باب ٽيون
مونکي ٽن هفتن کان خبر هئي تہ هوءَ.رولٽ، جي جوئا کيڏڻ جو ارادو رکي ٿي، هن مون کي بہ خبردار ڪري ڇڏيو هو تہ هن لاءِ خود کيڏڻ مناسب ڪونھي، ان ڪري سندس جڳھہ تي مونکي کيڏڻو پوندو. هن جي ڳالھائڻ جي نموني مان ئي مون سمجهي ورتو تہ هوءَ ڏاڍي فڪرمند آهي ۽ ان جو سبب رڳو پئسن حاصل ڪرڻ جي خواهش نہ هيس. پئسن جي کيس آخر ڪھڙي ضرورت هئي! پڪ ان جو ڪو ٻيو سبب آهي. ڪا اهڙي ڳالھہ آهي، جنھن جي باري ۾ في الحال تہ مون کي ڪا خبر ڪانہ هئي، پر آءٌ ان متعلق ڌڪو ضرور هڻي سگهان ٿو. هن جي بي خيالي ۽ تڪبر واري لهجي مون کي ان قابل بنائي ڇڏيوهو تہ مان بہ هن کان گستاخيءَ ۽ گهرائپ سان سوال ڪري سگهان. ڇو جو آءٌ هن جي نظر ۾ هڪ بي حيثيت غلام هوس، ان ڪري منھنجي گستاخيءَ واريءَ پڇا ڳاڇا تي هن کي ناراض ٿيڻ جي ضرورت ئي نہ پوندي هئي. حقيقت هيءُ آهي تہ هوءَ مون کي ھر قسم جو سوال ڪرڻ تہ ڏيندي هئي، پر جواب ڪڏهن بہ نہ ڏيندي هئي. اهو هو منھنجو ۽ هن جو تعلق.
ڪالھہ چار ڏينھن اڳ موڪليل ان تار جي باري ۾ ڏاڍيون ڳالھيون ٿينديون رهيون، جنھن جو اڃا ڪو جواب ڪو نہ آيو هو، سو جنرل صاحب بہ ڏاڍ پريشان هو، ڏاڏي جي باري ۾ ڪانہ ڪا اهم ڳالھہ ضرور هئي. فرينچ بہ پريشان هو. ڪالھہ شام جو ئي ماني کائڻ کان پوءِ هنن ۾ ڪافي دير تائين سنجيده ڳالھيون ھلنديون رهيون. فرنيچ جو رويو توقع جي خلاف سڀني سان ڏاڍو رکو آڪرائي وارو هو. شايد هو بہ بور ٿي پيو هو. هن جو رويو پالينا سان بہ ڏاڍو رخيءَ وارو هو. هونئن ساڻن گڏ هو بہ خوش خوش باغ ۾ سير و تفريح لاءِ ويندو هو. گهوڙن جي سواري بہ گڏ ٿيندي هئي ۽ اتي پري ٻھراڙي ۾ پڻ مجلسون ٿينديون هيون، مون کي چڱي عرصي کان انھن حالاتن جي خبر هئي، جن جي ڪري فرنيچ جنرل صاحب سان گڏ رهڻ تي مجبور ۽ پابند هو. حقيقت ۾ هنن گڏجي روس ۾ هڪ ڪارخانو کولڻ جو منصوبو ٺاهيو هو. خبر نہ هئي تہ اهو منصوبو ڪامياب ٿي چڪو هو يا اڃا تائين زير بحث اٿن. ان کان سواءِ اتفاق سان مون کي هڪ گهرو راز جي خبر پئجي ويئي هئي. گذريل سال فرينچ صاحب جنرل صاحب کي واقعي وڏي مصيبت مان نجات ڏياري هئي ۽ هن کي ٽيھہ هزار روبل هڪ اهڙي سرڪاري رقم پوري ڪرڻ لاءِ ڏنا هئائين، جيڪا هن جي استعيفا ڏيڻ وقت غائب هئي، ۽ ھاڻي جنرل صاحب سندس چنبي ۾ هو. پر منھنجي خيال ۾ هن ناٽڪ جو اصلي ڪردار مادموزيل بلانشي ئي آهي.
مادموزيل بلانشي ڪير آهي؟ چيو ٿو وڃي تہ هڪ معزز فرينچ خاتون آهي، جنھن وٽ تمام گهڻي دولت آهي ۽ ساڻس گڏ سندس ماءٌ بہ آهي. ٻڌو اٿم تہ هن جي اسان واري فرنيچ ’مارڪس‘ سان بہ ڪا مائٽي آهي_ پر پري جي. شايد سئوٽ آهن يا اهڙي قسم جي ڪا ڏورانھين مائٽي اٿن. مونکي خبر پيئي آهي تہ منھنجي پئرس وڃڻ کان پھرين فرينچ ۽ مادموزيل بلانشي جا تعلقات بي تڪليف هئا_ يعني ڏاڍا لطيف ۽ شانائتي قسم جا، پر ھاڻ هنن جي شناسائي، هنن جي دوستي ۽ هنن جا تعلقات ڪجهہ ھلڪڙا ۽ زياده ويجھا آهن. غالبا هو اسان جي مٿيري اسرڻ جا امڪان ايترا گهٽ ڏسن ٿا جو هو اسان سان بي تڪلف ٿيڻ ۽ ٻاھرئين شان نہ رکڻ ۾ ڪو ھرج ڪونہ ٿا سمجهن. مون ٽيون ڏينھن ئي ڏٺو هو تہ ائسٽلي صاحب مادمويزل بلانشي ۽ هن جي ماءٌ کي عجيب انداز سان ڏسي رهيو هو. مون کي ائين لڳو ڄڻ هو هنن کي سڃاڻيندا هجن، بلڪ هي بہ محسوس ٿيو تہ اسان جو فرينچ صاحب پھرين بہ ائسٽلي سان ملي چڪو آهي. ائسٽلي صاحب ايتري قدر شرميلو، خاموش طبع ۽ گهٽ ڳالھائو آهي. جو ھرڪو ان جي باري ۾ هي اندازو لڳائي سگهي ٿو تہ هو ڍنڍورو ڏيڻ جي قابل ناهي.فرنيچ ڄڻ تہ وڏي تڪليف سان ائسٽلي صاحب کي سلام ڪندو هو، بلڪ هن ڏي نظر کڻي تہ ڏسندو بہ نہ هو_ مطلب تہ هو هن جي پرواھہ ئي نہ ڪندو هو. اھا ڳالھہ تہ ھر ڪو سمجهي ٿي سگهيو، پر مادموزيل بلانشي ھن ڏي ڇو نٿي نھاري خاص ڪري جڏھن ڪالھ ڳالھ ٻولھ جي وچ ’مارڪئس‘ جي زبان تي الائي ڪھڙي سلسلي ۾ __ اتفاقا ھيءَ ڳالھ اچي وئي تہ ائسٽلي صاحب وڏيءَ دولت جو مالڪ آھي. ۽ ان جي کيس، يعني ’مارڪئس‘ کي چڱي طرح خبر آھي __ تڏھن تہ مادموزيل بلانشي ضرور ھن ڏانھن نھاري ھا! بھرحال جنرل صاحب جي چاچيءَ جي وفات جي خبر آڻڻ واري تار جي ڪيڏي اھيت ٿي سگهي ٿي.
مون کي يقين ھو تہ پالينا ڪنھن خاص ڳالھ جي ڪري مون سان ڳالھائڻ کان نٽائي رھي ھئي. تنھن ڪري مون بہ رکائيءَ وارو رويو اختيار ڪيو. مون اھو ٿي سوچيو تہ ھوءَ جلدي پاڻھي مون وٽ ايندي. ڪالھھ کان وٺي منھنجي توجھھ جو مرڪز مادمورزئيل بلاشي ھئي. ويچار و جنرل! ھو تہ بلڪل تباھھ ٿي چڪو آھي. پنجونجاھہ سالن جي عمر ۾ اھڙي شديد جذبي سان عشق ڪرڻ واقعي آسماني قھر آھي. ڪو ويچار تہ ڪري تہ ھو ڪيڏي عذاب ۾ ورتل آھي. ھڪ تہ رنھڙ، ٻيا ٻار، ملڪيت سڄي برباد ۽ تباهه، خاصي رقم جو مقروض ۽ انھن سڀني جي مٿان ڳالھ ھيءَ تہ ان خاص عورت سان عشق… مادموزيل بلانشي بي شڪ سھڻي عورت آهي.پر جي آءٌ اهو چوان تہ هن جو منھن اهڙي قسم جو محسوس ٿئي تہ الائي منھنجي اھا ڳالُھ ڪنھن جي سمجهه ۾ بہ ايندي يا نہ. آءٌ پاڻ تہ اهڙي قسم جي عورت کان ڊڄندو آهيان. هو شايد پنجويھن ورهين جي آهي. صحتمند، مضبوط ۽ ويڪرو جسم، ٿلهيون رانون، خوبصوت ڳچي ۽ وڏيون ڇاتيون¬_ رنگ زردي مائل ڳاڙهو. وار ايترا ڪارا جھڙا هندستاني مس ۽ ايترا گهاٽا جو انھن مان ٻہ جهوپڙا تہ ضرور جڙي پون. هن جون اکيون وڏيون ۽ ڪاريون آهن،جن جي اڇن تارن ۾ ھلڪا ھلڪا گلابي رنگ جا ڏورا نظر اچن ٿا.نگاھ ۾ گستاخي، ڏند تمام اڇا، چپن تي ھميشہ سرخي. هن جي جسم مان مشڪ جي خوشبو ۽ ايندي آهي.هوءِ پر اثر، وضع دار قيمتي ۽ باشوق لباس پھريندي آهي.هٿ ۽ پير ڏاڍا نفيس ۽جميل،آواز حالانڪ ڳرو اٿس، پر ڏاڍو مدهم ــ ڪڏهن ڪڏهن هو ٻٽيھہ جا ٻٽيھہ ڏند ڪڍي کلندي آهي. باقي هن جي عام انداز ۾ خاموشي جو اثرگهڻو هوندو آهي. خاص طرح پالينا ۽ ماريا فلپانا جي آڏو (ھا، ھڪ عجيب افواھھ آھي تہ ماريا فلپانا واپس روس وڃي رھي آھي ). منھنجو خيال آھي تہ مادموزيل بلانشي تعليم يافتہ نہ آھي. ھونئن ھوءَ ذھني طور تي بہ ايڏي تيز نہ آھي. بھرحال ھوءَ ڏاڏي پر ڪشش آھي منھنجو خيال آھي تہ ھن جي زندگيءَ ۾ ڪي ڳالھيون ضرور ٿيون. سچ پڇو تہ اھو بہ ممڪن آھي تہ ھن جي مارڪئس سان اصل ڪا مٽي ئي نہ ھجي ۽ ماءُ بہ ھن جي اصلي ماءُ نہ ھجي. ھا اھو ضرور آھي تہ برلن ۾، جتي اسين سڀ گڏ ويا ھئا سين، مادموزيل بلانشي ۽ ان جي ماءُ جي چڱن چڱن ماڻھن سان واقفيت ضرور ھئي. جيستائين مارڪس جو تعلق آھي، مون کي تہ اڃا تائين ھن جي مارڪئس ھجڻ ۾ ئي شڪ آھي، ـــ پر ھن حقيقت ۾ ڪنھن شڪ جي گنجائش نہ آھي تہ ھو روسين ۽ مثلاً ماسڪو ۽ جرمني جي چند جڳھن تي وڏن وڏن ما ڻھن جي مجلس ۾ اٿندو ويھندو آھي. اھا خبر ڪانھي تہ فرانس ۾ سندس حيثيت ڪھڙي آهي. چون ٿا تہ اتي وڏو محل اٿس.
منھنجو خيال هو تہ منھنجي غير حاضريءَ وارن ٻن هفتن ۾ گهڻو ڪجه ٿي ويو هوندو. پر مون کي اڃا تائين خبر نہ پئجي سگهي هئي تہ جنرل صاحب ۽ مادموزيل بلانشي جي جي وچ ۾ ڪا فيصله ڪن ڳالهھ ٿي چڪي آهي يا نہ؟ اصل ۾ ھر ڳالھہ جو انحصار اسان جي قسمت تي ٿيڻو هو، يعني هن تي تہ جنرل صاحب دولت پيش ڪري سگهيو ٿي يا نه! فرض ڪريو تہ هيءَ خبر ٿي اچي تہ ڏاڏي اڃا ڪانہ مئي تہ مون کي پڪ آهي تہ مادموريل بلانشي يڪدم گم ٿي ويندي. اهو سوچي تہ مان ڪيترو گهڻ ڳالھائو ٿي ويو آهيان، هنن ڳالھين تي جتي مون کي تعجب ٿيندو آهي اتي خوشي بہ ٿيندي آهي. اف! مون کي انھن سڀني ڳالھين کان جند ڇڏائيندي بہ انتھا خوشي ٿيندي. پر ڇا مان پالنا کي ڇڏي سگهان ٿو؟ مون کي خبر آهي تہ ھر وقت ڪنھن جي پٺيان لڳو رهڻ خراب آهي ۽ معيوب بہ آهي، پر مون کي ان جي بہ پرواھہ ڪانھي.
ھاڻي تہ آءٌ ائسٽلي صاحب جي شخصيت ۾ بہ دلچسپي وٺندو آهيان. پڪ ٿي ويئي اٿم تہ هو پالنا سان محبت ڪري ٿو. هيءَ ڪيڏيءَ نہ عجيب ۽ پڻ چريائپ جي ڳالھہ آهي تہ هڪ شرميلو ۽ انتھائي پارسا ماڻھو جڏهن عشق ڪري ٿو، تڏهن پنھنجي اکين سان پنھنجي دل جي ڳالھين جو اهو ڪجهہ اظھار ڪري ٿو ڇڏي، جنھن جي بدران هو هوند وڏيءَ سان موت قبول ڪري، پر پنھنجي واتان يا ٻيءَ طرح اھا ڳالھہ ظاھر ٿيڻ نہ ڏئي، ائسٽلي صاحب اسان کي گهڻو ڪري سير تفريح جي وقت ملندو آهي. هو ٽوپي مٿي تان لاهي هٿ ۾ ڪندو آهي ۽ اسان وٽان ائين لنگهي ويندو آهي، ڄڻ اسان سان ملندي ئي مري پوندو. جي اسان مان ڪو سڏيندو بہ اٿس تہ يڪدم انڪارڪري ڇڏيندو آهي.انھن جڳهن تي جتي اسين آرام ڪندا آهيون ڪا سينو ۾ يا بئنڊ واري ٿلهي تي يا ڦوھاري تي ـــ هو هميشہ اهڙي جڳهھ تي اچي بيھدو آهي، جتان اسان کي ڏسي سگهي. اسين کڻي ڪٿي بہ هجون، پارڪ ۾ يا جهنگ ۾، يا شنگلبرگ جي جبلن ۾ ـــ جي ڪو رڳو هيڏانھن هوڏانھن نظر ڊوڙائيندو تہ ڪنھن ويجهي رستي تي يا وڻن ٽڻن جي پٺيان ائسٽلي صاحب جي سسي ڏسي وٺندو. منھنجي خيال ۾ تہ هو مون سان اڪيلائي ۾ ڳالھائڻ جو موقعو ڳولهي رهيو آهي انھي ڏينھن صبح جو منھنجي ساڻس ملاقات ٿي، پر مختصر. هو ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍي بي ربطي نموني سان جلدي جلدي ڳالھائيندو آهي. عليڪ سليڪ ڪرڻ بنا هن هڪدم چيو؛
او مادموزيل بلانشي.... مون بلانشي جھڙيون گهڻيون ئي عورتون ڏٺيون آهن.
هو مون ڏانھن پر معنيٰ تيز نگاهن سان ڏسندو بيھي رهيو. هن جي ان سڄيءَ ڳالھہ جو مطلب ڇا هو. مان ڪجهہ بہ نہ سمجهي سگهيس. ڇو جو جڏهن مون هن کان پڇيو تہ سندس مطلب ڇا هو. تڏهن هن مشڪي، ڪنڌ لوڏيندي چيو، اهو مطلب اهوئي آهي..... ڇا مادموزيل پالينا کي خبر ڪانھي؟ ائسٽلي صاحب حيرت مان چيو. آءٌ سچ ٿو چوان تہ مون کي خبر ڪانھي ـــ مون کي خبر ڪانھي ــــ مون ڪڏهن ان تي غور ئي نہ ڪيو. مون وراڻيو.
عجيب ڳالھہ آهي؟ هو ڪنڌ لوڏيندو ھليو ويو. البت هو خوش نظر اچي رهيو هو. عجيب غلظ سلط فرينچ ٻولي هڪ ٻئي کي ٻڌائي هئيسون!