حجة الاسلام امام غزالي رحمة ﷲ عليہ
امام غزاليءَ جو استاد احمد بن رازڪاني هو ۽ اڳتي هُن امام ابو نصراسماعيل وٽ وڌيڪ علم حاصل ڪيو. هو جيڪي پڙهندو هو اهو پاڻ وٽ لکي ڇڏيندو هو، اهڙيءَ ريت وٽس لکيل وڏو مواد گڏ ٿي ويو. پوءِ هو پنھنجي وطن وڃي رهيو هو جتي ڦورن سندس سڄو سامان ڦري ڇڏيو پر کيس پئسي پنجڙ کان وڌيڪ پنھنجي ڪتابن ۽ لکيل رجسٽرن جي ڳڻتي ٿي، نيٺ هن معلومات ڪرائي چورن جي سردار وٽ وڃي دانھين ٿيو، جنھن کيس چيو تہ مون ٻڌو آهي تہ ”علم اهو خزانو آهي، جنھن کي ڪير چورائي نٿو سگهي ۽ اهو ڪھڙو علم آهي جو چند ڪاغذن جي گم ٿيڻ سان تنھنجي دل تان ميسارجي پيو وڃي“. ان وقت هن دِل ۾ پڪو ارادو ڪيو تہ جيئن ئي اهي ڪاغذ مليا تہ پوءِ انھن تي لکيل مواد ياد ڪري ڇڏيندس. پوءِ کيس پنھنجا نوٽ بڪ واپس مليا. سندس خوشيءَ جي حَدَ ئي نہ رهي پر اهو سو سبق حاصل ٿيس تہ گهڻو پنھنجو ڪم ياد ڪري ڇڏيان ٽن سالن جي محنت سان پنھنجو لکيل سڀ مواد چڱي طرح ياد ڪيائين.
نيشاپور جي وڏي مدرسي ”بييقيہ“ ۾ وڃي امام الحرمين عبدالملڪ مُدرس وٽ اعليٰ تعليم حاصل ڪيائين. مدرسي جي چارسئو شاگردن ۾ پھريون نمبر آيو. کيس ”معيد“ جو لقب مليو. سندس دور ۾ سلجوقي سلطنت جو وزير نظام الملڪ علم جو وڏو قدردان هو. پنھنجي استاد امام الحرمين جي وفات کان پوءِ نظام الملڪ جي درٻار ۾ ويو، جتي سندس گهڻي عزت افزائي ٿي. هن درٻار ۾ وڏا عالم ۽ فاضل ايندا هئا ۽ علمي بحث ۽ مباحثا ٿيندا هئا. جتي کيس نظاميہ مدرسي جو مُدرس مقرر ڪيو ويو. نيشاپور ۽ بغداد ۽ ٻين هنڌن تي وڏي ناماچاري رکندڙ هن عالم جي ڪتابن ۾ ”احياء العلوم الدين“ ۽ ”ڪيمياءِ سعادت“ تھذيب، اخلاق، تزڪيہ نفس، اسلام جي رڪنن ۽ شريعت جي قانونن تي آڌاريل آهن، اسلامي دنيا ۾ مشھور آهن.
امام غزاليءَ جو قول آهي تہ، ”مھمان جي اڳيان گهڻو کاڌو رکڻ تڪبر جي نشاني آهي تہ بلڪل ٿورو کاڌو رکڻ بي مروتي آهي“ اهو بہ فرمايو اٿن تہ، ”ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي سڃاڻپ علم سان نہ پر ادب سان آهي علم تہ ابليس وٽ بہ هو پر هو ادب کان محروم هو“ اهڙيءَ طرح ٻيا انيڪ نصيحتي نڪتا سندن جي ڪتابن ۾ موجود آهن، هن عالم 1111ع ۾ وفات ڪئي.