زمين آسمان
“ھيلو ڪير؟”
“مان... مان ماھين زبيدہ جي ڌيءُ... امان زبيدہ جيڪا اڄ رات ساڍي ڏهين وڳي اوھان جي دڪان تان Jewellery (نقلي زيور) خريد ڪري وئي ھئي، امان کي اوھان پنھنجي دڪان جو ڪارڊ بہ ڏنو ھيو”.
“جي ياد آھي، ماسي زبيدہ جيولري خريد ڪري وئي ھئي. ڪيئن ڪال ڪئي اٿو؟”
“ھيڏي رات جو اوھان کي ڪجهہ چوڻ نامناسب هو، پر جيڪو مون شاديءَ ۾ سينگار ڪيو آھي ان جو سڄو مزو خراب ٿي ويندو”. ماھين ڳالھہ ۾ التجا سمائيندي چيو.
“اوھان کي جيڪو ڪجهہ چوڻو آھي، بي ججهڪ چئو”.
“مون کي آءِ لشز ٿا کپن سو بہ ھينئر جو”.
جبران ڀت تي لڳل گهڙيال تي نظر وڌي.
“ھينئر جو!!؟ ھينئر ٽائيم ڏٺو اٿو، گهڻو ٿيو آھي”.
“پليز ــ پليز مون ڪڏھن بہ زندگيءَ ۾ ائين ڪنھن کي منٿ نہ ڪئي آھي، مھرباني ڪريو”.
“ٺيڪ آھي ايڏو زور ٿا ڀريو تہ اوھان جو ڪم ڪرڻو ئي پوندو. ڪنھن کي دڪان تي موڪليو. اچي تہ ڪڍي ڏيانس ٿو”.
“سڀ مرد ۽ ڇوڪرا نڪاح جي رسم لاءِ هال ۾ ويل آھن. اوھان جي مھرباني...”
“ٺيڪ آھي دڪان تان کڻي اوھان کي ڏيڻ اچان ٿو”.
ماھين بيحد خوشيءَ مان جبران کي Thanks چيو.
ماھين جون اکيون موبائل ۾ کُپيل ھُيون. ڪجهہ دير بعد جبران جي ڪال آئي. ڪال اٽينڊ ڪري ماھين تڪڙي گهر کان ٻاھر آئي. جبران موٽرسائيڪل تي بيٺو ھيو. جبران ماھين جي حسن تي گهور وجهندي کيسي مان آءِ لشز ڪڍي کيس ڏنيون.
آءِ لشز وٺندي ماهين اوچتو چيو، “او... پيسا تہ تڪڙ ۾ گهران ڪانہ کڻي آئي آھيان. بيھو تہ مان اوھان کي کڻي آڻي ٿي ڏيان”.
“ھينئر گهر ۾ شاديءَ جو ماحول ھلي رھيو آھي، ڪنھن ڏينھن دڪان تي اچي ڏئي وڃجو”. جبران چيو
ماھين جبران جو ٿورو مڃيو.
جبران ماھين کي ھار سينگار ۾ سنوريل ۽ حسن جي تجلن ۾ ڏسي، پنھنجو اچڻ سجايو سمجهيو ۽ موٽرسائيڪل کي ڪڪ ھڻي روانو ٿيو.
ماھين گهر وڃي آءِ لشز اکين تي سيٽ ڪري شاديءَ جي ماحول ۾ رلجي وئي.
شادي گذرڻ کان ڪجهہ ڏينھن پوءِ هوءَ آءِ لشز جا پيسا ڏيڻ لاءِ جبران جي دڪان تي آئي. جبران ڇوڪرين جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائڻ جو فن خوب ڄاڻندو هو. ڪولڊ ڊرنڪ سان گڏ هن ريفريشمينٽ ۾ ڪجهہ گهرائي ورتو ۽ ھڪ خوبصورت واچ ماھين اڳيان رکي چيو، “جيڪو من موھيندڙ گراهڪ پھريون ڀيرو منھنجي دڪان تي ايندو آھي، مان ان کي سوکڙي ضرور ڏيندو آھيان”. ماھين کي ويندي ويندي جبران سوکڙي کڻائي ورتي.
ماھين گهر جي ڪم کان واندي ٿي، جبران کيThanks ڪرڻ لاءِ ڪال ڪئي.
جبران پنھنجي گفتار هڪ شعر سان شروع ڪئي، جنھن جو مطلب ڪجهہ هن ريت هو: “زندگيءَ جي ھر گام تي بدنام ٿياسين، اکين جي شھر ۾ قتل عام ٿياسين، اسان جي بھا اھا ھئي ڪا پيارا، رڳو مرڪ هڪڙيءَ تي نيلام ٿياسين”.
“واھ جيترو خوبصورت شعر آھي، اوترو اوھان جي پڙھڻ جي ڏانءَ شعر کي دلڪش بنائي ڇڏيو آھي”. ماھين جبران کي داد ڏيندي چيو.
پرڪشش انداز ۾ جبران ٻيو شعر پڙھيو.
“ڪمال جو خزانو آھي اوھان جي اندر جي ڊائريءَ ۾ جمع ٿيل”.
“ھن ڊائري جا ورق تڏھن اٿلي زبان تي روان ٿيندا آھن، جڏھن ڪنھن حور پريءَ جو مٺڙو آواز ڪنن تي پوي ۽ ان حسينا جي حسن جو عڪس اکين تي ڇانئجي وڃي، تڏھن ڪيفيتون ڪنھن شاعر جي عاشقانہ شاعريءَ وانگر لفظن جي صورت ۾ اڀري پونديون آھن”.
ڳالھہ ھلندي ماھين چيو.... “نہ ڪا مان حور پري آھيان نہ ئي ڪا حسينا، مان تہ ھڪ گهراڻي جي سڌي سادي ڇوڪري آھيان، پوءِ اوھان جا شاعرانہ انداز مون سان ڳالھائڻ تي ڇو ٿا نکري پون”.
“تون پرکجي نہ آھين. تون حسن جي تارازي ۾ تري نہ آھين، نہ ئي تون ڪنھن جي نظر ۾ رھي آھين، شايد!! تڏھن تو پاڻ تي غور نہ ڪيو آھي. تون تمام خوبصورت ۽ پياري آھين”.
فون تي ڪچھرين بعد ماھين کي پنھنجي حسين ھجڻ جي احساس من ۾ مانڌاڻ مچائي ڏني. آئيني اڳيان اچي پنھنجي خوبصورتيءَ کي غور سان تَڪي رھي ھئي ۽ محسوس ڪري رھي ھئي تہ واقعي هوءَ ايتري خوبصورت آھي جيتري جبران چوي ٿو.
ماھين جو جبران سان فون تي رابطو، دڪان تي اچڻ وڃڻ وڌندو ويو.
ماھين اڃان مس عمر جي سترھين سال ۾ داخل ٿي ھئي. جبران جون ڳالھيون سندس ڌيان جو مرڪز بنجنديون ويون. سندس دل، دماغ ۽ اکين تي جبران جا تصور چٽندا ويا.
جبران کان سواءِ ماھين دنيا جي رونقن، سرد گرم ھوائن، اوچ نيچ، ڏک سک، لاھن چاڙھن جا سبق نہ پڙھيا، نہ سکيا ھيا. ان ڪري ماھين جبران کان ايترو متاثر ٿي جو کيس پنھنجي ۽ جبران جي وچ ۾ عمر جي فرق جو احساس ئي نہ رهيو ۽ جبران سان پيار جو اظھار ڪري ويٺي.
جبران، جيڪو ڪنھن جي زندگيءَ ۾ اچڻ کان قاصر هو، زال جي وفات ۽ سٺ سالن جي رٽائرمينٽ کان پوءِ جنرل اسٽور کولي اڪيلائپ ۽ بوريت کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي هشاش بشاش ۽ خوشگوار رکڻ لاءِ ڇوڪرين ۽ عورتن سان کل ڀوڳ وارو رستو اختيار ڪري ورتو هئائين.
ماھين ۽ جبران جو جوڙ ناگوار، نامناسب هو. عمر جون تقاضائون جبران کي پيار ۾ ڳنڍجڻ جي اجازت نہ ڏئي رھيون ھيون.
پر ماھين پيار جون سرحدون پار ڪري چڪي ھئي، جتان هوءَ واپسي ناممڪن پئي سمجهي.
وقت سان وڌندڙ جنون دوران ماهين شاديءَ جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجڻ لاءِ جبران کي هِن جي والدين کان سڱ گهرڻ لاءِ زور ڀريو.
جبران ھن جي پيار جي شدت کي ڏسي پھريان ماھين کي پنھنجي ماءُ پيءُ کي راضي ڪرڻ لاءِ چيو.
ماھين ماءُ سان جبران جي محبت واري حيقيقت ڪئي. ماھين جو پيءُ، جيڪو ھاءِ اسڪول ۾ استاد ھئڻ سان گڏ پنھنجي پاڙي جي معززن ۾ شمار ٿيندو ھيو، تنھن ڊيوٽيءَ تان واپس ايندي ماھين جي ڳالھہ ٻڌي ورتي.
ماھين جي پيءُ ماھين ۽ جبران جي عمر ۾ زمين آسمان جو فرق ڏسندي سخت ڪاوڙ ڪندي صاف صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
ماھين جبران جي عشق ۾ چوٽ چڙهي انڌي ٿي چڪي ھئي، ھار سينگار، ويس وڳا لاھي ڦٽا ڪري کائڻ پيئڻ بند ڪري ڇڏيائين ۽ ھڪ ٻولي زبان تي لائي ويٺي ‘جبران يا موت’.
ماءُ پيءُ سختين کانپوءِ محبت سان سمجهائڻ جا وس ڪيا. منٿن ميڙن سان گڏ سڀ خواهشون زندگيءَ جون پوريون ڪري ڏيڻ جا واعدہ ڪيا. خاندان جي ڪنھن بہ ڇوڪري سان شادي ڪرڻ جي آڇ سندس اڳيان رکي وئي. ماھين جو ضد ماھين کي موت طرف ڌڪيندو پئي ويو. سڀ ھيلا وسيلا ڪوششون ڪاوشون ماءُ پيءُ ناڪام ٿيندي ڏسي پريشانيءَ جي عالم ۾ ٻڏندي ماھين جي زندگي کي بچائڻ خاطر وِھ جو پيالو پي جبران سان شاديءَ لاءِ ھا ڪئي.
ماھين کي وري نئين سر جيئڻ جو آسرو ملي ويو. ڪومايل گل وري ٽڙي خوشبودار ٿي پيو.
ماھين کي سندس پيءُ جبران کي شاديءَ جي تاريخ ڏيڻ لاءِ جمعي رات گهرائڻ لاءِ چيو. اھا خوشخبري ماھين جبران کي ٻڌائي.
ماهين جبران کي خميس جي ڏينھن سندس پيءُ جي اڳيان تيار ٿي اچڻ جي لاءِ ڪجهہ سمجهائڻ لاءِ رڪشو پڪڙي جبران جي دڪان تي پھتي. دخل تي ٻئي شخص کي ويٺل ڏسي هن جبران جي پڇا ڪئي. جنھن کيس ٻڌايو تہ “جبران کان ھي دڪان مون ڪالھہ خريد ڪيو آھي”.
ماھين پنھنجي منھن ڀڻڪي، “جبران ھي دڪان کپايو تہ مون سان ڳالھہ ڇو نہ ڪئي...؟”
هن جلدي پرس مان موبائل فون ڪڍي جبران جو نمبر ڊائل ڪيو. نمبر بند وڃي رھيو هو. ٻہ ٽي ڀيرا ڊائل ڪرڻ کانپوءِ ماھين جبران جي گهر اچي پھتي، دروازو اندران بند ھيو. هن در کڙڪايو. اندران ھڪ نوجوان ڇوڪري اچي دروازو کوليو.
”جي! توھان ڪير؟“ ڇوڪري پڇيو.
“مون کي جبران سان ملڻو آھي”.
“جبران کان اسان ھيءَ جڳھہ خريد ڪئي آھي”.
ماھين ھوش وڃائي وائڙي ٿي، پنھنجي پاڻ سان ڳالھائڻ لڳي، ”ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي.“ ائين چئي گهر ۾ گهڙي پئي. گهر ۾ ٻيون عورتون، ٻار، گهر جي تبديل ٿيل حالت ڏسي واپس پنھنجي گهر اچي وئي.
ڪمري جا بلب بند ڪري، مسلسل جبران جو نمبر ڊائل ڪندي رھي، پر نمبر بند ملندو رھيو.
خميس جو سج جمعي جي رات لاءِ پھاڙن پويان الوپ ٿي ويو، تان جو رات جا نَو ٿيا. ماھين جي ماءُ پيءُ سندس ڪمري ۾ اچي لائيٽ کولي، کانئس جبران جو پڇيو. ماھين ڏک مان جبران جو دڪان ۽ گهر کپائڻ ۽ موبائل فون نمبر بند رھڻ جو ٻڌائي، ماءُ کي ٻک وجهي اوڇنگارون ڏئي زور سان روئڻ لڳي. ماءُ جي پرچائڻ تي ماھين جي پيءُ زال کي اشارو ڪري ماھين کي پرچائڻ کان روڪيو ۽ ھڪ ٻئي ڏانھن ڏسي چپن ۾ اطمينان جو اظھار ڪيو.
ماھين وقت بہ وقت شاھي بازار، شھر جي ھوٽلن، گهٽين ۾ نھاريندي، جنھن کان مناسب لڳس تنھن کان جبران جي پڇا ڪندي رھي، پر ڪٿان بہ کيس ڏس پتو نہ مليو.
ڪجهہ وقت گذرڻ کانپوءِ ماھين ماءُ پيءُ جي رضامنديءَ سان مبين نالي پاڻ جيڏي هڪ مائٽ سان شادي ڪري ورتي.
وقت گذرندو ويو، هفتا، مھينا ۽ سال گذري ويا. ماھين مبين سان خوش گذارڻ لڳي ۽ کين ٻہ ٻار پيدا ٿي چڪا ھئا.
وقت تيزيءَ سان ڊوڙندو ماھين کي سترنھن سالن کان ستٽيھہ سالن تي اچي پھچايو. ماھين مبين ٻن ٻارن سميت پنھنجي شھر کان سياري جي خريداريءَ لاءِ روانا ٿي حيدرآباد صدر بازار ۾ شاپنگ ڪري رھيا ھيا. ماھين مبين ۽ ٻارن کان ڪجهہ منٽن لاءِ گارمينٽ جي دڪان تان موڪلائي سامھون واري جنرل اسٽور تان ڪجهہ هار سينگار وٺڻ لاءِ وئي.
هار سينگار جو سامان ضرورت آهر کڻي، بل ادا ڪرڻ لاءِ دخل تي آئي. دخل تي پوڙھو شخص، جنھنجي مٿي جا وار، شھپر، ڀرون ۽ اکين جا پنبڙ اڇا هئا، ڪٻڙو لڳو ويٺل ھيو. جنھن ماھين کي چيو “توھان منھنجي دڪان تي پھريون ڀيرو آيا آھيو ۽ جيڪو گراهڪ منھنجي دڪان تي پھريون چڪر ايندو آھي مان ان کي پنھنجي طرفان کان سوکڙي ڏيندو آھيان”. ماھين جي ڪنن تي جيئن آواز پيو، تيئن ماھين اکيون پٽي ان پوڙھي شخص کي غور سان ڏٺو ۽ عبرت مان چيو “جبران تون!!!!؟”
جبران ماھين جي آواز تي تڪڙو نظر جو چشمو پاسي مان کڻي اکين جي مٿان چاڙھيو ۽ ماھين کي غور سان ڏسندي چيو “ماھين تون.!!؟”
ماھين ۽ جبران ويھہ سالن جي عرصي بعد ھڪ ٽيبل تي وڃي ويٺا. جبران ماھين کي چيو، “تو سان شادي نہ ڪرڻ... شھر مان ڀڄي وڃڻ جو سبب.... تنھنجو جوانيءَ ۾ داخل ٿيڻ جو جنون هو ۽ منھجي زندگي جو لھندڙ سج هو. ان ڪري توکي عمر جو پڇتاءُ ڏيڻ کان وقتي تڪليف ڏئي مان تنھنجي زندگيءَ مان نڪري ويس”.
ماھين جو جبران کي ٻياسي سال جي عمر ۾ ڏسي، جبران جو سندس زندگيءَ مان نڪري وڃڻ وارو فيصلو درست لڳو.
جبران سامھون لڳل آئيني طرف ڏٺو ماھين بہ پنھنجون نظرون آئيني طرف ڪيون.
وقت جي آئينو ٻنھي ۾ زمين آسمان جي فرق کي ظاهر ڪندي، جبران جي فيصلي تي جرڪندو رهيو.