ويچارا ماڻهو !
تڏهن ڀريل آواز ۾ ويٺو جيپ واري دوست جو قصو ٻڌائڻ، اچو ته پهرين آءٌ اوهان کي پنهنجي دوست جي واقفيت ڪرايان، هن جو نالو علي بخش آهي، پر ماءُ جي مهرباني سان عالي بنجي ويو، پهرين مشين هلائيندو هو، پوءِ ڪاريگر ٿيو، وري دوڪاندار، وري ڪپڙي جو واپاري ۽ هينئر هو ڪپڙي سُبڻ جي مشين هلائي رهيو آهي، اخبارن سان هن دوست جو گهڻو چاهه آهي، انهي ڪري بين الاقوامي ڳالهين، سان چاهه اٿس، خاص ڪري روس ۽ آمريڪا جي جڳهڙي ۾.
آخر عالي پنهنجي ڳالهه شروع ڪئي، چيائين ته اهو جيپ وارو منهن جو ننڍڙي هوندي کان گهرو دوست آهي، جڏهن ڪراچي مدرسي ۾ پڙهندو هو، تڏهن آءٌ درزڪو ڪم سکندو هوس.
ڪجهه وقت کانپوءِ آءٌ سٺو ڪاريگر ٿي ۽ پنهنجا پئسا ڪمائڻ لڳس. هن دوست به ميٽرڪ پاس ڪري وڃي ڪاليج ۾ داخلا ورتي، ٻاراڻو زمانو هو، ”ساحر“ جي هن سٽ وانگر ”بچي من کي سچي“ آءٌ هن وٽ جڏهن ڪراچي گهمڻ ويندو هوس، تڏهن هي مونکي تمام گهڻو ڀائيندو هو، شاگرد هئڻ ڪري هن وٽ پئسا گهٽ هوندا هئا، اها کوٽ اڪثر آءٌ پوري هوس. ڪڏهن ڪڏهن هي مدد لاءِ به لکندو هو، آءٌ پنهنجي وڏي ڀاءُ کان لڪائي ڇپائي هن ڏانهن پئسا موڪليندو هوس. انهن ڏينهن ۾ اسان جي گهرو حالت موجوده وقت کان به خراب هئي، ايتري قدر جو بُک کان تنگ ٿي آءٌ خدا کان بغاوت ڪندو هوس، اهو سڀ انهيءَ آسري تي، جو سوچيندو هوس ته جڏهن منهنجو دوست انجنيئر ٿي ايندو ته آءٌ نئين ڪار تي ڊرائيور هوندس، ڊرائيور وري ڪيئن؟ داروغو نه، ته سرويل، سرويل وري ڇا جو ٺيڪيدار، انهي ۾ به ته ڪاڙهي ۾ هلڻو پوندو، مون وچ ۾ ڳالهه ڪٽيندي چيو ته يار بنهه مطلبي ٿي ڏٺئين، هن جواب ۾ چيو پاڻ کي هوشيار ڏاڍو سمجهندو آهين، مطلب کان سواءِ ڪير ڪنهن جو ساٿي بنيو آهي؟ تو ڪڏهن لولا گهٽين ۾ ڏٺا آهن، ڪڏهن اهو سوچيو اٿئي ته انهن جو به ڪو مائٽ، دوست وغيره هوندو، پر ڪنهن کي ڪا مدد ڪندي ڏٺو اٿئي، اهو انهيءَ ڪري جو هن مان سڀ بيزار هوندا آهن، حسين شئي سان سڀڪو پيار ڪندو آهي، ڪوجهي ڏانهن ڪو به ڪونه نهاريندو آهي، جيڪڏهن هنن جا بازو سلامت هجن ها ته ٽالسٽاءِ چيو آهي ته هو لکن جو مٽ هجن ها. پر هن وٽ ڪابه دولت نه هئي، انهيءَ ڪري هن جو ڪو پيءُ نه هو، ماءُ نه هئي، دوست نه هو، ڀيڻ نه هئي، ڪجهه به نه هو. هن نيري آسمان هيٺان ڦڪي زمين تي رڳو ساهه پي کنيائين. سو ڳالهه ٿي ڪيم گهر ۾ اڻ هوند ڪري هميشه جهيڙو رهندو هو. منهنجو پيءُ ۽ گهر جا ٻيا ڀاتي مون کي هميشه لوڀيندا ٽوڪيندا هئا ته نواب بنيو آهي، گهر ۾ ويلا پيا پون، هي آهي سو پيو دوست کي مني آرڊر ڪري، مون کي ڀيڻ نصيحت ڪندي چوندي هئي ته ڀاءُ پاڻ مسڪين آهيون، تون ڇو ٿو گهر ڦرائين، آءٌ چوندو هوس ته ادي باقي ٿورا ڏينهن آهن، دوست پڙهي ايندو، پوءِ سڀ لُڙ لهي ويندا، هڪ سال ۾ خبر نه آهي ڇا مان ڇا ٿي ويندو، ادا آءٌ ٿورو بيوقوف هئس، پر منهنجي ڀيڻ زال ذات، جيڪا دنيا ۾ خاص ڪري ايشيا ۾ رانديڪو سمجهي ويندي آهي،جنهن کي تمام سهڻن محلن ۾ سينگاري گُڏي وانگر سينگاري ڪٻٽ ۾ بند ڪري رکيو ويندو آهي ته متان ڪو ٻيو ڏسي وٺي. دنيا ۾ خوشي کي پسند ڪندي به هت ايشيا ۾ پهرا آهن، الاهي ڇو؟ سا پاڙي اوڙي ۾ هر ڪنهن اڳيان اهو ذڪر ڪري ويٺي ته منهنجو ڀاءُ سال ٻن ۾ شاهوڪار ٿي ويندو، پوءِ اسان جي در جي اڳيان موٽرون هلنديون هي هوندو، هو هوندو، دوست امتحان پاس ڪيو، نوڪري ملي، هن گهٽ ملڻ شروع ڪيو. شڪايت تي چوندو هو ته ادا وقت نٿو ملي، ڊيوٽي آهي ڇا ڪريون، پر جڏهن هن کي ٻين شاهوڪارن وٽ ويهندي ڏسندو هوس، تڏهن سوچيندو هوس ته شايد هن جي پوزيشن مرتبو گهٽ ٿو ٿئي، انهيءَ ڪري مون وٽ بازار ۾ نٿو اچي، آءٌ هن جي مرتبي جو احترام ڪندي وٽس رات جو جڳهه تي هلي ويندو هوس، ته اتي به هن جا ڪئين دوست موجود هوندا هئا، جن سان هي انگريزي ۾ گفتگو جاري رکندو هو، ڪنهن ڪنهن وقت مونڏانهن به منهن ڦيرائي چوندو هو ته ”مسٽر عالي ڪهڙي خبر آهي“ ۽ آءٌ ڪجهه وقت ويهي، منهن ڀلڪڙو کڻي هليو ويندو هوس، دل ۾ چوندو هوس ته مون کان غلطي ٿي آهي ۽ پوءِ ويهي پنهنجيون غلطيون ڳوليندو هوس.
اهڙي طرح دوست جي سرد مهريءَ ۽ بي رخيءَ ۾ وقت گذرندو رهيو، ڀيڻ مونکي چوندي هئي ته تنهنجي دوست اڃا ته تنهنجي ڪابه مدد ڪانه ڪئي. آءٌ کيس ائين چئي ٽاري ڇڏيندو هوس ته هن گهڻا ڀيرا مون کي چيو آهي ته پئسا جيڪي کپني کڻي وڃ ۽ وڃي ڪو واپار ڪر، پر آءٌ نٿو چاهيان ته دوستيءَ ۾ ڪو وهنوار ڪيان، پئسو جانب جدا ڪندو آهي. ڀيڻ هون ڪري، چوندي هئي ته ”هو ويچارو غريب ڏسي هن کي ڌنڌي لاءِ پئساٿو ڏيئي ته هي وري پنهنجي وڏائي ڏيکاري.“
هڪ ڀيري آءٌ دوڪان تي ويٺو هوس، ڌنڌي جي موڙي هئي، پنڪيون ويٺي کاڌم ته انجنيئر صاحب جو پٽيوالو آيو ۽ هڪ چٺي اچي ڏنائين، جنهن ۾ لکيل هو، ”مسٽر علي بخش ٿي سگهي ته هڪ سئو روپيه هن ماڻهوءَ هٿ موڪليندا.“ انهي وقت منهنجي کيسي ۾ پنج روپيه پيل هئا، ڇٺي کڻي گهر آيس، اچي ڀيڻ سان ڳالهه ڪيم، ڀيڻ چيو، ”ادا پاڻ غريب ماڻهو آهيون سئو روپيه ڪٿان آڻيون.“ مون هن کي چيو ادي پئسن جي هن کي پرواهه نه آهي ڪافي پئسا بئنڪ ۾ رکيل اٿس، پر هن شايد منهنجو آزمودو ورتو آهي. انهي ڪري آءٌ هن جي ماڻهوءَ کي خالي ڪيئن موٽايان! پوءِ ادا ڪٿان آڻيون، ٻيو ڪجهه نه آهي، باقي هي منهنجا ايرنگ اٿئي سي ڪٿي گروي رکي پئسا کڻي پنهنجي دوست جي اڳيان سرخرو ٿي، انهي ڳالهه کي به اڄ سال کن ٿيندو، پر دوست اچڻ وڃڻ به ڇڏي ڏنو آهي. ماڻهو مون کي چوندا آهن ته اوهين ڪونه ڳالهائيندا آهيو ڇا.؟
آءٌ چوندو آهيان ته دوست رڳو ڳالهائڻ لاءِ آهي ڇا؟ هو نوڪريءَ وارو آهي، کيس ٽائيم نٿو ملي. آءٌ انهي هوندي به اهو سوچيندو هوس ته شايد مون کان ڪا غلطي ٿي آهي، پوءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ سوچي سوچي پنهنجون غلطيون ڪڍندو هوس ته اهڙو دوست نه آهي، هن جي دوستيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي، پاڻهين پاڻ کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو هوس ۽ پنهنجي دوستيءَ تي سرسري نظر ڪندو هوس ته جيڪو وقت دوستي ٻنهي ۾ هئي، اها فقط منهنجي خوشامند تي، هن جو ته مون سان ڪوبه پير ڀريل نه هو. انهي فيصلي کان پوءِ به پاڻ برو ڀلو چئي دل ۾ چوندو هوس ته ڀلا توکي ٿيو ڇا آهي، جو اهڙي بهترين دوست لاءِ اهڙا خيال ٿو ذهن ۾ آڻين، انهي کانپوءِ منهنجو واندو وقت رڳو انهيءَ وقت ڇڪتاڻ ۾ گذرندو هو ۽ ساڳئي وقت ڪوبه واقف ماڻهو ملي ڪچهري ڪندو هو ته هنجي دوستي جي هام هڻندو هوس. پر اڄ هن منهنجي سلام جو جواب نه ڏنو، مون عالي کي چيو ته دوست ملڪيت جي ڇڪتاڻ اهڙن غلط معيارن کي جنم ڏنو آهي، جيڪي سدائين نرم احساسن کي ڦٽيندا رهن ٿا. اسان انسان جانورن وانگيان ڪو هاٿي، ڪو گهوڙو، ڪو اُٺ ائين اسان به پاڻ کي مختلف طبقن ۾ ورهائي رکيو آهي. منهنجو ليڪچر اڃان هليو پئي ته هن منهنجيءَ ڳالهه کي وچ ۾ ڪٽيندي چيو، ”ٿي سگهي ٿو ته هن منهنجو سلام نه ڏٺو هجي.“ آءٌ هن جي منهن ۾ نهاري بلڪل خاموش ٿي ويس.