ناول

جوئاري

”جوئاري“ جڳ مشھور ليکڪ  فيوڊور دوستو وسڪيءَ جي لکيل ناول The Gambler جو سنڌي ترجمو آھي. ”جوئاري“ روسي سماج جي هڪ اهڙي فرد بابت لکيل ناول آهي، جنھن ۾ روس جي جڳ مشھور ناول نگار فيودور دوستووسڪي نھايت دل پذير ۽ سھڻي نموني سان انساني ڪيفيتن ۽ احساساتي ڪشمڪش جي تصوير ڪشي ڪئي آهي. لائق ليکڪ مختلف وارتائن ۽ حالتن جي حدت ۾ رهندي انساني خواهشن، ۽ خارجي حقيقتن جي ٽڪراءُ جو تفصيل عظيم فن سان پيش ڪيو آهي.


Title Cover of book جوئاري

باب ڏهون

منھنجي خيال ۾ گرم چشمن وارن هنڌن تي خاص طرح ۽ يورپ ۾ عام طرح هوٽل جا بيرا پنھنجي مھمانن کي ڪمرن ڏيڻ وقت بجاءِ هنن جي خواهشن ۽ ضرورتن جي خيال جي، پنھنجي مرضيءَ مطابق ھلندا آهن ۽ پنھنجي راءِ ۾ جيڪو ۽ جھرو ڪمرو جنھن لاءِ موزون سمجهندا آهن. اهو ئي ان جي حوالي ڪندا آهن ۽ ڪمال جي ڳالھہ هيءُ آهي تہ هو پنھنجي انتخااب ۽ فيصلي ۾ ڪڏهنبہ غلطي ڪانہ ڪندا آهن. پر ڏاڏيءَ کي هنن اهڙا شاندار ڪمرا ڏنا. جو سواءِ ان جي ڇا ٿو چئي سگهجي تہ هو پنھنجي فيصلي ۾ ڪجهہ حد کان وڌي ويا هئا. چار سينگاريل ڪمرا ۽ هڪ وهنجڻ جي جاءِ، نوڪرن لاءِ ننڍا ننڍا ڪوارٽر ۽ نوڪرياڻيءَ لاءِ هڪ ڪمرو- هڪ هفتو اڳ واقعي انھن ڪمرن ۾ هڪ مشھور دولتمند ڊَچيس رهيل هئي. ان حقيقت کان ڏاڏيءَ کي پھرين واقف ڪيو ويو هو، تہ جيئن هن جي نظرن ۾ ڪمرن جي قدر ۽ قيمت وڌي وڃي. ڏاڏي پنھنجي معزورن واري ڪرسيءَ تي ويھي، سڀني ڪمرن جا چڪر هڻي رهي هئي ۽ ھر شيءِ کي غور سان ڏسي رهي هئي. وڏو بيرو جيڪو گنجو هو ۽ چڱيءَ عمر جو هو، ڏاڍي احترام سان هن ابتدائي جائزي جي موقعي تي ڏاڏيءَ جي اڳيان اڳيان ھلي رهيو هو.
آءٌ چئي نٿو سگهان تہ هنن سڀني ماڻھن آخر ڏاڏيءَ کي ڇا ٿي سمجهيو. هنن جي رويي مان ظاھر تہ ائين پئي ٿيو ڄڻ تہ هو هن کي بيحد دولتمند خاتون سمجهي رهيا هئا. هنن پنھنجي روزنامچي ۾ بہ هن جو نالو ڏاڍي شد مد سان هيئن لکيو هو: ’مادام شھزادي بيگم جنرل تارسو وچ‘ حالانڪ ڏاڏي ڪڏهن بہ شھزادي نہ رهي هئي. غالباً هن جي ذاتي نوڪرن، ريل گاڏيءَ جي محفوظ ٿيل خاص گاڏن، ڳوڻين، چمڙي جي ٿيلهن ۽ صندوقن هن جي اهميت وڌائي ڇڏي هئي. معذورن واري ڪرسي، بي ربط لهجو، تيز ۽ تند آواز، نرالا سوال، جن جي ترديد ناقابل برداشت هئي..... مطلب تہ ڏاڏيءَ جي سڄيءَ شخصيت هن جي تحڪمانہ انداز ۽ ٻين سڀني آثارن هن جي ڌاڪ ويھاري ڇڏي هئي. ڪمري جو معائنو ڪندي ڪندي هن ڪرسي بيھاري، فرينچر مان ڪو نقص ٿي ڪڍيو. وڏي بيري کان ڪو اڍنگو سوال ٿي ڪيائين، ۽ هو ويچارو کيس ڏسندو ٿي رهيو، پر پوءِ بہ اهو سوال هن لکي ٿي ڇڏيو. دراصل هو پڻ سخت پريشان ٿي چڪو هو. پر ان کان سواءِ ڪري بہ ڇا ٿي سگهيو. ڏاڏي پنھنجا سوال اهڙي ڀڳل ٽٽل فرينچ زبان ۾ ٿي ڪيا، جو آخر مون کي وضاحت ڪرڻي ٿي پئي..... وڏي بيري بہ ڪجهہ اھرا ٿي جواب ڏنا، جو هوءَ گهڻو ڪري مطمئن ڪانہ ٿي ٿي. بلڪ التو ناراض ٿي ٿي. هي تہ آءٌ بہ چوندس تہ ڏاڏيءَ جا سوال واقعي نامناسب ۽ بي وقتا هئا. مثلاً هڪ هنڌ اوچتو هڪ ڌنڌليءَ تصوير جي اڳيان بيھي، جا ڪنھن ديومالا جي مشھور ڪھاڻي جي عڪاسيءَ جي خاطر مصور ٺاهي هئي، پڇڻ لڳي:
”هيءَ ڪنھن جي تصوير آهي؟“
”شايد ڪنھن ڪائونٽ جي زال هوندي“. وڏي بيري جواب ۾ چيو.
”عجيب ڳالھہ آهي تون هتي رهين ٿو ۽ اھا بہ خبر ڪانہ اٿئي تہ هيءَ تصوير ڪنھن جي آهي. آخر هتي ڇو رکي ويئي آهي؟ هيءَ آڏين نظرن سان ڪنھن کي ڏسي رهي آهي؟“
غريب بيرو ان سوال جو جواب اطمينان بخش طريقي سان ڏيئي نہ سگهيو ۽ سچ پچ خاصو پيشان ٿي ويو.
”اوهه! هتي جا ماڻھو ڪيترا نہ بي مغز ۽ ٻو آهن؟“ ڏاڏيءَ روسي زبان ۾ چيو.
آخر ڏاڏيءَ کي اڳتي وڌايو ويو. بلڪل ساڳي حالت ڊيرسڊن جي هڪ مجسمي وٽ پيش آئي. پھرين تہ الاهي وقت تائين ڏاڏي هن کس ڏسندي رهي، پوءِ خدا ڄاڻي ڇو حڪم ڪيائين تہ ان کي اتان هٽائي ڇڏيو. آخر ۾ وڏي بيري کي هڪ وڏي مصيبت کي منھن ڏيڻو پيو. ڏاڏيءَ خوابگاھہ ۾ وڇيل غاليچي لاءِ پڇيو: ”هن جي قيمت گهڻي آهي؟ ڪھڙي شھر جو ٺھيل آهي؟ ڪٿان خريد ڪيل آهي؟“ ويچارو ان کان سواءِ چئي ڇا ٿي سگهيو: ”چڱو بيگم صاحبہ پڇي ٻڌائيندس.“
”بي وقوف ڪٿي جو.“ ڏاڏي زبان سان چئي رهي هئي، پر اکيون هنڌ تي ڄميل هيس. ”ڇپر کٽ تہ شاندار آهي. اي، هنڌ تہ کول!“
هنن هنڌ کولڻ شروع ڪيو.
”اڃا....اڃا.... اڙي اڃا.... بلڪ سڄو کوليوس.... سڀ ويھاڻا ڪڍو.... کيس هڪ طرف رکو.... جاھل!“ ڏاڏي مسلسل ڳالھائي رهي هئي.
هنڌ جي هڪ هڪ شيءِ ٻاھر ڪڍي ويئي. ڏاڏيءَ غور سان ھر شيءِ جو معائنو ڪيو.
”خير، اهو بہ سٺو آهي تہ هتي منگهڻ ڪونھن. سڀ سوٽي چادرون هڪ طرف رکو ۽ ڏسو منھنجي چادر ۽ ويھاڻا کٽ تي چڱيءَ طرح پکيڙيو. هي ڪم مون جھڙي ضعيفھ لاءِ اصل موزون ڪينهي. ڪمرا ڏاڍا خراب آهن. سٺو ڏينھن اڪيلي ويٺي مکيون مارينديس ۽ ٻيو ڇا ٿيندو.... اليگزي اِوانو وچ، تون روز ٻارن کي پڙھائڻ کان پوءِ ۽ هونئن بہ وقت ضرورت هجنئي، مون وٽ اچجئين.“
”مون ڪالھہ ٻارن کي پڙھائڻ جو ڪم ڇڏي ڏنو آهي ۽ ھاڻ هوٽل ۾ پنھنجي منھن پنھنجي خرچ سان رهندو آهيان.“ مون جواب ڏنو.
”سو وري ڇو؟“
”ڪجهہ وقت کان ڪو وڏي عهدي وارو جاگيردار صاحب پنھنجي بيگم سان گڏ برلن کان هت آيو آهي. ڪالھہ جي ڳالھہ آهي. مون قسمت جي ماريل هن سان جرمن زبان ۾ گفتگو ڪئي، پر برلن جي لب ولهجي جو خيال نہ رکيم. بس اھا آهي سڄي ڳالهه.“
”چڱو پوءِ؟“
”ان ڳالھہ کي هن پنھنجي بي عزتي سمجهيو ۽ جنرل صاحب سان منھنجي شڪايت ڪيائين، سو ڪالھہ هن مون کي نوڪريءَ تان جواب ڏئي ڇڏيو.“
”تو ڪنھن لفظ تي زور ڏيئي چيو هوندو. پر اھا تہ ڪا اهڙي ڳالھہ نہ آهي.“
”نہ، بلڪل نه! بلڪ جاگيردار صاحب مون کي ڌڪ هڻڻ لاءِ ڏنڊي بہ الاري هئي.“
”او بيھودا، تون پنھنجي ٻارن جي استاد سان اهڙي سلوڪ کي برداشت ڪيئن ڪيو؟“ ڏاڏيءَ اوچتو جنرل کي مخاطب ڪندي چيو، ”بلڪ هن کي پاڻ وٽان بہ ڪڍيئي، ٻُڌو، توهين سڀ ٻُڌو آهيو.“
جنرل صاحب ڏاڍي انڪساري سان چيو، ”چاچي، اوھان ڇو ٿيون خوامخواه پريشان ٿيو. ان ڳالھہ سان اوھان جو ڪھڙو تعلق؟ مان ڄاڻان منھنجو ڪم ۽ هونئن بہ اليگزي انواوچ صحيح واقعو ڪونہ ٻڌايو آهي.“
”۽ تو بہ هيءَ بي عزتي برداشت ڪئي!“ ڏاڏيءَ مون کان پڇيو.
”نہ محترمہ مان تہ جاگيردار سان ڳالھيون ڪرڻ ٿي گهريون. ”مون نھايت صبر ۽ سڪون سان جواب ڏنو. ”مون کي تہ ڪنھن جهيڙي جي بہ پرواھہ ڪانہ ئي پر جنرل صاحب ان جي بہ مخالفت ڪئي.“
”تو مخالفت ڇو ڪئي؟“ ڏاڏيءَ جنرل کي چيو. ”چڱو ھاڻ تون وڃي سگهين ٿو. خوامخواه وات ڦاڙي بيھڻ جي ڪھڙي ضرورت، ڏند ڇو پيو کڙڪائين؟ ڪو نچي پيو ڇا! مون کي فضول ميڙ ڪونہ وڻي، وڏي بيري کي متوجھہ ڪندي هن چيو.
هن سلام ڪيو ۽ ڏاڏيءَ جي ڳالھہ جو مطلب سمجهڻ بنا سلام ڪندو ھليو ويو.
”چاچي! ايمان سان ٿو چوان تہ جهڳڙي جو سوال ئي پيدا نٿي ٿيو.“
”سوال ڇو نٿي پيدا ٿيو. مان تہ مردن کي ڪڪڙ سمجهندي آهيان. ان لاءِ هنن کي هميشہ وڙهندو رهڻ گهرجي. توهين ٻُڌو آهيو. توهين ماڻھو پنھنجي هموطنن جي حمايت بہ نٿا ڪري سگهيو. اھا بہ ڪا زندگي آهي. ڏس پوٽا پچ مون کي مٿي وٺي ھل، ٻہ خادم جهل، ٻن کان وڌيڪ ضرورت ڪانھي. مان رڳو ايترو ٿي چاهيان تہ هو ڪرسي ڇڪيندا رهن. شرط هي تہ جيڏانھن مان ويندس، هنن کي گڏ ھلڻو پوندو. هنن کي بي شڪ اڳواٽ پگهار ڏيئي ڇڏ. وڌيڪ خوشيءَ سان ڪم ڪندا. تون بہ هميشہ مون کي بہ اهو جاگيردار ڏيکارجانءِ. آءٌ بہ تہ ڏسان ڪير آهي هو! ھا هو رولٽ جو جوئا خانو ڪٿي آهي؟“
مون ٻڌايومانس تہ رولٽ جون ميزون ڪاسينو ۾ چند ڪمرن ۾ آهن. ھاڻي وري هميشہ جيان سوال شروع ٿي ويا. ڇا رولٽ جون ميزون گهڻيون آهن؟ هتي چڱا ماڻھو کيڏندا آهن؟ ڇا هتي سڄو ڏينھن جوئا ٿيندي آهي؟ کيڏڻ جو طريقو ڪھڙو آهي؟ آخرڪار مون تنگ ٿي چيو. ”هتي ويٺي ويٺي سڀ ڪجهہ ٻڌائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، اوهين پاڻ اکين سان ڏسنديون تہ چڱيءَ طرح سمجهي وينديون.“
”ھل تہ پوءِ هنيئر ئي ٿا ھلون. اليگزي! اٿ، دير نہ ڪر.“
”اوھان سفر ۾ ٿڪجي پيون هونديون، هينئر آرام ڪريو، پوءِ ڏٺو ويندو.“ جنرل صاحب ڄڻ تہ ڪنھن مونجھاري ۾ اچي ويو هو.
اصل ۾ جنرل صاحب نہ بلڪ هو سڀ تنگ ٿي چڪا هئا ۽ جلد جلد هڪ ٻئي ڏانھن ڏسي رهيا هئا. شايد هنن ڏاڏيءَ جو جوئا خاني ۾ وڃڻ ۽ ائين ظاھر ظهور وڃڻ هڪ وڏو خرو ٿي سمجهيو! ممڪن آهي ڏاڏي اتي ئي ڪنھن جي بي عزتي نہ ڪري وجهي. پوءِ بہ (مجبوري سمجهي) هو سڀ اتي وڃڻ لاءِ تيار ٿيڻ لڳا.
”نہ مان ٿڪي ڪانہ آهيان. مون کي آرام جي ڪابہ ضرورت نہ آهي ۽ ائين ويٺي ويٺي، گاڏيءَ ۾ ۽ هتي ٽي ڏينھن ٿي ويا آهن. پھرين جوئا خاني ٿا ھلون. پوءِ پاڻيءَ جي چشمي تي ۽ گرم چشمن تي بہ هنداسين. اُحي ڪٿي آهن؟ ان کان پوءِ هتي- هتي- ڇا چيو هو تو پراسڪويا چوٽي؟“
”جي ھا.“
”چوٽيءَ تي ھلنداسين، ٻيو ڇا آهي هتي؟“
”ڏاڏي، هتي گهڻيون ئي شيون آهن. اوھان کي سڀ ڏيکارينداسون.“
پالينا چوڻ جي ڪوشش ڪئي.
”تون بہ تہ اسان سان گڏ ھلندينءَ نہ؟ تو بہ شايد هتي جون عمارتون ڪونہ ڏٺيون آهن؟“ ڏاڏي پنھنجي خادمھ کي چيو.
”پر هن کي وٺي ھلڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي؟“ جنرل پيشانيءَ وچان چيو، ”منھنجي خيال ۾ تہ پوٽا پچ کي ڪاسينو ۾ گهڙڻ ڪونہ ڏيندا.“
”بڪواس آهي. مان هن ويچاريءَ کي رڳو ان ڪري ڇڏي ھلان، جو هيءَ نوڪرياڻي آهي؟ آخر هيءَ بہ تہ انسان آهي. هڪ هفتي کان مون سان پڇ وانگر چھٽي پئي آهي. هن کي بہ دل آهي. هي بہ تہ شھر ڏسڻ چاهيندي هوندي، هي ويچاري مون کان سواءِ ڪنھن سان ٿي وڃي سگهي؟ هيءَ پنھنجي منھن تہ گهٽيءَ ۾ بہ نٿي وڃي سگهي.“
”پر ڏاڏي.........“
”آخر توکي ايڏو شرم ڇو پيو اچي؟ جي پنھنجي وقار جو ايڏو خيال اٿئي، تہ اسان سان نہ ھل، توکي چوي ڪري ٿو؟ تون جنرل آهين. مان بہ تہ جنرل جي بيگم آهيان. آخر توھان سڀني کي مون سان گڏ ھلڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي؟ مان اليگزي اوانووچ سان گڏ ھلي وينديس.“
پر فرينچ اصرار ڪرڻ لڳو تہ اسان کي هن وقت ڏاڏيءَ سان گڏ ضرور وڃڻ کپي ۽ خود ئي هن سان گڏ وڃڻ جي خوشيءَ کي شاعرانہ انداز ۾ بہ بيان ڪرڻ لڳو. آخرڪار سڀئي ھلڻ لاءِ تيار ٿي وياسين.
هندي وقت گريو آهستي جنرل جي ڪن ۾ چيو، ”هي سڀ خالي ڳالھيون آهن. گهٻراءِ اصل نہ. هي تہ رڳو اجائي بڪ بڪ آهي...“ ان کان وڌيڪ آءٌ ٻڌي نہ سگهيس. البتہ ان مان اهو ضرور ظاھر ٿي ٿيو تہ هو پر اميد آهن، بلڪ شايد سندس ڪي اميدون پويرون ٿي رهيون هيون.
ڪاسينو اتان اٽڪل اڌ ميل جي فاصلي تي هو. رستو شاه بلوط جي وڻن جي وچان ٿي لنگهيو، رستو ٽپي هو سڀ ڪاسينو وڃي پھتا. جنرل صاحب ٿورو مطمئن نظر اچي رهيو هو، ڇو جو هي مختصر جلوس ڏاڍو بي ترتيب هجڻ جي باوجود شاندار ۽ نمائشي لڳي رهيو هو ۽ واقعي ان ۾ حيرانيءَ جي ڳالھہ ئي ڪھڙي هئي! هڪ معذور پوڙهي، جا خود ھلي چري بہ نہ سگهي. ڪاسينو ھلي ٿي اچي، پر تہ بہ جنرل صاحب ڪاسينو وڃڻ کان ڪجهہ ڊنو پئي. شايد هن کي هي خيال پئي ٿيو تہ آخر هڪ معذور پوڙهيءَ کي، جا خود ھلي ڦير نٿي سگهي، جوئا خاني ۾ وڃڻ جي ڪھڙي ضرورت هئي! مس پالينا ۽ مادموزيل بلانشي ڪرسيءَ جي ٻنهي طرفان هيون. مادموزيل بلانشي هميشہ جيان ٽھڪ ڏيئي رهي هئي ۽ ڏاڏيءَ جي دل ۾ گهر ڪرڻ لاءِ ڏاڍيون مٺيون مٺيون ڳالھيون ڪري رهي هئي. جنھن جو نتيجو هي ٿيو تہ ڏاڏي هن کي ڪجهہ قدر پسنديدگيءَ جي نگاھہ سان ڏسڻ لڳي. هوڏانھن ويچاري پالينا ڏاڏيءَ جي بي شمار سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ مشغول هئي. ’هي هينئر ڪير لنگهي ويو؟ هيءَ عورت ڪير هئي؟ ڇا، هي وڏو شھر آهي؟ ڇا، هي باغ وڏو آهي؟ هي ٽاريون ڪھڙيءَ شيءِ جون آهن؟ ڇا، هو سامھون جبل آهي؟ ڇا، هتي عقاب بہ ٿيندا آهن؟ هوءَ سامھون ڀڳل ڇت ڪنھن جي جاءِ جي آهي؟‘ اهڙي قسم جا عجيب و غريب سوالن جا جواب پالينا تہ ڇا، چڱن چڱن جا دماغ خراب ڪرڻ لاءِ ڪفاي آهن. ائسٽلي صاحب منھنجي پاسي ۾ هو. اوچتو چوڻ لڳو تہ صبح کان ئي مون کي ائين ٿي لڳو تہ ڪجهہ نہ ڪجهہ ضرور ٿيندو. پوٽا پچ ۽ خادمھ ڪرسيءَ جي پٺيان ھلي رهيا هئا. پوٽا پچ کي هڪ ميرو ڊگهو ڪوٽ پيل هو. ڳچي ۾ اڇي ٽاءِ ۽ متي تي ڪاري ٽوپي پيل هئس. خادمھ هڪ چاليھن سالن جي ڳارهي چھري واري عورت هئي، جنھن جو رنگ روز بروز ڀورو ٿيندو پئي ويو. هن کي هڪ سوٽي ڪوٽ، ٽوپي ۽ ٻڪريءَ جي کل جو چيڪٽ ڪندڙ سليپر پيل هو، ڏاڏيءَ ڪنھن ڪنھن مھل مڙي هنن سان ڳالھايو پئي. گريو اطمينان ۽ آرام سان ڳالھيون ڪري رهيو هو، غالباً هو جنرل کي ٻيھر تسلي ڏيئي رهيو هو يا وري ڪا صلاح ڏيئي رهيو هوس. پر ڏاڏي هي خطرناڪ جملو پھرين چئي چڪي هئي. ”مان توکي هڪ پئسو بہ نہ ڏيندس.“ هي اعلان گريو لاءِ حيرت انگيز ثابت ٿي سگهيو ٿي. پر جنرل پنھنجي چاچيءَ کي چڱيءَ طرح سڃاڻندو هو. هڪ خاص ڳالھہ مون هيءَ ڏٺي تہ مادموزيل بلانشي ۽ گريو ھر ھر هڪ بئي کي معنيٰ خيز نگاهن سان ڏسي رهيا هئا. مون ڏٺو تہ شھزادو ۽ هو فاضل جرمن رستي جي آخري موڙ تي بيھي رهيا هئا ۽ وري ٻئي طرف وڃڻ لڳا.
اسان جو ڪاسينو تي پچڻ وارو منظر بہ ڏسڻ وٽان هو. نوڪرن چاڪرن جي هجوم جي ڪري هت بہ اھائي حالت پيدا ٿي. جيڪا ان کان اڳ هوٽل ۾ ٿي هئي. ڪاسينو جا ڪارندا ۽ عام شوقين اسان کي ڏاڍي حيرت سان ڏسي رهيا هئا. ڏاڏيءَ حڪم ڏسڻ شروع ڪيا تہ کيس سڀ ڪمرا ڏيکاريا وڃن. ڪن جي هن تعريف ٿي ڪئي ۽ ڪن کي معمولي ٿي چيائين. هونئن سوال ھر ڪمري لاءِ ٿي ڪيائين- پوءِ چاهي اهو سٺو هجي يا معمولي. آخرڪار اسين رولٽ واري ڪمري ۾ پھتاسين. نوڪر، جيڪي پھريدارن جيان درن تي بيٺا هئا، تن يڪدم دروازا کوليا. ائين پئي لڳو ڄڻ هو بہ ڪافي متاثر ٿي چڪا آهن.
رولٽ جي ميز تي ڏاڏيءَ جي اچڻ ڏاڍو اثر وڌو. رولٽ جي ميزن تي ۽ ڪمري جي ٻين ڪنڊن ۾ جتي شرط هڻي کيڏڻ واري ميز پئي هئي. ڏيڍ سؤ کن جوئارين جو هجوم هڪ ٻئي تي سٿيو بيٺو هو. اهي ماڻھو، جن ميز جي بلڪل ويجهو ٿي جڳھہ حاصل ڪئي، تن اوستائين اھا جڳھہ نٿي ڇڏي جيستائين سڀيئي پئسا نٿي ھارايائون. سڀني تماشائين کي ميز سان گڏ بيھڻ ۽ جڳھہ حاصل ڪرڻ جي موڪل نہ هئي. حالانڪ ميز جي چوڌاري ڪافي ڪرسيون وڇيل هيون، پر جڏهن هجوم گهڻو هوندو هو تہ تمام گهٽ جوئاري انھن تي ويھندا هئا. ڇو جو ان وقت هو بيھي اهو سڄو منطر ڏسي سگهندا هئا ۽ داءُ هڻڻ ۾ سولائي ٿيندي هين. ٻئي ۽ ٽئي قطار ۾ ويٺل جوئاري پنھنجي واري جي انتظار ۾ پھرينءَ قطار وارن تي اٿليو ٿي پيا. ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن تيز جوئاريءَ ٻي قطار مان ئي هٿ وڌائي ٿي داءُ لڳايو. ڪڏهن ڪڏهن تہ ٽي قطار مان بہ ڪو ٽپيو ٿي آيو. ان جو نتيجو هيءُ ٿي نڪتو، جو ڪنھن نہ ڪنھن ڪنڊ ۾ جهڳڙو ٿيو ٿي پيو. هن ڳالھہ جي سڀني کي خبر هئي تہ ڪاسينو جي پوليس ڏاڍي تيز آهي، پر هيءُ ڳالھہ بہ تہ ڏسڻ جي آهي تہ آخر مجمعي تي ضابطو ڪھڙي4 طرح ٿو رکيو وڃي؟ پوءِ مالڪ بہ تہ انھيءَ ۾ خوش هئا تہ گهڻي کان گهڻو ميڙ ٿئي تہ جيئن کيس بہ نفعو ٿئي. ان ڪري هنن اٺ خزانچي ميز تي ويھاري ڇڏيا هئا، جن غور سان داءَ ٿي ڏٺا ۽ ڳڻيائون ٿي. جي ڪو جهيڙو ٿي ٿيو تہ، پاڻ ئي ٿي اهو چڪايائون. جي جهڳڙو قابوءَ کان باھر نڪري ٿي ويو تہ يڪدم پوليس کي ٿي گهرايائون ۽ چند ئي لمحن ۾ معاملو رفع دفع ٿي ٿي ويو. پوليس جا چند آفسر عام لباس ۾ جوارين جي وچ ۾ ئي ويٺا هوندا هئا، جنھن ڪري ڪوبہ کين سڃاڻي نہ سگهندو هو. هو گهڻو ڪري چورن ۽ ڳنڍيڇوڙن جي ڳولا ۾ رهندا هئا، جيڪي رولٽ جي ميزن تي اڪثر گڏ ٿيا بيٺا هوندا هئا. ان ڪري جو هتي کين پنھنجي فن جا ڪرتب ڏيکارڻ جا گهڻا ئي موقعا ٿي مليا. حقيقت هيءَ آهي تہ ٻئي هنڌ چور ڪنھن جو کيسو ڪتريندي يا ڪنھن جو نالو ڀڃندي پڪڙجي پوي تہ هن کي ڏاڍيءَ مصيبت کي منھن ڏيڻو ٿو پوي. پر هتي رڳو ايترو ڪرڻو پوندو اٿن تہ کليو کلايو رولٽ جي جوئا جي ميزن تي وڃي بيھن ۽ کٽڻ واري جا پئسا کڻي چون تہ هي اسان جا آهن، جي ڏسڻ وارن جي اک ٿڙي وڃي ۽ هو ٿورو پاڻ بہ هوشياريءَ کان ڪم وٺن تہ گهڻو ڪري رقم کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن. ان صورت ۾ رقم گهڻي نہ هوندي آهي. رڳو هي ٿيندو آهي تہ خزانچي يا ڪو رانديگر اڳتي لاءِ هنن کي نظر ۾ رکي ڇڏيندو آهي. رقم گهڻي نہ هجڻ جي صورت ۾ تہ ڪڏهن ائين بہ ٿيندو آهي تہ اصلي مالڪ ئي ان تان هٿ کڻي ڇڏيندو آهي ۽ ان بدمعاش سان نہ اٽڪڻ جي خيال کان چپ ٿي ويندو آهي. پر جڏهن ڪنھن چوريءَ جي واقعي جي خبر پوندي آهي تہ سڀ ماڻھو ملي چور کي موچڙا هڻي ٻاھر ڪڍي ڇڏيندا آهن.
مطلب تہ ڏاڏي اهو سڀ ڪجهہ غور سان ڏسي رهي هئي. جڏهن هڪ چور کي ڪڍي ٻاھر ڪيائون تہ هن کي ڏاڍي خوشي ٿي. جنھن ميز تي شرطون لڳائبيون آهن، سا بہ هن ڏٺي. پر اھا راند ڪانہ وڻيس. هن کي رولٽ ئي ٺيڪ لڳي رهي هئي. خاص ڪري اھا ننڍي گولي، جا ھر ھر گول چڪري ۾ ڦري رهي هئي، هن جي توجھہ جو مرڪز بڻجي ويئي. جيئن ئي هن اھا راند ڏسڻ جي خواهش ڪئي، خبر ناهي تہ ڪھڙيءَ طرح خدمت گارن ۽ فضول ماڻھن (جيڪي گهڻو ڪري پولستاني هئا ۽ پنھنجي رقم ھارائڻ بعد خواه مخواه ٻين رئيس رانديگرن جي خدمت لاءِ ھر وقت تيار رهندا هئا) يڪدم بي پناه رش جي باوجود ڏاڏيءَ کي وٺي وڃي ميز جي وچ تي وڏي خزانچيءَ وٽ جڳھہ ڏياري. مزي جي ڳالھہ هيءَ اهي تہ هوءَ پنھنجي ڪرسيءَ تي ويٺي رهي ۽ اھا ڪرسي ڇڪي نيئي اتي بيھاري ويئي. ڪجهہ ماڻھو، جي جوئا کيڏڻ نہ آيا هئا، پر رڳو ڏسڻ آيا هئا، رانديگرن جي پٺيان بيھي ڏاڏيءَ کيڏسڻ لڳا. بي شمار عينڪن جي رخ ڏاڏيءَ جي طرف ٿي ويو. خزانچين کي ڪجهہ بي اميد بہ ٿيڻ لڳي. اهڙي قسم جي نرالي پوڙهيءَ جو جوئا جي ميز تي اچڻ واقعي هڪ نرالي ڳالھہ هئي. ستر سالن جي پوڙهي جا خود ھلي بہ نہ سگهي، جوئا کيڏڻ چاهي! واقعي اهڙي ڳالھہ هئي، جا نہ ڪنھن ٻڌي نہ سُئي. گهٽ ۾ گهٽ هتي تہ ڪڏهن بہ نہ ٿي هئي. مان بہ ڪنھن نہ ڪنھن طرح ميز وٽ پھتس ۽ ڏاڏيءَ جي ڀر ۾ وڃي بيٺس. پر پوٽا پچ ۽ نوڪراياڻي ويچاري گوڙ ۾ ئي ڪٿي گم ٿي ويا هئا. جنرل، پالينا، گريو ۽ بلانشي، ميڙ ۾ بيٺا هئا.
ڏاڏيءَ پھرين تہ غور سان هڪ هڪ رانديگر کي ڏسڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ مون کان هميشہ وانگر پڇڻ شرو ڪيائين: هو ڀائي ڪير آهي؟ هيءَ مائي ڪير آهي؟ وغيره. هوءَ خاص طرح ان نوجوان کان ڏاڍي خوش پئي نظر آئي جيڪو ميز جي بئي ڪناري تي بيٺو هو ۽ وڏين وڏين رقمن جا داءَ هڻي رهيو هو. هڪ هڪ بازيءَ تي هزار هزار ٿي هنيائين ۽ ماڻھن جي سُس ڦس مان خبر ٿي پيئي تہ چاليھہ هزار فرانڪ کٽي چڪو هو، جيڪي هن جي اڳيان سڪن ۽ بينڪ جي نوٽن جي صورت م پيا هئا. هو چمڪيو پئي. ھاڻ ڳڻڻ بنان مٺيون ڀري ڀري داءُ لڳائي رهيو هو، کٽي رهيو هو ۽ پئسا ميڙي رهيو هو. خدمتگار وڏي شوق سان هن جي چوڌاري بيٺا هئا. ان ڪرسيءَ جي چئن ئي پاسي جڳھہ خالي ڇڏي ڏني هئي ۽ جيڪڏهن ڪوبہ آيو ٿي تہ ان کي هٽائي ٿي ڇڏيائون، تہ جيئن ميڙ نہ ٿئي ۽ هو آرام سان داءُ هڻي سگهي. هيءَ سچي عزت ۽ خاطراري رڳو چند ٽَڪن جي ڪري هئي. اصل ۾ هي چند ماڻھو کٽڻ کان پوءِ خدمتگارن کي انعام ڏيندا آهن. هڪ پولستاني هن جي ڀر ۾ وڃي بيٺو ۽ آهستي آهستي ڪجهہ چيائين بہ پئي تہ جيئن پوءِ ڪجهہ کيس ملي وڃي. پر هن ڪو ڌيان ئي ڪونہ ڏنو ۽ وڏا وڏا داءَ هڻي کٽندو رهيو. ائين پئي معلوم ٿيو تہ ڄڻ هن کي خود بہ خبر ڪانہ هئي تہ ڇا ڪري رهيو آهي.
ڏاڏي ڪجهہ وقت تائين هن کي غور سان ڏسندي رهي.
”هن کي چئو. “ ڏاڏيءَ ٿورو جوش ۾ ايندي مون کي ٺونٺ هڻي ڍيو.
”هن کي چئو تہ راند ڇڏي پئسا کڻي يڪدم ھليو وڃي، نہ تہ سڀ پئسا ھارائي ويھندو.“ وري ٿورو ڪاوڙجي ڙ ڪرڻ واري انداز ۾ چيائين، ”پوٽا پچ ڪٿي آهي؟ ڪيڏانھن مري ويو ڪمبخت! اڙي يڪدم راند ڇڏي ڏي!“ هن کان رهيو ڪونہ ٿيو سو پاڻ هن جوان کي سڌو چوڻ لڳي.
مون جهڪي التجا ڪئي مانس تہ خداارا هتي ائين رڙيون نہ ڪريو. هتي زور سان ڳالھائڻ بہ منع آهي. ڇو جو ان ڪري ڳڻپ ۾ ڀل ٿيو پوي. جي توھان ماٺ نہ ڪئي تہ اسان کي هينئر ئي ڪڍي ٻاھر ڪندا.“
”توکي تڪليف ڇو پئي ٿئي. هو ويچار مفت ۾ تباھہ ٿي ويندو. پنھنجي پير تي پاڻ پيو ڪھاڙي هڻي. اف! مون کان ڏٺو نٿو ٿئي. مون کي تہ مونجھہ پئي ٿئي.“ ڏاڏيءَ منھن ٻئي طرف ڦيرائي چيو.
ميز جي ٻئي طرف ڪنڊ تي هڪ سھڻي صورت واري جوان عورت ويٺي هئي. جنھن جي پاسي ۾ هڪ ڄامڙي قسم جو ماڻھو ويٺو هو. اهو ڄامڙو ڪير هو؟ ان جو عورت سان ڪھڙو تعلق هو؟ ڇا، هن کي رڳو ٻين تي اثر وجهڻ لاءِ آندو ويو هو؟ ان جي باري ۾ مونکي ڪابہ خبر نہ آهي. ھا مون ان عورت کي پھرين بہ اتي ڏٺو هو. هوءَ روز ٺيڪ هڪ وڳي اتي پھچي ويندي هئي ۽ ٻين وڳي ھلي ويندي هئي. يعني صرف هڪ ڪلاڪ کيڏندي هئي. کيس هتي جا ماڻھو چڱيءَ طرح سڃاڻندا هئا. تنھنڪري هن لاءِ يڪدم ڪرسي لڳائي ويندي هئي. هن کيسي مان ڪجهہ سونا سڪا هزار هزار فرانڪ جا نوٽ ڪڍيا ۽ ڏاڍي غرور سان داءُ لڳائڻ لڳي. هوءَ داءَ هڻڻ کان پھرين هميشہ ڪاغذ جي هڪ ٽڪري تي پينسل سان غالباً اهي انگ لکندي هئي، جن تي داءَ هڻڻ مان ڪاميابيءَ جي اميد ٿي سگهي ٿي. هوءَ هميشہ وڏين وڏين رقمن جون بازيون هڻندي هئي ۽ گهڻو ڪري هميشہ کٽندي هئي. هڪ، ٻہ يا ٽي هزار فرانڪ پر ان کان وڌيڪ نہ. پوءِ کٽڻ بعد يڪدم واپس ھلي ويندي هئي. ڏاڏي هن کي ڪافي وقت تائين غور سان ڏسندي رهي.
”هوءَ عورت آهي؟ ڏس هوءَ نہ ھارائيندي، هوءَ ڪڏهن نٿي ھارائي سگهي. تون سڃاڻينس؟ هيءَ ڪھڙي طبقي سان ٿي تعلق رکي؟“
”ڪا فرينچ پئي لڳي، ڪنھن چڱي طبقي جي ئي هوندي.“ مون آهستگيءَ سان چيو.
”اسين تہ اڏرندڙ پکيءَ کي سڃاڻيو وٺون. ياد رک هيءَ ڏاڍي ظالم عورت آهي. هن جي ڦندي مان ڪوبہ بچي نٿو سگهي. ھاڻ تون مون کي ٻڌاءِ، داءَ تي شرط ڪھڙيءَ ريت هنئي ويندي آهي؟“
بازي هڻڻ ۽ داءُ لڳائڻ جا مختلف نڪتا ۽ انھن انگن اکرن جون باريڪيون جيتريون بہ مان سمجهائي سگهيس ٿي نھايت تفصيل سان کيس سمجهايم. گڏوگڏ جوئا متعلق پنھنجو نظريو بہ ٻڌايو مانس تہ ڊپ ۾ ھار ۽ همت ۾ جيت هوندي آهي، وغيره.
ڏاڏي منھنجون ڳالھيون ڏاڍي غور سان ٻڌي رهي هئي ۽ ياد رکڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. جتي بہ ڪا ڳالھہ سمجهہ ۾ ڪانہ ٿي آيس يڪدم ٻيھر سوال ٿي ڪيائين ائين ٿي لڳو ڄڻ تہ هو ان فن جو ماھر ٿي ٿيڻ چاهيو. آءٌ هڪ هڪ نڪتي ۽ باريڪيءَ کي سمجهائڻ لاءِ ڪئين مثال ڏئي رهيو هوس، تہ جيئن هوءَ جلدي گهڻو ڪي سکي وڃي.
”۽ هن ٻڙيءَ جو مطلب ڇا آهي؟ ڏس، اڃا هينئر هن گهنگرو وارن واري خزانچيءَ ٻڙي چئي هئي؟ ۽ ميز جا سڀ پئسا ڇو ميڙيائين؟ ڇا، هي سڀ هن جا پنھنجا ٿيندا. مان ان جو مطلب ڪانہ سمجهيس؟“
”ڏاڏي! ٻڙي جو مطلب آهي تہ هيءُ داءَ بئنڪ کٽيو آهي. کٽيل سڄو پئسو بئنڪ جو ٿيو. جي گولي ٻڙيءَ جي انگ تي وڃي بيھي تہ ميز جا سڀ پئسا بئنڪ ۾ ھليا ويندا آهن. ٺيڪ آهي اوهين پنھنجو پئسو بازيءَ ۾ انھيءَ ئي انگ تي لڳائي سگهو ٿيون. پر بئنڪ ڪنھن کي واپس نہ ڏيندي آهي.“
”پر ڏاڏي! هن کان ٿوري دير پھرين جي تو ٻڙيءَ تي داءَ هنيو هجي ھا، تہ پنھنجي رقم کان پنجٽيھوڻي رقم مليوَ ھا.“
”واقعي! پنجٽيھوڻي ۽ واقعي هي انگ نڪرندو بہ آهي؟“ تہ پوءِ ماڻھو ٻڙيءَ تي داءَ ڇو نٿا هڻن، صفا ڪي بي وقوف ٿا ڏسجن!“
”ان لاءِ ڏاڏي، جو ان جي مخالفت ڇٽيھہ امڪان هوندا آهن.“
”اڙي ڇڏ، اھا بہ ڪا ڳالھہ آهي. پوٽاپچ ٿورو هيڏانھن اچ. هن وقت مون وٽ بہ تہ پئسا آهن.“ هن کيسي مان ٻٽون ڪڍيو ۽ هڪ فيڊرڪ ڪڍي چيائين، ”يڪدم ٻڙيءَ تي هڻ.“
مون چيومانس، ”ڏاڏي ٻڙيءَ جو انگ تہ اڃا ھاڻي نڪتو آهي، ٿوري دير ترسي داءُ هڻو. ھاڻ تہ گهڻيءَ دير تائين نہ نڪرندو. ٿورو انتظار ڪريو، نہ تہ ھارائينديون.“
”چريا ڪٿي جا، آءٌ چوانءِ ٿي يڪدم هڻ.“
”جيئن اوھان جي مرضي، پر هي شام تائين نہ نڪرندو. ڀلي اوهين کڻي هزار داءَ لڳايو. هميشہ اهوئي ٿيندو آهي، جو قاعدو بہ اهو آهي.“
”توبھہ توبهه، توکي ڪھڙي اچي پئي آهي. ڇا، مون ھارايو آهي، جو پھرين کان ماتم کڻي وڌو اٿئي! چڱو داءُ هڻ.“
مون داءَ هنيو، پر ھارايوسين. بئي فيڊرڪ تي بہ اسان ھارايو. ٽئي فيڊرڪ تڪي داءُ هنيم. ڏاڏي پنھنجي ڪرسيءَ تان هڪ مريضن واريءَ ڏکويل نظرن سان ڦرندڙ گوليءَ کي ڏسي رهي هئي. هن ٽيون فيڊرڪ بہ ھارايو. جڏهن خزانچيءَ ٻڙيءَ جي بجاءِ زور سان نمبر ڇھہ چيو، تہ ڏاڏي ڪاوڙ کان ڪپرن مان ئي نڪري ويئي، ۽ پنھنجيءَ ئي تيزيءَ ۾ زور سان ميز تي مڪ هنيائين.
”مان بہ ڏسان ٿي، ڪيئن نٿي اچي ٻڙي. مري وينديس، پر جيستائين ٻڙي نہ نڪرندي، هتان نہ اٿينديس. هي سڀ ڪجهہ ان گهنگهرو وارن واري خزانچيءَ جو ڪيل آهي، هو ڪمبخت ڪڏهن بہ ٻڙي نڪرڻ نہ ڏيندو، چڱو تون ٻڙيءَ تي داءُ هڻندو رهه. ياد رک، جي کٽيم تہ بہ توکي ڪجهہ نہ ملندو.“
”اوھان بہ ڪھريون ڳالھيون ٿيون ڪريو ڏاڏي.“
”جلدي ڪر، داءُ هڻ، هي تنھنجا پئسا ڪونھن، جو منجهين پيو.“
مون ٻہ فيڊرڪ لڳايا. گولي پھرين تہ آهستي آهستي گهيري۾ ڦرڻ لڳي، پوءِ يڪدم تيز ٿي ويئي. ڏاڏي جوش ۾ اچي منھنجو هٿ جهليو ۽ هوڏانھن..........
”ٻڙيءَ.“ خزانچيءَ زور سان چيو.
ڏٺئي مون نہ چيو هو! اهو تہ خدا جو فضل هو، جو ڳالھہ منھنجي ذهن ۾ اچي ويئي. چڱو هي ٻہ فيڊرڪ ئي سھي. چڱو، ھاڻ مون کي ڪيترا ملندا! ۽ هي مون کي ڏين ڇو نٿا؟ پوٽا پچ! ڪٿي آهين..... پوٽا پچ!.... پوٽا پچ!“ ڏاڏيءَ خوشي کان ڪنبي رهي هئي.
مون آهستي چيو، ”هو دروازي تي آهي، هن کي اندر اچڻ ڪونہ ڏيندا. چڱو ڏسو، هو اوھان کي پئسا ڏيئي رهيا آهن.“ خزانچيءَ پنجاھہ فيڊرڪ جي نوٽن جو بنڊل اڇلايو ۽ ويھہ فيڊرڪن جا سڪا ڳڻي اڳيان رکيائين. مون ڪرڇو ڊگهو ڪري، کڻي ڏاڏيءَ کي ڏنا.
”هيءَ قسمت جي ڳالھہ آهي، محترمہ! اهڙي ڳالھہ ٻين انگن ۾ ڪٿي؟“ خزانچيءَ ماڻھن جو توجھہ ڇڪيندي چيو ۽ چڪري کي ڦيرائڻ دلاءِ ٻيھر تيار ٿي ويو.
”اليگزي جلدي ڪر، دير ٿي ويئي آهي. ڏس هو چڪرو ڦيرائي پيو، جهوٽا نہ کاءُ، جلدي ڪر.“ هن سخت ڪاوڙ ۾ ايندي مون کي دڙڪو ڏنو.
”ڏاڏي ڪھڙي انگ تي داءُ هڻان!؟“
”ٻڙي تي. ٻيھر ٻڙيءَ تي گهڻي کان گهڻي رقم جي بازي هڻ. اسان وٽ ڪيتري رقم آهي؟ ستر فيڊرڪ، بچائڻ جي ڪابہ ضرورت نہ آهي. خير چڱو ويھہ فيڊرڪ هڻ.“
”ڏاڏي، توھان ڇا پيا چئو؟ ڪڏهن ڪڏهن تہ ٻڙي سون دائن تي بہ نہ نڪرندي آهي- ڀلي پوءِ اوهين سڄي دولت ئي ڇونہ هڻي ڇڏيو.“
”ڪھڙي نہ ڪاري زبان اٿيئي؟ مان چوان ٿي بازي هڻ! جو ڪجهہ مان ڪريان پيئي، ان جي خبر اٿم.“ ڏاڏيءَ جوش ۾ ڪنبندي چيو.
”ٻڙيءَ تي هڪ وقت ٻارهن روبلن کان مٿي داءُ هڻڻ منع آهي. پر جي اوهين چئو ٿيون تہ هڻان ٿو.“
”منع ڇو آهي. ڪير آهي منع ڪرڻ وارو. تون ڪوڙ ٿو ڳالھائين.“ وري خزانچيءَ کي مخاطب ڪري، حڪم ڪرڻ واري انداز ۾ چيائين، ”اي مسٽر، ٻڙي ملاءِ، جلدي ڪر جلدي!“
”ھا محترمہ! هي سچ ٿو چوي. قانوناً هڪڙي ئي داءَ ۾ کٽيل رقم چئن هزارن فلورن کان مٿي نہ هئڻ گهرجي.“ خزانچيءَ منھنجي ڳالھہ جي تصديق ڪندي چيو.
”خير تہ مجبوري آهي. چڱو ٻارنھن فيڊرڪ هڻ.“
خزانچيءَ هميشہ جيان پنھنجي پنھنجي قسمت، چوندي چڪر ڦيرايو. انگ ٽيھہ نڪتو ۽ هن ھارايو.
”خير، ڪا ڳالھہ نہ آهي. ٻيھر لڳاءِ!“ ڏاڏي مون کي چيو.
ڀلا مون کي ڪھڙو اعتراض ٿي ٿي سگهيو. ڪنڌ ڌوڻيندي ٻارنھن فيڊرڪ ٻيا لڳايم. چڪرو آهستي آهستي ڦري رهيو هو. ڏاڏي اُن کي تڪي رهي هئي ۽ منھنجو ذهن سوچي رهيو هو، ’ڇا هن کي واقعي اڃا بہ کٽڻ جي اميد آهي؟‘ اهو سوچيندي آءٌ حيرانيءَ سان ڏاڏي کي ڏسي رهيو هوس. هن جو منھن کٽڻ جي اميد بلڪ يقين جي ڪري ڳاڙهو ٿي ويو هو. چڪر تيز ٿيو ۽ گولي تيزيءَ سان ڦرڻ لڳي.
”ٻڙي!“ خزانچيءَ رڙ ڪندي چيو.
”ڏٺئي!“ ڏاڏي زور سان ٽھڪ ڏيئي مون ڏي ڏسندي چيو.
آءٌ خود بہ جوئاري هوس. ان وقت مون کي ائين پئي لڳو ڄڻ هٿ پير ڪنبي رهيا هجن ۽ دل جي ڌڙڪڻ تيز ٿيندي پئي ويئي. بي شڪ اھا ڳالھہ تمام گهٽ ٿيندي آهي تہ هڪ درجن چالن ۾ ٽي فعا ٻڙي نڪري. پر اھا ڪا اهڙي حيرت واري ڳالھہ نہ هئي، ڇو جو ٻہ ڏينھن اڳ خود منھنجي اڳيان ٽي ڀيرا ٻڙي نڪتي هئي. پر هڪ ٻيو جوئاري، جو ڏاڍي غور سان انگن جا امڪان ڏسي رهيو هو. چوڻ لڳو، ”سائين ٽيون ڏينھن تہ سڄي ڏينھن ۾ صرف هڪ ڀيرو ٻڙي نڪتي هئي!“
ڏاڏيءَ جي رقم ڏاڍي خيال سان ڳڻي ويئي، ڇو جو تعداد ۾ تمام گهڻي هئي. هن کي ڪل چار سؤ ويھہ فيڊرڪ يعني چار فلورن ۽ ويھہ فيڊرڪ مليا هئا. ويھہ فيڊرڪ جا سڪا ۽ چار هزار فلورن بينڪ جي نوٽن جي شڪل ۾ ڏنا ويا.
هن ڀيري ڏاڏيءَ پوٽا پچ کي ڪونہ سڏيو. ڇو جو ھاڻ هن ۾ بردباري اچي وئي هئي ۽ پھرينءَ واري بڙ بڙ بہ ختم ٿي ويئي هيس. سندس ڏڪڻي بہ ختم ٿي ويئي هئي. ھا هوءَ اندر ئي اندر ۾ ضرور ڪنبي رهي هئي. خبر ناهي تہ ڪھڙي سوچ ۾ ٻڏل هئي.
”اليگزي! هينئر هو خزانچي چئي رهيو هو تہ هڪ شخص هڪ وقت ۾ رڳو چار هزار فلورن ٿو لڳائي سگهي، چيو هئائين نہ؟ تہ وٺ هي چار هزار فلورن ڳاڙهي نشان تي لڳاءِ.“ ڏاڏيءَ مون کي حڪم ڪيو.
ڀلا اعتراض ڪرڻ جي ڪھڙي مجال هئي. چڪر ڦرڻ لڳو.
”ڳاڙهو!“ خزانچيءَ هميشہ وانگر رڙ ڪئي.
ڏاڏي هڪ ڀيرو وري کٽي ويئي هئي ۽ ھاڻ ڪل اٺ فلورن ٿي ويا هئا.
”چڱو چار مون کي ڏي ۽ چار هزار ڳاڙهي نشان تي هڻ!“ ڏاڏيءَ حڪم ڏنو. مون وري چار هزار لڳايا. چڪر ڦرڻ لڳو.
”ڳاڙهو!“ خزانچيءَ ٻيھر رڙ ڪئي.
”ڪل ٻارنھن هزار ٿي ويا نه- چڱو ڏي. سڀ مون کي ڏي. سڪا ٻٽونءَ ۾ وجھہ ۽ نوٽ رومال ۾ ٻڌي ڏي. بس ڪافي آهن. ھلو تہ ھاڻ گهر ھلون- ڀائي، ڪرسي ڇڪيو، جلدي ڪريو.“