مالدار ۽ سخي خليفو حضرت عثمان بن عفان رضہ
حضرت عثمانرضہ تمام گهڻو مالدار هئڻ سان گڏ وڏو سخي هو. هن مسلمانن جي ڀلائيءَ لاءِ گهڻو مال خرچ ڪيو. مديني پاڪ ۾ هڪ مٺي پاڻيءَ جو کوھہ هو، جنھن جو مالڪ يھودي هو. يھودي ان کوھہ جي پاڻيءَ مان جهجهو ناڻو ڪمائيندو هو. حضرت عثمان غنيرضہ اهو کوھ وٺي مسلمانن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. هن ڪيترائي کوھ کوٽايا، يتيمن ۽ بيواهن جي مدد ڪئي. مدرسا قائم ڪيا، غلام آزاد ڪيا، مسجدن جي آرائش تي خرچ ڪيو. جنگين ۾ هزارين اُٺ، گهوڙا ۽ نقد مال ﷲ جي راھ ۾ ڏنائين.
حضرت عمر رضي ﷲ عنہ وفات کان اڳ پنجن ڄڻن کي مقرر ڪيو تہ هو پاڻ مان ڪنھن هڪ کي خليفو چونڊين. اهي پنج ڄڻا حضرت علي ڪرم ﷲ وجھُ، حضرت عثمانرضہ، حضرت طلحہرضہ، حضرت زبيررضہ ۽ حضرت سعدرضہ هئا. سڀني گڏجي حضرت عثمانرضہ کي خليفو مقرر ڪيو. سندس خلافت جو عرصو ڏهن سالن جو هو. انھيءَ دور ۾ هن اسلام جي جليل القدر خليفي تيونس، موراڪو، الجزائر ۽ ٻيا ملڪ فتح ڪيا.
حضرت عثمانرضہ نرم مزاج، سڄي رات جاڳي عبادت ڪندڙ ۽ قرآن پاڪ پڙهندڙ هو. سندن عبادت جو اهو عالم هوندو هو جو گهڻي دير نماز ۾ قيام جي ڪري پيرن تي سوڄ اچي ويندي هئي. حضرت عثمان رضي ﷲ عنہ جي دور ۾ شروع جا ڇھہ سال امن، سلامتيءَ سان گذريا پر پوءِ باغين ۽ منافقن سازشون شروع ڪري ڇڏيون. ايتريقدر جو آخر ۾ سندن گهر جو ٻاويھہ ڏينھن گهيرو ڪيائون کين حضرت عليرضہ ۽ ٻين روڪيو پر اهي ڪونہ مڙيا. حضرت عثمانرضہ کي قرآن پاڪ پڙهندي روزي جي حالت ۾ تلوار سان وار ڪري شھيد ڪيائون. سندن خون جا ڦڙا وڃي قرآن پاڪ تي ڪريا. 18 ذوالحج سن 35 هجري، عيسوي سال 656ع تي سندن شھادت ٿي. پاڻ جنت البقيع ۾ دفن ڪيا ويا.
حضرت عثمان رضي ﷲ عنہ هڪ ڄاڻو، رحمدل ۽ سخي حڪمران هو. هن قرآن پاڪ جا صحيح نسخا تيار ڪرايا ۽ ٻين نسخن کي جيڪي صحيح نہ هئا سي ختم ڪري ڇڏيائين، جنھن ڪري اڄ تائين قرآن پاڪ جا اهي نسخا هلندڙ آهن جي حضرت عثمان تيار ڪرايا.
حضرت عثمان رضي ﷲ عنہ کي ست پٽ ۽ پنج نياڻيون هيون، پاڻ ڇھہ شاديون ڪيون هئائون، رسول پاڪ ﷺ جن جون ٻہ نياڻيون بيبي رقيہ رضي ﷲ عنھا ۽ اُم ڪلثوم رضي ﷲ عنھا سندن نڪاح ۾ هيون، جنھن جي ڪري کين ”ذوالنورين“ چيو ويندو آهي.
***