سنڌ جو انوکو ڪردار وتايو فقير
وتايي فقير جي باري ۾ گهڻي جامع معلومات موجود نہ آهي. هُو مغلن ۽ ڪلھوڙن جي دور جو بزرگ چيو وڃي ٿو جنھن جو جنم نصرپور ۾ ٿيو، شادي عمرڪوٽ مان ٿيس ۽ سندن برادري نصرپور، عمرڪوٽ، هالا، مٽياري، ٽنڊوالھيار، ٽنڊوڄام ۽ تاجپور ۾ رهندڙ هئي. وتايي جي وفات ٽنڊي الھيار ۾ 63 سالن ۾ 22 ذوالحج 1247ھجري مطابق 19 جون 1831ع تي ٿي. وتايو اصل هندو نسل مان هو ۽ پوءِ زال ۽ ماءُ سميت مسلمان ٿيو، مسلمان ٿيو تہ نالو ”طاهر“ رکيو ويو. سندس گهرواري جلدي وفات ڪري ويئي. سڄي حياتي ماءُ جي خدمت کي افضل سمجهيائين. هن جا چيل گفتا ۽ نقل بي نظير آهن، جن مان سنڌ جي سماجي ۽ سياسي حالتن جي خبر پوي ٿي. هن ﷲ واري فقير جي بي طمع طبيعت ۽ سادگي هنڌان هنڌ مقبول هئي. سندس بي بھا ڳالھيون، هڪ سئو کان مٿي ٽوٽڪا، نقل ۽ گفتا سياڻپ جي سڃاڻپ آهن. هو هڪ سچار، داناءُ شخص هو، جنھن جي ڳالھين ۾ گھري معنيٰ ۽ مقصد جا موتي لڪيل آهن. هن ڪامل وليءَ ماڻھن کي پنھنجو مقصد سمجهائڻ لاءِ تبليغ نہ ڪئي پر سلوڻو ۽ ٽوٽڪاڻو طريقو اختيار ڪيو. سندس ڳالھين مان هيٺ ڪي مثال ڏجن ٿا.
چون ٿا تہ هڪ دفعي وتايو فقير ڪنھن پاسيري هنڌ تان اڪيلو گذريو وٽس هڪ روپيو هو، سوچيائين تہ اڪيلو پيو وڃان متان ڪو چور نہ گڏجي سو ڇا ڪيائين، روپيو ڪڍي هڪ اڪ جي وڻ جي پاڙ ۾ رکيائين ۽ خوش ٿي اڳيان وڌيو، چيائين تہ، ”شڪر ﷲ جو هن جزا مان جان ڇٽي هاڻي هٿين خاليءَ کي ڪو ڊپ ڪونھي! هاڻي ڪير ڪونہ ڦريندو“. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ هڪ مسافر اُتان لنگهيو ۽ اڪ جي پاڙ ۾ چمڪدار روپئي کي ڏٺائين تہ سمجهيائين تہ انھيءَ هيٺ ڪو خزانو پوريل آهي سو کڻي جو اڪ کي کوٽيائين تہ وڻ پاڙئون پٽجي ويو پر ڪوبہ خزانو ڪونہ نڪتو. وتايو ٿورن ڏينھن کان پوءِ جڏهن وري اُتان گذريو تہ ڏٺائين مار! وڻ تہ پاڙ کان نڪتو پيو آهي ۽ آسي پاسي کڏون لڳيون پيون آهن. اُتي ٻيئي هٿ مٿي کڻي چيائين، ”شڪر منھنجا موليٰ! جيڪڏهن آءُ انھيءَ رپئي مان جند نہ ڇڏايان ها، تہ مون سان بہ ساڳي اهائي اَڪَ واري ڪار ٿئي ها“.
وتائي فقير جو هڪ ٻيو نقل هن ريت آهي تہ،
” گهورڙيو گدرا وڪڻي رهيو هو. وتايي جي گدري کائڻ تي دل ٿي، چار پئسا ڳنڍ ۾ هئا سي ڪڍي ڏنائينس تہ گهورڙي کيس هڪ ٺاهوڪو گدرو کڻي ڏنو. وتائي ڏٺو تہ گهر ۾ ماڻھو گهڻا آهن ۽ هڪ گدري مان تہ پورت ڪونہ ٿيندي وڌيڪ پئسو بہ ڪونہ ھئس، سوچ ۾ پئجي ويو ڏٺائين تہ وڪڻڻ واري وٽ تہ گدرن جو ڍڳ لڳو پيو آهي، سوکڻي ﷲ جي نالي سوال ڪريانس تہ مَنَ کڻي ڪو ڏئي. جڏهن سوال ڪيائين تہ ”سائينءَ جي نالي ٿو توکي سوال ڪريان هڪ گدرو تہ ڏيئيم پويان آڪھہ وڏي آهي پورت ڪونہ ٿيندي“. پھرين تہ گهورڙئي کڻي منھن ڦٽايو پر پوءِ ڪُسندي مُسندي هڪ ڦٿل گدرو کڻي کيس ﷲ جي نالي ڏنائين. وتايو فقير حيران ٿي ويو هٿ ۾ اهو ننڍو ۽ ڦٿل گدرو کڻي آسمان ڏي نھاري چيائين تہ، ”اي ﷲ! ماڻھن وٽ تنھنجو اجهو اهو قدر آهي تنھنجي نالي تي هيءُ گدرو مليو اٿم، ماڻھن وٽ تنھنجي نالي کان چئن پئسن جو مان مٿي ٿو ڏسجي“. ظاهري طور تہ هيءُ ٻہ نقل چرچو ڏسڻ ۾ اچن ٿا پر جيڪڏهن انھن تي سوچيو وڃي تہ انھن ۾ ڪيترو نہ بينظير فلسفو لڪيل آهي. وتائي فقير جا سوين نقل سنڌ ۾ مشھور آهن، جن ۾ وڏو سبق سمايل آهي.
***