سنڌ جو سورهيہ سپوت هوش محمد شيدي
هوش محمد شيدي هڪ اٽل ارادي وارو جوان سپھہ سالار هو، جڏهن ميرشير خان ٽالپر انگريزن خلاف جنگ جو اعلان ڪيو، تڏهن هوش محمد دٻي جي لڙائي ۾ وڏي بھادريءَ سان انگريزن خلاف وڙهيو. تجربيڪار ۽ جديد هٿيارن سان ليس انگريز فوج کي هن حيران ڪري ڇڏيو هو. لشڪر ۾ ڪاهي پيو، گهڻو زخمي ٿي پيو تہ بہ همٿ نہ هاريائين. انگريزن ميرن جي فوج جو بارود ساڙائي ڇڏيو، هوش محمد پنھنجي توبچين کي توپ ۾ ٺڪر ۽ پٿر هلائڻ جو حڪم ڏنو تہ جيئن جنگ جاري رهي ۽ انگريز اسان جي جيئري سنڌ تي قبضو نہ ڪري سگهن. آخرڪار زخمن جا تاب نہ سھي هو شھيد ٿي ويو. شھيد هوشوءَ جي هٿن ۾ تلوارون ۽ ڀالا مضبوطيءَ سان ڀڪوڙيل هئا جو سندس ساھ جو پکيئڙو پرواز ڪري ويو. انگريز گورنر سرچارلس نيپئر جڏهن فتح کان پوءِ جنگ جي ميدان جو جائزو وٺندي کيس هن حالت ۾ ڏٺو، تڏهن حيران ٿي ويو ۽ سندس هن دليري ۽ بي ڊپائيءَ تي ٽوپ لاهي سلام ڪيائين ۽ کيس 21 توپن جي سلامي ڏيئي سندس ميت کي وڏي اعزاز ۽ احترام سان پڪي قلعي ۾ دفن ڪرايائين.
***
سندس تربت تي بھادريءَ جو وڏو ايوارڊ (توپ جو نشان) نصب ٿيو. هوش محمد شيديءَ شھادت کان اڳ بي جگريءَ سان وڙهندي پنھنجي ماڻھن کي همٿايو ۽ کين جنگ جي ميدان ۾ پيرن تي بيھارڻ لاءِ نعرو هنيو تہ ”مرويسون مرويسون، پر سنڌ نہ ڏيسون“. سندس اهو نعرو اڄ بہ زنده آهي ۽ تاقيامت زنده رهندو.
شھيد جرنيل هوش محمد شيديءَ جو نالو قومي غيرت ۽ بھادريءَ جو زنده عنوان آهي. هي عھد ساز ۽ تاريخ ساز جرنيل سنڌ ۽ سنڌ واسين جي دلين ۾ هميشہ ياد رهندو. سندس جانثاري، عظيم قرباني ۽ وطن تان فدا ٿيڻ جي واٽ سنڌي قوم لاءِ هڪ وڏو اعزاز ۽ اُتساھہ آهي.
***