جذبن جا ڏيئا
اڄ رات اٺين وڳي، انيتا حيدر وٽ پنھنجي پيار جي اظھار کي ونڊڻ لاءِ اچي رھي ھئي،۔ انيتا ڪجهہ سالن کان حيدر کي چاھيندي رھي ھئي، جيڪا خبر حيدر کي بہ ھئي،. پر ڪڏھن بہ انيتا، حيدر سان محبت جو اظھار نہ ڪري سگهي ھئي , نہ ئي حيدر جي دل تي انيتا جي نظرن ڪڏھن ڪو اثر ڇڏيو ھيو، پر اڄ انيتا جي اچڻ تي حيدر پنھنجي دنيا کي مٽجندي محسوس ڪري رھيو ھيو۔
نظرون خاموش ڪمري جي ڀت تي لڳل گهڙيال جي ڪانٽن جي ٽڪ ٽڪ کي ڏسي رھيون ھيون۔ انتظاري، بيقراري ۾ ڄڻ وقت بہ آھستي آھستي ھلڻ شروع ڪري ڏنو ھيو. ھڪ ڪلاڪ بہ ڄڻ مدت جي شڪل اختيار ڪري ورتي ھئي۔ انتظار جي شدت ۾ ھي بار بار در طرف نھار ڪري. آئيني اڳيان اچي پاڻ کي ڏسي رھيو ھيو.
آئيني اڳيان ايندي ھن دفعي پاتل وڳي کي نامناسب سمجهيو، ۽ الماڙيءَ مان ٻيو وڳو ڪڍڻ لاءِ الماڙي کولي اڇو پھرياڻ ڪڍيو تہ ان پھرياڻ ۾ پيل سدرا جو ڦوٽو اچي زمين تي ڪريو. حيدر زمين تان ڦوٽو کڻي مٿي ڪري پنھنجي اکين اڳيان آندو۔ سدرا جي ڦوٽو کي ڏسڻ سان ھڪ دم ھن جون انيتا جي لاءِ گڏ ڪيل سوچون ذھن مان غائب ٿي ويون.
حيدر جي چھري تان انيتا جي انتظاري وارا پل پکي وانگر پَرَ ڪڍي ڪمري کان اڏري ھليا ويا. چھري تي عجيب، غريب ڪيفيت تاري ٿي وئيس۔
حيدر چپن ۾ چيو “سدرا”
حيدر جا خيال ماضيءَ ڏانھن ڊوڙي ويا.
سدرا! طبيعت ۽ کل ڀوڳ مسخري، مذاق چلولائپ، خوش اخلاق سان صورت، سيرت ۾ سھڻي ھئي.
حيدر “سدرا” چپن ۾ چئي ڪمري جي خاموشي ۾ گم ٿي ويو. اکيون عڪس چٽي رھيون ھيون يادن جا ذھن تي
“ڏس حيدر تولاءِ پھرياڻ ٺاھيو اٿم۔ پھرين ڪوشش ھئي منھنجي پھرياڻ ٺاھڻ جي، ڏس سيون ڪيئن ھٿن ۾ چڀي ھٿن ۾ نشان ٺاھي ڇڌيا اٿن” سدرا ھٿن تي سُئين جا نشان حيدر کي ڏيکاريندي چيو۔
حيدر سدرا جا ٻئي ھٿ پنھنجي ھٿن ۾ پڪڙي چميا “ھي پھرياڻ مان پوري زندگي پاڻ وٽ سانڍي رکندس، ۽ ڪن خاص ڏينھن تي پائيندس جيئن پراڻو نہ ٿئي، ۽ جڏھن ھي پھرياڻ پائيندس تہ مون کي تنھنجي ياد ڏياريندو”
حيدر جي ڳالھہ تي سدرا جي چھري تي مايوسي جا ڪڪر ڇائنجي ويا “ھي پھرياڻ توکي منھنجي ياد ڏياريندو ڇا مطلب آھي تنھنجو”۔ تون مون کي پاڻ کان ڌار ڪري ويل وقت جيان ياد ڪندو رهندين” حيدر سدرا جي اکين ۾ آيل پاڻي کي پنھنجي ھٿ سان اگهي سدرا کي پنھنجي سيني سان لائي چيو
“جسم کان روح جدا ٿيندو تہ ماڻھو مري ويندو آھي ۽ حيدر سدرا کان جدا ٿيندو، تہ حيدر مر۔۔۔۔۔ي ويندو”.
سدرا حيدر جي ڳالھہ کي روڪڻ لاءِ تڪڙو حيدر جي چپن تي ھٿ رکيو۔
“منھنجي زندگيءَ جا ڪل ڏينھن بہ توکي لڳن حيدر”
سدرا جي لفظن ۾ سچائي جا گهرا رنگ چڙھيل ھيا۔ حيدر سدرا کي ڀاڪر مان ڪڍي ٻئي ھٿ ڳلن تي رکي چيو “حيدر سدرا جي محبت جو دامن ڪڏھن نہ ڇڏيندو” سدرا پڪ جو جام پي وفا جي سمنڊ جي اونھائي ۾ ٽٻي ھڻي چيو “تون مون سان گڏ آھين سدرا دنيا جي ھر خوف کان بيخوف آھي” ائين چئي سدرا چپن تي مرڪ آندي.
عڪس ڌنڌلا ٿيا سدرا حيدر جي نيڻن کان اوجهل ٿي وئي اکيون سدرا جي ڦوٽو کان ھٽندي ھٿن ۾ پڪڙيل پھرياڻ تي پيون جيڪي سدرا جي ياد کي تازو ڪري رھيا ھيا۔.
سدرا جون يادون زھر بنجي حيدر جي وجود ۾ ڊوڙي حيدر جي جسم جي ھر حصي کي ڏنگي رھيون ھيون.حيدر ڪاوڙ ۾ ايندي ھٿن ۾ پڪڙيل پھرياڻ ۽ ڦوٽو کي زور سان فرش تي اڇلايو ۽ رڙيون ڪندي ڳالھايو۔
“نڪري وڃ منھنجي يادن مان، جيئن تون منھنجي زندگي مان اصل لاءِ نڪري وئين آھين۔ تو جھڙي بي مروت، دغاباز عورت جي يادن جا ڏيئا جلائي پاڻ کي ساڙڻ نٿو چاھيان. اڙي ڪيڏو پيار ڏنو ھيم توکي ۽ تو منھنجي ھماليھ جيڏي اعتماد کي ٽوڙي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. ٻڌا! تو منھنجي ڀرم جي آئيني کي ڇو ٽوڙيو ٻڌا؟”
حيدر جي رڙين تي آواز ڪمري ۾ گونجي پڙلاءُ ڪرڻ لڳو.
حيدر زمين تي پيل سدرا جي تصوير کي حقارت مان ڏسڻ لڳو..
سدرا جي تصور کي حيدر التجائي مظاھرو ڪندي محسوس ڪيو.
“ڪھڙو ڏوھ ڪيو ھيو مون، جنھن جي سزا ۾ منھنجي وجود کي ٽياس تي ٽنگيو ويو، منھنجي جسم جا ڳڀا ڳڀا ڪري ريگستان جي ڀٽن تي تتل واري مٿان اڇلايا ويا، منھنجي بدن مان وھندڙ رت سان ھن ڌرتي کي لال ڪيو ويو، منھنجي درديلي دانھن کي ھن ھوائن ۾ ڀٽڪايو ويو، ڪھڙي گناھ ۾ توکي منھنجي مٿان ظلم ڪندي قياس نہ آيو!”
“دنيا جو عظيم تر گناھ ڪيو ھيو. جنھن جي سزا تو کي ڀوڳڻي پئي”
“منھنجي محبتن جو خيال نہ پيو توکي ائين ذلت جا ڪوٽ ڪيرائي مون کي اصل لاءِ نيست نابود ڪري ڇڏيئي” حيدر سدرا جي پاڇي سان ڳالھايو.
سدرا روئڻڪي آواز ۾ چيو؛
“حيدر صدين جون محبتون انا جي پلصراط تي چاڙھي سڀ وساري ويٺين۔ ايندي ويندي ڪيئن مزاڪين ڌڪ ھڻي ڪڍندي ھئين مان رڙ ڪندي ھيس امان ! جهليس ڪونہ ٿي ڪيئن ٿو مون کي ڌڪ ھڻين ۽ مان ويھاڻو، يا گلاس کڻي تنھنجي پويان ڀڄندي رڙيون ڪندي ڪندي توکي پڪڙي وٺندي ھيس پر مان توکي ڌڪ نہ ھڻندي ھيس. خبر اٿئي ڇو نہ توکي ڌڪ ھڻندي ھيس ان ڪري جو مان تون سان پاڻ کان وڌيڪ پيار ڪندي ھيس. ياد اٿئي پاڙي مان مٺي ڀت جي پليٽ آئي ھئي، ۽ پليٽ ۾ ٿورو ڀت ھيو تون گهر کان ٻاھر ھئين مون پاڻ نہ کاڌو ۽ تولاءِ لڪائي رکيو ھيم. ڇو جو تون مٺو ڀت وڏي چاھ سان کائيندو ھئين. زندگي جي پل پل جون الائي ڪيتريون محبتون لاڳاپيل ھيون توسان ۽ تون ! منھنجي محبتن جو صِلو ڇا ڏنو”
“پوءِ رشتن کي پائمال بہ تو خود ڪيو ھيو جنھن جي سزا اها ھوندي آھي”
“مون ڇا ڪيو.۔۔۔۔۔ زندگيءَ جي ھم سفر ڳولڻ لاءِ ڪامران سان محبت تہ ڪئي ھيم ۽ ان جي سزا”
“ھا جيڪو ذلت جو داغ تو منھنجي نرڙ تي لڳايو ان لاءِ سزا اھا ھئي”
“مان ڇوڪري ھيس مون محبت ڪئي تہ مون لاءِ محبت ڪرڻ جي سزا دردناڪ ھئي. پوءِ تون مرد ڪنھن جي محبت حاصل ڪرڻ جي انتظار ۾ گهڙيال جي ڪانٽن کي بار بار تڪي رھيو آھين.۔۔۔۔۔۔۔ ٻڌا.۔۔۔۔۔ ٻڌا تولاء ڪھڙي سزا۔۔۔۔۔۔۔۔؟!”
سدرا جو پاڇو ڦوٽو ۾ جذب ٿي ويو۔
تڪڙو حيدر سدرا جو ڦوٽو فرش تان کڻي ھٿ ۾ ڪيو۔
سدرا جا لفظ حيدر جي ذھن جي ديوارن ۾ ڦرندا رھيا۔، بلڪل خاموشي سان ھڪ ھنڌ پير ڄمائي سدرا جي لفظن جي ڌٻڻ ۾ پاڻ کي ڦاٿل محسوس ڪندو رھيو.۔
ڪافي دير تائين سُن ٿي بيھڻ کانپوءِ دماغ مٿان حاوي ٿيل سدرا جي ڳالھہ کي زور سان ڇنڊي لاھي اڇلائيندي چيو۔؛
“نہ نہ زير، زير آ زبر، زبر آ، مرد کي حاڪميت مليل آھي، عورت جي مٿان. جڏھن فوقيت حاصل آھي تہ پوءِ ڇو مان سدرا سان پنھنجي ڀيٽ ڪريان. ھو ماضي ھئي گذري وئي۔ پسند نا پسند جو اختيار مان رکان ٿو. انيتا سان پيار جو اظھار ڪري ھن کي پنھنجو بنائي پرسڪون زندگي گذاريندس۔”
گهڙيال جا ڪانٽا 8:00 وڳي تي پھتا تہ حيدر جنھن جي لاءِ ڪمري ۾ سجاوٽ ڪئي ھئي۔ ان اچي معصوم آواز سان سلام ورايو.
حيدر سدرا جو ھٿ ۾ جهليل ڦوٽو تڪڙو ٽيبل تي رکي انيتا طرف توجهہ ڏيندي مصنوعي مرڪ چپن تي آڻي سلام جو جواب ڏئي آڌرڀاءُ ڪري سوفي تي ويھاريو.
انيتا سائي جوڙي ۾ پنھنجي حسن کي نمايان ڪيو بيٺي ھئي، حسن جمال ۾ ڪمال لڳي رھي ھئي،. حيدر بہ سندس حسن کي ڏسي موھجي ويو ھيو۔.
رات جي پھر کي خوش گوار، ۽ رومانٽڪ بنائڻ لاءِ ڪمري جي لائٽنگ بند ڪري ميڻ بتيون ٻاريون ويون.
ريفريشمينٽ سان گڏ ٽيبل تي ھڪ ٻئي جي بلڪل سامھون ٿي ويٺا.ٻنھي جي چھرن تي مسلسل مرڪ هئي.۔
“منھنجي لاءِ رشتا اچي رھيا آھن، سو منھنجا والدين شادي ڪرڻ لاءِ زور ڏيندي رضامندي پڇي رھيا آھن. زور ان ڪري وجهي رھيا آھن جو مون کان پوءِ منھنجون ٽي ننڍيون ڀيڻون ويٺل آھن.
توسان تہ نينھن گهڻي وقت کان لڳل آھي، پر! ڪڏھن بہ پيار جو اظھار ھڪ ٻئي سان نہ ڪري سگهيا آھيون. ان ڪري معلوم ڪرڻ پئي چاھيم توھان بہ مون سان پيار ڪريو ٿا، يا ھي محبت رڳو ھڪ طرفي آھي؟”
حيدر چپ چوريا تہ اوچتو دريءَ کان تيز ھوا جو جهونڪو آيو، جنھن ٻريل ميڻ بتين کي وسائي ڇڏيو.
حيدر تڪڙو اُٿي ڪمري جي لائٽنگ کولي تہ ھوا جي جهونڪي تي سدرا جو ڦوٽو سري اچي انيتا جي اڳيان پيو. انيتا ڦوٽو کي ھٿ ۾ کنيو، حيدر بہ ڪُرسيءَ تي اچي ويٺو۔.
“ھيءَ ڪنھن جو ڦوٽو آھي؟” انيتا حيدر کان پڇيو۔
“ھيءَ منھنجي ڀيڻ جو ڦوٽو آهي”
“ڪاٿي آھي تنھنجي ڀيڻ نظر ڪانہ ٿي اچي”
“ھيءَ ھن دنيا ۾ ناھي رھي”
“صد افسوس” انيتا ڏک جو اظھار ڪندي حيدر کي چيو
“اھڙو ڇا ٿيو جو ننڍي عمر ۾ موت تنھنجي ڀيڻ جي حياتي ڳڙڪائي ويو؟”
حيدر انيتا جي سوال تي خاموش ٿي ويو ۽ سدرا جي ڦوٽو کي ڏسڻ لڳو.
“مون اوھان کان ڪجهہ پڇيو حيدر”
انيتا جي پڇڻ تي بہ حيدر خاموش رھيو ۽ ڦوٽو مان سدرا جي آواز جي گونجار ڪري اٿي جيڪو صرف حيدر پئي ٻڌو.
“مون کي محبت ڪرڻ جي ڏوھ ۾ حيدر قتل ڪيو آھي،. پڇ ھن کان جي محبت جي جذبن جا ڏيئا اندر ۾ ٻارڻ پاپ آھي، تہ پوءِ ھي پنھنجي اندر ۾ تولاءِ ڇو محبت جي جذبن جا ڏيئا جلائي ويٺو آھي”
انيتا حيدر جو چھرو لعل ۽ عجيب، غريب ڪيفيت ۾ ڏسندي معلوم ڪيو.
“تون ٺيڪ تہ آھين. ڇا ٿي ويو توکي اوچتو”
حيدر جو چھرو ۽ ھٿ ڏڪي رھيا هئا. هُن ڏڪندڙ ھٿن سان سدرا جو ڦوٽو انيتا کان وٺي. سدرا جي ڦوٽو کي چمي ڏئي. ڦوٽو ٽيبل تي رکي ڦوٽو مٿان پنھنجو چھرو رکي روئڻھارڪو ٿي ويو.
انيتا کي ڪا ڳالھہ سمڄھہ ۾ نہ پئي آئي.
حيدر چھرو مٿي ڪري انيتا کي چيو
“مان تون سان پيار نٿو ڪريان”.
“پر ڇو”؟! “مون کي ڪا ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ اچي رهي آهي” انيتا ششدر ٿيندي حيدر کان پڇيو.
“مان پنھنجي محبت ڪرڻ جا احق پاڻ وڃائي چڪو آهيان” حيدر پڇتاءُ کائيندي چيو
“اهو ڪيئن حيدر.... مان ڪيئي جذبن جا ڏيئا جلائي تو وٽ پھتي آهيان ۽ تون!؟......”
“تو معلوم ڪرڻ پي چاهيو نہ ڪيئن موت ننڍي عمر ۾ منھنجي ڀيڻ جي حياتي ڳڙڪائي ويو”.
“جي! جي مون معلوم ڪرڻ پي چاهيو؟”
“هن کي ننڍي عمر ۾ مون ماريو هيو”
انيتا کي حيدر جي ڳالھہ تي ڏندي آڱريون اچي ويس، ۽ زمين پنھنجي پيرن هيٺان ڌڏندي محسوس ڪيائين. “ڇو ماريو هيو تون پنھنجي ڀيڻ کي؟!” تعجب مان انيتا حيدر کان پڇيو.
“محبت ڪرڻ جي ڏوھہ ۾”.
“محبت ڪرڻ جي ڏوھہ ۾؟!” انيتا جي ذهن ۾ ڪئي سوال اُڀريا.
حيدر چيو “ها محبت ڪرڻ جي ڏوھہ ۾
مون کي اهو ڏينھن اڃا تائين ياد آهي آفيس کان موٽندي جڏهن سدرا کي پنھنجي ڪلاس فيلو ڪامران سان گڏ هن ئي ڪمري ۾ ڏٺو هيومان.
“سدرا”
منھنجي رڙ ۾ جذبات سان گڏ انا بہ شامل هئي.
“ادا! هي منھنجو ڪلاس فيلو آهي، ۽ اسان هڪٻئي کي پسند ڪندا آهيون”.
سدرا جي ڳالھہ تي ڪاوڙ ۾ اچي سدرا کي وارن مان پڪتم.
“ڪامران تون نڪري وڃ” ڪامران سدرا جي چوڻ تي نڪري هليو ويو.
مان جلال ۾ اچي ڊوڙ پائي رڌڻي مان خنجر کڻي آيس.
هن ئي ڪمري وچ تي.
“منھنجي ڀيڻ مون کي هٿ ٻڌي رهي هئي. پيرن تي بہ ٻئي هٿ رکيا هيائين ۽ خدا جو قسم کڻي چئي رهي هئي “ادا! تنھنجي ڀيڻ صرف محبت ڪئي آهي. خدا ۽ ان جي رسول کي گواھہ ڪري ٿي ڳالھہ ڪريان ٿي منھنجو دامن صاف، اُجرو آهي”.
“تہ بہ سدرا تي طيش ٿيندي خنجر سري تي رکيومانس. هوءَ ڪيئن مون کي ايلازون ۽ منٿون ڪري رهي هئي. “ادا! مون کي نہ مار، مون کي نہ مار” هڪ ئي ماءُ، پيءُ جا اولاد آهيون. سڄي عمر هڪ ٻئي سان کيڏيا آهيون، ڪڏيا آهيون. رسڻ، پرچڻ سان گڏ ڪيڏيون کيچليون ۽ هجتون بہ رهيون آهن پاڻ ۾، ڪنھن هڪ ئي ڳالھہ جو ڪھل رکندي مونکي نہ مار ادا”
مون درندي کي پنھنجي معصوم ڀيڻ جي ڪنھن ڳالھہ تي ڪھل ڪانہ آئي، نہ ئي ان جي ڪوڪن تي ڪو قياس آيو ۽ مون هن جي سري تي خنجر وهائي مون سدرا جي جذبن جا ڏيئا اصل لاءِ وسائي ڇڏيا.
حيدر گوڏن ڀر فرش تي پاڻ کي ڇڏي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو.
انيتا حيدر کي حقارت جي نظرن سان ڏسي پنھنجا قدم پوئتي ڪندي ڊوڙ پائي گهران نڪري وئي.