نڀاءُ
شھزاد معمول جيان زينت کي مٺي ڏئي. ٻارن جي خرچي کيسي مان ڪڍي ڏئي، ميز تان ماني جو ٽفڻ باڪس کڻي نوڪري (ڊيوٽي ) تي وڃڻ لاءِ زينت کي خدا حافظ چيو.
”تنھنجي امان ۽ بابا پنھنجي ڪمري ۾ گهرايو ھو “ زينت چيو.
”ڇو خير ۾ توکي گهرايو ھين “
”چين پئي تہ تون شھزاد کي سمجهائيس پيڙھي لاءِ پٽ جو اولاد لازم آھي “
”پر اھو ٻي شادي وارو درد مان توکي نٿو ڏيڻ چاھيان “
”مان تنھنجي پيڙھيءَ ۾ خوش آھيان تہ دل سان جيڪو فيصلو منھنجي من بہ قبولي ورتو آھي.
شھزاد زينت جي ڳالھين کي نظر انداز ڪندي چيو اللھ جي ڏنل ٽن نياڻين تي مان راضي آھيان۔ مون کي پٽ جي غرض ڪانھي ڪا.
شھزاد وکون وڌائيندو ٻاھرين در طرف وڃي رھيو ھو۔ پويان زينت سڏ ڪندي چيس؛
”سحر نالي ڇوڪري جي تصوير واٽس اپ ڪئي ٿئي مانءِ ھو توسان شادي ڪرڻ لاءِ راضي آهي۔ تون الڪو نہ ڪر اسين ٻئي سٺيون ساھيڙيون ٿي گذارينديونسين“.
شھزاد زينت جي آواز تي نہ قدم روڪيا نہ ئي ڪنڌ ورائي زينت کي ڏٺو. وکون کڻندو ٻاھرين در جي چانئٺ ٽپي ھليو ويو.
زينت کي خانگي توڙي سرڪاري اسپتالن جي ڊاڪٽرياڻين ڪنھن بيماريءَ سبب وڌيڪ ٻارن ڄڻڻ کان منع ڪري ڇڏيو ھو. شھزاد جي ماءُ پيءُ جي اھڙي بار بار اسرار تي زينت بہ پاڻ کي شھزاد جي ٻي شادي ۽ پٽ جي اولاد ٿيڻ تي ذھن ٺاھي ورتو ھو.
شھزاد روزمرہ وانگر ڊيوٽيءَ تان موٽندي شام جي چانھہ لاءِ پاپا ۽ سموسہ وٺي آيو،. تازو توانو ٿي زينت ڌيئن سان گڏ شام جي چانھہ پيتي۔ گهر جي ڪم ڪارن کان پوءِ شام جا پھر رات جي ڪاراڻ ۾ جذب ٿيندا ويا. شھزاد جي زال ۽ ٻار ننڊ جي ٻانھن ۾ ٻکجندي آرامي ٿيا. شھزاد کي ماءُ پيءُ جي ڳالھين ذھن تي تري سوڙھو ڪري رکيو. زينت جي اسرار بہ منجهائي رکيو ھو. رات جي سياهي وانگر شھزاد جي مٿان سڀ ڳالھيون ڌنڌليون بنجي گردش ڪنديون رھيون. ننڊ اکين مان پڃري مان آزاد ٿيندڙ پکي جيان ڀڙڪو کائي اڏري وئي ھئس. شھزاد پنھنجي کٽ تي پاسا ورائيندو رھيو. مگر سوچن جي ويڙھ ھن کي سمھڻ نہ ڏنو. ڀرسان اگهور ننڊ ۾ پيل زينت کي ڏسي اٿيو. ننڊ ۾ پيل نياڻين جي مٿان آيو شفقت مان ڏسي. سگريٽ جو پاڪيٽ ۽ موبائل کڻي ٻئي ڪمري ۾ آيو.
ٻئي ڪمري ۾ زيرو بلب جي ھلڪي روشني ھئي.
ڪرسيءَ تي اچي ويھي سگريٽ دکائي. ڪش ھڻي دونھون واتان ڪڍيو. جيئن دونھون ڪمري ۾ وکريو ائين ھن پنھنجي سوچن کي وکرجندي محسوس ڪيو. جو سوچون ڪنھن منزل تي ٺڪاڻو نہ ڪري رھيون ھيون. دونھي وانگر وکريل وکريل ڪمري ۾ گهمي رھيون ھيون. سگريٽ جا ڪش ھڻندو رھيو۔ سگريٽ جي ڪرندڙ ڦلي وانگر ھن پنھنجي وجود کي زمين تي ڪرندي محسوس ڪيو.
پيءُ جو آواز ڪنن تي گونجي پيس
“اسلام چار شادين جي اجازت ڏني آھي، پوءِ تون ڇو اسان جي ڳالھين کي نظر انداز ڪري رھيو آھين. اگر زينت مان توکي پٽ جو اولاد ٿئي ھا تہ اسان ڪڏھن بہ توکي ٻي شادي جو نہ چئون ھان؟”
“ھا پٽ اڪيلو پٽ آھين ڇا پويان پيڙھي بہ نہ ٿئي ؟، عقل سک ماءُ پيءُ جي ڳالھہ مڃبي آ. ماڻس بہ مڙس جي ڳالھہ سان سر ملائيندي چيس. ماءُ پيءُ جو ڳالھيون ڪنن ۾ گونجديون رھيون. مٿان زينت جي آواز پڙلاء ڪيو سحر نالي ڇوڪري جي تصوير واٽس اپ ڪئي ٿئي مانءِ اسين ٻئي سٺيون ساھيڙيون ٿي رهنديونسين.”
ھن سگريٽ جو آخري ڪش ھڻي ڦلٽر کي ٻن ڦاٿل آڱرين مان ڪڍي اڇلايو،. موبائل کڻي واٽس اپ تي ان ڇوڪريءَ جي تصوير ڏٺي جيڪا زينت موڪلي ھيس. تصوير کي غور سان تڪيندو رھيو. غور ويچار جي اونھي سمنڊ ۾ لھندو ويو. گهر وارن جي ٻي شادي جي اسرار تي خيال ٺاھيندو رھيو ۽ ڊاھيندو رھيو. ڪوبہ خيال تسلي بخش نہ جڙي رھيو ھو. خيال ٺھيا وري ڊھيا اھو سلسلو مسلسل ھلندو رھيو۔ رات پاڻ کي ويڙھيندي پئي وئي وقت جا ڪانٽا بہ ڊوڙ ۾ لڳل ھئا. رات جي گهگهہ اونداھي ۾ ھي اڃا ڦاٿو پيو ھو. ھن زينت مٿان پھاڄ نہ پئي آڻڻ چاھي. گهر وارن جي روز جي زور اڳيان سوچڻ تي مجبور ھو. ھن ٻيو سگريٽ دکائي. ڪش ھنيو. وات مان دونھون ڪڍي ھڪ چڪر وري ان ڇوڪري جي تصوير کي ٻيھر ڏٺو. سوچن جي وڏي ڊوڙ کانپوءِ پٽ جي اولاد جي لاءِ شاديءَ لاءِ حامي ڀري. پاڻ کي راضي ڪري ورتو.
صبح جو ڊيوٽي تي وڃڻ وقت زينت کي رضا ٻڌائي. زينت مرڪي پئي. زينت ڇوڪري جو موبائل نمبر ڏئي ملڻ جو ھنڌ ٻڌايو. شھزاد ڇوڪريءَ سان ملڻ لاءِ ھا ڪري ڊيوٽي تي ھليو ويو.
ڊيوٽي کان موٽندي نئين ٿيندڙ زال سحر لاءِ شھر جي وڏي ھوٽل ۾ ملاقات ڪئي. سحر سيرت ۽ صورت جي سھڻي ھئي. منجهند جي ماني کائيندي ڪچھري ڪندي ھڪ ٻئي کي سمجهي ورتو. ۽ ھڪ ٻئي کي پسند ڪري ورتو.
ملاقات کانپوءِ جڏھن شادي جا تاج محل اڏي گهر پھتو، جنھن مھل گهر موٽيو. ورانڊي ۾ پيل ٽفڻ باڪس تي نظر پيس. جيڪو ڊيوٽي تي کڻي وڃڻ ويساري ويو ھو.
زينت جي ڪمري مان اچڻ تي شھزاد ٽڦڻ باڪس مان نظرون ڪڍندي زينت طرف توجهہ ڪيو.
زينت چپن تي مرڪ سجائي پڇيو ” ملي آئين سحر سان. “
” جي ملي آيس “
” ڪيئن لڳي توکي سحر “
” خوبصورت ھئي “
” توکي پسند آئي امان بابا سان ڳالھہ ڪري تنھنجي شادي جي تاريخ پڪي ڪجي “
” پر مان شادي نہ ڪندس “
” پر ڇو ؟ سحر پسند نہ آيئي ڇا توکي؟ “
” نہ سحر سٺي ڇوڪري آھي پر “
” پر ڇا “
” پر ھڪ ڏينھن جو ان سان ملڻ ۽ ان تي سوچڻ سان مان تنھنجي ويھہ سالن جي محبت کي ويساري ڇڏيو.ھن ٽفڻ باڪس کي ڏس جو روز کڻي ويندو آھيان اھو اتي پيو آھي. نياڻين جي خرچي توکي ڏئي ويندو آھيان اھا ئي کيسي ۾ پئي آھي. توکي مٺي کان بغير ڪڏھن بہ ڊيوٽي تي نہ ويو آھيان اھا بہ توکي ڪونہ ڏئي ويس۔ ڊيوٽي تان موٽڻ کان پوءِ شام جي چانھہ لاءِ پاپا سموسہ وٺي ايندو آھيان اھي بہ ڪونہ وٺي آيس. صرف ھڪ ڏينھن جي سحر جي اچڻ سان ويھہ سالن جو پيار ويساري ويٺس. جي سحر اصل لاءِ زندگي ۾ آئي تہ شايد مان توسان نڀاءُ نہ ڪندي توکي بہ نہ ڪاٿي ويساري ويھان.
زينت جي اکين ۾ شھزاد جي ڳالھين تي پاڻي اچي ويو پاڻي کي لڪائيندي هن چيو پر پيڙھي لاءِ پٽ جو اولاد هجڻ لازم آهي.
منھنجون نياڻيون مون لاءِ سڀ ڪجهہ آھن. شادي نڀاءُ جو نالو آھي جن شادين ۾ نڀاءُ نٿو ٿئي، ان شادين جي تہ اسلام بہ اجازت نٿو ڏئي.
زينت شھزاد جي وڏي سوچ ڏسندي. سرھي ٿي شھزاد سان گلي لڳي پئي.