ٻاراڻو ادب

امر انسان (ٻارن لاءِ سوانحي مضمون)

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو جديد ادب جي ضرورت مطابق لکيل هيءُ مجموعو ٻن حصن ۾ ورهايل آھي جنھن ۾ ڪل 26 شخصيتن بابت سوانحي مضمون شامل آھن. ڪتاب ۾ آيل اَمر انسانن جي نالي کي ڪڏهن بہ مات ناهي اچڻي ۽ اهي پنھنجي اڻملھہ ڪارنامن سان بقا حاصل ڪري ويا آهن.

Title Cover of book Amar Insan

تابعي بزرگن جو سردار حضرت امام حسن بصري رحمة ﷲ عليہ

حضرت زيد بن ثابت انصاري ۽ خيرہ جو اولاد حضرت امام حسن بصري رحمة ﷲ عليہ سن 21 هجري 642ع ۾ مديني منورہ ۾ پيدا ٿيو، هن جا والدين آزاد ٿيل غلام هئا، جن پاڻ ۾ شادي ڪئي هئي، اهو وقت حضرت عمر فاروق جي خلافت جو هو. جيئن تہ خيرہ، حضرت بي بي اُم سلميٰ ام المومنين (رسول پاڪ جي گهر واريءَ) جي ڪنيز هئي، ان ڪري ننڍو حسن پياري نبيءَ جي گهر ۾ پليو ۽ وڏو ٿيو. ان پاڪ گهر جي برڪتن باعث هيءُ ننڍڙو ٻار وڏو ٿي تمام گهڻو عبادت گذار ۽ صاحبِ جلال ۽ جمال ٿيو.
ڏھہ سال جھاد ۾ شامل رهيو. سندس تقويٰ، پرهيزگاريءَ ۽ علميت جو اهو عالم هو جو وڏا وڏا عالم ۽ محدث سندن واعظ ٻڌڻ جي لاءِ ايندا هئا، جيئن بي بي رابعہ بصري ۽ حبيب عجمي ۽ ٻيا. کانئن ڪنھن پڇيو تہ، ”حُسنِ اخلاق ڇا آهي؟“ فرمايائون”سخاوت، درگذر ۽ برداشت ڪرڻ “.
پاڻ اهو بہ فرمايائون تہ ”جنھن ۾ چار شيون هونديون ﷲ تعاليٰ ان کي جنت ۾ داخل ڪندو ۽ پنھنجي رحمت مٿن عام ڪندو، والدين سان نيڪي ڪرڻ، ملازم سان سٺو ۽ نرم سلوڪ ڪرڻ، يتيم جي ڪفالت ۽ ڪمزور جي مدد ڪرڻ“.
هڪڙو ماڻھو سندن محفل ۾ آيو چيائين تہ،”مون وٽ ڏڪار آهي“ پاڻ فرمايائون ”استغفار جو ورد ڪيو“، ٻيو شخص آيو تہ، ”مون وٽ اولاد ڪونھي، دُعا ڪريو“ فرمايائين ”استغفار ڪريو.“ ٽيون شخص آيو ۽ شڪايت ڪيائين، ”فقر ۽ فاقو ۽ سخت تنگدستي آهي“ فرمايائون ”استغفار ڪريو.“ ڪنھن عجب جو اظھار ڪندي چيو تہ ”يا شيخ! ٽنھي ماڻھن جا مسئلا تہ الڳ الڳ هئا پر توهان ٽنھي کي هڪڙو ئي ورد ڏسيو آهي.“پاڻ فرمايائون ” ڇا، تو سورة نوح جي هيءُ آيت ڪونہ پڙهي آهي؟“
آيت جو ترجمو هيٺ پيش ڪجي ٿو:
”پوءِ مون انھن کي چيو (يعني حضرت نوح پنھنجي قوم کي چيو) تہ پنھنجي پروردگار کان مغفرت گهرو، يقين ڄاڻو تہ هو تمام گهڻو بخشڻ وارو آهي توهان تي آسمان مان خوب برسات وسائيندو ۽ توهان جي مال ۽ اولاد ۾ ترقي ڏيندو ۽ توهان جي خاطر نھرون مھيا ڪندو.“
سوال پڇندڙ شخص تي سڄي حقيقت عيان ٿي وئي.
پاڻ هر مسئلي جو حل قرآن پاڪ ۽ حديث معرفت ڏيندا هئا. ڪثرت سان روزا رکندڙ، عاجزي ۽ انڪساريءَ سان معمور هئا. کانئن پوءِ جي دور جي عالمن امام حسن بصري رحمة ﷲ عليہ کي تفسير، حديث، فقہ ۽ طريقت ۾ امام تسليم ڪيو آهي.
حضرت امام محمد غزاليءَ جو ارشاد آهي تہ، ”امام حسن بصري فصاحت ۽ بلاغت جي اعليٰ ترين مقام تي فائز هو، سندن زبان مان حڪمت جا گل ظاهر ٿيندا هئا“ کانئن ڪيتريون ڪرامتون پڻ منسوب آهن. امام حسن بصري هڪ اعليٰ درجي جو عالم، عابد، زاهد ۽ ڪثيرالعلم هو، سندن فقہي ۽ تفسيري خدمتن تي عربي زبان ۾ انيڪ ڪتاب لکيل آهن. چون ٿا تہ امام محمد بن سيرين کي ڪنھن ٻڌايو تہ، ”مون خواب ڏٺو آهي تہ هڪ پکي آيو آهي جنھن مسجد جي بھترين پٿري کنئي آهي“ حضرت امام سيرين فرمايو تہ، ”تنھنجو خواب سچو آهي هيءَ حضرت حسن بصريءَ جي وفات جو اشارو آهي جو اسان جي وچ ۾ مسجد ۾ سڀني کان بھتر اهو ئي آهي.“ ٿورن ڏينھن ۾ سندن فوت ٿيڻ جي اطلاع آئي. سندن وصال 110 هجريءَ تي 89 سالن جي عمر ۾ بصري ۾ ٿيو ۽ اتي ئي امام حسن بصري رحمة ﷲ عليہ جي مزار آهي.
***