دنيا جو مشھور فاتح سڪندر اعظم
سڪندر بادشاھہ جيترو ذهين ۽ زيرڪ هو اوترو ئي ماءُ جو فرمانبردار ۽ اخلاق وارو پڻ هو. جڏهن ننڍو هو تڏهن سندس بيمار ماءُ کانئس ننڊ ۾ پاڻي گهريو هو. پاڻي جيئن ئي ڀري آيو تہ ماڻس کي ننڊ اچي ويئي پاڻ سڄي رات پاڻي کڻي ماءُ جي سيرانديءَ وٽ بيٺو هو تہ متان امڙ جي اک کُلي ۽ پاڻي گهري ۽ مون کي ننڊ هجي. فجر مھل امڙ جي اک کُلي کيس پاڻيءَ جي گلاس سان بيٺل ڏسي اُمالڪ دُعا ڏنائين، ”شال بادشاھہ ٿيئين“ ۽ تحقيق هو وڏو بادشاھہ ٿيو. هن يونان جي ڏاهي فلاسافر ارسطوءَ کان تعليم حاصل ڪئي هئي. سندس چوڻ آهي تہ، ”پيءُ مون کي زندگي ڏني ۽ استاد مون کي جيئڻ جو فن ڏنو“.
سڪندر بادشاھہ جي سخاوت جو هڪ واقعو مشھور آهي تہ، ”هڪ سپاهيءَ کي خچر تي خزانو کڻي ٻئي هنڌ پھچائڻ لاءِ ڏنائين پر پاڻ بہ هن جي پويان گهوڙي تي هليو جنھن جي سپاهيءَ کي خبر ڪانہ هئي. جڏهن منزل تي پھچڻ کي سپاهي ويجهو ٿيو تڏهن بادشاھہ پڻ گهوڙو تکو ڊوڙائي اچي پھتو، ڏٺائين تہ اهو بار خچر کان وڌيڪ هو جانور تي قياس ڪري سپاهيءَ اهو پنھنجي مٿي تي کنيو هو جو کانئس بہ کڻڻ ۾ ڳرو هو. سپاهي سخت پريشانيءَ ۾ انھيءَ کي هيٺ ڦٽو ڪرڻ تي هو جو بادشاھہ چيس”متان اڇلين باقي ٿورو پنڌ اٿئي همٿ نہ هار وڃي تنبوءَ ۾ پھچائينس اهو سڀ سون هاڻي تنھنجي ملڪيت آهي، جو هڪ جانور تي رحم ڪيو اٿيئي آئون توکي انھيءَ رحمدليءَ جو انعام ٿو ڏيان“. سپاهي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اهو ٻورو توڙ تائين پھچائي بادشاھہ جي هٿان انعام طور وصول ڪيائين.
اهڙيءَ ريت سڪندر بادشاھہ جي دنيا جي وڏي حصي کي فتح ڪرڻ تائين سندس حياتيءَ جا ڪيترائي اهم واقعا ڪتابن ۾ لکيل آهن، پر هن فاني دنيا مان لاڏاڻي وقت سندس چيل لفظ اڄ تائين تاريخ جو حصو آهن. چيائين تہ، ”منھنجا هٿ ڪفن مان ٻاهر ڪڍجو تہ جيئن دنيا ڏسي تہ دنيا جي وڏي حصي کي فتح ڪندڙ ”فاتح اعظم“ سڪندر بادشاھ مرڻ کان پوءِ دنيا مان خالي هٿين وڃي رهيو آهي“.