڪي نھايت دل پذير ۽ سھڻي نموني سان انساني ڪيفيتن ۽ احساساتي ڪشمڪش جي تصوير ڪشي ڪئي آهي. لائق ليکڪ مختلف وارتائن ۽ حالتن جي حدت ۾ رهندي انساني خواهشن، ۽ خارجي حقيقتن جي ٽڪراءُ جو تفصيل عظيم فن سان پيش ڪيو آهي.


Title Cover of book جوئاري

باب چوٿون

اڄ جو ڏينھن نھايت ئي واهيات، مضحڪہ خيز ۽ ناشگوار هو. هن وقت رات جا يارنھن لڳا آهن. آئون پنھنجي ڪٻٽ جيتري ڪمري ۾ ويٺو،گذريل ڏينھن کي ياد ڪري رهيو آهيان. ان جو آغاز پالينا جي خاطر کيڏڻ لاءِ منھنجي رولٽ جي جوا خاني ۾ و ڃڻ سان ٿيو. مون هن کان هڪ سؤ سٺ فيڊرڪ ورتا هئا. ليڪن ٻن شرطن تي. پھريون هيءُ تہ مان اڌواڌ وارو معاملو قبول ڪونہ ٿو ڪريان. يعني جي مون کٽيو تہ مان پنھنجي لاءِ ڪجهہ بہ نہ وٺندس ۽ ٻيو هيءُ تہ شام جو پالنا ان ڳالھہ جي وضاحت ڪندي تہ هوءَ ڇو ۽ ڪيترا پئسا کٽڻ چاهي ٿي. مان تہ هي ڪنھن بہ حالت ۾ سوچي نٿو سگهان تہ اهو سڀ ڪجهہ رڳو پئسن خاطر آهي! ظاھر آهي پئسن جي ضرورت ۽ جيتري قدر بہ جلد ممڪن ٿي سگهي. ڪنھن خاص مقصد لاءِ ئي هوندي آهي. هن جڏهن مون سان وضاحت ڪرڻ جو واعدو ڪيو، تہ مان ھليو ويس. جوا خاني جي ھال ۾ زبردست هجوم هو. هو سڀيئي ڪيڏا نہ بدتميز ۽ لالچي هئا؟ آءٌ هجوم کي چيريندو وچ ۾ ھليو ويس ۽ خزانچي وٽ وڃي بيٺس. پوءِ ڊڄندي ڊڄندي هڪ ئي وقت ٻن ٻن ٽن ٽن سڪن جي بازي هڻڻ جو تجربو شروع ڪيم ۽ ان وچ ۾ راند جو باقاعده نظارو ڏسندو رهيس. مون کي محسوس ٿيو تہ ڳڻپ ڪري، بازي هڻڻ ڪا معنيٰ ڪانہ ٿي رکي. حالانڪہ ڪجهہ رانديگر ان کي وڏي اهميت ڏيئي رهيا هئا. هو ڪاغذ کنيو ويٺا هئا، جن تي پينسل سان آڏيون ابتيون ليڪون ڪڍيل هيون. هنن ھر داءُ مھل غور سان ڏسي. امڪانات جو اندازو ڪندي، پوءِ ئي ڇڪو ٿي اڇلايو ۽ بلڪل اسان اناڙين وانگيان ھارايائون ٿي. جيڪي بنا ڳڻپ کيڏي رهيا هئاسين. ان جي ابتڙ مون هڪ نتيجو ڪڍيو، جنھن جي متعلق منھنجو ايمان آهي تہ بلڪل ٺيڪ آهي ۽ اهو هي تہ رولٽ جي جوئا ۾ ڪو منظم طريقو نہ آهي. پوءِ بہ امڪانات جي سلسلي ۾ هڪ خاص قسم جو ربط ضرور آهي ۽.... بيشڪ اھا هڪ عجيب ڳالھہ آهي مثلاً هي ٿيندو آهي تہ وچ وارن ٻارهن انگن کان پوءِ وري ان کان پوءِ جا ٻارهن انگ نڪرندا آهن، يعني ٻہ ڀيرا داءُ پوين ٻارهن انگن تي پوي ٿو ۽ ان کان پوءِ وري شروع جي ٻارهن انگن تي. شروع جي ٻارهن انگن کان پوءِ داءُ وري وچ وارن ٻارهن انگن تي پوندو آهي. ائين 13 ۽ چوويھن جي انگن جي وچ ۾ ٽي يا چار ڀيرا لڳاتار داءُ پوي ٿو. ان کان پوءِ پوئين ٽڪي ۾ داءُ لڳندو ۽ پوءِ پنجويھہ ۽ ڇٽيھہ جي انگن جي وچ ۾ ٻہ ڀيرا لڳي، وري ٻيھر شروع جي ٻارهن انگن جي وچ ۾ ٻہ ڀيرا لڳي، وري ٻيھر شروع جي ٻارنھن انگن جي وچ ۾ پوندو ان کان پوءِ شروع جي ٻارهن انگن جي وچ ۾ پوءِ لڳاتار ٽي چالون وچ جي ٻارهن انگن جي ويجهو ويجهو نڪرن ٿيون ۽ انھيءَ طريقي سان اھا راند ڪلاڪ يا ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهندي آهي. هڪ، ٽي ۽ ٻہ ــ هڪ، ٽي ۽ ٻه. ڪيڏي نہ حيرت جھڙي ڳالھہ آهي! وري فرض ڪريو ڪنھن ڏينھن يا ڪنھن صبح ڳاڙهي نشان کان پوءِ ڪارو نشان نڪري ٿو ۽ ان کان پوءِ ڪابہ ترتيب ڪانہ ٿي رهي، بلڪ داءُ ھر گهڙيءَ بدلجندو ٿو رهي. ايتري قدر جو لاڳيتن ٽن چالن تائين ڳاڙهو يا ڪارو نشان بلڪل نٿو نڪري. ٻئي ڏينھن يا ٻيءَ شام جو هي ٿيندو تہ ڳاڙهو نشان ھر ھر نڪرندو ـــ لاڳيتو ٻارهن ڀيرا. بلڪ ڪڏهن ڪڏهن تہ سڄو سڄو ڏينھن ڳاڙهو نشان ئي نڪرندو رهندو آهي. انھيءَ بابت مون کي ائسٽلي صاحب گهڻو ڪجهہ ٻڌايو آهي. هو سڄا سڄا ڏينھن، رولٽ جي ميزن تي گذاريندو هو ۽ ويٺو جاچيندو هو. ليڪن بازي نہ لڳائيندو هو.
جيستائين منھنجو تعلق آهي، مون جلد ئي آخري ڪوڏي تائين سڀ رقم ھارئي ڇڏي. پھريائين هڪدم ويھہ فيڊرڪ ٻڌي واري انگ تي هنيم ۽ کٽي ويس. وري بازي لڳايم ۽ کٽي ويس. ان طرح ٻ ٽي بازيون مون کٽيون. منھنجو خيال آهي تہ پنجن ئي منٽن ۾ مون چار سؤ کن فيڊرڪ کٽي ورتا. ان موقعي تي مون کي اٿي ھليو وڃڻ کپي ھا. پر منھنجي اندر ۾ هڪ عجيب خيال پيدا ٿيو. تقدير جي خلاف سرڪشي. ان کي للڪارڻ جي خواهش. انکي چيڙائڻ جو جزبو، مون وڏي کان وڏي مڃيل بازي چار هزار گلڊن لڳائي ۽ ھارايم. وري ڪاوڙ ۾ اچي کيسي ۾ بچيل سڀ رقم ساڳئي انگ تہ هنيم. وري ھارايم. جنھن کان پوءِ ميز تان اتيس ۽ ھليو ويس. آءٌ سمجهي نہ سگهيو هوس تہ مون کي ڪھڙو حادثو پڳش آيو هو ۽ مون پنھنجي ھار جي ڳالھہ پالينا سان ماني کائڻ کان پوءِ ڪئي، مون باقي سڄو ڏينھن پارڪ ۾ رلندي گذاريو. کاڌي جي وقت آءٌ انھي ڪاوڙيل حالت ۾ هوس، جنھن ۾ ٽي ڏينھن پھرين هوس. اڄ ماسموزيل بلانشي بہ کاڌي ڻ شريڪ هئا. ائين ٿي لڳو ڄڻ مادموزيل بلانشي ان جوئا خاني جي ھال ۾ منھنجون سڀ حرڪتون ڏٺيون هيون ۽ منھنجي ڪارنامن کان چڱي طرح واقف هئي. ان موقعي تي هن مونکي خاص ڌيان سان خطاب ڪيو. فرينچ تہ سڌي سنئين مطلب جي ڳالھہ ڪئي ۽ مونکان پڇيائين تہ جا رقم مون ھارائي هئي، سا منھنجي ذاتي رقم هئي ڇا؟ منھنجو خيال آهي تہ هن کي پالينا ۾ سڪ هو. اصل ۾ ان مخصوص سوال جو پس منظر بہ آهي. مون يڪدم ڪوڙ ڳالھايو ۽ چيم تہ، ”ھا، اھا رقم منھنجي ئي هئي.“
جنرل صاحب ڏاڍي حيرت ٿي تہ مون ايتري وڏي رقم ڪٿان حاصل ڪئي. مون وضاحت ڪندي هن کي ٻڌايو تہ اڄ مون شروع ۾ ڏھہ فيڊرڪ هنيا ۽ پوءِ يڪا ڇھہ ست داءُ هنيم ۽ ھر ڀيري کٽي ويس ۽ ٿيندي ٿيندي، مون وٽ پنج ڇھہ سوء فيڊرڪ ٿي ويا، جي آخر ڪار ٻن دائن ۾ ھارائي ويٺس.
هن هڪدم ويساھہ ڪري ورتو. جڏهن آءٌ صفائي پيش ڪري رهيو هوس، تڏهن پالينا ڏانھن بہ ڏٺم، پر هن جي منھن مان ڪجهہ بہ ظاھر ڪونہ ٿي ٿيو. مطلب تہ هن مون کي ڪوڙ ڳالھائڻ ڏنو ۽ هڪ دفعو بہ نہ ٽوڪيائين. ان مان مون نتيجو ڪڍيو تہ مونکي ڪوڙ ڳالھائڻو ئي پوندو ۽ اهو راز لڪائڻو پوندو تہ مان ڪو هن جو رازدار آهيان.بھر صورت آءُسوچي رهيو هوس تہ هن جي آڏو ضرور وضاحت ڪرڻي پوندي، هونئن بہ هن اڄ صبح مونسان ڪجهہ احوال ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو،
منھنجو خيال هو تہ جنرل صاحب مونکي ضرور ڪا نصيحت ڪندو. پر هو صفا چپ ويٺو رهيو. البتہ مون ڏٺو تہ هن جي چھري تي مونجھاري جا نشان ڇانيل هئا. ٿي سگهي ٿو تہ هن کي اھا ڳالھہ ٻڌي ڏک ٿيو هجي تہ ههڙي تنگ دستيءَ جي وقت ۾ ايڏي وڏي رقم آئي ۽ مون جھڙي بيوقوف جي هٿان پندرهن منٽن ۾ غارڪ ٿي وئي.
مونکي خبر پئي آهي تہ ڪالھہ جنرل صاحب ۽ فرينچ جي وچ ۾ گرما گرم بحث ٿيو آهي. هو سڀئي بند ڪمري ۾ گفتگو ڪري ڪندا رهيا. فرينچ ڪاوڙجي ھليو ويو ۽ اڄ صبح ساڻ وري، شايد ڪالھوڪي گفتگو کي جاري رکڻ جي کاءِ موٽي آيو هو.
اهو ٻڌي تہ آءٌ هڪ وڏي رقم ھارائي چڪو آهيان، فرينچ ٽوڪ هڻندي چيو تہ ماڻھوءَ کي ٿورو عقل رکڻ کپي. الائي ڇو هن اھا ڳالھہ ڪئي حالانڪہ تمام گهڻا روسي جوا ڪندا آهن. پر هن جو خيال آهي تہ روسي جوئا کيڏڻ ۾ ڪابہ قابليت ڪانہ ٿا رکن.
”ليڪن منھنجي خيال ۾ رولٽ جي جوئا ٺھي ئي روسين لاءِ آهي.“ مون چيو. منھنجي چيلينج تي فرينچ تي حقارت سان کلڻ لڳو، ان تي مون چيو تہ ”مون بلڪل ٺيڪ چيو آهي، ڇو جو روسين کي جوئاري چوڻ هنن جي تعريف نہ آهي بلڪہ بي عزتي آهي، تنھنڪري هن کي منھنجي ڳالھہ تي يقين اچڻ گهرجي.“
”پر آخر اوھان جي ان راءِ جو بنياد ڪھڙو آهي؟“ فرينچ چيو.
”ان بنياد تي تہ دولت گڏ ڪرڻ جي صلاحيت، تاريخ جي وهڪري ۾ مغرب جي مھذب ۽ شائستہ انسانن جي صلاحيتن ۽ خوبين ۾ هڪ اهم جڳھہ اچي والاري آهي. هڪ روسي نہ صرف دولت گڏ ڪرڻ جي صلاحيت نہ ٿو رکي، بلڪہ بنا سوچ سمجهہ جي ڏاڍي بي پرواهيءَ سان ان کي وڃايو ڇڏي. سن هوندي بہ آخر اسان روسين کي بہ تہ پئسي جي ضرورت پوي ٿي.“ مون ڳالھہ کي جاري رکندي چيو، ”۽ ان لاءِ اسين رولٽ جھڙا ذريعا استعمال ڪرڻ جا وڏا شوقين آهيون. ڇو جو ان ۾ بنا محنت جي هڪ ڪلاڪ ۾ ئي ماڻھو مالدار بنجي سگهي ٿو. رولٽ اسان لاءِ دلفريب آهي ۽ ڇاڪاڻ تہ اسين ڄٽڪي نموني ۽ لاپرواهيءَ سان ۽ سواءِ ڪنھن خاص ڪوشش جي کيڏندا آهيون، ان ڪري ھار هميشہ اسان جي هوندي آهي.“
”اھا ڳالھہ ڪنھن حد تائين صحيح آهي.“ فرينچ هڪ وڏو ساھہ کڻندي چيو.
” نہ اھا ڳالھہ صحيح ڪانھي. توکي پنھنجي ملڪ متعلق اهڙيون نيچ ڳالھيون ڪندي شرم اچڻ کپي.“ جنرل صاحب ڏاڍي باوقار انداز ۾ ڇيو.
”مون کي ڳالھہ تہ پوري ڪرڻ ڏيو. حقيقت ۾ آءٌ اڄ تائين سمجهي نہ سگهيو آهيان تہ روسين جي اھا اٻھرائي ۽ لاپرواهي وڌيڪ قابل نفرت آهي يا جرمنن جو ديانت دارانہ سچي محنت سان پئسو ڪمائڻ.“
”تنھنجو اهو خيال ڪھڙو نہ بيھودو آهي؟“ جنرل چيو.
”۽ تنھنجو اهو خيال بلڪل روسين وارو آهي.“ فرينچ چيو.
مان کلڻ لڳس. حقيقت ۾ مون کي انھن ٻنهي کي ويڙھائڻ جو ڏاڍو شوق هو.
”خدا جو سنھن مان جرمنيءَ جي ان بت جي سامھون مٿي ٽيڪڻ کان سڄي عمر خانہ بدوش قوم جي خيمن ۾ گذارشن بھتر سمجهان ٿو.“
”ڪھڙو بت!“ جنرل گڏ ڪرڻ جي صلاحيت جو بت. حالانڪہ آءٌ هت تمام ٿورو وقت رهيو آهيان، پر جيڪي ڪجهہ مون ڏٺو آهي يا ٻڌو آهي، اهو منھنجي تاتاري رت کي ٽھڪائڻ لاءِ ڪافي آهي. هتي ڪابہ شيءِ منھنجي مزاج مطابق نہ آهي. خدا جو سنھن مون کي اهڙي قسم جي ڪابہ خوبي نہ گهرجي. ڪالھہ بہ مون ائين ئي اٺن ميلن جو چڪر هنيو. هتي جي ڪابہ خوبي نہ ڪھرجي. ڪالھہ بہ مون ائين ئي اٺن ميلن جو چڪر هنيو. هتي جي ھر هڪ شيءِ جرمنن جي وڻندڙ با تصوير ڪتابن جيان آهي. هتي جي گهر گهر ۾ هڪ مذهبي قسم جو شخص ضرور هوندو آهي. جو حد کان وڌيڪ پرهيزگار ۽ غير معمولي طور تي ديانت دار هوندو آهي. ايتري قدر ديانتدار، جو اوھان کي ان جي ويجهو ويندي ئي خوف ٿيندو. مون کي اهڙي قسم جا ديانتدار ماڻھو اصل ڪين وڻن، جن وٽ ويندي خوف لڳي. اهڙي ھر مذهبي شخص جو هڪ وڏو ڪٽنن آهي. جتي روزانہ شام جي وقت وڏي آواز سان اصلاحي ڪتاب پڙهيا ويندا آهن. شاه بلوط جو وڻ گهرجي ڀت سان گڏ بيٺو آهي. هوڏانھن اولھہ جي افق ۾ سج غروب ٿيڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهي. ڇت تي ٻگهہ بيٺو آهي. غرض تہ هڪ هڪ شيءِ نھايت ٺاهوڪي ۽ پُر اثر نظر ايندي آهي. ناراض نہ ٿيو جنرل صاحب! مون کي ٿورو اثرائتي نموني ۾ بيان ڪرڻ ڏيو. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي تہ منھنجو پيءُ بہ مون کي ۽ منھنجي والده کي اهڙائي اصلاحي ڪتاب باغ ۾ ليمن جي وڻن هيٺيان ويھي پڙهي ٻڌائيندو هو. سو ان ڪري آءٌ بہ انھي ءَ مسئلي تي اهم راءِ ڏيئي سگهان ٿو. ڇا، اوھان کي خبر آهي تہ هتي جو ھر ڪٽبت ۽ ھر ماڻھو مڪمل پابنديءَ ۽ غلامي ۾ جڪڙيل، هو چوويھہ ئي ڪلاڪ نار جي ڍڳي وانگيان وهن ۽ يھودين وانگر پئسا بچايو ٽجوڙيون پيا ڀرين. فرض ڪريو تہ ڪنھن چڱا خاصا گلدن گڏ ڪري ورتا آهن ۽ ھاڻي هو دوڪان دوڪان کولڻ ۽ ٻنيءَ ٽڪر وٺڻ جو سوچي رهيو آهي. خبر اٿؤ ان ڪم ڪرڻ لاءِ هو ڇا ٿو ڪري؟ هو پنھنجي ڌيءُ وٺڻ جو سوچي رهيو آهي. خبر اٿو اُن ڪم ڪرڻ لاءِ هو ڇا ٿو ڪري؟ هو پنھنجي ڌيءُ جي شاڪي نٿو ڪري جو هن کي ڏاج ڏيڻو پوندو ۽ گلڊن گهٽجي ويندا. ايستائين، جو هوءَ پوڙهي ٿيو ٿي وڃي. هو پنھنجي سڀني کان ننڍي پٽ کي مزدورن وٽ يا فوج ۾ وڪرو ڪيو ڇڏي. ان طرح حاصل ڪيل پئسا ظاھر آهي تہ ٽجوڙيءَ ۾ ئي پون ٿا. يقين ڪريو، اھا سچي حقيقت آهي. مون خود پنھنجين اکين سان ڏٺو آهي، ۽ ماڻھن کان پڇندو رهيو آهيان. مزي جي ڳالھہ هيءَ آهي تہ اهو سڀ ڪجهہ ڏاڍي خلوص ۽ ديانتداريءَ سان ٿيندو آهي. اهڙي خلوص ۽ ديانتداريءَ سان، جو سڀ کان ننڍو پٽ جنھن کي وڪيو ٿو وڃي. اهو ائين ٿو سمجهي تہ هن کي ائين وڪڻڻ ئي ديانتداريءَ جي تقاضا هئي. ڪمال تہ واقعي تڏهن آهي، جو خود شڪار پنھنجي قرباني تي خوش عيندو هجي. ڪجهہ وڌيڪ پڇڻ چاهيو ٿا ڇا؟ وڏي پٽ سان بہ ڪو گهٽ ويل ڪونہ ٿو وهي. هو ڪنھن مس اَميلا سان عشق ٿو ڪري. ٻنهي جون دليون گڏ ٿيون ڌڙڪن. پر هنن جي شادي نٿي ڪئي وڃي. رڳو ان لاءِ تہ پئسا گهڻا نہ آهن. هو ٻئي ڏاڍي اخلاق، پاڪبازيءَ، پاڪ دامنيءَ يا نيڪ آرزوئن سان پنھنجي شاديءَ جو انتظار ڪندا رهن ٿا ۽ ائين مشڪندي مشڪندي پنھنجو پاڻ کي انھيءَ بت جي قربان گاه تي قربان ڪيو ڇڏين. اَميلا جا گلن جھڙا ڳل پيلا ٿيو وڃن. هوڏانھن ويھن سالن ۾ هنن جي مالي خوشحاليءَ ۾ وڏو اضافو ٿئي ٿو. وڏي ديانتداريءَ ۽ نيڪ نيتيءَ سان ٽجوڙين ۾ دولت جو انبار گڏ ٿيو وڃي. هو مذهبي بزرگ وڏي اطمينان سان پنھنجي چاليھہ يا پنجاھہ سالن جي پٽ ۽ ٽيھن يا پنجٽيھن ورهين جي اَميلا کي، جنھن جون ڀريل ڀريل ڇاتيون کوکليون ٿي چڪيون آهن ۽ رنگ پيلو ٿي ويو آهي، آشيرواد ڏئي ٿو. آشيرواد ڏيندي، هو باقاعده ڳوڙھا ٿو وھائي. هنن کي ڪو وعظ ٿو ٻڌائي ۽ پوءِ ترت ئي مري ٿو وڃي. تنھن کان پوءِ هن جو اُهو سڀ کان وڏو پٽ ساڳيو مذهبي بزرگ بنجيو ٿو وڃي ۽ پيءُ ۽ ڏاڏي جي ڪھاڻي ٿو ورجائي. ان طرح پنجاھہ يا ستر سالن ۾ پھرئين مذهبي بزرگ پوٽي وٽ ڪافي رقم گڏ ٿيو وڃي، جنھن کي هو پنھنجي پٽ لاءِ ورثي ۾ ڇڏيو وڃي ۽ هو پنھنجي پٽ لاءِ ۽ هو پنھنجي پٽ لاءِ ۽ ان طرح چئن پنجن نسلن کان پوءِ هنن مان هڪ بيرن رٿشيلڊ ۽ خدا ڄاڻي ڇا ڇا بنجيو وڃي. اوهين خود ئي ٻڌايو تہ هي تماشو ڪيڏو نہ عظيم الشان آهي! سؤ ٻن سؤ سالن جي سخت محنت، صبر ۽ تحمل، هوش مندي، ديانت داري، ڪردار، معصوم ارادو، پيش بيني، ڇت تي ٻگهہ پکي! اوھان کي ٻيو ڇا کپي. ان کان وڌيڪ ارفع ۽ اعليٰ ۽ پروقار شيءِ دنيا ۾ ٿي ئي ڪانہ ٿي سگهي. هو ان خاص نقطه نظر سان سڄيءَ دنيا کي ڏسندا آهن ۽ پنھنجن ڏوھارين کي سزا ڏيندا آهن-يعني انھن کي جيڪي هڪ رتيءَ ماتر بہ کانئن مختلف هوندا آهن. هيءُ آهي اصلي ڳالھہ مان تہ روسي طريقي سان دولت ضايع ڪرڻ يا رولٽ جي ذريعي مالدار بنجڻ وڌيڪ پسند ڪندس. مان پنجن نسلن کان پوءِ جاگيردار رٿشيلڊ يا گاپ ائنڊ ڪمپني بنجڻ نٿو چاهيان. مان پئسا پنھنجي لاءِ ٿو چاهيان. ياد رکو، مان پنھنجو پاڻ کي پئسي جو زيردست نٿو سمجهان ۽ نہ ئي پنھنجي وجود کي ان لاءِ ٿو سمجهان. مان ڀانڳان ٿو تہ اوھان جي آڏو اهي سڀ ڳالھيون بڪواس آهن. پر منھنجا اصلي خيال اهي ئي آهن.“
جنرل صاحب ٿورو سوچي چيو، ”اھا تہ مون کي خبر ڪانھي تہ تو جيڪي ڪجهہ چيو ان ۾ ڪيتري سچائي آهي.پر اھا خبر ضرور اٿم تہ جي توکي پنھنجي حد کان ٻاھر نڪرڻ جي ٿوري بہ اجازت ڏني ٿي وڃي تہ تون ايڏيءَ جک ۾ وڃي ٿو پوين، جو......“
هميشہ جيان هن ڳالھہ اڌ ۾ ئي ڇڏي ڏني. اسان جي جنرل صاحب جي عادت آهي تہ هو روزمره جي عام گفتگو کان مٿي ٿوري بہ اهم ڳالھہ ڪندو. تہ هميشہ پنھنجا جمله اڌ ۾ ڇڏي ڏيندو آهي. فرينچ ڪجهہ ڪجهہ اکيون ڦاڙي منھنجي ڳالھہ ٻڌي. منھنجي خيال ۾ هو منھنجي ڳالھين جو مطلب مشڪل سان سمجهي سگهيو هوندو. پالينا وڏي خودداريءَ ۽ بي نيازيءَ سان ٻئي پاسي گهور پائي ڏسي رهي هئي، هن ائين پئي ڏک ڏني ڄڻ هن منھنجي يا ان ڏينھن ميز تي ڪيل ٻي ڪابہ ڳالھہ ٻڌي ئي ڪانہ هئي.