جنتي عورتن جي سردار حضرت بي بي فاطمة الزهريٰ رضي ﷲ عنھا
حضرت بي بي فاطمہ رضي ﷲ عنھا جي پرورش بيبي سودہ رضہ ڪئي، جنھن سان رسول پاڪصہ جن حضرت خديجہ رضہ جي وفات کان پوءِ نڪاح ڪيو هو.
رسول پاڪصہ جن ڪافرن جي ڏنل تڪليفن کي سھندي نيٺ مديني پاڪ ڏي هجرت ڪئي. بي بي فاطمہ رضي ﷲ عنھا مديني شريف ۾ جڏهن ساڍن پندرهن سالن جي ٿي تڏهن حضرت علي ڪرم ﷲ وجھُ ۽ ڪن ٻين سندن سڱ لاءِ عرض ڪيو. حضرت علي ڪرم ﷲ وجھُ مسڪين هو وٽس هڪ گهوڙي، هڪ زرھ ۽ هڪ تلوار کان سواءِ ٻيو ڪجهہ ڪونہ هو. رسول پاڪصہ جن سندن دينداري ڏسي بيبي فاطمہ سانئڻ جو هٿ سندن هٿ ۾ ڏنو. ڏاج ۾ سڄيءَ دنيا جي عورتن جي سردار بي بي فاطمہ رضي ﷲ عنھا کي پاڻ ڪريمصہ جن هڪ واڻ واري کٽ، چمڙي جو گاديلو، هڪ چادر، هڪ جنڊ، هڪ سانداري ۽ ٻہ دلا ڏنا.
حضرت علي رضي ﷲ عنہ جي گهر ۾ ڪوبہ نوڪر چاڪر ڪونہ هو، پاڻ مزوري ڪري گذر سفر ڪندا هئا. مالِ غنيمت مان جيڪو حصو ملندو هو، اهو بہ خيرات ڪري ڇڏيندا هئا. حضرت بي بي فاطمہ رضي ﷲ عنھا پڻ وڏي سخاوت واري هئي. پنھنجي هٿن سان جنڊ پيھندي ۽ گهر جو ڪم ڪار ڪندي هئي ۽ ڪم ڪندي زباني طور قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندي هئي. بيبي صاحبہ سان ڪيتريون ئي ڪرامتون منسوب آهن. هڪ ڀيري يھودي شمعون وٽ بي بي صاحبہ پنھنجي چادر گروي رکڻ لاءِ موڪلي جو وٽن سواليءَ کي خيرات ڏيڻ لاءِ ڪجهہ نہ هو. رات جو هن يھوديءَ انھي چادر مبارڪ مان اهڙو نور نڪرندي ڏٺو جو نہ فقط پاڻ پر پنھنجي اسي عزيزن ۽ نوڪرن سان گڏ رسول پاڪصہ جن جي خدمت ۾ مسلمان ٿيو.
رسول پاڪصہ جن کي حضرت فاطمہ رضي ﷲ عنھا ، حضرت علي ڪرم ﷲ وجھُ، حسن رضي ﷲ عنہ ۽ حسين رضي ﷲ عنہ سان گهڻي محبت هئي. هڪ دفعي حضورصہ جن حضرت علي رضي ﷲ عنہ جي گهر آيا ۽ حضرت علي رضي ﷲ عنہ ۽ بي بي فاطمہ رضي ﷲ عنھا، حضرت امام حسن رضي ﷲ عنہ ۽ حضرت امام حسين رضي ﷲ عنہ کي ويھاري سڀني مٿان پنھنجي چادر وجهي دُعا گهريائون تہ، ”يا ﷲ! هي منھنجي گهر وارا آهن. تون هنن کي نھايت پاڪ بناءِ“.
رسول پاڪصہ جن کي حضرت فاطمہ رضي ﷲ عنھا تمام گهڻي پياري هئي. پاڻ سندس تڪليف ڏسي پريشان ٿي ويندا هئا. هڪ دفعي سندن هٿن ۾ گهڻي ڪم ڪرڻ جي ڪري پيل لڦون ڏسي کين”فضا“ نالي هڪ ٻانھي عطا ڪيائون پر گڏ تاڪيد ڪيائون تہ، ”گهر جو اڌ ڪم تون ڪج تہ اڌ هيءَ ڪري ۽ کيس اهوئي کاڌو کارايو جيڪو پاڻ کائو“.
بي بي فاطمہ رضہ جي دل ۾ دنيا جي لاءِ ۽ دنياوي سامان لاءِ ڪابہ محبت نہ هئي پاڻ پنھنجي والد جي رستي تي هلندڙ هئي. کين پنھنجي والد سان تمام گهڻي محبت هئي.
رسول پاڪصہ جي وفات 63 ورهين جي عمر ۾ ٿي، بي بي صاحبہ انھيءَ کان پوءِ فقط ڇھہ مھينا حيات هئي، پنھنجي پياري والد حضرت محمدصہ جي غم ۾ هر وقت ڏکاري رهندي هئي. کين پنھنجي وڃڻ جي منزل جي جيئن ئي خبر پئي دِل جي خوشيءَ سان ﷲ وٽ وڃڻ جي تياري ڪيائون، 13 رمضان المبارڪ سن 11 هجريءَ تي اڱاري جي ڏينھن هن دنيا مان رحلت ڪيائون. سندن وصيعت مطابق حضرت اسماء رضي ﷲ عنھا غسل ڏنو ۽ حضرت علي ڪرم ﷲ وجھُ جنازي نماز پڙهائي.
حضرت بي بي فاطمہ رضي ﷲ عنھا وڏين خوبين واري هئي. سندن اولاد ۾ ٻن پٽن حضرت حسن رضي ﷲ عنہ ۽ حسين رضي ﷲ عنہ مان ئي دنيا ۾ نسل وڌيو. باقي سندن ٽيون صاحبزادو محسن ننڍيءَ عمر ۾ ئي وفات ڪري ويو، هڪ نياڻي بي بي رقيہ رضي ﷲ عنھا بہ ننڍيءَ عمر ۾ ئي وفات ڪئي. باقي نياڻين ۾ بي بي زينب رضي ﷲ عنھا جنھن جي شادي حضرت عبدﷲ بن جعفرطيار رضي ﷲ عنہ سان ٿي، بي بي زينب ڪربلا جي ميدان ۾ جنگ ۾ پڻ تمام گهڻيءَ بھادريءَ سان موجود هئي. وڏي دليريءَ سان يزيد لعنتيءَ سان گفتگو ڪيائين. حضرت زينبرضہ جو ذڪر ڪربلا جي واقعي ۾ ورجايو ويندو آهي. سندن ٻي ڀيڻ بي بي اُم ڪلثومرضہ هئي.
حضرت بي بي فاطمہ رضہ انتھائي باحيا، سخي ۽ عبادت گذار، دنيا ۽ جنت جي عورتن جي سردار آهي. شال رب پاڪ جون پنجتن پاڪ تي سلامتيون ۽ رحمتون هجن ۽ اسان کي سندن نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)