مُڇون ڪهڙي ڪم جون!
چيومانس: ”ڏاتو ٿُڪ هجيئي، مڙس ته ڏس ڪهڙو ڏيهت لڳو پيو آهين، ڇا تنهنجو قد ۽ بُت، پنهنجي راڄ جو سريال ٿي ڪري پاڙي جي ماڻهن تي ڪوڙي شاهدي ڏيئي مڙس ٻڌائي ويهي رهئين. ماڻهو چوندا آهن ته اک ڪاڻي ڪجي پرڏس ڪاڻي نه ڪجي، تو ته ليکا لاهي ڇڏيا.“
پاسي ۾ بيٺل ٻئي همراهه چيو: ”ٻيلي ڏاتوءَ ڪئي حد اٿئي پر توکي ڇا چئجي، هينئر پئي باهه ٻري، نه ته توسان ڳالهائڻ الٽي پئي اچي، سانگ وانگر گڏجي مال چارياسون، آبتون ڪمايونسين، ڪچهريون ڪيونسين، پر اهڙو ذليل ڌنڌو نه ڪيوسين، جيڪو ڏاتو، تو ڪلهه ڪيو، آخر ڪهڙو ڪنڌ کڻي راڄن ۾ هلندين، اهي گرميون سرديون آهن، سي هر ڪنهن راڄ ڳوٺ تي اينديون وينديون آهن، ٻوڏون سوڪون به ٿينديون آهن، پاڻ آهيون ڊڀوريون، گڏهه کايو وڃن، ته پاڻهي موريو وڃون، پر پنهنجا پويان ڪونه لڄايو تو هي ڇا ڪيو؟“
مطلب ته جيترا هئا ماڻهو اوتريون هيون ڳالهيون، ڏتوءَ جو ڪنڌ هيٺ هو، سڀني جا طعنا پئي ٻُڌائين، پر ڪنهن کي به ورندي نه ڏنائين، سڀئي ڳالهائي ٿڪجي پيا ۽ پوءِ هرڪو آهستي آهستي دوڪان تان اُٿندي ويو، هي به ڪنڌ هيٺ ڪري اُٿي ويو، هن جي ذهن ۾ جنگ شروع ٿي ويئي، هنن کي ڇا آهي؟ منهنجو ڪارو منهن ڀلي ٿئي ها! ڪلهه علوءَ کي صوبيدار ڪارو منهن ڪري بازار جو چڪر ڏياريو، تڏهين هن جي مدد ڪنهن ڪئي؟ ٽيو ڏينهن پير 110 ۾ بيگناهه ٻڌجي ويو تڏهين هن کي ڪهڙو ويجهو آيو، آءٌ به انڪار ڪريان ها ته اڄ لوهي شيخن مان منهن ڪڍيو بيٺو هجان ها! هنن همراهن مان هڪ به نه اچي ها، ٻيڻون ابتيون سُبتيون ڳالهيون ڪن ها ته هو ئي اهڙو، ڀيڻسان ۾ ٽيڙهي هئي، چڱو لٿس ٽڪ مان ور، تيسين ٻڌيو ٻه پاسي اجرڪ پيو ٻانهون لوڏيندو هو، ڪنهن تي خيال ئي نه هوس، نه شاهدي ڏيان ها ته سوئر وڏيرو، جنهن کي ڄاپندي سڃاڻان ته ڪهڙو ڪميڻو آهي، ڪڏهن ڪونه ڇڏي ها، هو ته هونئن ئي پورجن ها، اچي ڪو ٻيو شاهدي ڏي ها، پر آءٌ به ڦٽڪا کائي وڃان ها. ميان! چڱو ڪيم، ”هنن کي ڇا آهي؟ پاڻ کي بچائڻ به وڏي عقلمندي آهي.“
هن جي سوچ وري ڪر موڙيا، پر ڏاتو ير، همراهه هئا بيگناهه! هنن جا به ٻچا هوندا. هنن جي زالن جا وار اڻڀا هوندا، هنن تيل نه پاتو هوندو. هنن جون مائرون رنيون هونديون، ڀائر ڏکويا هوندا، پاڙي وارن کي ڏک ٿيو هوندو، هنن جي ننڍن ٻچن تي ڪير هٿ ڦيريندو، هنن کي شيءَ ڪير وٺي ڏيندو.
مون تي لعنت هجي، وڏو بيشرم آهيان، ذليل آهيان، بزدل آهيان، ڪميڻو آهيان، هنن منهنجو ڪهڙو گناهه ڪيو هو، مون ائين ڇو ڪيو؟ ڏاتو! ٿُڪ هجيئي، بدن ته ڪهڙو ٿلهو اٿئي، ڏهه ڪتا کائين ته به بچي پوي، هي مُڇون ڪوڙيون ڍونگ آهن، هيءَ چاپئين ڏاڙهي خواري آهي، ڏاتو قد بت ته ڏس، آءٌ مڙس آهيان؟ مون کي ٿُڪ هجي، ڪهڙو ٿو مون کي مڙس چئي؟ مڙس چوڻ واري جي ڇا.....
هن وري پاڻ ۾ نهاريو، ڇهن فوٽن جو پهلوان چاليهه ورهيه ڄمار، مُڇيون، ڏاڙهي، اجرڪ! هن پنهنجي پاڇي ۾ نهاريو، ٿُڪ ڪڍي پنهنجي پاڇي ۾ هنيائين، وري اڳتي هليو، قميص سان نراڙ جو پگهر اُگهائين. ”ڀلا آءٌ مسڪين ڇا ڪريان؟109، 110، 506 وڪيل، جمعدار، ڪلارڪ، جج، پٽيوالو ۽ پڻ ناس ٿئيس وڏيرو، سڀ سوئر ڪيڏانهن وڃون، ڪيئن ڪريون ڪا واهه ته هجي، هيڏي عمر ٿي، پر اڃا گهر به ناهي، امان جو ڪپڙو وٺون ته زال جو ڪونهي، زال جو وٺون ته ٻار اُگهاڙا، ڪيئن ڪريون، ڪيڏانهن وڃون؟
يا الله ڪا واهه ڏس، آءٌ ته سڀني راڄن ۾ ٽڪي هڪڙي جو ئي رهيس، هر ڪو نفرت ڪندو، ڪوبه منهنجي شاهديءَ کي چڱو ڪونه ٿو چئي. اندر جي ٻرندي ڪير ڪونه ٿو ڏسي، هر ڪو هلي ٿو ظاهر تي، ڪنهن به مون کان پاسي ٿي ڪونه پُڇيو آهي ته ’اڙي ڏاتو گڏهه جا پُٽ! شاهدي ڇو ٿي ڏنئي؟‘ جيڪي آءٌ اوڇنگارون ڏيئي ڍڪون ڏيان ها ته ادا جي آءٌ شاهدي نه ڏيان ها ته، منهنجو ڪارو منهن ڪري بازار ۾ گهمايو وڃي ها، مونتي به مون جهڙو ٿلهو متارو شاهد بيهاريو وڃي ها. منهنجا ٻچا به ائين ويڳاڻا ٿين ها، جيئن هنن جا ٿيا آهن. پوءِ مون سان به رڳو اهي همدرديون هجن ها، کين چوان ها ته اچو ته پاڻ سوچيون، ائين جند ڪانه ڇٽندي. جيسين ڏاڍن جو ڪارو منهن نه ڪيو اٿئون، رڳو ڳالهين مان ڇا ورندو، منهنجو ته ڪارو منهن ٿيو. ٿلهو ٿيس ته ڇا ٿيو، مُڇون رکايم ته ڇا ٿيو، آهيان وڏو ذليل. پر پنهنجي اندر سڀڪو جهاتي پائي ڏسي، ته هرڪو مون جهڙو آهي. ڏسڻ ۾ شريف، پر آهيون سڀ ذليل، ڇا ڪريون، ادا! جهڙو آءٌ آهيان تهڙا سڀ آهيون، اچو ته ظلم جو ڪارو منهن ڪريون، ٻيو ڪوبه رستو نه آهي.
هن کي ٿاٻو اچي ٿو، ڌڻي تون پناهه ڏي، اسان کي ساڃهه ڏي، هن ڏسڻي آڱر سان نراڙ تان پگهر اُگهيو ۽ ٻٻر جي ڇانوَ ۾ ويهي رهيو.