خدا جو گهر
جماعتين جي توجهه روڄ راڙي ڏانهن ڇڪجي ويئي، جان کڻي ڏسن ته سالن جي پراڻي صالوءَ جي جهوپڙي پٽ سان ملي پئي آهي. هونءَ به جهوپڙي جي اوچائي ڪا خاص ڪونه هئي، گهر جا ڀاتي صرف سمهندا ٺيڪ هئا! باقي جهوپڙي اندر ڪم ڪار چيلهه چٻي ڪري ڪندا هئا.
اڃان جهوپڙي مان ٻچن جي دانهن جو آواز بند نه ٿيو هو، صالو ڪاٺين، ڪانن کي پاسي ڪرڻ ۾ پورو هو، هوڏانهن نماز جي تڪبير لڳي رهي هئي. ڪو به جماعتي صالوءَ جي ترت مدد لاءِ نه ويو، ڪيئن وڃن؟ هنن جي سنت جماعت ٿي ويئي، ثواب ٿي ويو، بهشت ٿي ويو، حورون ۽ غلمان ٿي ويا.
صفحي ڏانهن ڊوڙندي هڪ جماعتي چيو، ”اها مسجد جي پٽ اٿس! ڇاڪاڻ جو هن اها زمين مسجد جي ايوان کي وڌائڻ لاءِ نه ڏني.“
صالو جي ڪنن ۾ اهي لفظ چقمق جيان جهٽي ويا، هو دل ۾ پڄري ويو، هن جي ذهن ۾ گذريل ڳالهيون هڪ هڪ ٿي تصويرن جيان چرڻ پرڻ لڳيون! هن کي پهرين اهو ڏينهن ياد پيو جڏهن پڻس گاري تي ۽ ڪچين سرن سان جهوپڙي جي ڀت کڙي ڪئي هئي. جهوپڙي جي اولهه طرف باقي جيڪو ٽڪر بچيو هو، ان تي گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ هن جي دماغ ۾ مسجد جو نقشو اُڀري آيو هو، خدا جو گهر! عبادت گاهه! روحاني سڪون! بهشت جو آسرو! دوزخ جا جلوا وغيرهه..... پوءِ هن ڪهريءَ نه سِڪ سان جهوپڙيءَ جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي پهرين کروٿ تيار ڪئي هئي.
هن مسجد ۾ پهرين جنهن سجدو ڪيو هو، اهو به هن جو پيءُ ئي ته هو، صالوءَ کي اهو ڏينهن به ياد هو جڏهن پڻس مرڻ وقت هن کي ائين چئي ويو هو ته هيءَ مسجد پاڙي جي آهي، خدا جو گهر آهي، توکان جيڪا خذمت پُڄي، سا ڪندو رهج، پوءِ ڪيئن نه هن جي اکين مان لڙڪ وهي نڪتا هئا؟
مرڻ کان پوءِ پڻس کي بهشت مليو يا نه مليو، سا ته خبر رهي ان کي، باقي اهو ڏينهن ۽ هي ڏينهن، سورهن مان چالهين ورهين کي صالو پهچي چڪو هو، پر نه جهوپڙيءَ جي حالت بدلي هئي نه سندس. ماءُ جو ڳهه رکي جوڙي ورتي هئائين سو به اڃا تائين هو ڇڏائي نه سگهيو.
هن کي اهو به ياد هو ته هو ڪيئن نه اَسُر ڏيئي اُٿندو هو، وڏاڻ جي ٺڪائن تي مُلئون به ڪلمون ڀري اُٿي کڙو ٿيندو هو، اوڙي پاڙا وارا هن کي چوندا هئا ته ’صالو‘ ڪهڙي بک پيئي اٿئي جو اَسُر ڏيئي ٿو اٿئين؟ جواب ۾ هو کين چوندو هو ته ادا ڇا ڪريون ننڍا ٻچا ۽ زال آهي، انهن جي پيٽ ڀرڻ ۽ انگ ڍڪڻ لاءِ وڌيڪ پورهيو ڪرڻو ئي پوي ٿو.
هن کي اهو نظارو به ياد هو جڏهن جماعتين هڪ وڏو ميڙ گڏ ڪيو هو، ۽ انهي ميڙ اڳيان محلي جي بيٺل مسجد کي نئين سر ٺهرائڻ لاءِ چندي گڏ ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي.
۽ پوءِ ڪيئن نه جماعتين دل کولي چندو ڏنو هو.
هن کي اهو به ياد هو ته ان وقت هن جي ڪنن ۾ سندس پيءُ جا اهي لفظ گونجڻ لڳا هئا ته ’ابا، پاڙي جي مسجد آهي، خدا جو گهر آهي، جيڪا پڄي سگهيئي سا خذمت ڪندو رهج‘ ۽ هن مجبور ٿي، ڪيترن ڏينهن جي بچايل رپئي کي رومال مان ڇوڙي جماعتين جي حوالي ڪيو هو. انهيءَ وقت هنجي دماغ ۾ ڪهڙن نه سهڻن خيالن جنم ورتو هو ته اسان سڀ ڀائر آهيون، ۽ اهڙي طرح گڏيل نموني هڪ ٻئي جي آساني سان مدد ڪري سگهون ٿا، اڄ مسجد جو چندو ڪيو اٿئون، ته سڀاڻي منهنجي جهوپڙي جو بلو به ڪندا، پرهيئن پيروءَ جي جهوپڙي جو ۽ ارينهن فلاڻي جو، اهڙي نموين اسان سڀني جا هي گهر نين جڳهين ۾ بدلجي ويندا.
انهيءَ کان سواءِ به ڪيترا خيال هن جي ذهن ۾ اُڀرندا رهيا هئا، پوءِ ڪيئن نه جلدئي اها کروٿ هڪ شاهي جڳهه جي صورت وٺي ويئي هئي، هن جا منارا نيري آسمان هيٺان تارن جيان حسين پئي ڏسڻ ۾ آيا، ۽ هن جون نظرون ڪيئن نه حسرت وچان پنهنجي جهوپڙي طرف کڄي ويون هيون، هن جي ذهن ۾ ڪهڙو نه پنهنجي جهوپڙيءَ لاءِ سٺو نقشو تيار ٿي ويو هو، هن ڪيترا ڀيرا جماعتين کي اها ڳالهه اشاري ۾ ٻڌائي، پر ڪنهن به جماعتيءَ هن جي ان ڳالهه ڏانهن توجهه ڪانه ڏني، هن ڪيترا ڀيرا اها به ڪوشش ڪئي ته هو جماعتين کي چوي ته هو سڀ گڏجي، ڦوڙي ڪري هن کي پڪي جهوپڙي ٺهرائي ڏين ته جيئن ڪچي جهوپڙي اوچتو ڊهي نه پوي ۽ اها ڳالهه هو کين ڇو نه چوي؟ آخر هو هن جا پنهنجا جماعتي هئا، ليڪن الاجي ڇو اها ڳالهه هن جي زبان تي اچيو، وريو رڪجي ٿي ويئي.
هي ڪنهن کي به چئي نٿي سگهيو. هن کي اهو هو ته هن هڪ ڀيري سڀني جماعتين کي چيو هو ته ادا هن مسجد جو نارو منهنجي ڀونگي وٽان آهي، ۽ منهنجي جهوپڙي ڪمزور آهي، متان ڪري نه پوي، مهرباني ڪري ناري جو منهن ڪنهن ٻئي طرف ڪريو. پر هن جي ڪنهن به نه ٻڌي هئي، صالو پريشانيءَ جي حالت ۾ ڪک ۽ ڪانا هڪ هنڌ گڏ ڪندو به رهيو ۽ آئينده لاءِ پڻ سوچيندو رهيو ته هو هاڻ ٻچن جو پيٽ پاليندو يا انهن جي رهڻ لاءِ جهوپڙي ٺاهيندو؟ هن پڪو خيال ڪيو ته اڄ هو وچين نماز جي ٽائيم تي منهن جو پڪو ٿي سڀني جماعتين کي پنهنجي حال کان واقف ڪندو، ۽ کين چوندو ته جيئن هنن ڦوڙي ڪري مسجد ٺهرائي هئي، تيئن هن جي جهوپڙي به ٺهرائي ڏين.
هو انهي آسري تي، سڀني کان اڳ وضو ڪري وڃي مسجد ۾ ويٺو، جماعتي به هڪ هڪ ٿي گڏ ٿيندا ويا، هن ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪئي ته هو پنهنجي سوچيل تجويز جماعتين اڳيان رکي، پر هر ڀيري لفظ ڄڻ ته هني جي نڙيءَ ۾ اٽڪي ٿي پيا، نيٺ ڏڪي ڏڪي چيائين:
”منهنجو هڪ عرض آهي.“
جماعتي وائڙا ٿي هن جو منهن تڪڻ لڳا، هن همت ڪري، کين سڄي ماجرا ڪري ٻڌائي،
هن جي ڳالهه تي سڀ اچي ٽهڪن ۾ ڇُٽا ڪنهن چيو، مغز خراب اٿس! ڪنهن چيو ڏٺو مُٽو آهي، پنهنجي هٿن سان نٿو ٺاهي، ڪنهن چيو اسان وٽ ڄڻ ته نوٽ پيا ٺهن! مطلب جيترا هئا وات اوتريون هيون ڳالهيون، صالو جو پهريون ته منهن ڌما ڇڏي ويو، پوءِ هڪ ٽنگ هيٺ ٻي ٻنجري تي رکي بيهي چرين جيان مسجد کي ڏسڻ لڳو.
هڪ ٻڍي جماعتي هن کي چيو ٻنجري تان پير هيٺ لاهي، خبر ڪانه اٿئي ته مسجد جون ڀتيون آسمان سان مليل هونديون آهن.!
جواب ۾ هن منهن مان هڪ اکر به نه ڀڻڪيو، هو جماعتي به وڌيڪ نه ڪڇيو، جوتو پائي هليو ويو، اهڙي طرح جماعتي هڪ هڪ ٻه ٻه ٿيندا سرپر ڪندا مسجد مان ويندا رهيا، هو به آهستي آهستي مسجد مان نڪري ويو، ڪجهه دير کان پوءِ جنهن جڳهه جهوپڙي هئي انهي جڳهه تي صالو کروٿ تيار ڪري ورتي.
اهو ڪم صالوءَ تمام ڦڙتائيءَ سان ڪيو.
سومهڻي نماز کان پوءِ صالو مسجد جا منارا لاهي ڦٽا ڪري ڇڏيا، ننڍا ٻار جي مينهن جي بوندا باري ڪري ڏڪي رهيا هئا، انهن کي وٺي آڻي مسجد ۾ ويهاريائين، محراب جي ڀرسان جيڪو ڏيئو رکيو هو، انهي کي دکائي سوجهري تي ويهي هو مسجد جي پال مان دروازي جو پڙدو ٺاهڻ لڳو، گهر واريءَ پڇيس ته پاڻ مسجد ۾ ڇو آيا آهيون ته ’چيائين گهر به خدا جو پاڻ به خدا جا‘ زال چپ ٿي وئي.
صبح جو ملان ٻانگ ڏيڻ آيو ته دروزاو اندران بند ڏٺائين، در تي کٿو به ٽنگيل ڏٺائين جو اندر ٻارن ٻچن جي نشاني هو.
ملان در تي بيهي آواز ڏنو ته صالو ٻاهر نڪري آيو ۽ ملي جي پڇڻ تي چيائين هي منهنجو گهر آهي. ائين چئي ملئين کي ٻانهن کان جهلي وڃي کروٿ وٽ ڇڏيائين، ملان ڪڇي نه سگهيو، ڇو جو صالو جو ڳالهائڻ ۾ انتهائي جوش هو، هن سواءِ سر جي ٻانگ ڏني.
آهستي آهستي جماعتي گڏ ٿيندا ويا ۽ گوڙ وڌندو ويو، سڄي ڳوٺ ۾ ڳالهه پکڙجي ويئي، ماڻهن جا انبوءَ گڏ ٿي ويا، ڪي تماشي خاطر، ڪي اڻ ڄاڻ جذبي جي ماتحت.
پر صالو ڏانهن ڪير به نه ويو.
هنن صبح جي نماز کروٿ تي ادا ڪئي ۽ سج اُڀري کان پوءِ پوليس اسٽيشن ويا، پوليس انسپيڪٽر هنن کي چيو ته، ”فريادي ڪير آهي ظلم ڪنهن سان ٿيو آهي.؟“
جماعتي سڀ هڪ ٻئي جي منهن ۾ نهارڻ لڳا.
صوبيدار جو قلم پني تي هو ۽ ڪنڌ جماعتين ڏانهن. هن بيحد نرمائيءَ سان چيو ”ابا هي ته سول مئٽر آهي.“