قلندر شھباز سيد عثمان مروندي رحمة ﷲ عليہ
ظاهري تعليم طور پاڻ ستن سالن جي عمر ۾ قرآن ڪريم حفظ ڪيائون. ٿوري عرصي ۾ عربي ۽ فارسي ٻوليءَ تي عبور حاصل ٿي ويو، پاڻ ولايت جا مرحلا پنھنجي مرشد بابا ابراهيم جي مريديءَ معرفت حاصل ڪيائون، جن جو پڻ حسب نسب امام موسيٰ ڪاظم تائين ملي ٿو، مرشد کان سواءِ ڪامل بزرگن جيئن حضرت بھاءُ الدين ملتاني، حضرت صدر الدين، حضرت شيخ فريد الدين گنج شڪر ۽ ٻين سان سندن ملاقاتون ٿيون ۽ مڪاشفا (ڪشف جي حالت) ڪيائون.
پاڻ ننڍپڻ کان سير ۽ سياحت جا شوقين هئا. هند ۽ سنڌ ۾ اچڻ بہ انھيءَ شوق سبب ٿيو. مشھد مقدس، حرمين شريف ۽ بغداد مان ٿيندي ڪيچ مڪران جي رستي هندستان جو رخ اختيار ڪيائون، مڪران ۽ پسنيءَ مان ٿيندا اچي سنڌ جي تاريخي شھر سيوستان/سيوهڻ ۾ 649 هجريءَ ۾ آيا، سندن روحاني فيض جاري ٿيو تہ ڪيترائي ﷲ ٰ جا ٻانھا مستفيض ٿيا. وصال کان اڳ پنھنجي مريدن کي هدايتون ڏيئي پاڻ مراقبي ۾ ويھي رهيا ۽ اتي ئي وصال ڪيائون، وفات جو سن مستند حوالن مطابق 21 شعبان 650 هجري برابر (1252ع) چيو وڃي ٿو. جنھن موجب سندن عمر 112 سال هئي. 18 شعبان کان 20 شعبان تائين هر سال سندن درگاھہ تي ميلو (عرس) لڳي ٿو. جنھن ۾ سنڌ کان سواءِ پري پري کان زائرين اچي پنھنجي روحاني رهبر کي سلام پيش ڪن ٿا.
حضرت شھباز قلندر وڏو عالم هو جنھن جي گواهي سندن لکيل ڪتابن مان ملي ٿي. کيس شاعري، لسانيات، گرامر ۽ اسلامي علمن تي عبور حاصل هو، تصنيفن ۾ 1. ”عقد“، 2.” قسم دويم“، 3. ”اجناس“، 4. ”ميزان“ مڪتبن ۽ مدرسن ۾ پڙهيا وڃن ٿا، شاعريءَ ۾ فارسي غزل اهم آهن، تخلص عثمان مروندي اٿن تہ ڪٿي ”شھباز“ يا ”قلندر من و شھبازم“ پڻ آهي.
جن هنڌن تي شھباز سائين چلا ڪڍيا ۽ عبادتون ڪيون. انھن ۾ ”گنجو ٽڪر“ (حيدرآباد) ”ڪندري نھر“ (منگهو پير ڪراچي) يڪ ٿنڀيءَ جو غار (سيوهڻ جي ڏکڻ ۾ اسٽيشن جي ڀرسان جبل ۾ غار) ”لعل باغ“ لعل جو لعو“ (سيوهڻ جي ڏکڻ ۾ ٻن ميلن جي پنڌ تي) آهن.
لعل شباز قلندر جي مزار تي روزانو شام جو ڌمال ٿيندي آهي جا سانجهي نماز کان پوءِ شروع ٿي، سومھڻيءَ جي نماز کان اڳ ختم ٿيندي آهي اهو بہ سماع جو طريقو ئي شمار ٿئي ٿو جھڙيءَ ريت مولانا رومي ۽ شاھہ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي درگاهن تي ذڪر ۽ سماع ٿيندڙ آهي. خاص ميلي جي ڌمال 18، 19 ۽ 20 شعبان تي آهي، جنھن ۾ سرود، سماع ۽ رقص هجي ٿو. ٽي ڏينھن مينديءَ جي رسم پڻ ٿيندي آهي. ان کان سواءِ سنڌ جي ٻين ميلن وانگرپھلوانيءَ جا مقابلا ۽ سرڪس وغيرہ پڻ هجن ٿا. حضرت لعل شھباز قلندر هڪ تمام وڏو بافيض بزرگ ٿي گذريو آهي، سندن ڪرامتن جا ڪيترائي واقعا ڪتابن ۾ درج آهن سندن روحانيت ۽ فيض مان لکين فيضياب ٿيا آهن.