ٻہ اکر: ليکڪ نور ڪنڀر جو خانداني پسمنظر
نورل ڪنڀر ـ ميرل ڪنڀر
نورمحمد (نورل ڪنڀر) 1890ٽلٽي ۾ پيدا ٿيو، سندس وفات 1977 ۾ ٿي ـ ميرل (مير محمد) ڪنڀر جي پيدائش 1906 آھي ۽ وفات 1992. ھنن عظيم راڳين جي جوڙي “ميرل ۽ نورل ڪنڀر” جي نالي سان هند سنڌ ۾ مشھور هئي. پاڻ سنڌ ۾ ڀڳتي گائڪي جا بادشاھ سڏبا ھئا ـ پاڻ ٽولي جي شڪل ۾ ڪنھن مشھور لوڪ داستان کي بيان جي انداز ۾ بيتن ـ ڪلامن ۽ ڀڳتي راڳ پيش ڪندا ھئا ـ اڪثر بيانن ۾ ڳايل شاعري بہ ھنن جي پنھنجي ھوندي ھئي ـ سندن ٽولي ۾ وڏو انگ سندن شاگردن جو ھوندو ھو ـ پاڻ سموري سنڌ جي ميلن ملاکڙن ۾ مختلف ڏھاڙن تي ڀڳتي ڳائيندا ھئا ـ ورھانڱي کان پوءِ سنڌي ھندن جي سنڌ ڇڏڻ کان پوءِ ڀڳتي گائڪ بہ گهڻا ھليا ويا، پر سنڌ ۾ ھنن ڀڳتي کي زندھ رکيو ـلابارن جي ڏينھن ۾ هي ٻئي ڀائر پنھنجن سازدن ۽ شاگردن کي ساڻ ڪري لاڙ پٽ جي علائقن کان ٿيندي راجسٿان جي شھرن تائين وڃي پھچندا هئا ۽ پنجن ڇھن مھينن جي مسافري کان پوءِ پنھنجي اباڻن پٽن تي واپس ٿيندا هئا، ان وچ ۾ پنھنجن پرستارن جون دعوتون ۽ راڳ جو محفلون پيا ڳائيندا ھئا. ڀڳتي ڳائڻ جو انداز ھجڻ ڪري هندن ڀائرن وٽ انھن جي راڳ جو مانُ گهڻو هو، ھر محفل ۾راڳ ۽ ڳالھہ گڏ گڏ هلندي هئي. هنن جي ڪيل قصن ۾ “روپ بسنت” جو قصو تمام گهڻو مشھور ٿيو، ليلا چنيسر، حضرت امام حسين ـ مومل راڻي کان ويندي ڪيترائي ٻيا بہ قصا راڳ سان گڏ کڻي ٻڌائيندا هئا، جڏهن ڦوني جي ايجاد عمل ۾ آئي ۽ فنڪارن جا ڪلام رڪارڊ ٿيڻ لڳا تہ هنن کي بہ چيو ويو تہ توهان جو ڪلام رڪارڊ ڪجي تہ هنن ڦوني تي ڪلام رڪارڊ ڪرائڻ کان انڪار ڪندي چيو تہ اسان عوامي فنڪار آهيون صرف عوام جي وچ ۾ ئي ڳائبو، اهو ئي سبب آهي جو انھن جي آواز ۾ ڳايل ڪلام محفوظ نہ ٿي سگهيو ـ هي پنھنجي شاعري اڪثر ڪري (ميرل ڪنڀر) جي ئي نالي هوندي هئي ۽ ميرل باجو بہ پاڻ وڄائيندو هو. تمام مٺڙي انداز ۾ ڳائي ٻڌندڙن کي موھي ڇڏيندو ھوـ
“ميرل ۽ نورل ڪنڀر” ننڍپڻ ۾ ئي ماءُ پيءُ جي محبت ۽ شفقت کان محروم ٿيا ها سو هي پنھنجا اباڻا پٽ ڇڏي تاريخي ماڳ (ماڻڪ ڪٽارو) هاڻوڪو شھر ڦلجي اسٽيشن جي اولھہ ۾ آباد ڳوٺ ڪنڊي شريف ۾ اچي رهيا.
ڪنڊي شريف 1942ع واري ٻوڏ اچڻ سبب هي اتان لڏي اچي ڳوٺ محب علي چانڊيو ۾ رهيا، جتي پنھنجي زمين خريد ڪئي، جيڪا اڄ بہ هن ڳوٺ محب علي چانڊيو جي موهڙ ۾ شھيد مخدوم بلاول ريلوي اسٽيشن جي ڀر ۾ آهي.
هي چار ڀائر ها وڏو نورمحمد (نورل ڪنڀر) پوءِ مير محمد (ميرل ڪنڀر) پوءِ عبداللھ ڪنڀر ۽ محمد عمر هو، سندس پيءُ جو نالو محمد پريل هو (راڳ داري)سان تعلق “مير نورل ڪنڀر” باقي ٻہ ڀائر عبداللھ ۽ محمد عمر ڳوٺ ۾ مال متاءُ ۽ زمينداري سنڀاليندا هئا ـ سندن شاگردن ۾ عبدالڪريم سولنگي، محمد ميراثي انھن جي ئي انداز ۾ قصو کڻي ڳائيندا هاـ عبدالڪريم جي جوڙ ۾ ـ پريل لاھوتي ڍولڪ تي ـ وزير علي ـ پانڌي ۽ گلاب لاسي شامل ھئاـ سندن ڳايل روپ بسنت ۽ مومل راڻي جو قصو مون وٽ رڪارڊ ۾ موجود آھي ـ
نورل ۽ ميرل پنھنجو ڳوٺ ڇڏي دادو شھر ۾ اچي پنھنجا گهر اڏيا ۽ پوءِ سندس پاڙو هنن جي ڪري ڪنڀر پاڙي سان مشھور ٿيو جيڪو سورج آباد محلا دادو ۾ موجود آهي.
نور محمد (نورل ڪنڀر) ٻہ شاديون ڪيون پھرين گهرواري (زينب)مان ٻہ پٽ نالي هرهڪ غلام مصطفيٰ “شاهين” جيڪو پاڻ نثر ۽ نظم جو سٺو ليکڪ هو، جنھن هنن جي ڳايل قصن روپ بسنت ۽ ليلا چينسر کي نثر ۾ لکيو، ٻيو محمد اسماعيل ۽ چار نياڻيون ٿيون ۽ ننڍي گهر واري(مريم بيگم) چار پٽ نالي هر هڪ ذوالفقار علي، انور علي، عبدالستار ۽ ممتاز ۽ ٽي نياڻيون ٿيون. هاڻ سندس ننڍي گهر واري قاسم آباد حيدرآباد جي سحرش نگر واري علائقي ۾ پنھنجي پٽ عبدالستار سان گڏ رهائش پذير آهي.
نور محمد عرف نور ڪنڀر ۾ هن فاني ڏيھہ کي ڇڏيو تہ سندس مڙھ کي محب علي چانڊيو تعلقه دادو ۾ درگاھ ابراھيم شاھ جي اڱڻ تي آرامي ڪيو ويو.
مير محمد (ميرل ڪنڀر) بہ ٻہ شاديون ڪيون پھرين گهرواري مان ڪو بہ اولاد نہ هو ۽ هو شادي کان پوءِ جلد گذاري وئي هئي. هن ٻي شادي (امامزادي) سان ڪئي، جنھن مان هن کي چار پٽ جو اولاد عبداللھ خان، سڪندر علي، اڪبر علي ۽ اختر علي ٿيا ۽ ٽي نياڻيون ٿيون ٻہ نياڻيون پنھنجي ڀاءُ نور محمد (نورل ڪنڀر) جي پٽن غلام مصطفيٰ (شاهين) ۽ محمد اسماعيل کي پراڻائي ڏنائين، جت غلام مصطفيٰ شاهين جي گهر ۾ نوجوان ڪھاڻيڪار، شاعر سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ساٿي(محبوب سنڌي) جنم ورتو ۽ محمد اسماعيل جي گهر ۾ ڊرامہ نگار، ڪھاڻيڪار (نور ڪنڀر) جنم ورتو، جنھن تي پنھنجي ڏاڏي جو نالو (نورمحمد) رکيو ويو.
ميرمحمد (ميرل) جي هڪ پٽ اڪبر علي جيڪو انجنيئرنگ جو شاگرد هو، تنھن کي سندس ئي اکين اڳيان دادو واري گهر آڏو ئي چنا برادري جي ماڻھن گوليون هڻي بنا ڪنھن جواز جي بي ڏوهي شھيد ڪيو تہ هن معصوم محبتن جي امين فنڪار (ميرل ڪنڀر) جو جيءُ جهري پيو، وري تڪڙو ئي 1983ع واري دور ۾ سندس ٻئي پٽ عبداللھ جيڪو لاڙ ۾ جاتي جي ھڪ اسڪول ۾ استاد مقرر هو، ان کي شھيد مخدوم بلاول ڳوٺ باغبان وٽ جمالي برادري جي ماڻھن شھيد ڪري ڇڏيو، جتان پوءِ هنن جو جمالي برادري سان خوني جهيڙو شروع ٿيو.
ٻنھي جوان پٽن جي شھادت کان پوءِ ميرل ڪنڀر مفلسي واري زندگي گهارڻ لڳو ۽ راڳ داري کان پاسيرو ٿيو پوءِ گويي استاد صالح ساند سان ۽ ان وقت جي نوجوان راڳي خادم سخيراڻي سان ھن جو روح رهاڻيون ٿينديون رهيون ۽ استاد صالح ساند سان ھڪ رهاڻ ۾ هن ڳايو، جنھن جي رڪارڊنگ راڳي خادم سخيراڻي وٽ محفوظ آهي، آخري ڀيرو هن (ميرل ڪنڀر) پنھنجي ڀائيٽي بدرالدين ڪنڀر جي شادي ۾ 1991 ۾ ٻہ ڪلام ڳايا، جيڪو پڻ وڊيو ڪيسٽ ۾ محفوظ ٿيل آهن.
ميرمحمد (ميرل ڪنڀر) کي 1992ع جي جنوري مھيني ۾ عصر ويل نماز لاءِ وضو ساريندي فالج جو حملو ٿيو، علاج لاءِ دادو جي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتان پوءِ حيدر آباد جي لال بتي اسپتال ۾ علاج لاءِ آندو ويو، پر هن جي ساھ جو سڳو اتي ھميشہ لاءِ ٽُٽي پيو تہ هن ميرل ڪنڀر راڳي جي خاڪي جسم کي محب علي چانڊيو ڳوٺ ۾ درگاھ ابراهيم شاھ قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
اهڙي طرح هن ٻنھي ڀائرن جي راڳ داري وارو دور پڄاڻي پذير ٿيو.
انو سولنگي