تنھنجي بنا
”اڌ ڪلاڪ ٿيو آھي، ٿورو سمھڻ ڏي.“
”ھينئر چانھہ جو ٽائيم آھي، اٿ کير ۽ بيڪريءَ تان سموسا وٺي اچ، ٻارن کي بک لڳي ھوندي.“
اٿڻو پيو!
مون واري زال وڏي افسوس مان پنھنجي اندر جا سُور اوريندي، سڄي ڏينھن جي شڪايتن جا ڪارتوس منھنجي دماغ تي ٺوڪيندي رھي. ھڪ سڄي ڏينھن جو ٿڪ ٻيو مون واري مورتيءَ جي چر چر رھندو ئي مٿي ۾ سور وجهي ڇڏيو.
کير سموسا وٺي، موٽي اچي اڳيان جهليم تہ منھن پاروٿو ڪري چيائين، ”منھنجي صبح کان وٺي طبيعت خراب آھي، اڃا کير سموسا منھنجي مٿان جهلي بيٺو آھين، احساس ڪونہ ٿو اچئي چانھہ ڪري پيارين.“
هن شام جي چانھہ سان گڏ مون کان رات جي ماني پچرائي ورتي.
رات بيگم صاحبہ ماني کائڻ کان ويندي رات ساڍي ٻارھين تائين موبائل تي نيٽ ھلائڻ ۾ مشغول ھئي.
جي ڪنھن ٻار کي باٿ روم پھچائڻ ۽ ڌوئڻ جي ضرورت ٿي پئي تہ بہ مون مٿان مارو ھيو. جي آڌيءَ رات جو ٻار بک لڳڻ تي کير لاءِ اٿي تہ بہ پاڻ اتي ستي پنھنجي ھٿ سان ننڊ ۾ ئي مون کي اٿاريندي، ”اڙي اڙي اٿ ننڍڙي کي فيڊر کير جي ڀري ڏيس، سڄو ڏينھن ٿي لوڙيان، هينئر تہ ٿورڙو آرام ڪريان.“ اھا کير جي فيدر مون کي ئي ٻار کي ڀري پيارڻي ٿي پئي۔
اونھاري جي شاپنگ سان عيد جي خريداري ڪرڻ بعد۔
اوچتو ڌماڪو ٿيو!
محسوس ڪيم ڄڻ اڌ جيئرو جاڳندو زمين ۾ ھليو ويو ھجان۔
بيگم صاحبہ اچي ڀر ۾ ويٺي ۽ پنھنجي ڀاءُ فدا جي خوشخبري ڏنائين تہ ”شاديءَ جي تاريخ ٻڌجي وئي آھي، پگهار کڻ تہ حيدرآباد شاپنگ تي ھلنداسين۔“
ڪجهہ منٽن لاءِ زال جي لڳايل بم تہ ڪنن تي تاڙيون چاڙهي ڇڏيون. ھڪ اونھاري جي شاپنگ سان گڏ عيد جي شاپنگ مون کي اڳئي قرضي ڪري ڇڏيو ھيو ٻيو وري شاديءَ لاءِ بيگم صاحبہ جي وڏي رڙ منھنجي ڪنن تي پئي، ”منھنجي ڀاءُ جي شادي آھي مان ڪو بہ ڪمپرومائيز ڪونہ ڪنديسانءِ ٻارن سميت مون کي پورا پيسا کپن ۽ ھا امان مون کي فون تي ٻڌايو آھي تہ اسان ٻارنھن ٻارنھن ھزارن واريون ڊريسون وٺنديونسين، ھر رسم ۾ الڳ الڳ ڊريس کپندي سو بہ جيولري سينڊلن سان ميچنگ ۾. ۽ ميڪ اپ جو سامان بہ کٽل آھي. ھر دفعي وانگر مون کي روئاري پوءِ ھا نہ ڪجانءِ! ھن دفعي خرچ ڪرڻو پوندئي، منھنجي ڀاءُ جي شادي آھي.“
ھڪ ننڍو ملازم ٻيو وڏا وزن، مٿي کي چڪر اچي ويا.
بيگم صاحبہ جون ڏاڍايون پنھنجي ذھن جي دٻي ۾ بند ڪندو ويس. نيٺ دٻو ڦل ٿيو، پريشر تي دٻو ڦاٽو؛ بيگم صاحبہ جي ڪنھن ڳالھہ تي زوردار چماٽ وھائي ڪڍيمانس.
منھنجي چماٽ تہ لڳي پر گهر ۾ هن تماشو شروع ڪري ڏنو. وڏي آواز ۾ روئڻ سان گڏ ڀڃ ڊاھ شروع ٿي وئي. منھنجا مائٽ گهر ۾ ۽ پاڙي جا ماڻھو گهٽي ۾ گڏ ٿي ويا، ۽ ھاڻ منھنجي بيگم صاحبہ ٻار وٺي گهر ڇڏي وڃڻ لڳي تہ اوچتو ڇرڪ ڀري ننڊ مان اٿي پيس. ساھ ھيٺ مٿي ٿي رھيو ھيو نرڙ تي آيل پگهر اگهي شڪر ادا ڪيم تہ خواب ھيو، جي حقيقت ۾ ائين ڪريان ھان تہ منھنجو گهر ڊانوان ڊول ٿي وڃي ھا شايد.
بيگم صاحبہ ڏانھن اک ڦيرائي ڏٺم تہ کونگهرا ھڻي رھي ھئي.
صبح ساڍي اٺين وڳي تائين ناشتو ڪري آفيس ۾ ٽائيم تي پھچڻ لاءِ تڪڙو تڪڙو روڊ جي پاسي کان وڃي رھيو ھيس تہ ھڪ رڪشا ڊرائيور ڇوڪري رڪشو اچي مون کي هنيو.
ڌڪ جي اثر جي ڪري منھنجو مٿو چڪرائجڻ لڳو، مان زمين تي ڪري پيس، رڪشي وارو مون کي ڇڏي رڪشو ڪاھي ڀڄي ويو.
مان بيھوشيءَ حال ۾ زمين تي پيو ھيس آھستي آھستي منھنجي مٿان ماڻھن جو ميڙ ٿي ويو ھر ھڪ ماڻھو موبائل ڪڍي منھنجا ڪلپ ڀرڻ لڳو، پر ڪنھن کي بہ رحم نہ پيو تہ مون کي کڻي اسپتال پھچائي.
ڪجهہ منٽن بعد منھنجي آفيس جو چوڪيدار اتان گذرندي مٿان آيو، جنھن مون کي ڏسي رڪشا ۾ کڻي سول اسپتال پھچايو.
ايمرجنسي وارڊ جي بيڊ تي مون کي سمھاريو ويو. تڪڙو ھڪ ڊاڪٽر ۽ ٻہ ڪمپائونڊر منھنجي مٿان آيا، بلڊ پريشر چيڪ ڪري ھڪ زوردار سوئي ڏوري ۾ هنيائون.
فرسٽ ايڊ ڏئي نازڪ حالت ڏيکاري لال بتي اسپتال حيدرآباد ڏانھن ريفر ڪيو ويو.
حيدرآباد ويندي ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ منھنجي اک کلي. پاڻ کي ايمبولنس ۾ اسٽريچر تي ستل پاتم. جلدي اٿي پيم ۽ هڪدم چوڪيدار کان پڇيم، ”ڪاڏي ٿا وٺي ھلو...“
چوڪيدار سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي.
چيومانس، ”مان بلڪل ٺيڪ آھيان.“
ايمبولينس واپس ڪئي سون.
ڏينھن گذري ويو. ٻئي ڏينھن تي آفيس ۾ آيس. معلوم ٿيو وزٽ تي آفيسر آيو ھيو، غير حاضر ڪري سزا ۾ ڪراچي رليو ڪري ويو آھي۔
ھيڊ ڪلارڪ رليونگ ليٽر ھٿ ۾ پڪڙائي دوڏا ڦاڙي نہ اچڻ جو سبب نہ پڇا ڪندي چيو، ”ٻن ڏينھن جي اندر ڪراچي رپورٽ ڪر.“
ھنڌ بسترو وڳا ڪجهہ ٻيو سامان جو بيگ ٺاھيم. ٻار روئڻھارڪا ھئا. بيگم صاحبہ جدائيءَ جي الميي ۾ ورتل ھوندي بہ پنھنجي ڀاءُ جي شاديءَ جي شاپنگ جي پيسن لاءِ بار بار چئي رھي ھئي.
مون بہ آٿت ڏيندي چيومانس، ”توکي تنھنجي ڀاءُ جي شاديءَ جا پورا پيسا ڪري ڏيندس.“
۽ پوءِ ڏک وچان ٻارن ۽ بيگم صاحبہ کي الوداع ڪري روانو ٿيس.
ڇو جو لفظ گورنمينٽ سرونٽ جي معنيٰ آھي ‘سرڪاري نوڪر’ نوڪر تہ نوڪر آ. نوڪر آھي ئي حڪم جو غلام.
ڪوچ تي چڙهي ڪراچيءَ روانو ٿيس. گاڏي ڳوٺ شھر ڪراس ڪندي ٽول پلازه ڪراچي کان ٿيندي سھراب ڳوٺ کان پل تي طرف وڌي تہ اوچتو گاڏي ۾ بم ڌماڪو ٿيو. گاڏيءَ جو گهڻو حصو تباھ ٿي ويو ۽ تقريبن ماڻھو مري چڪا ھئا، ڪيترن ئي جي سڃاڻپ محال ٿي وئي ھئي. چند مسافر بچيا، جن جي حياتي مشڪل بچڻ جوڳي هئي.
ميڊيا جي نمائندن پھچي بريڪنگ نيوز ھلائڻ شروع ڪري ڏني. منھنجي ڪارڊ جو اڌ حصو ڪنھن صحافيءَ کي روڊ تي پيل ھٿ چڙھي ويو. ڪارڊ جو ڦوٽو سڙي چڪو ھيو باقي نالو، ولديت ۽ ايڊريس فوتين جي انگ ۾ خبر چينل تي ھلائي وئي تہ لاش سڃاڻپ لاءِ سول اسپتال ڪراچي ۾ رکيا ويا آهن، هر هڪ فوتيءَ جا وارث اتي پھچڻ لڳا.
بيگم صاحبہ خبر ٻڌندي ئي عزيزن سان سول اسپتال ڪراچيءَ پھتي، پر لاشن مان سڃاڻپ ڪرڻ مشڪل بنجي چڪي ھئي.
بيگم صاحبہ تمام غمگين ٿي روئي حال پنھنجا وڃائي ويٺي ھئي.
ھاڻ انگل سھڻ وارو بہ ھليو ويو، ڪنھن سان جهيڙو ڪري، ڪنھن سان رُسي، ڪير ھن کي پرچائي، سڀ مستيون ختم ٿي ويون.
وقت گذرندي دير ڪھڙي، عدت جا بہ ڏينھن پورا ٿيا.
ٽن ٻارن جو خرچ، بيگم صاحبہ جون عياشون اکين جا خواب بنجندي رھجي ويون.
بيگم صاحبہ کي ھاڻ گڏ فيمليءَ ۾ ٻين جي ھٿن ۾ رھڻو ئي پئجي ويو. رڌ پچاء سان گهر جي صفائيءَ کان ويندي ڪپڙن جي ڌوئڻ جو بہ وزن سس سندس مٿان رکي ڇڏيو۔ ايڏي ڪم جي عيوض صرف ٻہ وقتن جي ماني ڏني پئي وئي.
جڏھن بيگم صاحبہ ٻارن جي لٽي ڪپڙي، پڙھائي شيءِ ۽ راشن لاءِ وات کوليو تہ ويتر سڀڪو ھن کي اکيون ڏيکارڻ لڳو تہ جيترو اسان وٽ آھي اوترو تنھنجي ڪريون ٿا، ان کان وڌيڪ ڪجهہ نہ ٿا ڪري سگهون.
حالتون تنگ ٿي ويون. گذارو مشڪل سمجهندي آخرڪار گهر ڇڏي اکيون آليون ڪري ٻار وٺي ڀاءُ جي در تي پھتي. ڀاءُ مٿي تي ھٿ رکي جيئڻ جو آٿت ڏئي رھڻ لاءِ ڪمرو ڏنس۔
ڪجهہ ڏينھن وقت سٺو گذريو تہ ڀاڄائيءَ نہ برداشت ڪندي پنھنجون چالون شروع ڪري ڏنيون. بيگم صاحبہ جي ٻارن کان گهر جا ٻاھريان ڪم ڪرائڻ شروع ڪيا، مڙس اڳيان طبيعت خراب ھئڻ جا ناٽڪ ڪري ڳوڙھا ڳاڙي بيگم صاحبہ کان رڌ پچاءُ، لٽو ڪپڙو ڌورائڻ، گهر جي صفائي ڪرائڻ هن جو معمول بنجي ويو ڄڻ مانيءَ جي ويلن تي نوڪر ملي ويا ھجنس ۽ ٿوري گهڻي تان مڙس جا ڪن ڀرڻ لڳي.
بيگم صاحبہ ڀاڄائيءَ جون ناجائزيون برداشت ڪندي ڪندي نيٺ پنھنجي ڀاءُ کي ڀاڄائيءَ جي ڪرتوتن جي دانھن ڏني. جنھن تي ڀاءُ جا اڳئي ڪن ڀريل ھئا، ويتر ھن تي گرم ٿيندي ڪاوڙ ڪندي چيو، ”منھنجي زال اڪيلي سر تنھنجو ۽ تنھنجي ٻارن جو ڪري رھي آھي. ٿوري پگهار ۾ توھان جو خرچ بہ کڻي رھيا آھيون ۽ تون منھنجي گهر ۾ زھر وجهي منھنجو گهر ٿي ڦٽائين! ابتيون سبتيون ٿي ٻڌائين‘ ڀيڻ آھين، ماٺ ڪري رھ، نہ تہ ٻاھريون در کليل اٿئي۔“
ڀاءُ جي ڳالھہ تان ڏکاري ٿي، بيگم صاحبہ ڪمري جا بلب بند ڪري ڪنڊ ۾ اڪيلي ويھي زارو قطار روئندي مڙس کي ياد ڪرڻ لڳي:
”تنھنجي هوندي ڪيئن ھوندي ھيس، بادشاھي ھوندي ھئي. تون مون ساڻ ھئين تہ تنھنجي مقام کي مان سمجهي نہ سگهيس تہ تون مون لاءِ ڇا ھئين، اھو مان تڏھن ڄاڻي نہ سگهيس. ڪيڏو تنگ ڪندي ھيس توکي تہ بہ تون ماٺ ۾ رھندو ھئين. ٿڪجي ڊيوٽيءَ تان ايندو ھئين تہ نہ تولاء ماني ڪڍي رکندي ھيس، نہ تو اڳيان پاڻي ڀري رکندي ھيس، نہ تنھنجي اچڻ جو انتظار ڪندي ھيس. ٿڪ جا بھانا ڪري بہ تو کان کير چانور ڀاڄيون پچرائيندي ھيس. ٻارن جي سار سنڀال بہ توکان ڪرائيندي هيس. تنھنجو مون قدر نہ ڪيو. توکان وڇڙڻ کان پوءِ مون کي خبر پئي آھي. تنھنجو ھجڻ مون لاءِ ھن معاشري ۾ سڀ ڪجهہ آهي.
تو کان سواء مان ڪيئن جڳ ۾ ننڌڻڪي ٿي پئي آھيان، ٻين جي اشارن تي اٿان، ٻين جي اشارن تي ويھان ٿي. تنھنجي وئي کان پوءِ منھنجو سڀ ڪجهہ تباھ ٿي ويو. ڪھڙا سور اندر جا پِٽيان. ويس وڳا تہ ڇا، منھنجا حال بہ هيڻا ٿي ويا۔
جي اللھ سائين توکي نئين زندگي ڏئي واپس ڪري تہ خدا جو قسم مان تنھنجا پير چمان....“
بيگم صاحبہ روئي روئي پنھنجو سڄو منھن ڳوڙھن سان آلو ڪري ڇڏيو۔
ڪمري جو در کليو. در کلڻ تي ٻاھرين روشني ڪمري ۾ داخل ٿيندي بيگم جي اکين تي لڳي تہ بيگم صاحبہ آلو منھن پنھنجي گوڏن تي ڏئي ڇڏيو.
ڪمري ۾ داخل ٿيندي بيگم جي مٿان اچي ڪلھي تي ھٿ رکندي چيومانس، ”ڇو ٿي روئين؟“
چھرو مٿي ڪندي ڳوڙھا اگهندي چيائين، ”نہ نہ نہ مان ڪو نہ ٿي روئان.“
”ايڏو ڪنھن لاءِ روئي رھين آھين؟“
بيگم منھنجي آواز تي جلدي ڪنڌ ڦيرائي مون ڏانھن ڏٺو. مون کي ڏسڻ سان ئي ويتر بيگم جون اکيون ٽمٽار ٿيڻ لڳيون. جلدي مون کي اٿي ڀاڪر ۾ وجهي زور زور سان روئڻ لڳي.
”بس ھاڻي تون نہ رو مان اچي ويو آھيان.“
ڪجهہ منٽن جي روئڻ کان پوءِ بيگم ڀاڪر مان نڪرندي چيو ”تون تہ!!....“
”بس قدرت واري بچايو.“
بيگم صاحبہ پنھنجا گوڏا زمين تي کوڙيا ۽ نماڻن لفظن سان چوڻ لڳي، ”ھڪ التجا آھي؟“
”چئو.“
”مون کي پنھنجا پير چمڻ ڏي.“
”زال مڙس جي پير چمڻ لاءِ نہ، زال تہ مڙس جي دل جي ملڪا ھوندي آھي.“
”پليز پليز...“ درد واري نڪرندڙ آواز سان زور ڀرڻ لڳي.
مون کيس ٻانھن کان وٺي مٿي اٿاري پاڻ سان لڳايو، ۽ هوءَ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.