ٻاراڻو ادب

امر انسان (ٻارن لاءِ سوانحي مضمون)

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو جديد ادب جي ضرورت مطابق لکيل هيءُ مجموعو ٻن حصن ۾ ورهايل آھي جنھن ۾ ڪل 26 شخصيتن بابت سوانحي مضمون شامل آھن. ڪتاب ۾ آيل اَمر انسانن جي نالي کي ڪڏهن بہ مات ناهي اچڻي ۽ اهي پنھنجي اڻملھہ ڪارنامن سان بقا حاصل ڪري ويا آهن.

Title Cover of book Amar Insan

ڇا تہ شخص هو! حضرت عمر بن عبدالعزيز رحمة ﷲ عليہ

حضر عمر بن عبدالعزيز رحمة ﷲ عليہ هڪ وڏو مدني عالم، سخي، بھادر ۽ نيڪ شخص ٿي گذريو آهي. عربستان جي هڪ معزز ترين خاندان قريش جي شاخ بنو اميہ سان سندن تعلق هو. سندن والد جو نالو عبدالعزيز هو جيڪو مصر جو ويھہ سال گورنر رهيو ۽ ڪيترائي ڀلائيءَ جا ڪم پنھنجي وقت ۾ ڪرايائين. سندن والدہ حضرت بيبي اُم عاصم، حضرت عمر فاروق جي پوٽي هئي. حضرت عمر بن عبدالعزيز رحمة ﷲ عليہ کي تعليم لاءِ مديني پاڪ ۾ موڪليو ويو. جتي کين انس بن مالڪ، يوسف بن عبدﷲ ۽ ٻين وڏن اصحابين ۽ عالمن جي صحبت نصيب ٿي. ننڍيءَ عمر ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪري ڇڏيائون. جنھن ڏينھن قرآن پاڪ پورو ڪيائون، تنھن ڏينھن روئڻ لڳا. والدہ جي پڇڻ تي چيائين تہ، ”موت ياد اچي ويو آهي“.
حضرت عمر بن عبدالعزيز رحمة ﷲ عليہ فقہ ۽ تفسير جو وڏو ڄاڻو هو. سندس پھرين شادي پنھنجي چاچي خليفي عبدالملڪ جي گهران ٿي ۽ ان کان سواءِ ٽي ٻيون شاديون ٿيون، سڀني گهر وارين مان ڪل اولاد 13 پٽ ۽ 3 نياڻيون ٿيا، سڀني جي تعليم ۽ تربيت تي پورو پورو ڌيان ڏنائون.
حضرت عمر بن عبدالعزيز کي خليفي وليد بن عبدالملڪ جي دور ۾ بار بار گورنريءَ جي آڇ ڪئي ويئي جيڪو انھيءَ وقت حڪومت جو سڀ کان وڏو عھدو هو پر پاڻ انھيءَ کان بچندا رهيا. نيٺ گهڻي زور ڀرڻ تي قبول ڪري ڪجهہ شرط رکيائين جن مطابق تہ کين ظلم ۽ زيادتيءَ لاءِ ڪڏهن بہ خليفي طرفان مجبور نہ ڪيو وڃي، اهو شرط خليفي عبدالملڪ قبول ڪيو. اهڙيءَ ريت حضرت عمر بن عبدالعزيز پنجويھن سالن جي عمر ۾ مديني منورہ ۾ گورنر مقرر ٿيو ۽ مسجد نبويءَ جي عمارت وسيع ڪرايائين. پاڻ ڇھہ سال مديني پاڪ جو گورنر رهيو.
حضرت عمر بن عبدالعزيز رحمة ﷲ عليہ موت جو گهڻو فڪر ڪندڙ هو، هميشہ موت کي ياد ڪري ﷲ جي ياد ۾ روئيندو هو، انھيءَ ڪري ظلم کان بچڻ جي هر تدبير اختيار ڪندو هو. خليفي عبدالملڪ جي چوڻ تي هڪ شخص کي سئو ڪوڙا لڳرايائين ۽ بعد ۾ انھيءَ ماڻھو جو انتقال ٿي ويو. کين ايترو ڏک ٿيو جو گورنريءَ تان استعفيٰ ڏيئي ڇڏيائين.
حضرت عمربن عبدالعزيز رحمة ﷲ عليہ هڪ پاڪباز، باعمل ۽ عالم حاڪم هو، جنھن هر پاسي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا. ڪيترن طاقتورن، ڪمزورن جون ملڪيتون ڦٻائي رکيون هيون، انھن کان اهي واپس ڪرائي غريبن کي انھن جا حق ڏنائين، جنھن ڪري اندر ئي اندر ۾ هن جا مخالف پيدا ٿي پيا ۽ هڪ غلام معرفت کين زهر ڏنو ويو. زهر جي ڪري ويھہ ڏينھن بيمار رهڻ کان پوءِ 25 رجب، سن 101 هجري، اربع جي ڏينھن 39 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين. خدا جي خوف ۾ ڪنبدڙ هن حاڪم حق ۽ انصاف کي حياتيءَ ۾ هرشيءِ کان مٿانھون ڪيو. هن پنھنجي پويان ڪا بہ ملڪيت ڪونہ ڇڏي. وفات وقت سندس ڪل ملڪيت فقط سترنھن درهم هئي جن کي وصيعت مطابق خيرات ڪيو ويو.