جيڪي ساٿي هليا ويا
[/b]رهندڙ شاهه واهه، ڄائو ڳوٺ ۾، 14 سالن جي عمر ۾ چوري شروع ڪيائين، ڏاڍو نالو ڪڍيائين، وڏيرن جو ماڻهو، سنگتياڻي ڪيائين، جنهن تان تڪرار ٿيو، ڳوٺ جي ننڍي وڏيري پئسا خرچي مارون ڪڍايس، بيمار ٿيو، وري نه چڙهيو، ڪنجهندي ڪنجهندي ساهه ڏنائين، آخري وقت ۾ چوندو هو ته ’سَگهو ٿيان ته وڏيري سان پلاند ڪندس.‘
[b]فتح محمد پنهور:
[/b]ڳوٺ پيارو، ڪلارڪي زندگي، رشوت، شراب، جوا چالو. ڪڏهن به پنهنجي زندگيءَ ۾ چڱي نه ڪيائين، سدائين پيو پڇتائيندو هو، ته تباهه ٿي ويو آهيان، بس هاڻ ڪڏهن به نه پيئندس، راند بند، توبهه ڪو به چڱو ڪم ڪونه ڪيو اٿم. ننڍڙا پُٽ، انهن سان انتها پيار، سياسي ماڻهن سان حد کان وڌيڪ عزت جو برتاءُ، جيڪي کيسي ۾ هوندو هئس سو هنن کي خوش ڪرڻ ۾ صرف ڪندو هو، اهو ئي عمل هن کي راحت ڏيندو هو، جڏهن ڪو ٽائيم واندو سمجهندو هو ته ڪچهريون سياسي. ائين اوچتو مري ويو، پنهنجي گهر وارن لاءِ سور ڇڏي ويو، مون کي هن جو ٻهروپي ڪردار گهڻو ياد رهندو آهي.