ائين نه ماريو يار
مون کي ننڊ نٿي اچي، ڪوشش پيو ڪريان ته ڪيئن به ڪري سمهان، انهن ڳالهين کي وساري ڇڏيان، زندگي ۾ اهڙا ڪيترا اتفاق ٿين ٿا، انسان ويچارو خبر نه آهي، ڪهڙا ڪهڙا ڌڪ پيو وڃي. دل ۾ ڪئين ڳالهيون سانڍيو پيو هلي، اها ڳالهه به انهن سان، پر حساس طبيعت وري اهڙي آهي جو لڙڪ ڀرجيو اچن، پنهنجا ويڻ وڍيو وجهن جيڪو نه ڄاڻي انهن تي ڪهڙي ميار.
ڳالهه پراڻي ڪانهي، گذريل تاريخ، سنڌ جي آزاديءَ بابت سڄڻن سڏ ڪيو، ٻه روپيه کيسي ۾ هئا، چار روپيه ڀيڻ کان اُڌارا وٺي صبح جو سيءَ ۾ ڏڪندو سٺ ميل ڪري اچي حيدرآباد پهتس، پتو پيو ته اهو ميڙ سنڌ جي وڏي هوٽل ۾ ٿي رهيو آهي.
ٽائيلس تان ترڪندو، مضمون جو سلسلو جوڙيندو ته قومون ڪيئن مرنديون آهن. زبانون ڪيئن ختم ٿينديون آهن، سو به هن دور ۾ جت سٺ لک ته پري ٿيا، پر هزارن جي ڳاڻيٽي واريون قومون به فخر سان ڳڻجي رهيون آهن، اسان کان ته جتوئي، خاصخيلي، گڊا، مهاڻا، ميربحر به ختم ڪو نه ٿا ٿين. انهن کي به صديون ٿي ويون آهن، رهيو ٻوليءَ جو معاملو، سنڌي زبان جي ختم ڪرڻ وارن جي وس ۾ آهي ته ڇا به، سوچين پر اسان ته ڏسندا آيا آهيون ته ٻيو ته ٺهيو ڪوڪڙي زبان جن کي ڪو اسڪول پڙهائڻ لاءِ ڪونهي، اها به صدين کان زنده آهي ۽ رهندي، پر جڏهن هي رت پيئندڙ دؤر ختم ٿيندو، جڏهن آدم جي، سهگل ۽ داؤد نه رهندا، جڏهن سنڌ ۾ ايگريڪلچر فارم هوندا، سنڌ ۾ ٽيڪسٽائيل ملز هونديون، سنڌ ۾ شگر ملز هونديون، سنڌ ريلوي، سنڌ ٽرانسپورٽ وغيرهه، ائين سوچيندو دروازي وٽ پهتس، حال کچا کچ ڀريو پيو هو، سنڌ جي تهذيب ثقافت، هڪ همراهه ٽائيءَ سان، لفظن جي وهڪري کي نڙيءَ کان ٻاهر ڪڍندي ٿي ويو، مونکي لکنو جي تهذيب به نظر نه آهي، نه ڪا دکن جي شيرواني، عجيب ٻهروپي هئي دنيا، باهه ڪٿان ٻري آهي، جهيڙو ڪهڙي ڳالهه تان آهي، ٻڌو هوم ته نوڪرين تان همراهه لڳا آهن، مون تي رضاڪار دوست جي نظر پئي، ڄاتل سڃاتل هئس.
سنڌ جي تباهيءَ تي راتيون بحث ڪيو هئوسين چي گويرا، لوممبا هوچي منهه، مريد گارڊس، دنيا جي ڪهڙي تحريڪ هئي جنهن تي اسان راتين جون راتيون بحث نه ڪيو.
اُگهاڙا سنڌي، بنا اجهي اَن پيدا ڪندڙ هاري، ساري زندگي چوديواري ۾ گذاريندڙ سنڌي عورت، هي رڙهي مون تائين آيو، پتلون ٽائيءَ ساٿيءَ جو ذهني حسن وڌائي ڇڏيو هو، خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيو، ڄڻڪ سنڌ جي آزاديءَ جو جشن هو. چيائين، ”اوهان دير سان پهتا آهيو، دل ۾ نه ڪج بيهڻو پوندوَ.“ چيومانس ”ڪائي ڳالهه نه آهي.“
انهي مهل همراهه هڪڙي ڪاري ڪوٽ ۾ ڳاڙهيءَ ٽائيءَ واري کي پنهنجي اڳواڻيءَ ۾ وٺي وڃي پهرين صف ۾ ويهاريو، مون هن ۾ نگاهه ڪئي پاڻ ۾ به، منهنجي قميص جو هڪ بٽڻ ٽٽل هو، گلي کي هٿ سان ٺاهي ٿڌو ساهه ڀري قوميت تي بيهي ليڪچر ٻڌم. منهنجي دوست هڪ ڀيرو وري به پنهنجي مجبوريءَ جو اظهار ڪيو، مون ڪوبه جواب ڪو نه ڏنو. ڪجهه دير کان پوءِ ٽن ٺهيل جڙيل صاحبن جي اڳواڻي ڪندي پئي ويو، جن مان هڪ برٿ ڪنٽرول جو صاحب هو، ٻيو ريڊيئي جو، ٽيون اخبار جو، جيڪي لاهور کان پهتا هئا، انهيءَ گهڙيءَ جيڪو دوست قوميت تي ڳالهائي رهيو هو سو به ”زندهه شل سنڌ رهي، اسين نه رهياسون ته ڇا ٿيو،“ شعر چئي اچي انهن جي پاسي ۾ ٽهڪ ڏيڻ ويٺو، مون وري پاڻ ۾ نهاريو، سليپر پالش ٿيل ته هو، اديب ٿيس ته ڇا ٿيو، سنڌيت ڪهڙي ڪم جي، ڏٺل وائٺل ماڻهن تان نظر ڦيرائيندو، ترڪندو، ٻُڪ پاڻي جا رئندو راتو واهه اچي گهر پهتو آهيان، ويٺو سوچيان ته هن جنگ ۾ ڪير پنهنجو آهي، ڪير پرائو.؟