ڪتاب ”رت ۽ غلامي“ ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ قومي ڪارڪن قاسم پٿر جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
نور الدين سرڪي لکي ٿو :
” ’پٿر‘ اديب کان وڌيڪ هڪ سياسي ڪارڪن ۽ اڃا به چئجي ته هاري ورڪر جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، هو هڪ ترقي پسند، انقلابي ۽ پورهيت طبقن ۽ پوئتي پيل عام ماڻهن جو سجاڳ ۽ سُڄاڻ ساٿي آهي.
حقيقت ۾ ’پٿر‘ جون همدرديون ۽ وفاداريون انهن سڀني طبقن ۽ ماڻهن سان رهيون آهن، جيڪي پنهنجي مدد پاڻ ڪن ٿا ۽ پنهنجن حقن لاءِ وڙهن ٿا، هارين مزدورن ۽ شاگردن کانسواءِ ’پٿر‘ وچولي توڙي اُسرندڙ سرمائيدار طبقن جي حمايت پڻ ڪري ٿو. جن جا قومي حق کسيا ويا آهن، يا وري هو قومي حقن حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ سرگرم آهن.“
ڪھاڻيون
رت ۽ غلامي
- 0/5.0
- 2600
- 1081
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (279) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”رت ۽ غلامي“ ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ قومي ڪارڪن قاسم پٿر جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.نور الدين سرڪي لکي ٿو :
” ’پٿر‘ اديب کان وڌيڪ هڪ سياسي ڪارڪن ۽ اڃا به چئجي ته هاري ورڪر جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، هو هڪ ترقي پسند، انقلابي ۽ پورهيت طبقن ۽ پوئتي پيل عام ماڻهن جو سجاڳ ۽ سُڄاڻ ساٿي آهي.
حقيقت ۾ ’پٿر‘ جون همدرديون ۽ وفاداريون انهن سڀني طبقن ۽ ماڻهن سان رهيون آهن، جيڪي پنهنجي مدد پاڻ ڪن ٿا ۽ پنهنجن حقن لاءِ وڙهن ٿا، هارين مزدورن ۽ شاگردن کانسواءِ ’پٿر‘ وچولي توڙي اُسرندڙ سرمائيدار طبقن جي حمايت پڻ ڪري ٿو. جن جا قومي حق کسيا ويا آهن، يا وري هو قومي حقن حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ سرگرم آهن.“
هي ڪتاب سنڌ نيشنل پبليڪيشن ميرپور بٺورو پاران آڳاٽو ڇپايو ويو هو. يوسف سنڌيءَ سندس مرتب ڪيل ڪتاب ”چڱو قاسم موڪلاڻي ڪانهي!“ ۾ هي ڪهاڻيون شامل ڪري ٻيهر 2012ع ۾ سچائي اشاعت گهر پاران ڇپرايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون يوسف سنڌيءَ جا جنهن ڪمپوز ٿيل ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪليو.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ قاسم پٿر
- ڇپيو ويو
- ڇپائيندڙ سنڌ نيشنل پبليڪيشن
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 18/Oct/2016
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 1081 ڀيرا