ٻہ اکر: ڪي ٽي اين کان ڪتاب تائين جي اڏام
همدرد اوڏ
پيارو اسٽيشن تعلقه دادو
هن ڪتاب ۾ ڪل سترھن ڪھاڻيون شامل آهن. نور ڪنڀر پنھنجي سماج جو سجاڳ ڪھاڻيڪار آهي، جيڪو سماجي حقيقت نگاريءَ کي پنھنجي ڪھاڻين ۾ سمائي ٿو، انھيءَ ڪري هن جون ڪھاڻيون سچ، سونھن، سڪ، تڙپ، پيار، ڪلفت، آس، نراس، نينھن، ناتي سميت سنڌيت جو احساس ڏياريندڙ، هڪ مقصد، هڪ اتساھ هڪ اُميد سان ڀرپور فني ۽ فڪري طور مضبوط لکيل آهن،. انھيءَ ڪري هن جون هي ڪھاڻيون جديد سنڌي افسانوي ادب ۾ پنھنجي اھميت رکن ٿيون