سوچن کي فالج
ڪمري ۾ ڪاٺ جي ڪرسيءَ تي ويٺو ھيو. اڳيان ميز، ميز تي رکيل نظر جي عينڪ کڻي اکين تي پائي، ٽيبل تي رکيل پنو ھڪ ڀيرو وري کڻي. اکين جي اڳيان آڻي پڙھڻ لڳو. پني کي پڙھڻ سان چھري جو پنو رنگ ڇڏائي ويس. اکيون ڏرا ڏئي ويس. چپن تي خشڪي ايندي ويس.
ميز تي پيل پاڻيءَ جي گلاس ڏانھن ھٿ وڌايائين، ڏڪندڙ ھٿ سان پاڻيءَ جو گلاس کڻي وات تي آندائين. ڏک جي شدت مان ڏند ٺڙڪي رھيا ھئس. گلاس سان ڏندن لڳڻ ڪري ’کڙ کڙ کڙ...‘ جو آواز پي ٿيو. جيئن تيئن ٻہ ٽي ڍڪ پاڻيءَ جا ھڻي گلاس واپس ٽيبل تي رکيائين.
پنو شھر جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي ڪورٽ طرفان آيل نوٽيس ھيو. ھي ان نوٽيس ۾ ڇڪايل ھيو. ھن کي ڪورٽ ۾ ڇڪائيندڙ ٻيو ڪو غير نہ، پر ھن جي ڌيءُ ڪونج فريادڻ ھئي. ھن نوٽيس واپس ٽيبل تي رکيو.
ڪرسيءَ تان اٿيو، اولھہ واري پاسي ڪمري ۾ پيل ڪٻٽ ڏانھن آيو، جتان خالي ڪجهہ پنا ۽ پين کڻي واپس اچي ڪرسيءَ تي ويٺو. نوٽيس جو جواب لکڻ لڳو.
ھفتي بعد صبح جو ساڍي اٺين وڳي ڪورٽ ۾ پنھنجي وڪيل سان گڏ نوٽيس جو جواب ڪورٽ ۾ ڏيڻو ھيو.
ھفتي بعد صبح جا ساڍا اٺ بجي
ڪورٽ هال ۾ چيمبر جي در کان نائب قاصد اڇي وڳي، اڇي واس ڪوٽيءَ ۽ جناح ڪئپ مٿي تي پاتل. چيمبر جو در کولي وڏي آواز ۾ چيو، ”ھوشيار.“
ڪورٽ هال ۾ ويٺل وڪيل، ريڊر ۽ اسٽينو گرافر، سرڪاري وڪيل، انھن جا نائب ڪورٽ ۾ ادب سان اٿي بيٺا. جج چيمبر کان ڪورٽ هال ۾ اچي ڪرسيءَ تي ويٺو. جج کي پينٽ شرٽ مٿان ڪاري رنگ جو گائون پاتل ھيو. جج جي ويھڻ بعد ادب ۾ اٿي بيٺل سڀئي ويٺا. جج جي ساڄي پاسي ريڊر جي ڪرسي، ڪرسيءَ اڳيان ڪمپيوٽر ۽ ڪيسن جا اصل دستاويز ۽ پوليس جون رپورٽون وغيره پيل ھيون. اولھہ طرف اسٽينو گرافر جنھن جي اڳيان بہ ڪمپيوٽر بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ رکيل ھيو.
ريڊر ڪاز لسٽ کڻي جج جي پاسي ۾ اچي بيٺو. سڏ جا پيپر جج جي اڳيان رکندي هن نائب قاصد کي سڏ لاءِ چيو.
نائب قاصد ڪورٽ هال جي در کان ٻاھر آيو. در تي جج جو گن مين هٿيار سميت الرٽ بيٺل ھيو. سڏ شروع ٿيو ۽ سڏن جو سلسلو جاري رھيو.
سڏ ۾ جوابدار ۽ فريادي، شاھد، مشير، پوليس، ڊاڪٽر ۽ تپيدار ڪيسن جي مطابق ماڻھو سڏ تي اندر ايندا ويندا رھيا،
ڪجهہ سڏن کان پوءِ نائب قاصد سڏ ڪيو، ”عرضدار ڪونج ۽ ڇڪايل رحيم بخش!!“، ”عرضدار ڪونج ڇڪايل رحيم بخش!!!“
ڪونج ۽ ڪامران، وڪيل، پروسز سرور ڊي ايس پي ڪمپلين سيل کان آيل نمائندو صوبيدار، حد جي ٿاڻي کان صوبيدار رپورٽ سميت ڪورٽ ۾ حاضر ٿيا. ڇڪايل رحيم بخش سڏ ۾ حاضر نہ رھيو، نہ ئي سندس وڪيل ٻئي سڏ تي وڪيل وحيد علي پينٽ شرٽ مٿان ڪاري ڪوٽ سان تڪڙو ڪورٽ جي در تي اچي بيھي ڪنڌ جهڪائي سيني تي ھٿ رکي جج اڳيان آيو، جتي فريادي ڪونج، ڪامران ۽ فرياديءَ جو وڪيل صفدر موجود ھيا.
”مسٽر وحيد! اوھان جو مؤڪل ڪاٿي آھي؟“ جج ڇڪايل رحيم بخش جي وڪيل وحيد کان پڇيو.
“سر، ڇڪايل نہ ٿو اچي سگهي، ان جي ھيءَ درخواست...” وحيد ريڊر کي درخواست ڏني، جيڪا ريڊر کڻي جج جي اڳيان رکي.
جج درخواست کي ڏسندي چيو، “ٺيڪ آھي. ڇڪايل کان سواءِ اوھان ئي دليل ڏيو.” جج نوٽيس کي ڏسندي چيو، ”فريادي ڪونج!“
“جي سائين مان ڪونج آھيان.”
“اوھان جو ڇا چوڻ آھي؟”
“سائين منھنجو اھو چوڻ آھي تہ منھنجو پيءُ لالچي قسم جو ماڻھو آھي. هن منھنجي شادي پيسن عيوض وڏي عمر جي شخص سان ڪرائڻ پي چاھي. سو مون پنھنجي راض خوشيءَ سان ڪامران سان گهران نڪري حيدرآباد جي عدالت ۾ نڪاح ڪيو آھي. جنھن تي منھنجو پيءُ. مون کي ۽ منھنجي مڙس کي موت مار ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي. اسان زال مڙس جي جان کي خطرو آھي. سو جج صاحب اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.”
جج ڪامران ڏانھن ڏٺو ۽ پڇيو، “تو ڪونج سان حيدرآباد ڪورٽ ۾ نڪاح ڪيو آھي؟”
“جي سائين”.
“تنھنجو ڇا چوڻ آھي؟”
“سائين جيڪو ڪونج چيو، منھنجو ساڳيو چوڻ آھي”.
ان کان پوءِ حد جي ٿاڻي ۽ ڊي ايس پي ڪمپلين سيل ڏني تہ؛
“ڇڪايل رحيم بخش رٽائرڊ ڪلارڪ آھي. ھن جي خلاف ڪا بہ اڳ شڪايت داخل ناهي ٿيل. جانچ ڪرڻ تي معلوم ٿيو آھي تہ ڪونج ڀڄي وڃي ڪامران سان پيار جو پرڻو ڪيو آھي. گهرو مسئلي جي ڪري وڌيڪ ڄاڻ ناهي ملي سگهي.
اھڙي رپورٽ ڪورٽ سڳوري ۾ عرض رکجي ٿي.
ڪونج جي وڪيل تقرير بس ڪئي تہ ڇڪايل رحيم بخش جي وڪيل وحيد علي جج کي عرض ڪيو تہ ”ڇڪايل جي طرفان ڪورٽ سڳوريءَ کي ھڪ خط آھي اجازت ڏني وڃي تہ پڙھان؟“
”اجازت آھي، پڙھو.“ جج اجازت ڏني.
وڪيل وحيد علي فائيل مان خط ڪڍي فائيل مٿان رکي پڙھڻ شروع ڪيو.
منھنجو منھنجي ڌيءَ سان ھاڻ ڪو بہ واسطو ناھي رھيو. ھڪ رشتو ھيو منھنجو ھن سان راحت جو سڪون جو، جو ھن کي منھنجون اکيون ڏسي ٺرنديون ھيون. ۽ ھا ھڪ رشتو ھيو منھنجي عزت جو، جيڪا پوري عمر جي سانڍيل عزت ائين ذليل ۽ رسوا ٿي جو اخبارن ۽ خبرن ۽ سوشل ميڊيا تي ڌوم مچي وئي. مون کي اھا جاءِ نہ ملي رھي ھئي جتي مان پنھنجو سر لڪايان.
ماڻھن جي نظرن ۾ عجيب سوال ۽ زبان تي طعنا ھيا. بيعزتي جا پھاڙ منھنجو ضعيف وجود برداشت نہ پئي ڪري سگهيا. مون حياءَ جي ڌٻڻ ۾ اکيون بند ڪري ائين پاڻ کي اڇلائي پنھنجي گهر جا در بند ڪري ڇڏيا ڄڻ مون کي گهر کان ٻاھر نڪرڻو ئي نہ ھيو. نہ نڪرڻ جي ڪري راشن بہ ختم ٿي ويو آھي. ٽن ڏينھن کان ڪجهہ نہ کاڌو اٿم.
ٻاھر نڪرڻ جي جرئت بہ نہ پئي ٿئي. بس پنھنجي ڪمري ۾ پنھنجي ئي اڳيان تماشو بڻيل ھيس.
ھن ڪيس جي فرياديءَ ظاهر آھي، مون مٿان بھتان ھنيا ھوندا ۽ چيو بہ ھوندائين تہ اھو پوڙھو منھنجي شادي منھنجي رضا کان بغير پيسن عيوض پوڙھي سان ڪرائڻ پيو چاھي.
ان ڪري ان جي ظلم کان بچڻ لاءِ مون ڪورٽ ۾ شادي ڪئي آھي.
جتي بي حيائي جا طوفان لڳندا آھن. اتي احترام ۽ احساسن جا گهر ڊھي پٽ ٿي ويندا آھن، پوءِ اھي رشتن وارا دائرا دائرا ناهن رھندا تہ ھي منھنجو پيءُ آھي، ماءُ آھي، ڀاءُ يا قابل عزت ڪو رشتو آھي؛ سڀ ڪجهہ ختم ٿي ويندو آھي.
ڪونج منھنجي ننڍي ڌيءُ ھئي. وڏين ٻن نياڻين جي شادي ڪرائي ڇڏي ھيم. ھي آخر جو ڄمڻ جي ڪري گهر جي سونھن ۽ اسان زال مڙس جي جان ۽ وندر ھئي. ڪونج جي ماءُ وقت بہ وقت چوندي رھندي ھئي ’مردن کي پٽن کان وڌيڪ نياڻيءَ جو اولاد وڻندو آھي، جنھن مھل ٿي ڏسان، ڪونج کي ڏسي ٺرين پيو ٺرين.‘
مان ڪونج کي سيني سان لائي ٻہ ٽي مٺيون ڏئي وٺندو ھيس ۽ چوندو ھيومانس، ’واقعي نياڻيون ڏاڍيون مٺيون آھن. دنيا جي اھڙي ڪا بہ شيءِ مٺي نہ آھي جيتري منھنجي ڪونج مون کي مٺي آھي.‘
مون کي ياد نہ آھي ھن ڪو انگل ڪيو ھجي ۽ مون وس آھر پورو نہ ڪيو ھجي. ننڍپڻ کان جوانيءَ جي 21 سالن تائين پنھنجي گهر جي شھزادي ڪري رکيومانس. ۽ منھنجي 21 سالن جي محنت کي ٺڪرائي سال جي محبت پويان نڪري پئي. ۽ ان ڏينھن محسوس ٿيو، جڏھن مون پنھنجو ڪنڌ زمين تي دنيا اڳيان ڪرندي ڏٺو. ماءُ پيءُ جي پوري زندگيءَ جي محبت اولاد اڳيان بي معنيٰ ٿيندي ڏٺم. ڏاڍو ڏک رسيو. ان ڏک منھنجي اندر کي ھنڌان ھنڌان چيري ڦاڙي رکيو. جيڪو مون لاءِ سھڻ کان وڏو ھيو.
جج صاحب! اھو واضح ڪندو ھلان تہ مون ڪونج جي مستقبل لاءِ ھن کي اعلي تعليم ڏيڻ پئي چاھي ۽ ھن رڪشا ڊرائيور. جيڪو ھن کي ڪاليج کڻي ويندو ھيو. ان جو اوچتو گهر ۾ رشتو آيو. سڀ ڪجهہ عجيب لڳو. جتي ٻير ھوندي آھي، اتي ڀٿر بہ لڳندا آھن. اسان زال مڙس کي ايڏو برو بہ نہ لڳو. اسان جي رشتي کان انڪار تي ڪونج کڻي گهر کي مٿي تي کنيو. سمجهايوسينس تہ ’توکي اسان ڊاڪٽر ڏسڻ ٿا چاھيون. ٻين ڳالھين کي ڇڏي پڙھائيءَ تي ڌيان ڏي. وقت آيو تہ تنھنجي شاديءَ جو بہ سوچي وٺنداسين.‘
جج صاحب مرد جو گهران جنازو تڏھن نڪرندو آھي، جڏھن ھو مرندو آھي ۽ ٻيو جنازو تڏھن نڪرندو آھي. جڏھن ڪا نياڻي گهران ڀڄي ويندي آھي. سو منھنجو جنازو ڪونج ڪڍي چڪي آھي. ۽ مان مري چڪو آھيان. ۽ جيڪي مري ويندا آھن، انھن کان ڊپ ڪھڙو.
بس منھنجو ايترو چوڻ آھي.“
خط پورو ٿيو. جج ٿڌو ساھ کڻندي ڪرسيءَ سان ٽيڪ ڏني.
”اوھان جي پيءُ جي خط مان واضح آھي تہ ھو اوھان کي ڪوبہ نقصان نہ رسائيندو.“ جج ڪونج سان مخاطب ٿيو.
ڪونج جي وڪيل چيو، ”ٻي تاريخ ڏيو، ڇڪايل کي گهرائي لکت ورتي وڃي.“
جج ڪونج کان پڇيو، ”اوھان ڇا ٿا چئو؟“
”جج صاحب بابا کي گهرايو وڃي.“
جج اڳيان رکيل ڪلينڊر تي ٻي تاريخ لاءِ ڏٺو تہ ڇڪايل جي وڪيل وحيد علي ڳالھايو، ”سر!“
جج وحيد علي ڏانھن ڏٺو.
”سر ڇڪايل رحيم بخش ٻي تاريخ تي نہ اچي سگهندو.“
”ٻي تاريخ تي نہ ايندو؟ پر ڇو!؟“
وحيد علي فائيل مان ھڪ پنو ڪڍيو جيڪو ريڊر کي ڏنو. ريڊر جج جي اڳيان رکيو.
سر رحيم بخش مري چڪو آھي. ھي ان جو “فوتگيءَ” سرٽيفڪيٽ آھي، جنھن ۾ ڄاڻيل آھي، شديد صدمو رسڻ جي ڪري دماغ جي رڳ بلاسٽ ڦاٿي پئي آھي. سو ڪونج کي ھاڻي پنھنجي پيءُ مان ڪو بہ خطرو ناھي.“
اھو ٻڌڻ تي ڪونج جي چھري جو رنگ مٽجي ويو ۽ اکيون ڦوٽارجي ويس.
جج صاحب رحيم بخش جي ٻڌل خط ۽ آيل ’فوتگي سرٽيفڪيٽ‘ کي ڏسي افسوس مان اکيون بند ڪري ڇڏيون.