اباڻا پڊ
دنگائي پٿر اچي مٽياسين، ڀاءُ کي چيم، ”اُٺ ويهار ٿڪا آهيون، ڪجهه ٿڪ ڀڃون.“ ادا اُٺ ويهاريا، مون اُٺ تان لهندي، سنڌ جي واريءَ کي چميو. منهنجي اکين مان لڙڪ ڪري پيا، خبر نه پيم ته ڇو ڪريا. آءٌ سنڌي پڙهيل آهيان، مون کي تاريخ جي ڪابه خبر نه آهي، ڪي به ڪتاب نه پڙهيا اٿم، انهيءَ ڪري من جي پيڙا سمجهي نه سگهيس، اُن تي غور ڪهڙو ڪريان.
راجستان وارن چيو ته نه وڃو، مسلمان وڙهندا، پر هنن اسان کي پنهنجن ٿانوَن ۾ به ڪونه ٿي کارايو. پنهنجن جهڙو برتاءُ ڪونه ٿي ڪيو. واقفيت به نه هئي. ڪابه حجت نٿي هلي، ڪنهن سان کل ڀوڳ به ڪونه ٿي ڪري سگهياسين. مسلمانن سان پُرين کان رهندي هري مري ويا هئاسين. دوستيون به هيون، دشمنيون به هيون، جڏهن جدا ٿيا هئاسين، تڏهن وري ياد ٿي پيا، گڏ مال چاريو هئوسين. گڏ پيرون کاڌا هئاسون، هڪ ٻي جي ڳجهن کان واقف هئاسون. ڪوبه راز لڪل نه هو، سي وري ياد ٿي آيا. اچي پنهنجا چؤنرا وساياسون، کوسن، ٺڪرن جون ٻنيون ڪيونسون، ويا سور وسري، کوسن ۽ ٺڪرن زميندارن جون گاريون اسان ماني ڀت سمجهندا آهيون، اهو ٿر، اُها ڌرتي، عمريون گذري ويون، ڪيترا بادشاهه آيا ويا، اسان پنهنجي ڌرتي نه ڇڏي، ڀلا هن برپٽ ۾ ٻيو ايندو ۽ رهندو به ڪير. اسانکي ٿيون اِهي ڀٽون وڻن، اسان جي پيرن کي ٻئي هنڌ جي سخت زمين جو سڪون نه ڏيندي.
شام هئي، ڍڳيءَ چؤنري جي اڳيان گابيءَ کي پئي چٽيو، ٻڪريءَ جا ڦر چؤنري اڳيان ٽپ ڏيئي رهيا هئا، ڪارا ٻار پريان واريءَ ۾ درين راند ڪُڏي رهيا هئا. آءٌ ڀونگري دکائي، ٻٽن ٻين همراهن سان پي رهيو هوس. کلياسون پئي، ڪابه ڳڻتي نه هئي، ڄڻ ڪه هن ڌرتيءَ جا بادشاهه اسان هئاسون، سج ٽٻ ٽٻان ۾ هو، ڇوڪري پيرين پئي اچي هٿ ڏنو، مون ڳراٽڙي پائي سندس ڪاري پيشانيءَ تي چمي ڏني. ڏٺم ويرسي مايوس هو. کيس پاسي ۾ ويهاري ڳلن تان هٿ ڦيري، چيم ”پُٽ، خير ته آهي! ڇو پريشان آهين؟“ پٽ چيو، ”بابا! پنهنجو هن ملڪ ۾ رهڻ بي مانو آهي، ڪيتريون محنتون ڪري، ٿر جا اڻانگا سفر ڪري، مس مس فسٽ ڪلاس ۾ امتحان پاس ڪيم. سوچيو هوم ته، ڪولهي به ڊاڪٽر ٿي سگهي ٿو. پُورين جا پيڙهيل آهيون، اسان ۾ به هاڻ پڙهڻ جي ريس پيدا ٿيندي، اڄ آءٌ ڊاڪٽر ٿيندس، سڀاڻي ٽيڪو انجنيئر ٿيندو، پرينءَ ڪشو ماستر ٿيندو، ائين هن سماج ۾ اسان به چهٽي وينداسون.
”پر ابا! سنڌ جا حاڪم به خبر نه آهي ڇو اهرا ڪٺور ٿيا آهن، پنڊيءَ وياسون، چيائون ته ’ڪوشش ڪريون ٿا‘ ڪراچيءَ وياسون، چيائون ته ’اوهان ملڪ ڇڏيو ٿا وڃو‘، ڪي چون ته ’اوهان غدار آهيو!‘ بابا! ڪولهين هن ڌرتيءَ سان ڪڏهن غداري ڪئي آهي؟ اوهان کي ڪو اهڙو سُجهي، جنهن ڌرتيءَ سان غداري ڪئي هجي. اوهان ئي ڳالهه ڪندا آهيو ته روپلو ڪولهي، جنهن انگريزن سان ننگرپار جي سرحد وٽ جنگ ڪئي ۽ مارجي ويو، پر پيش نه پيو، اسان ڪڏهن به چغلي نه هنئي آهي. مون ڏٺو هو ته هن جنگ ۾ به ڪيترا کوسا ٻروچ اچي پنهنجن چؤنرن ۾ لڪا هئا. پاڻ هندستان جي فوجن کي چيو هو ته ’هتي اسان سڀ ڪولهي آهيون‘ ائين هنن پنهنجن پاڙيسرين جي جان بچائي هئيسون. سو بابا! هنن کي ڇا ٿي ويو آهي، جو اسان کي غدار ۽ دشمن ٿا سمجهن. سنڌين سان ڌارين ٻوليءَ وارا جيڪي وڙهيا، قتل ڪيائون، تن کي غدار ۽ دشمن ڪونه ٿا سمجهن. اسان، سنڌ جي ايامن جي تاريخ کڻي ڏسون، ڪڏهن به هن ڌرتيءَ سان غداري نه ڪئي آهي، نه ڌارين جي آجيان ڪئي اٿئون، اسان هن ڌرتيءَ کي رت پت ڏنو آهي، پوءِ به اسين غدار! بابا! حاڪمن کي ڇا ٿي ويو آهي، اسان کي ڇو ٿا ڊاڪٽر ٿيڻ کان روڪين، اسان محنت ٿا ڪريون، اسان ڦٽيون ۽ ڪڻڪ ٿا پيدا ڪريون، تڏهن وطن دوست آهيون، پر انجنيئر ۽ ڊاڪٽر ٿا ٿيون ته غدار آهيون! ”بابا! ائين ڇو آهي، بابا! ائين ڇو آهي؟“
ويرسي روئندو رهيو، سڄو ماحول روئڻهارڪو هو. پُٽ کي مٿي تي هٿ ڦيريندي چيم، ”پُٽ نه رو! پاڻ کي هن ڌرتيءَ سان پيار آهي، بمن ۽ گولن جي ٺڪائڻ پاڻ کي هتان نه چوريو، ڪئين ظالم آيا ويا. گڏهن وانگر چَري هليا ويا، پنهنجي سونهن، پنهنجو رنگ، پنهنجو پڙو ۽ ٻانڌڻي نه کسي سگهيا، پاڻ کي هنن پَڊن سان پيار آهي، هن واريءَ جي سڪ آهي. اهي نٿا ڇڏي سگهون، ڪيترا ڏينهن راجستان جي ڪئمپن ۾ رهياسون، پر سک نه آيو، پٽ! وري آياسون، ٻي وائي نه ڪر!“
ويرسي، جنهن اڃا سڏڪا پئي ڀريا، ۽ ٻيا ويٺل ماڻهو ڏاڍا مايوس هئا، سج جي باقي ڪني نظر ٿي آئي. ويرسيءَ چيو. ”بابا! رهبو ته مڙس ٿي رهبو، ٻانڌڻين، لوين ۽ پڙن جي سونهن وڌائبي، ڊاڪٽر نه ٿيس ته ڇا ٿيو، مڙس ته ٿي سگهان ٿو، ويڙهه ڪرڻ ته منهنجي وس آهي، بهادري ته ڪير ڪونه ٿو کسي سگهي ۽ نه ئي انهيءَ کان ڪو روڪي سگهي ٿو، هي سڀ ڪارن پٺن وارا منهنجي فوج آهي، ڏسان ته ڀٽن تان اسانکي ڪير ٿو هٽائي سگهي، ڀلي اسان کي پنهنجي ڌرتيءَ تي پڙهڻ کان روڪين، اسان جي ڌرتيءَ تي حڪم هلائين.....“
مون مٿي تان هٿ ڦيرائي چيومانس ”پٽ، جڏهن سڀني جي سوچ ائين ٿيندي، تڏهن پنهنجي ڌرتيءَ تي ڪوبه حڪم نه هلائيندو.“