پير ڪرامتي
رجوءَ تاج ۽ رومال تي نظر کپائيندي پڇيس، ”وڏا، سائينءَ جو مٿي تي تاج ۽ ڳچي ۾ رومال ڪيئن پاتو اٿئي؟“
”سائينءَ جو مريد ٿيو آھيان.“ سائينداد جواب ڏنو.
”سائينءَ جو تون مريد ٿيو آھين!!؟“ عرس تعجب کائيندي چيو.
”جي ھا مريد ٿيو آھيان، ان ۾ تعجب جي ڪھڙي ڳالھہ آھي؟“
”سائينداد! تون ئي تہ چوندو آھين تہ مان اکين سان ڪرامت ڏسڻ بعد ئي ڪنھنجو مريد ٿيندس، پوءِ تون ’ڪرامت سائينءَ جي ڪھڙي ڪرامت ڏٺي جو ان جو مريد ٿيو آھين؟ ٻڌاءِ تہ سھي... اسان کي بہ خبر پوي!“... رجوءَ پڇيس.
”سائين جون ڪرامتون سڄي ڏيھہ اڳيان واضح آھن، باقي سائينءَ جو پراڻو مريد رحمت اللھ مون کي سائينءَ جي آستاني تي وٺي ويو ھو. ٻين وانگر مان بہ ادب مان گوڏا کوڙي ڪرامت سائين اڳيان وڃي ويٺس تہ سائين جن پنھنجي نظر جي ڪمال سان منھنجي دل تي اثر ڪري مون گنھگار مٿان ڪرم نوازي ڪري مون کي پنھنجو مريد بنائي ڇڏيو.“ سائينداد وڏي ادب سان ڳالھہ ڪئي۔
رجوءَ چيس، ”پر تون تہ چوندو ھئين، جيستائين ڪنھن جي ڪرامت اکين سان نہ ڏسندس تيستائين ان جي بيعت نہ ڪندس، پوءِ تو صرف سائينءَ جي نظر جي ڪمال تي ڪيئن اعتبار ڪيو؟“
جڏھن توھان تي بہ ڪنھن جي نگاھِ ڪرم ٿيندي نہ پوءِ اوھان کان پڇندس تہ وليءَ جي نظر ۾ ڪيڏي تاثير ھوندي آھي جو دل تي پوڻ سان ئي دل جي دنيا ئي مٽجي ويندي آھي... ڇڏيو ٻين ڳالھين کي توھان ٻڌايو ھيڏي سياري جي رات ۾ مون وٽ ڪيئن آيا آھيو؟“
”ڀر واري ڳوٺ مان اسان ڪنھن جي مينھن ڪڍڻ پيا وڃون.“ عرس چيو.
”ھاڻي ائين نہ چئجان تہ سائينءَ جو مريد ٿيڻ کانپوءِ مون اھي ڪم ڇڏي ڏنا آهن.“ رجوءَ تڪڙ ۾ چيس۔
”واقعي، جڏھن کان سائين جي دامن کي پڪڙيو اٿم، انھن ڪمن تان دل ئي کڄي وئي آھي۔“
”سڀني پيرن جا مريد ڏٺا اٿئون، تقريبن دنيا جي ھيرا ڦيريءَ ۾ لڳل ھوندا آھن، تون ھاڻي صفا مسيت جو ڪک ٿي جواب نہ ڏي.“
رجو ۽ عرس جي زور ڀرڻ تي سائينداد راضي ٿيندي ھا ڪئي۔
”استاد بہ آھين، پاٿاريدار بہ ۽ مال واپارين وٽ پھچائين بہ تون ٿو، توکان سواءِ ڏکيا ٿي پئون ھا.“ عرس چيس۔
”جيڪو سنگت جو خيال... توھان لاءِ عزت آھي، ڀلي داءُ ڪري اچو...“ سائينداد چين.
پوءِ اڄ رات درگاھ تي چوڏھين شريف لڳل آھي، آس پاس جا ڳوٺاڻا اتي واعظ ۽ مولود ٻڌڻ لاءِ آيا ھوندا، اسان ڪنھن جي گهر مان آسانيءَ سان ڍور ڪڍي ٿا اچون...“ رجوءَ چيو.
”ٺيڪ آھي، پڪو روڊ وٺي اچجو جيئن پيرا ظاھر نہ ٿين. سائينداد چين.
”تون فڪر نہ ڪر استاد، تنھنجا شاگرد آھيون، تو ئي سمورا گر سيکاريا آھن.“ ائين چئي چوري ڪرڻ لاءِ ٻئي سائينداد وٽان روانا ٿيا۔
رجو ۽ عرس ٻنھي پيرن تي زور ڏئي گس لتاڙيندا ڳوٺ جي درگاھ کان گذري رھيا ھيا تہ لائوڊ اسپيڪر تي چوڏهين جو پروگرام ھلي رھيو ھو. ڪرامت سائين واعظ ۾ پنھنجون ڪرامتون بيان ڪندي چئي رھيو ھيو:
”اسان کي ھر ڳالھہ جي خبر پوي ٿي، ڇا ڇا ٿئي پيو ٿو دنيا ۾...“
سائينءَ وڌيڪ جذبات ۾ ايندي سامھون واري ڀت ڏانھن آڱر جو اشارو ڪندي چيو، ”اسان توھان کي ٻڌائي سگهون ٿا، ھن ڀت جي پويان ڇا ٿي رھيو آھي!“
ڪرامت سائينءَ جي ان ڳالھہ تي مريدن پنڊال ۾ نعرن جي گونج ڪري ڇڏي۔
ڪرامت سائينءَ جي ڳالھہ ٻڌندي رجوءَ عرس کي چيو،
”اڄ رات سائينءَ کي آزمائي ٿا ڏسون!!؟“
”اھو ڪيئن؟...“ رجوءَ پڇيس.
”اڄ سائينءَ جي واڙي مان ٿا ھلي مينھن ڪڍون، خبر پوي تہ سائين سچو آھي يا...“
”ٺيڪ آھي آزمائي ٿا ڏسونس...“ ھنن پنھنجي مشاھدي طور سندس واڙي مان ڀلي مينھن ڪڍي. ٻئي ڄڻا مينھن ڪاهي پڪي روڊ وارو پاسو وٺي، اچي سائينداد وٽ پھتا۔
سائينداد پڇين، ”ڪنھن جي مينھن ڪڍي آيا آھيو؟“
رجو ۽ عرس ھڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا... نيٺ عرس ڳالھايو:
”اھا مينھن... اسان... ڪرامت سائينءَ... جي ڪڍي آيا آھيون.“
سائينداد کي ڄڻ تڪڙو جهٽو لڳي ويو. ڪاوڙ ڪندي چيائين،
”ھي توھان ڇا ڪري آيا آھيو!؟ پاڻ سميت مون کي بہ برباد ڪرڻ ٿا چاھيوڇا... جو سائينءَ جي مينھن ڪاھي آيا آھيو! ٻڌايو... ھان... جواب ڏيو۔..“
ھن دفعي مينھن کپائڻ لاءِ ناهي چورائي.“ عرس کيس سمجهائڻ واري لھجي ۾ چيو۔
”باقي ڇا لاءِ چوري ڪري آيا آھيو!!؟“
”ڪرامت سائينءَ جي ولايت کي آزمائڻ لاءِ چوري ڪري آيا آھيون تہ واقعي ڀت جي پويان خبر پويس ٿي يا...“
سائينداد هنن جي ڳالھہ ٻڌي، ڪرامت سائينءَ کي آزمائڻ واري سندن اسرار تي مينھن وڃي پنھنجي گهر جي واڙي ۾ ٻئي مال سان گڏ ٻڌي۔
جيئن صبح جو سج ڪني ڪڍي مٿي اڀرندو ويو... ٺڪ... ڪرامت سائين اچي سائينداد جي اوطاق تي پھتو۔
سائينداد هن جي پيرن تي ھٿ رکندي، سندس ھٿ چمندي نياز نوڙت مان کٽ تي نئون ھنڌ وڇائي ويھاريو، پوءِ مرشد جي لاءِ گهران زال کان چانھہ ٺھرائڻ آيو.
”زيبو...“
”جي...“
”رات جيڪا مينھن آندي ھيم، ان جو کير پيو آھي نہ؟“
”جي پيو آھي.“
”مرشد آيو آھي، انھي کير مان ڪڙڪ ‘وي آءِ پي’ چانھہ ٺاھي ڏي.“
زيبو سائينداد کي ان ئي مينھن جي کير مان چانھہ ٺاھي ڏني. مرشد چانھہ پي سائينداد سان حوالي ٿيو
”رات منھنجي واڙي مان چور منھنجي ڀلي مينھن ڪڍي ويا آھن، تون پاٿاريدار آھين، ووڙ ڏئي مينھن واپس ڪرائي ڏي.“
سائينداد هن کي پڪي خاطري ڏني تہ ”مينھن شام تائين اوھان کي اوھان جي واڙي ۾ ملي ويندي.“
سائينداد جي اھڙي پڪ تي ڪرامت سائين ھليو ويو.
صبح کان وقت گذرندو، منجهند جا پاڇا پار ڪندو، سائينداد جي ڪرامت سائينءَ سان ڪيل زبان جي وقت شام تي اچي پھتو.
سائينداد پنھنجي مشاھدي کي ترجيح ڏيندي مينھن گهر کان ٻاھر ڪڍي، ڪرامت سائينءَ جي مريديءَ واري خاص ٽوپي پنھنجي مٿي تان لاھي مينھن جي مٿي تي رکي، سائينءَ جو مليل رومال ڳچي مان لاھي، ان رومال سان ٽوپيءَ کي مينھن جي مٿي تي ٻڌي ڌنار کي چيو، ”ھيءَ مينھن ڪرامت سائينءَ جي آھي، ان کي ڏئي آ.“
ڌنار مينھن جي رسي ۾ ھٿ وجهي ڪرامت سائينءَ ڏانھن روانو ٿيو.