قبضو
انهيءَ ڏينهن صوفيءَ کان ڪورٽ ۾ پڇيم ته ”بچل وٽ زمين قبضي ۾ آهي يا نه؟“ چيائين ته ”وڏيرو قبضو ڇڏائي ويو.“ مون کان رڙ نڪري ويئي. جيڪو ٻين کان قبضا وٺندو آهي، سو پنهنجي آزادي حاصل نه ڪندو آهي. انهيءَ ڌارين جي دلال ڪردار تي لکڻ جي سوچ آئي آهي. پر هيءَ صبح جي پياري مهل آهي، بچل ذهن تي ويٺو آهي، نماڻيون اکيون، منهن تي ماتا جا داغ، چلڪڻا ڏند، سانورو رنگ، اڪيلو مڙس، هڪ تيرهن ورهين جو پٽ ماءُ ۽ زال، کير پيئڻ لاءِ مينهن، هڪ جوڙو ڍڳن جو، هن جواني تائين اها پونجي ، جنهن ۾ ڪجهه مائٽاڻي وراثت به شامل هئي. هونئن ته سنڌي ماڻهو قوم آهيون، پر رهندو گهر گهر آپي آهي. ڇوڏو نه ڇوڏي ڀيڙو، شل نه ڪنهن کي بخار اچي پاڻي ڀري ڏيڻ وارو به مشڪل ڪو گهر ۾ هوندو. بچل اڪيلو مڙس، زندگيءَ لاءِ پنهنجي نسل لاءِ جنگ جوٽيو پئي حياتي جا ڏينهن پورا ڪيائين، ڄڻڪ زندگي ڪو هن تي عذاب هئي، اها زندگي جيڪا ماءُ ڪئين خواهشن سان جنم ڏيندي آهي. ڪيترن محنتن سان سنواريندي آهي، جڏهن بچل جوان ٿيو تڏهن هرڻ وانگر زندگي جي ضرورتن پوريون ڪرڻ لاءِ تڙپيو ٿي، جنهن جهنگل ۾ هن اڌ عمر گذاري هئي، اتي بندوقن جا ٺڪاءَ ٻڌي هن جو هِنيون ٿي ڦاٽو، ڏٺل وائٺل پاڙي جا ماڻهو ڀڄائڻ تي سندرو ٻڌيو بيٺا هئا، هن چيو ته، ”ٽپڙ کڻان“ چيومانس ”ڪيڏانهن ويندين، اتي به ڪي رهڻ نه ڏيندئي، ڌرتيءَ تي قبضو مڙس ڪندا آهن، جن ڌرتي ڇڏي آهي، محبوب نه ماڻيندا آهن، تو ڏٺا نه آهن شهر جي لال بزار ۾، وڏيون مڇيون رکايو سونا ڏند پايو منهن کي تيل مکيو ويٺا هوندا آهن، اهي پنهنجي ڪنوارن جي ڀاڙ کائيندڙ اٿئي، انهن کان پنهنجي دلبرن جي سنڀال نه ٿي، تون ڪيڏانهن ويندين، تون ٻني تان تڙين ته تنهنجو نسل تڙيو، توکي خبر نه آهي ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتي تي به وائڙا آهن، سي ائين ٿا ڊڄن جيئن تون ٿو پنهنجي گهر هيٺان زمين يا زمين مٿان گهر ۾ ٿو ڊڄين. اهي وڏيرا جن کان تون ڊڄين ٿو، اهي به ته سنڌ جي ڀاڙ پيا کائين.“، ”سچ ٿو چئين“، ”ها ها ڀاڙ، توکي خبر نه آهي ته ڪراچي ڪيڏو حسين شهر، اصل جهڙي سائي تسر سان پٽ جو جڙيل ٽئرن وارو گج پهريل ڪنوار، اها ڌارين جي حوالي ڪري انهي جي عيوضي هنن کي زميندار بنايو ويو آهي. هنن کي ٻڌايو ويو آهي ته ’هن زمين جا مالڪ اوهان آهيو.‘ بچل ڳالهه ڪن کولي ٻڌ، ڀڙوا انگريزن جي زماني کان وٺي سودو ڪندڙ اٿئي، هنن جو نسل ڀاڙ تي پلجندو اٿئي، تون پنهنجي هن ٽڪري کي ڇڏي جنهن مان تو لاهه ڪڍيا، ڊٻون هٽايون ٻنا هنيا لوڙهو ڏنئي، چيٽ ڪيا، رتڙيا لوئي اڄ اها چوڪڙي ڇڏيندين؟“
”نه ڪڏهن به نه ڇڏيندس.“ بچل کلي موڪلايو، مون کي هن جي کل ۾ وڏي جوت نظر آئي، پوءِ جڏهن پيا ملندا هئاسين، ڪڏهن چوندو هو ته، ”اڄ مختيارڪار منهنجي خلاف فيصلو ڏنو آهي.“، ”هاڻ ڊپٽي منهنجي خلاف فيصلو ڏنو آهي.“، ”اڄ ڊپٽي ڪمشنر کي اپيل ڪئي اٿم اها چُوڪڙي ڏيان ته پنهنجي لال ڪنوار ڏيان.“ جڏهن ملندو هو ته بهادريءَ واري مُرڪ هوندي هيس، هڪ ڏينهن ٻڌم ته وڏيري هن کي مار ڪڍائي آهي، بچندو ڪونه، پر بچل بچي ويو، ۽ اٺن ڏهن ڏينهن کان پوءِ ملياسين، چيائين ته ”ٻني ڏيان ته ڪنوار ڏيان، هي ڌرتي منهنجي ماءُ آهي، ڀيڻ به آهي ۽ ڌيءَ به آهي، منهنجو خون، پگهر به هن ۾ شامل آهي، سا نه ڇڏيندس.“
ٿورن ڏينهن کانپوءِ مڙس ٻڌجي ويو، مهينو کن واڙيائونس وري موٽيو، اها جوت، همت نه هاريائين، آئون سوچيندو هوس، ته جيڪڏهن سنڌ جا ماڻهو چؤڪڙي تي هيتري ويڙهه ڏيئي سگهن ٿا ته هاڻي سنڌ جو تاريخي ورثو هن کان ڪير به ڦري نه سگهندو. هاڻ اسان مڙس آهيون، سونا ڏند پائي دلالي ڪونه ڪنداسين، مڻيادار عورت جا ڪن ٻُٽا ئي سونهندا آهن، سچ جهڙي سونهن، سرخي لڳل چپن ۾ نه هوندي آهي. بچل چوٽون کاڌيون، وڙهيو سٺو وڙهيو، پر ڳڀرو دلال، جنهن اڃان سونو ڏند نه پاتو آهي، اڃا مڇين کي ڪيس نه ڪرايو آهي، بچل کي ماريو، هوڏانهن هوت جيڪو چار سالن کان موت جي منهن ۾ آهي، پر سوني ڏند ۽ ڪيس ڏنل دلال وڏيري کي هن جي مُٽ تان اورنگهڻ جي همت نٿي ٿئي، هن جي سينگاريل چؤڪڙِ ڏانهن اک کڻي به ڪونه ٿو نهاري، وڏيري جو هو به ماريل آهي، هن جو به گهر ٻار اُجڙي ويو آهي، وڏيري، هوت سان به ويڙهه ڏني آهي، ۽ ماريو اٿس، پر اک اک جو ڦير پنهنجو آهي، ڪي اکيون هيٺ نهارينديون آهن، ڪي جرڪنديون آهن، ڪي ٻرنديون آهن، جنهن ۾ نهاري نه سگهبو آهي.
(’سهائي‘ ڪتابي سلسلي ۾ ڇپي)