ڪھاڻيون

ڪاري راڻي

هن ڪتاب ۾ ڪل سترھن ڪھاڻيون شامل آهن. نور ڪنڀر  پنھنجي سماج جو  سجاڳ ڪھاڻيڪار آهي، جيڪو سماجي حقيقت نگاريءَ کي پنھنجي ڪھاڻين ۾ سمائي ٿو، انھيءَ ڪري هن جون ڪھاڻيون سچ، سونھن، سڪ، تڙپ، پيار، ڪلفت، آس، نراس، نينھن، ناتي سميت سنڌيت جو احساس ڏياريندڙ، هڪ مقصد، هڪ اتساھ هڪ اُميد سان ڀرپور فني ۽ فڪري طور مضبوط لکيل آهن،. انھيءَ ڪري هن جون هي ڪھاڻيون جديد سنڌي افسانوي ادب ۾ پنھنجي اھميت رکن ٿيون

  • 4.5/5.0
  • 80
  • 11
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نور ڪنڀر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪاري راڻي

بيوسي

شھر جون پوريون گهٽيون لتاڙي ٿڪل ٽٽل جسم سان هُن جڏھن پڪين سرن جي ٺھيل عمارتن ڏانھن اکيون کڻي نھاريو ھيو. کيس اھي عمارتون موهن جي دڙي جو ڏيک ڏئي رھيون ھيون. شھر جا ماڻھو زندہ ھوندي بہ مردہ لڳي رهيا هئس. رستا اوپرا، ھوائون بي رحم ۽ ڏينھن قھر جيان گذري رھيو هو. ھن جا قدم پنھنجي گهر ڏانھن هلڻ لاءِ آمادہ نہ ھيا. پيرن ۾ درد جي ڪڙين واري زنجير کي گهليندو گهليندو نيٺ سرفراز پنھنجي گهر جي ٻاھرين در تي پھتو. در جو تاڪ کولي اندر داخل ٿيو.
ٻاھرين در جي بلڪل سامھون کٽ تي سندس ڌيءُ مني بيماريءَ ۾ بيحال ستل ھئي. کٽ جي سيرانديءَ کان سرفراز جي زال سومل سرفراز ۾ آس لڳائي ويٺي ھئي.
منيءَ کي، هن شھر جي اسپتالن مان في الحال علاج جي سھولت ميسر نہ هئڻ ڪري جواب ڏئي جلد وڏي شھر کڻي وڃي خانگي علاج ڪرائڻ لاءِ چيو ويو ھيو. سرفراز سومل کي اکين ۾ ڏسي ڏک مان ٻئي چپ ڀڪوڙي خالي ھٿن جون تريون مٿي ڪري اڳيان جهليون. خالي ھٿن ڳالھايو: ”ڪٿان بہ ڪجهہ نہ مليو آھي.“ اھڙي بيوسيءَ تي سرفراز جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا.
”پنھنجي ڀاءُ ڏي ويو ھئين؟“ سومل پڇيس.
”ھا ويو ھيس، توڻي ان جي زال جا لفظ بہ ياد ھيم، جيڪي ھن پنھنجي مڙس کي وڏي آواز ۾ منھنجي اڳيان چيا ھيا تہ ’ھِن جي ڌيءُ ٿيلسيميا جي مريض آھي، جيسيتائين زندہ رھندي تيسيتائين ھن جو علاج ھلندو رھندو؟ روز روز ڪيسيتائين ھن جي مدد ڪنداسين.‘ اھو سڀ ٻڌل ھوندي بہ ادي جي گهر ويو ھيس.“
”پر! ادي، پنھنجي مجبوري ٻڌائي، تہ ’مون پنھنجي پٽ کي اعليٰ معيار واري نجي اسڪول ۾ داخلا ڏياري آھي، سو سڀ پيسا داخلا ۾ ڏئي ڇڏيا اٿم، صفا خالي لڳو پيو آھيان.‘“
”ٻئي ھنڌ ڪٿي ڪونہ وئين ڇا؟“
”سڀني ڄاڻ سڃاڻ وارن وٽ ويو ھيس، پر سڀ ڪي اسان وانگر خالي آھن. نہ ڪنھن اوڌر ڏني، نہ ئي ڪا مدد ڪئي. ماسڙ مراد تہ چيو ’نياڻيءَ جي بيماريءَ بھاني پنڻ جو سٺو رستو اختيار ڪيو اٿئي.‘“ جيئن جيئن سرفراز جي زبان مان لفظ نڪرندا ويا، سندس اکيون بہ وهڻ لڳيون.
سرفراز جي زال کيس آٿت ڏيڻ بنا منيءَ ڏانھن ڏٺو، جيڪا تڪليف جي شدت سبب ڪِنجهي رھي ھئي.
سرفراز جون اکيون گهر جي ھر ھڪ سامان کي تڪي رھيون ھيون. کيس اھڙي ڪا بہ قيمتي شيءِ نظر نہ آئي، جيڪا کپائي علاج لاءِ منيءَ کي وڏي شھر کڻي وڃي. سرفراز جي نظر ديگڙين، بالٽي، وهنجڻ جي دٻي، سرن جي ٽيڪ تي بيٺل ڏنڊي واري پکي کان ڪمري ۾ کٽ، ڪنڊ ۾ پيل پيتي، جاري ۾ منيءَ جي ڀڳل ٽٽل رانديڪن ۽ ڀت تي لڳل گهڙيال، جنھن جو شيشو مُنيءَ راند ڪندي ڀڃين ڇڏيو ھو. ڪمري ۾، کپائڻ جھڙو ڪجهہ نہ ملڻ کانپوءِ سرفراز ٻاھر آڳر تي منيءَ مٿان آيو. مني تڪليف مان علاج لاءِ واجهائي رھي ھئي. منيءَ جي درد جي دانھن ۾ التجا گونجي رھي ھئي تہ ”منھنجي تڪليف گهٽ ڪريو.“ مُنيءَ جي درد ۽ پيڙا کي سرفراز ۽ سومل محسوس ڪري رھيا ھيا، پر هو منيءَ کي تڙپندي ڏسڻ کان سواءِ ڪجهہ ڪري بہ نہ پئي سگهيا. ٻنھي رڙيون ڪري روئڻ چاھيو، اھڙيون دانھون ڪرڻ چاھيون جو هنن جو سينو ڦاٽي پوي ۽ ان مان ڏک اڏامي وڃي. پر هو ڪا بہ دانھن نہ ڪري سگهيا. اھي اڻ ڪيل سندن دانھون سڏڪن ۾ تبديل ٿي ويون ۽ هو پنھنجي اندر جي حال تي ماتم ڪرڻ لڳا. اندر جو درد وڌڻ تي سرفراز روئِي پيو.
هن جا ڳوڙھا مُنيءَ جي ڪَن ۾ پيل سونين والين تي ڪريا، جيڪي منيءَ پنھنجي روزاني توڙي عيدن تي ملندڙ خرچيون ڀانڊاري ۾ گڏ ڪري ورتيون ھيون. منيءَ کي سونيون واليون ٺھرائڻ جو ايترو شوق ھيو جو ذري ذري ڦيرا ڏئي ڀانڊاري کي پيتي مان ڪڍي پئي ڏسندي ھئي ۽ پنھنجي منھن ويھي آڱرين تي پيسن جو حساب ڪندي ھئي. ڪيترو ئي وقت پيسا گڏ ڪري هن سونيون واليون ٺھرايون ھيون.
سرفراز جون اکيون منيءَ جي ڪنن ۾ پاتل والين تي پيون. پوءِ هن سومل ڏانھن ڏٺو. سومل ڪٿان بہ واھر نہ سجهندي سرفراز کي ڪنڌ سان ھا ڪئي. سرفراز منيءَ جي ڪنن مان واليون لاھڻ لاءِ منيءَ جي ڪنن طرف ھٿ وڌايا تہ منيءَ پنھنجن ٻنھي ھٿن سان ڪنن کي پڪڙي واليون لڪايون.
”مني! مني!“ والين جو رنگ ڦٽي ويو آھي، لاھڻ ڏي تہ رنگ چاڙھائي اچان، جئين واليون نيون ٿي پون.“ منيءَ واليون نيون ٿيڻ جي آسري ۾ پيءُ کي ڪنن مان لاھڻ ڏنيون.
سومل سرٻاٽ ۾ سرفراز کي ٻڌايو تہ منيءَ جو علاج ڪرائي واپس موٽي اچڻ کانپوءِ کيس واليون نہ ملنديون تہ ڏاڍي تڪليف ٿيندس.
“خبر نہ اٿئي؟ منيءَ جا پيءُ! مني ايندي ويندي ڪمري ۾ آئيني اڳيان والين کي ڏسندي ۽ خوش ٿيندي رھندي آھي. سومل ڳالھہ ڪندي روئي پئي.
“ياد اٿئي؟ ھڪ ڏينھن راند ڪندي منيءَ جي ڪن مان والي ڪري پئي ھئي. جيسيتائين اھا نہ لڌي، تيسيتائين ڪيڏو رني ھئي.“
سرفراز سومل جي ڳالھہ تي واليون ھٿ ۾ ڪري. ڏَسڻي آڱر مٿي ڪري اشاري ۾ چيو تہ اللھ ڏيندو. واليون کپائڻ کان سواء ٻي واھر بہ ڪانھي.
سرفراز واليون سونارڪي دڪان تي ٻارنھن ھزار روپين ۾ کپائي آيو.
سومل ڪپڙي جي ٺھيل ڳوٿري ۾ منيءَ ۽ سرفراز جو ھڪ وڳو، گلاس ھڪ ٿالھي ۽ منيءَ جي علاج جو فائل وجهي تياري ڪري ورتي.
سرفراز منيءَ کي ھٿن ۾ کنيو تہ منيءَ خالي ڪنن تي ھٿ گهمائيندي چيو، ”بابا منھنجون واليون کڻي آ نہ؟
”مني سوناري چيو آھي تہ والين تي سونو رنگ چڙھڻ ۾ ھڪ ٻہ ڏينھن لڳندا... رنگ والين تي چڙھي مان واليون پنھنجي ڌيءَ کي کڻي آڻي ڏيندس.“
”بابا توکي خبر آھي نہ مان خالي ڪن ڪري ڪاڏي بہ ڪونہ ويندي آھيان. واليون اچڻ کانپوءِ ھلنداسين.“ تڪليف مان منيءَ ڳالھايو.
سرفراز منيءَ کي پيسا ڏيکاريندي چيو، ”ھي ڏس مني، مون وٽ ڪيترا پيسا آھن. مان توکي اتان رانديڪا وٺي ڏيندس.“
”سچ بابا.“ منيءَ جي مرجهايل چھري تي خوشي تري آئي ڇو تہ سدائين ڀڳل ٽٽل رانديڪن سان کيڏي ھئي، جيڪي سرنديءَ وارن جا ٻار ناڪارہ ڪري گند جي ڍير تي اڇلائيندا ھيا، جتان هوءَ ڳولي کڻي ايندي هئي ۽ انھن کي گهر جي جاري ۾ سجائي رکندي هئي.
نوان رانديڪا ملڻ جي آسري هن ذھن ۾ خوبصورت خواب سجائي ڇڏيا ھيا ۽ وري چپن چپن ۾ چوڻ لڳي، ”سدائين جيان ڏٽو نہ ڏجان بابا، ھن دفعي رانديڪا وٺي ڏجان.“
”ھا ڌيءُ مان توکي وٺي ڏيندس. واعدو آھي توسان.“
پيءُ جي واعدي تي منيءَ جي مُنھن تي رونق آئي. هن چيو، ”پوء مون وٽ بہ نوان رانديڪا ھوندا ۽ منھنجا رانديڪا جڏھن ڀڄندا مان بہ گهر جي گند ۾ وجهي گند جي ڍير تي اڇلائي اينديس، پوءِ اتان غريبن جا ٻار کڻي وڃي پنھنجي گهرن ۾ کيڏندا.
مني جي ڳالھين تي سومل ۽ سرفراز جو ھانو ڇڄي پيو، ۽ ٻئي روئي پيا.
سرفراز منيءَ کي ڪلھي تي ليٽائي سومل کان موڪلائي ريل گاڏيءَ تي وڏي شھر روانو ٿيو.
شھر جي هڪ خانگي اسپتال ۾ ڪائونٽر تي ھزار روپيا فيس جمع ڪرائي، جڏهن ڊاڪٽر وٽ پھتو. ڊاڪٽر منيءَ جي حالت ڏسي ٽيسٽون لکي جلدي ڪرائي اچڻ جو چيو. سرفراز کيس پنھنجي شھر مان پنج ڏينھن اڳ ڪرايل ٽيسٽون ڏيکاريون، پر ڊاڪٽر انھن کي قبول نہ ڪندي، پنھنجي اسپتال سان لڳو لڳ ليبارٽريءَ مان نيون ٽيسٽون ڪرائڻ لاءِ چيو، ”وقت زيان نہ ڪريو، مريض جي طبيعت تمام خراب آهي.“ ۽ پوءِ هو منيءَ کي وارڊ ۾ بيڊ تي موڪلڻ جي هدايت ڏئي، ٻئي مريض کي ڏسڻ لڳو.
سرفراز کي ان وقت چڪر اچي ويا، جڏهن هن کان منيءَ جي مختلف ٽيسٽن جي فيس اٺ هزار ست سئو روپيا گهري وئي.
ڪجهہ دير بعد ٽيسٽن جي رزلٽ ملي، هي جلد اهي ڊاڪٽر وٽ کڻي آيو. ڊاڪٽر ٽيسٽون ڏسي کيس ٻڌايو تہ هن جي تِري وڌي وئي آھي. فولاد جي تمام گهڻي کوٽ اٿس. ڊاڪٽر دوائون لکيون ۽ ننڍڙيءَ لاءِ جلد رت جو بندوبست ڪرڻ لاءِ بہ چيو. سرفراز دوائن جو پرچو وٺي ھٿ ۾ ڪري باقي بچيل ڪجهہ نوٽن کي ڏسي، منيءَ جي منھن ۾ نھاريو. سندس اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيون. اکيون زور سان بند ڪري پاڻيءَ کي اکين ۾ جذب ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ دوائن جي اسٽور ڏانھن وڌڻ چاھيو تہ مُنيءَ سندس ھٿ پڪڙيو.
”بابا تو چيو ھيو نہ توکي رانديڪا وٺي ڏيندس. وٺي اچ نہ منھنجي لاءِ رانديڪا.“
سرفراز ڏک جي شدت مان ڏندن کي زور سان ڀڪوڙيو ۽ اکين جا لڙڪ لڪائي چيائين، ”ھا امان، تو لاءِ مان رانديڪا وٺي ٿو اچان.“
”رانديڪن بنا نہ اچجان، ۽ جلدي وٺي اچجان بابا، مان ھاڻ گند جي ڍير تان کنيل رانديڪن سان ڪڏھن بہ نہ کيڏنديس. مان پنھنجي نون رانديڪن سان کيڏنديس.“ بيماري جي شدت ۾ مشڪل سان نڪرندڙ آواز ۾ منيءَ چيو.
”ھا مان تو لاءِ رانديڪا وٺي پوءِ ئي ايندس.“ سرفراز بنا سوچڻ جي چئي، دوائن جي اسٽور ڏانھن ھليو ويو. اسٽور واري دوائن جا پيسا ست ھزار چار سئو ٻڌايا. پرچو دوائن جو وٺي، سوچن ۾ ٻڏندو ويو. چند نوٽن کي ھٿ ۾ زور سان ڀڪوڙيندي اسپتال جي گيٽ کان نڪري ڦٽ پاٽ تي اچي ويٺو. سوچيندو رھيو ايڏا پيسا ڪٿان اچن جو منيءَ جي علاج جون دوائون وٺي. منيءَ کي اھڙي حالت ۾ واپس گهر بہ نٿو کڻي وڃي سگهي. اوپري شھر ۾ ڪاڏي وڃي. ڪنھن کي منٿ ڪري تہ منيءَ جي دوائن جا پيسا ڏيو.
وارن ۾ ھٿ وجهي ڪنڌ ھيٺ جهڪائي ڦٽ پاٽ تي ويٺو رھيو. ھن جي ڪنن تي گاڏين جي گوڙ سان گڏ فقيرن جي پِنڻ جا آواز پيا. ھن ڪنڌ مٿي ڪري فقيرن ڏانھن ڏٺو.
دل ۾ خيال ٿيس تہ ڇو نہ منيءَ جي زندگي بچائڻ لاءِ ماڻھن اڳيان هٿ ٽنگي. ھن ڪڏھن بہ ائين نہ ڪيو هو. ھا اوڌر ضرور ورتي ھيائين، پر ڪنھن کان خيرات نہ گهري ھيائين.
ھن جي ضمير ھن کي پنڻ جي اجازت نہ پئي ڏني، پر منيءَ خاطر ٻيو چارو بہ نظر نہ پئي آيس.
آھستي آھستي ھن دوائن جو پرچو مٿي ڪيو تہ اوڇنگارون نڪري ويس. اکين مان پاڻي جا نار وهڻ لڳس. چھري سان گڏ پنھنجي ڪپڙن جو اڳ بہ ڳوڙھن سان پسي ويس.
”منھنجي ننڍڙي ڌيءَ مني ٿيلسيميا جي مريض آھي، جنھن جي دوائن لاءِ پيسا ڪونہ آھن اللھ جي نالي تي دوا وٺي ڏيو.“ سرفراز جو چھرو ڦڙڪي رھيو ھيو. گهٽيل آواز ۾ سندس صدا آھستي آھستي وڌندي وئي. ايندڙ ويندڙ ماڻھن جي اڳيان پرچو جهلي سئن هڻندو، ماڻھن کي منٿون ڪندو رھيو. وڏين گاڏين مان لھندڙ ماڻھن پويان ڊوڙندو، انھن کي التجا ڪندو رھيو، ”منھنجي ننڍڙي ڌيءُ مني زندگي ۽ موت جي منھن ۾ ھن اسپتال جي بيڊ تي پئي آھي. ڊاڪٽر دوائون لکي ڏنيون آھن. خدا جي واسطي منھنجي مدد ڪريو، جيئن مان منيءَ لاءِ دوائون وٺي، ان جي زندگي بچائي سگهان...“......
مسلسل، صبح کان منجهند جي ھڪ وڳي تائين خيرات ۾ مليل پيسا گڏ ڪري ڳڻيائين، تہ سترهن سئو روپيا گڏ ٿيا ھيا. دوائن جو بل ايترن پيسن کان ڳرو ھيو. زخم دل ۾ ڪنڊو بنجي کپي ويس. وقت بہ تيزي سان ڊوڙندو پي ويو. نفس کي پنائي ذليل ڪرڻ کانپوءِ بہ دوائن جا پيسا نہ ٿي سگهيا. اھا بہ سوچ سرفراز کي بي حال ڪري رھي ھئي تہ منيءَ جون اکيون مونکي ڳولي رھيون ھونديون بابا ڪاڏي ويو.
منيءَ وٽ وڃڻ لاءِ اسپتال جي گيٽ کان اندر داخل ٿيو. رانديڪا کڻي بيٺل شخص تي نظر پيس، تہ ذھن ۾ منيءَ جا لفظ اڀري آيس. ”بابا ھاڻي رانديڪن بنا نہ اچجان، رانديڪا وٺي پوءِ اچجان. مان ھاڻي گند جي ڍير تان ڪڏهن بہ ڀڳل رانديڪا ميڙي راند نہ ڪنديس.“ منيءَ جي ڳالھہ ياد ڪندي هن ٻہ رانديڪا ٽي سئو روپين ۾ خريد ڪيا. رانديڪا ھٿ ۾ ڪري سرفراز اندر اسپتال ۾ وارڊ جي در تي پھتو. وارڊ بواءِ ھن کي ڏسي چيو، ”سرفراز توھان آھيو.“
”جي مان آھيان.“
”ننڍڙي مريض، مُني اوھان سان آھي نہ؟“
”جي مون سان آھي، مان ان جو پيء آھيان.“
”اوھان کي مون ڪيئي سڏ ڪيا، دوائن لاءِ. پر توھان ننڍڙيءَ کي ڇڏي ڪاڏي ھليا ويا ھُيو؟ ۽ توھان جي ڌيءُ مني!“ وارڊ بواءِ چئي خاموشي اختيار ڪئي.
”ڇا ٿيو آھي منيءَ کي.“ سرفراز وارڊ بواء کان پڇيو ۽ سندس جواب جو انتظار ڪرڻ بدران تڪڙو وارڊ ۾ منيءَ ڏانھن آيو.
مني جون اکيون بند ھيون ڳياڙيءَ کان مٿي تائين اڇي پٽي ٻڌل ھيس. پيرن جا آڱوٺا پاڻ ملائي، انھن کي بہ اڇي پٽي ٻڌي وئي ھئي.
منيءَ جي چھري جي اڳيان ايندي هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو، ۽ گهٽجندڙ آواز ۾ چيائين، ”ڏِس مني، مان تو لاءِ رانديڪا وٺي آيو آھيان... مني تو چيو ھو نہ جي ھاڻي اچين تہ مون لاءِ نوان رانديڪا وٺي اچجان بابا... پنھنجي بابا کان رانديڪا نہ وٺندينءَ مني... مني پنھنجي بابا کان رانديڪا وٺ، مني ڏس تنھنجو بابا تو لاءِ رانديڪا وٺي آيو آھي..“
سرفراز ڏاڍو رنو. جڏھن هن روئڻ بند ڪيو، تہ پاسي واري بيڊ تان اڌڙوٽ عمر جي هڪ مريض اٿي اچي سندس ڪلھي تي ھٿ رکيو.
”ھيءَ ننڍڙي ذري ذري اوھان جي پڇا ڪري رھي ھئي. ھن ننڍڙي ٽي چار دفعا چيو ’بابا سدائين مونکي ڏٽو ڏئي وٺي ايندو آهي تہ توکي اتي رانديڪا وٺي ڏيندس. ھن ڀيري بہ مون کي رانديڪا ڪو نہ وٺي ڏنئي. جيڪي منھنجون سونيون واليون سوناري کي سوني رنگ ڏيڻ لاءِ ڏئي آيو آهي، اھي کڻي مون کي ڏي.‘“
منيءَ جي والين جو ٻڌي سرفراز ڏک جي شدت ۾ ٻڏي ويو. سندس اندر دانھون ڪري رھيو هو.
وارڊ بواءِ منيءَ جي ’ڊيٿ سرٽيفيڪٽ‘ سان گڏ بيڊ جو بل پندرنھن سئو بہ سرفراز کي ڏنو. سرفراز کيسي مان سڀ پيسا ڪڍي ڪائونٽر تي ڏئي. منيءَ جي لاش کي بيوسيءَ مان ڪلھي تي رکي اسپتال مان نڪري، پنڌ ريلوي اسٽيشن طرف روانو ٿيو.