ناول

جوئاري

”جوئاري“ جڳ مشھور ليکڪ  فيوڊور دوستو وسڪيءَ جي لکيل ناول The Gambler جو سنڌي ترجمو آھي. ”جوئاري“ روسي سماج جي هڪ اهڙي فرد بابت لکيل ناول آهي، جنھن ۾ روس جي جڳ مشھور ناول نگار فيودور دوستووسڪي نھايت دل پذير ۽ سھڻي نموني سان انساني ڪيفيتن ۽ احساساتي ڪشمڪش جي تصوير ڪشي ڪئي آهي. لائق ليکڪ مختلف وارتائن ۽ حالتن جي حدت ۾ رهندي انساني خواهشن، ۽ خارجي حقيقتن جي ٽڪراءُ جو تفصيل عظيم فن سان پيش ڪيو آهي.


Title Cover of book جوئاري

باب بندرهون

مون کي ياد آهي تہ هوءَ ڄڻ پنڊ پھڻ ٿي وئي. بس مون ڏانھن نھاريندي رهي. نوٽن جي آخري ٿهي ميز تي اڇلائيندي، مون ٿورو زور سان چيو، ”پورا بہ لک فرانڪ کٽيا اٿم!“
نوٽن جون ٿهيون ۽ سونن سڪن جو ڍير ميز تي پيو هو. آءٌ ڪوشش جي باوجود پنھنجون اکيون ان ڍير مان ڪڍي نہ سگهيس. پنھنجي کٽيل دولت ڏسڻ ۾ ايترو تہ ٻڏل هوس، جو چند لمحن تائين پالينا بہ وسري ويم. اوچتو خبر ناهي تہ ڇا ٿيم، جو بينڪ جا نوٽ ترتيب سان رکڻ لڳس ۽ سڪا هڪ هنڌ ننڍڙن ننڍڙن ڍيرن ۾ ڄمائڻ لڳس. پوءِ يڪدم سڄي دولت کي ميز تي پکڙيل ئي ڇڏي، تيز تيز قدمن سان ڪمري ۾ ھلڻ لڳس. آءٌ ڪنھن گهريءَ سوچ ۾ ٻڏل هوسئ ڪڏهن ڪمري جي هن ڪنڊ ۾ ٿي ويس، ڪڏهن هن ڪنڊ ۾...... ڪڏهن تيزيءَ سان ميز تي واپس ٿي آيس ۽ ٻيھر ٿي پئسا ڳڻڻ ۾ لڳي ويس. آءٌ پئسا ڳڻي رهو هوس. اوچتو دل ۾ خيال آيم، سو يڪدم دروازي ڏي ڊوڙيس. ڪڙو لڳائي تالو بند ڪيم ۽ وري ميز تي اچي چمڙي جي ٿيلهي کي تڪڻ لڳس.
اوچتو مون کي پالينا جو خيال آيو. مون هن کان پڇيو، ”پئسا سڀاڻي تائين هن ٿيلهي ۾ رهڻ ڏيان؟ ڪھڙو خيال اٿئي؟“
هوءَ اڃا تائين پنڊ پھڻ ٿيو ويٺي هئي ۽ مون کي چتائي ڏسي رهي هئي. البت هن جي چھري تي رنگن جو لهڻ چڙهڻ ڏاڍو عجيب هو، جيڪو مون کي نہ وڻندو آهي. هن جي چھري مان نفرت ۽ بيزاريءَ جا آثار نظر اچي رهيا هئا.
مون جلدي هن وٽ وڃي چيو، ”پالينا! هي وٺ پنجويھہ هزار فلورن يعني پنجاھہ هزار فرانڪ ۽ سڀاڻي صبح جو ئي وڃي ٻوٿ تي هڻينس....“
هن ڪو جواب ڪونہ ڏنو.
”جي تنھنجي مرضي هجي تہ سڀاڻي صبح جو مون سان گڏجي وٽس ھل. ڇا خيال آهي؟“
هوءَ اوچتو ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳي ۽ دير تائين کلندي رهي.
آءٌ هن کي ڏاڍيءَ حيرت ۽ هڪ اهڙي احساس سان ڏسڻ لڳس، جو ان وقت منھنجي لاءِ روح جو عذاب ثابت ٿي رهيو هو. هن جي اھا اوچتي کل منھنجي بي عزتيءَ لاءِ ڪافي هئي. اهي ٽھڪ منھنجي روح لاءِ تازيانا هئا. هڪ زبردست ٽوڪ هئي. در اصل جڏهن بہ آءٌ محبت جي جوش ۾ ڪي ڳالھيون ڪندو هوس، تہ هوءَ هميشہ ئي ٽوڪ واري نموني ۾ ٽھڪ ڏيڻ شروع ڪندي هئي.
آخر هن جا ٽھڪ ختم ٿيا. پيشانيءَ تي هزار گهنج وجهي، ڀرون ڇڪي، ڏاڍيءَ حقارت سان چوڻ لڳي، ”مون کي تنھنجا پئسا نہ کپن.“
”ڇا مطلب؟ ڇا چيئي؟ پالينا! ڇو نہ وٺندينءَ؟“
”بس ائين ئي ڪو خاص سبب ڪونھي.“ ”آءٌ هيءَ رقم هڪ دوست وانگر ٿو اوھان کي پيش ڪريان. آءٌ تہ پنھجي جان بہ اوھان کي پيش ڪري چڪو آهيان.“
هوءَ تيز تيز نظرن سان مون کي گهوريندي رهي. ڄڻ ڪرٽي ڇڏيندي.
”پر تون تمام گهڻو ڏيئي رهيو آهين.“ هن کلندي چيو، ”گريو جي محبوبہ جي قيمت پنجاھہ هزار فرنڪ نہ آحي.“
”پالينا! ڪھڙيون ڳالھيون ٿي ڪرين. آءٌ گريو ٿوروئي آهيان.“ مون هن جي ڪرسيءَ جي ٻانھن تي هٿ رکندي چيو.
”مان توسان نفرت ٿي ڪريان.... ھا.... ھا.... مان توسان گريو کان وڌيڪ محبت نٿي ڪريان.“ هن ڪاوڙ ۾ ايندي چيو. اوچتو هن جي اکين ۾ رت لهي آيو.
هن منھن کي هٿن سان لڪايو ۽ اهڙيءَ طرح اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي، ڄڻ هسٽيريا جو دورو پيو هجيس.
آءٌ جلدي اڳيان وڌيس. مون کي خيال آيو تہ جڏهن آءٌ جوئا خاني ڏانھن ويو هوس، تہ شايد منھنجي غير حاضريءَ ۾ هن کي ڪجهہ ٿي ويو هو. هوءَ ان وقت اصل هوش و حواس ۾ نٿي لڳي.
”خريد! مون کي- تہ ڇا تون به؟ تون بہ اهو ئي ٿو چاهين؟ پنجاھہ هزار فرانڪ جي بدلي، گريو وانگر؟“ هن سڏڪا ڀريندي چيو.
مون هن کي سيني سان لڳايو، آڱريون چميون مانس، هٿ چميامانس ۽ پوءِ سندس آڏو گوڏن ڀر ويھي رهس.
هن جو دورو ختم ٿي ويو. هن پنھنجا هٿ منھنجي ڪلهن تي رکيا ۽ سڄو بار مون تي وجهندي منھنجي اکين ۾ اکيون وجهي ڏسڻ لڳي. ائين ٿي لڳو، ڄڻ هوءَ منھنجي منھن ۽ اکين مان ڪا خاص شيءِ ڳولي رهي آهي. هونئن تہ هوءَ منھنجي ھر ڳالھہ ڌيان سان ٻڌندي رهي. پر ظاھري طرح ائين ٿي لڳو، ڄڻ هوءَ ڪجهہ بہ ڪانہ ٿي سمجهي. هن جي اکين مان ڪجهہ شڪ ۽ ڪجهہ فڪر جھاتيون پائي، ڪجهہ چئي رهيا هئا. آءٌ هن لاءِ ڏاڍو بي چين ۽ پريشان هئس. هن جي حالت مان مون اندازو لڳايو تہ هن جي دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. هن ڏاڍي نرميءَ سان مون کي ڪلهن کان جهلي آهستي آهستي پنھنجي ڇاتيءَ ڏانھن ڇڪيو. اوڏي مھل هن جي منھن تي نھايت پروقار مرڪ کيڏي رهي هئي. وري اوچتو هن مون کي پري ڌڪو ڏنو ۽ ڏاڍيءَ نراسائيءَ وچان منھنجي منھن ۾ تڪڻ لڳي.
اوچتو وري مون ڏانھن وڌي ۽ ڇڪي کڻي ڇاتيءَ سان لاتائين. ”تون مون سان پيار ٿو ڪرين؟ تون.... آخر منھنجيپيار کان سواءِ ٻي ڪھڙي قوت هئي، جنھن توکي جاگيردار سان اٽڪڻ جي همٿ ڏني؟ ٺيڪ ٿي چوان نہ؟“
اهو چئي اوچتو هوءَ اچي ٽھڪڻ ۾ پئي، ڄڻ ڪا عجيب اڻ وڻندڙ ڳالھہ ياد اچي ويئي هجيس. هوءَ ويتر وڌيڪ زور سان ٽھڪ ڏيڻ لڳي. جيستائين منھنجو حال هو اهو نہ پڇو تہ بھتر آهي. سمجهو تہ آءٌ واقعي بيھوش ٿي چڪو هوس يا خلا ۾ لڙڪي رهيو هوس. مون کي ياد آهي، تہ هوءَ مون سان ڳالھيون ڪري رهي هئي. پر آءٌ هڪڙي ڳالھہ بہ سمجهي نہ سگهيس. اهو هڪ قسم جو وڦلڻ هو. ڄڻ هوءَ جلدي جلدي مون کي ڪا ڳالھہ ٻڌائي پنھنجو بار ھلڪو ڪري رهي هئي. هن جا پيارا پيارا ٽھڪ انھيءَ وڦلڻ جي سلسلي کي ھر ھر ٽوڙي رهيا هئا! هن چوي پئي، ”تون واقعي ڏاڍو سھڻو آهين. منھنجو سچو رازار اهين.“ هن ٻيھر منھنجي ڪلهن تي هٿ رکيا ۽ منھنجي اکين ۾ غور سان جھاتي پائيندي چيائين، ”تون مون سان محبت ڪندو هئين- ڪندو آهين- ڪندين؟“ منھنجون اکيون هن جي چھري تي کتل هيون. مون هن کي پھرين ڪڏهن بہ عشق ۽ محبت واري اهڙي رنگ ۾ نہ ڏٺو هو. اھا ڳالھہ صحيح آهي تہ هوءَ وڦلي پئي، پر ھاڻ جو ڏٺائين تہ مون بہ وڦلڻ شروع ڪيو آهي تہ وري چالاڪيءَ سان مرڪڻ لڳي ۽ ھرو ڀرو ائسٽلي صاحب جي باري ۾ ڳالھيون ڪرڻ لڳي.
هوءَ لڳاتار ائسٽلي صاحب جي باري ۾ ڳالھيون ڪندي رهي. (سوير بہ شايد هن مون کي ائسٽلي صاحب جي باري ۾ ٻڌائڻ جي ڪوشس پئي ڪئي).
مون کي تہ انھن ڳالھين جو مطلب سمجهہ ۾ ئي ڪونہ ٿي آيو. پڪ انھن ڳالھين ڪرڻ مانھن جو مقصد منھنجي بي عزيت رڪڻ هو! ھر ھر ٿي چيائين تہ ’هو انتظار ڪير رهيو آهي.‘ هڪ دفعو مون کان پڇڻ لڳي: ”ڇا توکي خبر آهي تہ هو دريءَ وٽ بيٺو آهي؟ ھا. ھا، هن دريءَ جي هيٺان. وڃ در کول ۽ پنھنجي اکين سان ڏس.“ آءٌ اٿڻ وارو ئي هوس، تہ هوءَ ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳي. آءٌ ڦڪو ٿي مرڪڻ لڳس. هن وري مرڪي مون کي زور سان ڀائر پائي وٺي ڇاتيءَ سان لڳايو.
”تہ پوءِ ڇا پاڻ ٻئي سڀاني صبح واري گاڏيءَ ۾ گڏ ھلون؟“ اهو سوال هن جي ذهن کي ڏاڍو بي تاب ڪري ريھو هو. هو4 ڪنھن گهريءَ سوچ ۾ ٻڌل هئي ۽ ان ئي حالت ۾ مون کي چوڻ لڳي، ”ڇا، تون واقعي مون سان گڏ ھلندين؟- اسين برلن ۾ ئي ڏاڏيءَ کي ھلي پڄنداسون. ڇا خيال آهي، اسان کي ڏسي هوءَ ڇا چوندي؟ ۽ ائسٽلي ڇا چوندو؟ مون کي پڪ آهي تہ هو منھنجي لاءِ شلنگبرگ جي چوٽيءَ تان ٽپو نہ ڏيئي سگهندو. ڇا پيو سوچين؟“ (هو کلڻ لڳي) ”خبر اٿئي، هو گريمن ۾ ڪيڏانھن پيا وڃن؟ سائنسي تحقيقات لاءِ اتر پولينڊ وڃڻ جو ارادو اٿن. هن جو خيال آهي تہ مان بہ ساڻن گڏ وڃنا. واه! هن هڪ ڀيري مون کي چيو تہ اوهين روسي، يورپين بنان دنيا ۾ ڪجهہ بہ نہ ٿا ڪري سگهيو. يعني روسي ڪنھن قابل ئي نہ آهن..... هونئن هو طبيعت جو سٺو آهي. ايستائين جو ڪڏهن ڪڏهن جنرل جھڙي ماڻھوءَ کان بہ معافي گهريو وجهي. هن چيو ٿي تہ مادموزيل بلانشي ڏاڍي محبت سان.... پر تنھن ۾ منھنجو ڇا! مون کي ڪھڙي خبر؟“ هن اھا ڳالھہ ائين ڪئي ڄڻ واقعي کيس ڪا خبر ڪانہ هئي. ”هو ويچارو مون کي هن تي ڏاڍو رحم ايندو آهي ۽ ڏاڏي.... ھا، تون ڇا چئي رهيو هئين تہ گريو کي خون ڪري ڇڏيندين؟ ڇا واقعي تون هن کي خون ڪري سگهين ٿو؟ ڪھڙي نہ بيقوفي آهي. ڇا تنھنجي خيال ۾ مان توکي گريو سان وڙهڻ لاءِ چونديس. تون جاگيردار کي تہ ڪجهہ ڪري ڪونہ سگهئين.“ هوءَ يڪدم رڪجي وئي ۽ کلندي چوڻ لڳي، ”جاگيردار سان تو چڱو چرچو ڪيو، مون پريان بيٺي توھان ٻنهي کي ڏٺو. اصل ۾ تون نہ چاهيندي بہ اوچتو وڌي وئين. ايمان سان ان مھل تو مون کي ڏاڍو کلايو هو.“ اوچتو هن مون کي چمي ڏني ۽ وري زور سان چنبڙي وئي ۽ ڏاڍي پيار سان پنھنجو ڳل منھنجي ڳل سان ملائي نرمي سان زور ڏنائين. مون نہ ڪا ڳالھہ ٻڌي پئي نہ سوچي پئي. منھنجو دماغ چڪرائجي رهيو هو.
شايد صبح جا ست ٿيا هئا، جو منھنجي اک کلي. سج جا ڪرڻا دريءَ مان ڇڻي اندر اچي رهيا هئا. پالينا منھنجي ويجهو ويٺي هئي ۽ عجيب نگاهن سان هيڏانھن هوڏانھن ڏسي رهي هئي، ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪنھن هيبت ناڪ خواب مان اک کلي هجيس،يا ڄڻ غفلت جي دنيا مان نڪري هوش ۽ هواس جي دنيا ۾ آئي هجي ۽ گذريل واقعن کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هجي. هوءَ اڃا ننڊ مان مس اٿي هئي. هوءَ ميز تي پکڙيل پسئن کي ڏسي رهي هئي. آءٌ مٿو وھاڻي تي رکيو ستو پيو هوس. منھنجو مٿو ايترو تہ ڳرو ٿي پيو هو جو کڻي نہ ٿي سگهيس. مون پالينا جو هٿ جهليو ۽ کيس پاڻ ڏانھن ڇڪيم. هن مون کي زور سان ڌڪو ڏنو ۽ ڪوچ تان ٽپ ڏيئي اٿي. آسمان تي ڪارا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا. سج نڪرڻ کان پھرين ھلڪو ھلڪو مينھن پوندو رهيو هو. هوءَ دريءَ وٽ ويئي، تاڪ کولي ٺونٺيون دريءَ تي رکي هٿ ٻڌي بلڪ يڪ ٽڪ آسمان ڏانھن پئي ڏٺائين. منھنجي بہ عجيب حالت هئي. سوچي رهيو هوس تہ ھاڻي ڇا ٿيندو. آخر ٿيندو ڇا؟ آخر هوءَ دري کان ھليميز تي آئي، هن جي منھن تي نفرت ۽ حقارت جا نشان ظاھر هئا، ڪاوڙ کان چپ ڪنبي رهيا هئس ۽ چوڻ لڳي، ”ھاڻ تہ منھنجا پنجاھہ هزار فرانڪ ڏي؟“
”پالينا ڏس وري اھا ئي ڳالهه- وري اھائي-؟“
”يا ھاڻ تنھنجو ارادو بلجي ويو آهي؟ شايد ھاڻ توکي افسوس ٿي رهيو آهي.“
پنجويھہ هزار فلورن، جي هڪ طرف پيا هئا، مون کڻي هن کي ڏنا.
”ھان تہ اهي منھنجا آهن. ڇو؟- نه“ هن پئسا وٺندي حقارت سان چيو.
”هميشہ کان تنھنجا هئا.“ مون جواب ڏنو.
”واه! تہ هي وٺو پنھنجا پنجاھہ هزار فرانڪ.“ هن پسئن جي ٿيلهي زور سان منھنجي منھن تي هنئين. سڪا ڇڻڪاٽ ڪري زمين تي ڪري پيا ۽ هوءَ ڊوڙي ڪمري کان ٻاھر ھلي ويئي.
مون کي ايتري خبر آهي تہ پالينا ان وقت هوش و حواس ۾ ڪانہ هئي. تہ ڇا هن کي عارضي جنون هو؟ آءٌ هن جي باري ۾ ڪابہ ڳالھہ پڪيءَ طرح ڪري نہ ٿي سگهيس. ھا، اھا ڳالھہ درست آهي تہ هوءَ ھاڻ هڪ مھيني کان پوءِ بہ اڃا بيمار آهي. هن جي هن بيماريءَ ۽ هن ذهني ڦُوٽ جو سبب آخر ڪھڙو هو؟ ڇا ان جو سبب غرور جو ٽٽڻ تہ نہ هو؟ ڇا مون وٽ اچڻ جي ڪري غمگين هئي؟ ائين تہ نہ آهي تہ مون پنھنجي فتح ۽ خوشيءَ تي مغرور ٿي هن جي اڳيان ڪا ڳالھہ ڪئي هجي؟ تہ ڇا مون گريو وانگر پنجاھہ هزار فرانڪ ڏيئي هن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ٿي گهريو؟ پر خدا ڄاڻي ٿو تہ تھائين ڪونہ هو. انھن مان ڪابہ ڳالھہ هن جي بيماريءَ جو سب ڪانہ هئي. مون کي پڪ تہ ڇا، اهو منھنجو ايمان آهي تہ هن جي بيماريءَ جو سبب هڪ حد تائين هن جو غرور هو. هوءَ پنھنجي غرور ۾ مون تي اعتبار ڪرڻ بدران منھنجي بي عزي ڪرڻ تي سندرو ٻڌيو بيٺي هئي. ان غرور جي نتيجي ۾ هن گريو جي ڪاوڙ مون تي لاٿي ۽ هن جي بجاءِ مون کي ظلم ۽ ستم جو نشانو بڻايو. مون کي پنھنجي بيماريءَ جو ذميدار بنايائين. حالانڪ مون تي هن لاءِ رتيءَ جيترو بہ شڪ نٿو ڪري سگهجي. هي سچ آهي تہ، اهو سڀ وڦلڻ هو. اهو بہ درست آهي تہ مون کي هن جي حالت جي خبر هئي. تنھنڪري مون دل ۾ ڪونہ ڪيو. پر ھاڻ شايد هوءَ مون کي معاف نہ ڪري. چڱو، خير، ھلو، ان وقت تہ هوءَ پنھجي هوش ۾ ڪانہ هئي. پر ان وقت، جنھن وقت هوءَ مون وٽ آئي هئي. ان وقت ڪابہ بيماري ڪانہ هيس، جو هوءَ نہ سمجهي تہ ڇا پئي ڪريان، ڇا نہ پئي ڪريان! حقيقت هيءُ آهي تہ جڏهن هوءَ گريو جو خط کڻي مون وٽ آئي هئي، تہ هن کي سڀ ڪجهہ خبر هئي تہ ڇا پئي ڪريان.
آءٌ جلد جلد نوٽن جون ٿهيون ۽ سونا سڪا هنڌ ۾ ويڙهي ڏهن ئي منٽن ۾ پالينا جي پٺيان نڪتس. منھنجو خيال هو تہ هوءَ پنھنجي ڪمري ۾ ويٺي هوندي. ان لاءِ سڌو اوڏانھن ويندس ۽ نرس کان پڇندس. پر جڏهن نرس مون کي ٻڌايو تہ هوءَ اڃا اتي نہ پھتي آهي ۽ هوءَ پاڻ هن کي ڳولڻ لاءِ مون وٽ اچي رهي هئي. تہ آءٌ ششدر ٿي ويس.
”اڃا هينئر تہ مون وٽان نڪتي آهي، آخر ڪيڏانھن ويئي؟“
نرس ڏاڍي عجيب نگاهن سان مون کي ڏسڻ لڳي.
ٿوريءَ دير ۾ پالينا جي گم ٿي وڃڻ جي خبر سڄي هوٽل ۾ پکڙجي ويئي. جيترا منھن اوتريون ڳالھيون. سڀئي پنھنجي پنھنجي ٻولڻ لڳا. وڏي بيري ۽ پھريدار جي ڪمري ۾ ماڻھو ڳالھيون ڪري رهيا هئا تہ مس مينھن ۾ صبح جو سويل ڇھين بجي اينگلو هوٽل ڏانھن پئي ويئي. ماڻھو اشارن ۾ ڳالھيون ڪري رهيا هئا، تن مان مون اندازو لڳايو تہ هنن کي اڳواٽ ئي خبر هئي تہ هوءَ سڄي رات منھنجي ڪمري ۾ رهي ههئي. مطلب تہ سڄي ڪٽنب لاءِ عيجب عجيب ڳالھيون گهڙجڻ لڳوين. هوٽل جي سڀني ماڻھن کي خبر پئجي وئي تہ جنرل جو دماغ خراب ٿي ويو آهي ۽ هو زور زور سان چرين وانگر رڙيون پو ڪري. مثلاً هڪ چيو، ”اھا پوڙهي جا هتي آئي هئي، سا جنرل جي ماءُ آهي. هوءَ روس مان رڳو ان ڪري ائي هئي تہ پنھنجي پٽ کي بلانشي سان شادي ڪرڻ نہ ڏي ۽ جي پٽ سندس حڪم نہ مڃي، تہ وصيت نامي مان هن جو نالو ڪڍي ڇڏي. پٽ پڪ تہ هن جي چوڻ نہ مڃيو هوندو. تڏهن تہ هوءَ ڄاڻي ٻجهي پنھنجي دولت رولٽ جي جوئا خاني ۾ پاڻيءَ وانگر ھارائي ويئي تہ جيئن جنرل کي ڪجهہ نہ ملي سگهي.“ وڏي بيري ڪاوڙ ۾ اچي چيو. ”بلڪل ٺيڪ آهي، سائين.“ ٻيا ماڻھو کلڻ لڳا ۽ وڏو بيرو بل ٺاهڻ لڳو. هوٽل جي ماڻھن کي اھا بہ خبر هئي تہ ڪالھہ مون هڪ وڏي رقم کٽي آهي. سڀ کان پھرين هوٽل جي پھريدار ڪارل مون کي مبارڪون ڏنيون، پر مون کي ڪنھن جي مبارڪن جو خيال ڪونہ هو. آءٌ تڪڙو تڪڙو اينگلو هوٽل ويس.
صبح جو وقت هو. ان ڪري ائسٽلي صاحب اڪيلو هو ۽ ڪو ملڻ وارو بہ ڪونہ آيو هوس. منھنجي اچڻ جو ٻڌي ورانڊي ۾ آيو ۽ مون وٽ اچي بيٺو. پنھنجي جهنگلي ٻلي جھڙين اکين سان گهورڻ لڳم ۽ منھنجي ڳالھہ ٻڌڻ جي انتظار ۾ بلڪل چپ ٿي بيٺو. مون پالينا متعلق پڇيومانس.
”هوءَ بيمار آهي.“ هن پھرئين وانگر گهوريندي چيو.
”ڇا هوءَ واقعي اوھان وٽ آئي آهي.“
”ھا هوءَ مون وٽ آهي.“
”ڇا ھاڻي- ڇا اوهين هن کي پاڻ وٽ ئي رھائيندا؟“
”جي ھا.“
”پر ائسٽلي صاحب! اهو ناممڪن آهي. ڏاڍي شرمناڪ ڳالھہ آهي. ڏسو تہ ڇا هوءَ واقعي بيمار آهي. شايد اوھان اڃا تائين هن کي ڪونہ ڏٺو آهي.“
”سائين مون ڏٺو آهي- هينئر اوھان کي چئي چڪو آهيان تہ هوءَ بيمار آهي. جي بيمار نہ هجي ھا، تہ مان قسم سان ٿو چوان تہ رات توسان ڪانہ گذاري ھا.“
”تہ اوھان کي اھا بہ خبر آهي؟“
”ھا، مون کي سڀ آهي. هوءَ ڪالھہ مون وٽ آئي هئي. ۽ آءٌ هن کي گڏ وٺي هڪ مائٽ سان ملائڻ پئي ويس. پر ڇو جو هوءَ بيمار هئي. ان ڪري غلطيءَ کان اوھان وٽ پھچي ويئي.“
”ڪھڙي نہ عجيب ڳالھہ آهي؟ تہ پوءِ ائسٽلي صاحب آءٌ اوھان کي مبارڪ ٿو ڏيان. ھا سچي ياد آيو.ڇا رات اوھان دريءَ هيٺان بيٺا هئا؟ مس پالينا پاڻ کي دري کولڻ لاءِ چيو هو. اوهين پڪ اتي بيٺا هوندا. هوءَ اوڏي مھل کلي بہ پئي.“
”واقعي آءٌ دريءَ جي هيٺان تہ نہ هوس، البت هيٺ ورانڊي ۾ بيٺي انتظار ڪيم.“
”ائسٽلي صاحب! ڪنھن کي ڏيکاري بہ اَٿوَ يا نہ؟“
”ھا، ڊاڪٽر لکي گهرايو هوم. ياد رکو، جي خوانخواستہ هن کي ڪجهہ ٿي پيو، تہ ان لاءِ آءٌ اوھان کي ڳچيءَ کان جهليندس.“
آءٌ حيران ٿي ويس، ”آخر اوھان جي مرضي ڇا آهي؟“
”مان صرف هي ٿو پڇڻ گهران تہ ڪالھہ توھان هڪ لک فلورن کٽيا آهن نہ؟“
”ھا، هڪ لک فلورن.“
”بھتر اهو ئي آهي تہ اوهين مھرباني ڪري اڄ ئي پرئس ھليا وڃو.“
”ڇو؟ ڇا لاءِ؟“
”اهي سڀ روسي جن وٽ دولت ايندي آهي، پيرس ويندا آهن.“ ائسٽلي صاحب اهڙي نموني ۾ چيو، ڄڻ ڪنھن ڪتاب ۾ پڙهيو هئائين.
”اهڙين گرمين ۾ پيرسن وڃي ڇا ڪندس؟ توھان کي اھا تہ خبر آهي ائسٽلي صاحب تہ مون کي پالينا سان محبت آهي؟“
”واقعي؟ مون کي يقين آهي تہ اوھان کي هن سان محبت ڪانھي، اوھان هن سان محبت ڪري ئي نٿا سگهو. ڏسو جي اوھان هتي رهيو تہ سڀ ڪجهہ ھارائي ڇڏيندو ۽ پيرس وڃڻ لاءِ ڪجهہ بہ نہ بچندؤ، پوءِ پڇتائيندؤ. تنھن مان ڪھڙو فائدو؟ چڱو خدا حافظ! مون کي پڪ آهي تہ اوهين اڄ ئي پيرس ھليا ويندا.“
”چڱو خدا حافظ! پر هڪڙي ڳالھہ منھنجي بہ ڳنڍ ۾ ٻڌي ڇڏيو. مان اڪيلو پئرس نہ ويندس- هتي، اوھان پنھنجي اکين سان ڏسندؤ تہ ڇا ٿيندو. جنرل صاحب ۽ مس پالينا سان اوھان جي هيءَ ڪارستاني....... هيءَ خبر سڄي شھر ۾ پکڙجندي.“
”ھا ھا، ٺيڪ آهي. ڀلي پکڙجي. پوءِ ڇا ٿيندو؟ جنرل وٽ ھاڻ نہ سوچڻ لاءِ دماغ آهي نہ وقت. ان کان سواءِ مس پالينا کي پورو پورو حق حاصل آهي تہ هوءَ جتي وڻيس اتي رهي. اوھان کي خبر آيہ تہ اهو ڪٽنب ھاڻي برباد ٿي چڪو آحي. بلڪ ان ڪٽنب جو وجود ئي ڪونھي.
آءٌ هن انگريز جي عجيب ڳالھہ تہ آءٌ پئرس ضرور ويندس تہ کلندو، واپس پئي ويس. آءٌ سوچڻ لڳيس، ”هيءَ تہ من سان خواه مخواه ٿو جهيڙو ڪرڻ گهري. جي مس پالينا مري ٿي پوي، تہ ڪيڏي نہ ڏکي ڳالھہ ٿي پوندي! آءٌ سچ ٿو چوان تہ مون کي مس پالينا جو ڏاڍو ڏک آهي. پر اھا ڳالھہ ڪيتري نہ عجيب آهي تہ ان وقت جڏهن آءٌ هن کي پنھنجي ڪمري ۾ ڇڏي جوئا خاني ۾ ويو هوس ۽ پئسا کٽڻ شروع ڪيا هئم، تڏهن منھنجو سڄو عشق ڄڻ گم ٿي ويو هو. ڪنھن گهرائيءَ ۾ دفن ٿي چڪو هو. هيءَ ڳالھہ آءٌ اڄ پيو ڪريان نہ تہ ان وقت مون کي ان جي ڪابہ خبر ڪانہ هئي. ڇا آءٌ واقعي جوئاري آهيان؟ ڇا آءٌ واقعي پالينا سان سچي محبت ٿو ڪريان؟ خدا شاهد آهي تہ آءٌ اڄ بہ هن سان ويس تہ شڪست جي احساس ۽ غمگينيءَ منھنجيو بت ڀڃي پرزا پرزار ڪري ڇڏيو هو. هڪڙو هڪڙو پير هڪ هڪ مڻ جو لڳي رهيو هو. اصل کڄيو ئي ڪونہ ٿي. آءٌ يڪو پنھنجي ضمير کي گهٽ وڌ ڳالھائي رهيو هوس ۽ ان کي ڏوھہ ڏيئي رهيو هوس. پر ان موقعي تي مون کي هڪ ڏاڍي عجيب واقعو پيش آيو.
آءٌ جنرل صاحب ڏانھن پئي ويس. هن جو ڪمرو ويجهو اچي ويو هو تہ اوچتو هڪ دروازو کليو ۽ ڪنھن آواز مون کي پاڻ ڏي سڏيو. هيءَ مادام ڪامنگز هئي، جا مون کي بلانشي جي چوڻ تي سڏڻ آئي هئي. آءٌ بلانشي سان ملڻ لاءِ هن جي ڪمري ۾ ويس.
هن وٽ رڳو ٻہ ڪمرا هئا. هڪ ٻہ نوڪر بہ هئن. بلانشي جا ٽھڪ مون کي صاف ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هئا. هوءَ اڃا ھاڻ نند مان اٿي هئي، نہ ڄاڻ ڪنھن کي چئي رهي هئي، ”منھنجي خيال ۾ هي ڪوڙ آهي. اهڙيون عجيب شرطون بہ ڪڏهن لڳيون آهن. جي ائين ممڪن آهي تہ پوءِ اهو تہ معجزو ٿيندو.“
”پر مون واقعي شرط هني کٽيو آهي.“ مون ڪمري ۾ داخل ٿي کلندي چيو.
”ڪيترا پئسا؟“
”هڪ لک فلورن،“
”واهه، بازي هڻڻ جو موقعو تہ ھاڻ آيو احي. اندر اچ. مون کي پري کان ڳالھہ ٻڌڻ ۾ ڪانہ ٿي اچي. هتي!“
آءٌ آهستي آهستي هن ڏانھن وڌيس. هوءَ گلابي ساٽن جي سوڙ ويڙهيو ليٽي پيئي هئي جنھن مان هن جا ڀيرل ڀريل ڪلھا ٻاھر نڪتل هئا. اهڙا ڪلھا جن کي ڪو خواب ۾ ئي ڏسندو آهي. سفيد ململ جي قميص مان هن جون نرم نرم ٻانھون صاف نظر پئي آيون. جن تي ڪاريون پٽيون ڪنڌ تائين اهڙيءَ خوبصورتيءَ سان ٽاڪيل هيون، جو سون تي سھاڳي جو ڪم پئي ڏنائون.
”تون واحد شخص آهين، جو ان موقعي مان فائدو وڍي سگهين ٿو.“ هن مون کي پنھنجي ويجهو ايندو ڏسي کلڻ شروع ڪيو. هوءَ ڏاڍي سليقي ۽ ناز انداز سان کلي رهي هئي.
”ھاڻ ٻڌايو تہ ڇا آهي؟ آءٌ موقعي مان فائدو وٺڻ جي ضرور ڪوشش ڪندس.“ مون وضاحت گهرندي چيو.
هن جواب ڏنو، ”آهستي ڳالھاءِ. ڪو ٻڌو نہ وٺي. چڱو پھرين مون کي جوراب کڻي ڏي، بلڪ پاراءِ، جوئا ۾ بازي هڻڻ جو مزو تہ پئرس ۾ آهي. خبر اٿئي تہ مان اڄ پئرس پئي وڃان.“
”ھا، تہ اڄ ئي؟“
”بس اڌ ڪلاڪ کن ۾.“
واقعي هن جو سامان ٻڌو پيو هو. هڪ طرف هنڌ ۽ پيتي رکيا هئا. چانھه جو سيٽ ميز تي پيو هو. جنھن مان ثابت هو تہ هينئر چانھه پيتي هوائون.“
”جوئا جو مزو تہ پئرس ۾ آهي. هتي دغابازي گهڻي ٿيندي آهي ۽ اھا ڏاڍي خراب ڳالھہ آهي. اگرچھ مون کي خبر آهي تہ خود شرط ٻڌڻ ۽ هڻڻ بہ خراب ڳاله اهي. منھنجا جوراب ڪٿي آهن. پارائينم نہ؟“
هن پنھنجا سنگ مرمر جھڙا سھڻا ۽ جرڪندڙ پيرا سڌا ڪري مون ڏانھن وڌايا. آءٌ هٻڪندي، هن کي ريشمي جوراب پارائڻ لڳس تہ هوءَ اٿي بيٺي ۽ ٻارن واري سادگيءَ سان ڳالھيون ڪرڻ لڳي.
”دوکو ڏيڻ بہ ڪيترو حوصلي جو ڪم آهي، ڳالھہ هيءَ آهي تہ مون کي پنجاھہ هزار فرانڪ جي ڏاڍي ضرورت اهي. فرئنڪفرٽ ۾ توھان اھا رقم مون کي ڏجانءِ پوءِ پئرس ۾ اسين ٻئي گڏ کيڏنداسين. راند تہ اتي ٿيندي. جوئا کيڏڻ جي سچي خوشي پئرس ۾ ملي سگهي ٿي. ڇو جو جوئا جو اصلي هنڌ اهو آهي. توکي اتي اهڙيون اهڙيون سھڻيون عورتون ملنديون، جي تو سڄي عمر ۾ نہ ڏٺيون هونديون. ڏس....“
”پر سوچڻ جي ڳالھہ هيءَ آهي تہ توکي پنجاھہ هزار فرانڪ ڏيئي بہ ڇڏيان، تہ پوءِ مون وٽ باقي ڇا بچندو!“
”تون پھرئين ئي سينٽن کي فرانڪن ۾ بدلائي چڪو آهين ۽ ان کان سواءِ بہ هونئن آءٌ مھينو بہ مھينا تو وٽ رهڻ لاءِ تيار آهيان ۽ پڪ توکي مون سان رهڻ ۾ ڪو اعتراض ڪونہ ٿيندو. انھن ٻن مھينن ۾ اسين پنجاھہ هزار فرانڪن مان ڏيڍ لک فرانڪ بڻائي ڇڏينداسين. مان پھرين ٿي ٻڌائي ڇڏيانءِ تہ اهو سڀ ڪجهہ اتي وڃڻ کان پوءِ ئي پورو ٿي ٿو سگهي. نہ تہ اتي ويھي خيالي پلائن پچائڻ مان ڪجهہ بہ ڪين ورندو.“
”صرف ٻہ مھينن ۾!“
”آخر تون ڊڄين ڪھڙي ڳالھہ کان ٿو. اتي توکي ڪير ٻڌي ڪونہ ڇڏيندو؟ خبر اٿئي پئرس جو هڪ مھينو ٻي سڄي زندگيءَ جي برابر آهي. هڪ مھينو تمام گهڻو ٿيندو آهي. پنھنجو پان کي فريب ۾ ڏي. آءٌ سمجهان ٿي تہ هن ڳالھہ ۾ جيڪو مزو آهي اهو توکي ملي ئي نٿو سگهي. يعني تون ان قابل ئي ڪونہ آهين. تون تہ ڪجهہ سمجهين ئي ڪونہ ٿو. صفا ڪو ٻُڌو آهين.“
ان وقت آءٌ هن جي ٻئي پير ۾ جوراب پارائي رهيو هوس. خبر ناهي تہ جو آءٌ هن جي ڀريل گلابي بڪيءَ تي چمي ڏيڻ کان رهي نہ سگهيس. هن پير ڇڪي ورتو ۽ آهستي آهستي کڙي منھنجي مٿي تي هڻڻ لڳي. ڄڻ ٿڦڪيون ڏيئي رهي هجيم. وڃڻ مھل هن مون کي چيو: ”ياد رک جوئا ۾ بازي لڳائڻ وقت ڏاڍي احتياط ۽ هوشياريءَ جي ضرورت آهي. مان بس پندرهن ويھن منٽن ۾ اسٽيشن ھلي وينديس.“
آءٌ جڏهن پنھنجي ڪمري ۾ واپس آيس. تہ ائين لڳم ڄڻ منھنجو مٿو ڦري رهيو هو. ان گردش ۾ منھنجا خيالات پسجي ڊانواڊول ٿي ويا هئائ ڀلا جي مس پالينا پئسنجي ٿيلهي منھنجي منھن تي ڦهڪائي ڪڍي هئي ۽ انگريز ائسٽلي کي مون تي تريجيح ڏني هئائين، تہ ان ۾ منھنجو ڪھرو ڏوهه؟ اڃا بہ ڪجهہ سڪا ۽ نوٽ زمين تي پکڙيا پيا هئا. مون ويندي ئي اهي ميڙيا، ان وقت در کليو ۽ وڏو بيرو ظاھر ٿيو. (جو ان کان پھرين ڪڏهن بہ منھنجي ڪمري ۾ نہ آيو هو). مون کي صلاح ڏيندي چياِن.
”سائين، منھنجو خيال آهي تہ اوھان هيٺيئينءَ منزل تي ڏاڪڻ جي ڀر وارن ڪمرن ۾ ھليا وڃو، جيڪي اڄ نواب صاحب خالي ڪيا آهن.“
آءٌ خاموش ٿي ويس ۽ ڪجهہ سوچڻ لڳس.
”منھنجو بل موڪل. آءٌ هينئر ئي ٻاھر پوي وڃان.“اهو چئي آءٌ سوچڻ لڳس. ”جي پئرس تہ پئرس ئي سھي. چڪر تہ روز اول کان منھنجي مقدر ۾ لکيل آهي.“
پندرهن منٽن کان پوءِ اسين ٽيئي يعني مادام ڪامنگس، بلانشي ۽ آءٌ واقعي ٽرين جي هڪ خاص گاڏي ۾ ويٺا هئاسين. بلانشي مون سان کلي ڳالھيون ڪري رهي هئي ۽ هيڏانھن هوڏانھن ڏسي رهي هئي. هوءَ ايترو ٿي کلي جو اکين ۾ پاڻي اچي ٿي ويس ھاڻ منھنجي زندگي ٻن حصن ۾ ورھائجي چڪي هئي. پر گذريل ڏينھن کان مون پنھنجي ھر شيءِ پتن جي بازيءَ ۾ هڻڻ شروع ڪئي هئي. شايد اھا ڳالھہ بہ درست آهي تہ هيءَ اوچتو هٿ آيل دولت منھنجي ضرورت کان گهڻي هئي ۽ ان مون کي ڪجهہ مغرور ڪري ڇڏيو هو. ھاڻ تہ آءٌ پننهجي سڄي پونجي بازيءَ ۾ هڻي چڪو آهيان. شايد ان لاءِ دکي هوس. اهو خيال منھنجي ذهن ۾ آيو، پر رڳو هڪڙو ڀيرو. ان کان پوءِ يڪدم خيال پاسو ورايو. ”پر هڪ مھيني کان پوءِ هتي ئي موٽي ايندس ۽ اوھان سان قوت آَزمائي ڪندس ائسٽلي صاحب!“ حقيقت هيءَ آهي تہ ان وقت آءٌ خوش ڪونہ هوس. بلڪ خوفناڪ حد تائين اداس ۽ غمگين هوس. اھا ٻي ڳالھہ آهي تہ آءٌ هن شيطان جي ڌيء، مدموزيل بلانشي جي اوچن اوچن ٽھڪڻ جو ساٿ ڏيئي ريھو هوس.
”توکي ڇا پيو ٿئي؟ تون تہ ڪو بيوقوف آهين؟“ بلانشي پنھنجي ٽھڪڻ وچان مون کي تڙي ڏيندي چيو. ”جي آءٌ تنھنجا ٻہ لک فرانڪ خرچ ڪير ڇڏيان، تہ پوءِ ڇا ٿيندو! هڪ ئي تہ ڳالھہ آهي. ان جي بدلي آءٌ توسان ظاھر ظهور ٻاھر گهمنديس. تنھنجو مرتبو ۽ وقار وڌندو ۽ هونئن پنھنجي هٿ سان تنھنجي نيڪٽاءِ ٻڌنديس ۽ جي خوانخواستہ سڀ پئسا ھارائي بہ ڇڏيون، تہ تون وري هتي اچجانءِ ۽ ھاڻي وانگر وري بئنڪ جو رڪارڊ ڀڃجانءِ. ياد اٿئي يھوديءَ توکي ڇا ٿي چيو؟ جرئت ۽ حوصلو تو ۾ آهي. مون کي پڪ آهي تہ تون پئرس ۾ منھنجي لاءِ اڳي کان بہ وڌيڪ پئسا کٽي ايندين، جتي رهجي اتي کٽڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو آهي.“
”۽ جنرل صاحب....“
”جنرل صاحب روز مون وٽ گلن جو هڪ گلدستو کڻي ايندو هو. اڄ مون کي چيو تہ فلاڻي رنگ جا گل آڻ. جڏهن غريب واپس ايندو ۽ ڏسندو تہ پنڇي اُڏري ويو آهي، تہ هو بہ اسان جي ڳولا ۾ نڪرندو. تون خود ڏسندين. مون کي هن سان ملي ڏاڍي خوشي ٿيندي. پئرس ۾ مون کي هن مان گهڻو ئي فائدو حاصل ٿي سگهندو. هتي ائسٽلي صاحب هن جي هوٽل جو بل ادا ڪندو.....“
ان طريقي ۽ اهڙين حالتن ۾ آءٌ پئرس پھتس.