ٻنڌ ٽٽي پئي
ڪيڏو نه بهتر ٿئي ها، جو تون مون تي مهربان هجين ها، تنهنجي مٺي ڳالهه ٻولهه ۽ همدردين ته منهنجا لاهه ڪڍي ڇڏيا، هاڻي ته ڪجهه به نٿو اُجهي، جيڪي دوست منهن موڙي ويندا آهن، اهي هڪڙو سور ڏيندا آهن، تون ته ائين به ڪونه ٿي ڪرين، انهن سورن ڏيڻ ۾ توکي ڪهڙو ٿو مزو اچي؟ ڀلا هڪٻئي کي ڇهيوسين، ته زلزلو ته ڪونه پيدا ٿيندو! ماڻهو! ماڻهن سان ئي ملندا آهن. رشتا بنبا رهيا آهن، تو ته گهڻو ڪجهه پڙهيو آهي، چيخوف، موپاسان ۽ يورپ جو انساني فطرت بابت سڀ ادب پڙهيو اٿئي، لطيف سائين به پڙهيو اٿئي، پوءِ به ڊڄين ٿي!
تون ايڏي بزدل ڇو ٿي آهين، آخر هن سماج کي ڪا ته عورت ٽوڙيندي، جيڪڏهن هوءَ بهادر نٿي ٿئي، ته اهي عذاب پڪ پنهنجي ڌيءَ لاءِ ڇڏيو ٿي وڃي. ائين اسان جو نسل جيڪڏهن ٻه قدم اڳتي نٿو هلي، ته تاريخ جي رفتار پڪ سست ٿيو وڃي، اسين ساڳي جڳهه تي بيٺا آهيون. مايوسي ۾ اکيون گرم ٿي ويون آهن، جڏهن مينهن وسندو آهي، تڏهن آگم آڳ ۾ ظاهر ٿيندا آهن. لڙڪن کي روڪيان ٿو، سوچيان ته جيڪڏهن اهي لڙڪ ڳڙي پيا، ته بدن ٺري ويندو، ٿڌي بدن ۾ حرڪت نه رهندي آهي، انهي جا سوچ تي اثر پوندا آهن، ائين ماڻهو مات مڃيندا آهن، ائين قومن مان گرمي نڪري ويندي آهي، ۽ اهي وقت جي ويڙهاند ۾ هارائجي وينديون آهن.
چنڊ هاڻي انبن جي پٺيان هليو ويو آهي، مون تي مايوسي وڌندي پيئي وڃي. لڙڪ ڪونه ٿو هاريان، هلندو رهان ٿو، مون کي پنهنجو گهر ٿو ياد اچي، گلشن جيڪا سدائين چوندي آهي. ”بابا، سٺا ڪپڙا وٺي ڏي.“ روشن به ساڳيا سوال ڪندي ڪندي آهي، زال چوندي آهي: ”اسان ڪو ماڻهو ٿورو ئي آهيون“. مون کي هنن سان ڪابه دلچسي ڪونه هوندي آهي. رڳو تنهنجي لاءِ ڇو؟ وري سوچيان ٿو، ته تولاءِ به ڪٿي؟ انهيءَ ۾ به منهنجو مفاد آهي، انهيءَ لاءِ ته توسان به وڙهيو پيو آهيان، تڏهن هي رڳو سانگ آهي. آءٌ بنهه خود غرض آهيان! هيڏي زندگي رڳو پنهنجي لاءِ! سڄي زندگي پنهنجي خوشين لاءِ ڊگهي ڳچي، ڳاڙها چپ، سنهون بدن، ڀلا ڪنهن کي ڪونه ٿا وڻن، سٺا ڪپڙا ته گُليءَ کي به وڻن ٿا، پوءِ ميرا ڇو پائي، مون سڄو سال هن کي ياد ڪيو، انهيءَ ۾ به منهنجو مقصد هو، جيڪڏهن آءٌ لالچي نه هجان ها، ته گُليءَ ۽ روشن کي ياد ڪريان ها. منهنجي اڳيان منهنجي گهر جو حال هو، ميرا بسترا، سوڙهو گهر، انهن ڏکن ۾ گهر جا ڀاتي ئي شامل هئا، منهنجي اکين جي ٻَنڌ ٽٽي پيئي، ڌو کوليءَ ۾ بستري تي وڃي ڪريس، منهن ٻانهن ۾ ڏيئي روئڻ لڳس.