سچل سارو سچ حضرت سچل سرمست رحمة ﷲ عليہ
سچل جو نالو سنڌي شاعريءَ ۾ شاھہ ڀٽائي کانپوءِ خاص اهميت رکي ٿو. شاھہ سائينءَ سچل لاءِ اها اڳڪٿي ڪئي هئي تہ ”جيڪو ڪُنو اسان چاڙهيو آهي تنھن جو ڍڪ هي نينگر لاهيندو.“ بيشڪ اها اڳ ڪٿي صحيح ثابت ٿي. جيڪي ڪجهہ ڀٽ ڌڻيءَ مام ۾ روحاني راز چيا، انھن کي سچل سائينءَ پڌري پٽ اعلانيہ اظھار ڪيو. هن هفت زبان شاعر جي شھرت عالم آشڪار آهي. سندس ڪلام ۾ موضوعن جي وسعت سان گڏ شاعريءَ جا ڪيترائي پھلو آهن پر غم ۽ گداز جو رنگ وٽس سرس آهي.
سچل جي پرسوز ۽ درديلي شاعريءَ ۾ عشق ۽ حسن جا جلوا آهن تہ حق ۽ سچ جا سڏ آهن. پاڻ سڃاڻڻ جا درس آهن تہ خود شناسيءَ جا سبق بہ آهن. هو ظاهر ظھور ”پاڻ سڃاڻڻ“ تي عمل ڪرڻ جي تلقين ٿو ڪري. سچل جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي لوڪ داستانن ۽ نيم تاريخي داستانن سان گڏ عالمي ڀائيچاري جا سبق آهن. سندس شاعري الھامي ۽ روحاني رازن سان ٽمٽار هئڻ سان گڏ هڪ آفاقي پيغام آهي، جنھن مان تصوف جي پرچار جي پروڙ پوي ٿي تہ گڏ ”اناالحق“ جي اعلانن کيس صاحبِ شريعت جي عتابن هيٺ آندو، سندس بي باڪانہ اظھار کيس هڪ مختلف ۽ منفرد فرد ۽ اعليٰ پايي جو شاعر بنايو، شاعراڻي خوبين جي لحاظ کان سچل سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ نت نوان تجربا ڪري نيون شيون ايجاد ڪيون. سندس ڪلام ۾ بيت، ڏوهيڙا، ڪافيون، غزل، مداحون، مناجاتون ۽ مرثيا ملن ٿا. ان کان سواءِ ”جهولڻي“ جي صنف بہ سندس ايجاد ڪيل آهي. قطعا، رباعيون، ڪبت ۽ ٻيون شاعريءَ جون صنفون استعمال آندائون.
سچل سائين علم عروض جو ڄاڻو هو، تنھنڪري هن جو ڪلام پختو ۽ پڪو آهي. جڏهن ڪلام چوندو هو تہ وجد جي حالت ۾ اچي ويندو هو. مٿي جا وار کڙا ٿي ويندا هئس ۽ اکين مان آب جاري ٿي ويندو هئس. فارسيءَ ۾ سچل سرمست جون هيٺيون اهم تصنيفون آهن: (1) ديوانِ آشڪار (2) رهبر نامہ (3) رازنامہ (4) عشق نامہ (5) تار نامہ (6) گداز نامہ، سنڌيءُ ۾ سندس ڪلام هن ريت آهي: (1) رسالہ سچل فقير جلد پھريون (سنڌي ڪافيون ۽ غزل) (2) رسالہ سچل فقير جلد ٻيو (سنڌي ۽ پنجابي ڏوهيڙا)
”ھمہ اوست“ جي قائل هن صوفي بزرگ کي ”منصور ثاني“ بہ چيو ويندو آهي جنھن وحدت الوجود ۽ خودشناسيءَ جي نظريي جي خاص اپٽار ڪئي. سنڌ جي هن عظيم شاعر 90 سالن جي عمر ۾ 14 رمضان شريف 1242ھہ /1829ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاھہ درازن تي هر سال ميلو لڳندو آهي ۽ ادبي ڪانفرنسن ۾ سچل سرمست جي شاعريءَ تي مقالا پڙهيا ويندا آهن، خيرپور يونيورسٽيءَ جي طرفان”سچل چيئر“قائم ڪيو ويو آهي، جتان سچل سائين جي شاعريءَ جي باري ۾ تحقيقي ڪم ٿيئي ٿو.جھڙو اٿس تخلص ”سچو“ ۽ ”سچل“ اهڙوئي سندس ڪلام سچ جو اولڙو ۽ عڪس آهي.
هتِ هتِ آهي صورت منھنجي، ٺاھہ نہ ڪو پيو ٺاهيان،
پنھنجو پاڻ ئي سان يار، ”سچو“ ڙي نينھن اهو ئي لاهيان.
(سچل سرمست رح)