توبه! هيڏو ڪوڙ (ڊرامو)
[/b]سين جو پس منظر – پنهنجي رت سان ريٽو جهنڊو اُڀ تائين جهوليندو ساٿي اهڙو ڏينهن به ايندو، ڳايو ٿو وڃي.
[b]ائڪٽ ٻيون
[/b]پڻڇ وڇايل آهي لال کي بٺوري جي رنڱيل ٻه پاسي اجرڪ جي گوڏ ٻڌل ۽ ڪڪر جي اجرڪ ٻڌل آهي، هٿ ڌوئي تڏي تي ويهي ٿو، ماڻس ڪاشي جي پاٽ ۾ چانورن جي ماني ڪنجهي جي وٽي ۾ لسي ۽ مکڻ جو چنبو رکيو ڏسي ٿي، لال (ماني کائيندي ماءُ کي چوي ٿو) امان ڪمائي ڪمائي جواني اچي موٽي آهي، بدن ست ڇڏي ويو آهي، پر ڪڏهن به سک جو ٽڪر نصيب نه ٿيو آهي، جيڪو ٿا ڪمائي کري ۾ گڏ ڪريون سو وڏيرو ڏاڍ جي زور تي اُبتا سُبتا حساب ٻڌيو ٻئي مٿان کڻيو وڃي، ڪيڏانهن وڃون؟ ڪيئن ڪريون ڪابه واهه نه آهي. ماءُ ابا شل سکي حياتي ماڻيو، هي ته بي قياس پڻهين ڏاڏهين کان ائين لٽيندا رهيا آهن، پڻهين مراهتو به اهي ڳالهيون ڪندي گذاري ويو، تون شل مڙس ٿينءَ، جو پوين لاءِ ڪجهه ڪري وڃين باقي آءُ اونهين مئي ويٺي آهيان.
لال اوڳرائي ڏيئي هٿ ڌوئي نڪ سامهون مڇ وٽي ڪهاڙي هٿ ۾ ڪوڏر ڪلهي تي رکي ٻاهر نڪري وڃي ٿو.
(پردو ڪري ٿو)
[b]ائڪٽ ٽيون
[/b]صوبيدار (ڊريس سان ڪمري ۾ ويٺل آهي، گهنٽي وڄائي ٿو، پر هي ڊوڙي اچي ٿو.) اڙي وڃو جمعدار کي وٺي اچو. سپاهي ها سائين چئي ٻاهر نڪري وڃي ٿو، ٿوري دير کان پوءِ جمعدار ۽ سپاهي حاضر ٿين ٿا.
صوبيدار ڪڙڪيدار آواز ۾.
تم لوگوڻ نڳ ميري بي عزتي ڪروائي ھڳ، صاحب نڳ فون پر مجھي بهت ڪچھه ڪھا ھڳ هم نڳ اپنڳ تھانڳ ڪي طرف سڳ اس ڪي ڪوئي خدمت نھيڻ ڪي هڳ جائو ڪاتي پيتڳ لوگوڻ ڪو لي آو ورنه جانتڳ هو ڪيا هوگا.
سپاهي، سائين بدلي ٿيندي سر ويندو ههڙو ماڻهو وري هٿ نه ايندو، ائين چئي سلام ڪري ٻاهر نڪري وڃي ٿو.
(پردو ڪري ٿو)
[b]ائڪٽ چوٿون
[/b]جمعدار ۽ ٻه ٽي سپاهي بازار مان ٻن ٽن اڌڙوٽن ۽ جوانن کي ٻڌن ٿا ڪن کي اڇا پٽڪا ڪن کي ٻه پاسيون ڦلين واريون اجرڪون ٻڌل آهن، واٽ تي گارگند، ٿڦڙون ۽ بجن جو وسڪارو، گار جي وٺ، نيٽ جو لڪڻ، ڳوٺاڻن جا ڪنڌ هيٺ آهن، پوليس جي اڳيان پيا وڃن.
(پردو ڪري ٿو)
[b]ائڪٽ پنجون
[/b]هال ۾ ٻه ٽي ڪرسيون پيون آهن، وڏيرو ٺاٺ سان ٽنگ ٽنگ تي چاڙهيو سگريٽ ويٺو پيئي. لال جو چاچو مٺو، زميندار وٽ اچي ٿو. منٿون آزيون، ڌڻي جا واسطا ابن ڏاڏن جون يادگيريون هارپي جا واسطا، پاڙي جا ننگ، پڇاڙيءَ جو پٽڪو پيرن تي، سنڌي منٿ جي چوٽي ڀر، ٻيو مڙيوئي خير، وڏيري چيو وڃي صوبيدار کي حساب ڏيو اسان کي اوهان جي ڪري غنڊائڪٽ ۾ وڃڻو ڪونهي، سرڪار ڏاڍي آهي، الاجي ڪٿان جا آفيسر آهن، ڪير ٿو وچ ۾ پوي، اوهان ماڻهن لاءِ پنهنجي ڏاڙهي پٽائي.
(پويان لفظ آهستي چيائين)
(پردو ڪري ٿو)
[b]ائڪٽ ڇهون
[/b]سنڌي جمعدار، ميري ڪرسي ٽيڏي ٽپائي اڳيان رکيو پتي جي ٻيڙي جو سوٽو ويٺو لڳائي، همراهه ڪو پنجاهه ڪو سو واري سان ڏيندو هٿ ٻڌندو روانو پيو ٿئي، آخر ۾ سڀني کي صوبيدار گهرائي هدايت ڏيئي چوي ٿو جائو کسي سي بات نهين کرنا ورنه ڦر ڀلائونگا.
سنڌي جمعدار: (ترجمو ڪندي ٻڌائي ٿو)
’اڙي ڪنهن سان ڳالهه به ڪجو نه ته صاحب وري گهرائيندو.‘ هڪ همراهه نه سائين اسان توبهه ڪئي سرڪار سان ڪير پهچندو.
(پردو ڪري ٿو)
[b]ائڪٽ ستون
[/b]ڪورٽ جو وايو منڊل آهي، مئجسٽريٽ ڪورٽ ۾ ويٺل آهي، لال کي ڪهاڙي ۽ رنبي سان ڪورٽ ۾ چالان ڪن ٿا، چون ٿا ته رات جو ٻارهين بجي شاهه واهه جي ڪپ تان ناڪه بندي ڪندي شڪي حالت ۾ پڪڙيو اٿئون، لال جي چيلهه ۾ رسو آهي، مُنهن سڄيل اٿس، مٿو اگهاڙو، وار اڻڀا، ڏاڙهي وڌيل اٿس، خاموش بيٺو آهي.
(پردو ڪري ٿو)
[b]ائڪٽ اٺون
[/b]جيل جو منظر آهي ورانڊي ۾ ٻه ڊگها سپاهي هلي رهيا آهن، لال کي پوليس جيل تي وٺي اچي ٿي، جتي لال کي سپاهي ٿڦڙون، بجا ۽ گاريون ڏين ٿا (کين چئي ٿو)
’ٻيلهي مسلمان ڀائر آهيون سنڌي هاري ٿي پياسين ته ڇا ٿي پيو ننڌڻڪا ڪري نه ماريو.‘
سپاهي، سندهي کي بچي، چپ ڪرو، سپاهيءَ کيس آخري ڌڪو ڏيئي جيل ۾ پورين ٿا.
(پردو ڪري ٿو)
[b]ائڪٽ نائون
[/b]جيل جو منظر آهي، سپاهي چڪر ڏيئي رهيو آهي، مِٺو پوڙهو ڊڄندي ڊڄندي آهستي آهستي سپاهي کي ويجهو اچي ٿو، سپاهي ڍاڍ ڪندي چوي ٿو ’ڪيا هي‘ مٺو ڏڪي وڃي ٿو، ڀڳي ٽٽي اردو ۾ منٿون ڪري پٽڪي جي پلاند مان 5 رپين جو نوٽ ڇوڙي سپاهي کي ڏئي ٿو، سپاهي مٺي کي لال سان ملاقات ڪرائي ٿو.لال کي سڄيل ڏسي مٺي جون اکيون ڀرجيو اچن، روئڻ هاڻڪو، ٿي ’پٽ لال ڇا ٿيو اٿئي.‘ لال، چاچا مڙسي ڪريو هتان جند ڇڏايوم، مٺو ساڳي آواز ۾ چوي ٿو، ’پٽ لال گورا ڌاريا هئا پر اهڙا بي وڙا ڪين هئا.‘ ائين چئي سڏڪا ڀريندي پوين پيرن واپس ٿئي ٿو.
(پردو ڪري ٿو)
[b]ائڪٽ ڏهون
[/b]گهر جو وايو منڊل آهي، اڱڻ ۾ زالون ننڍا ٻار پوڙها جوان ويٺل آهن، مٺو لال جي سڄي ڳالهه هنن کي ٻڌائي ٿو، سڀئي چپ ٿي وڃن ٿا، ڪجهه وقت جي خاموشيءَ کان پوءِ پاڻ ۾ بحث ڪن ٿا، فيصلو ڪن ٿا ته کير پيئڻ واري گجر مينهن وڪڻي پنهنجي لال کي آزاد ڪرائجي نه ته هي بي قياس لال جو الائجي ڪهڙو حال ڪندا.
(پردو ڪري ٿو)
[b]ائڪٽ يارهون
[/b]وڪيل جي آفيس جو منظر، وڪيل ليٽي ويٺو آهي گهنٽي وڄائي ٿو منشي جي سائين چئي اندر اچي ٿو. ڇورا وٺ هي پنج روپيه پيلو ليبل چانهه تازي مٺائي وٺي ڪورٽ ۾ وٺي اچ، ڇورا ٻڌئي يارهين بجي کان اڳ پهچي وڃج، اڄ ضامن کڻائڻو آهي، ائين نه ٿئي جو صاحب جو موڊ خراب ٿي وڃي، ها سائين، اڄ جيڪڏهن ضامن نه ٿيو ته ڌنڌي تي خراب اثر پوندو. نوڪر، ها سائين، وڪيل، جڳهه ٺهرائڻي پئي آهي. نوڪر، ها سائين، وڪيل، صبحاڻي پارٽي ڏيڻي آهي. منشي ها سائين.
(پردو ڪري ٿو)
[b]ائڪٽ ٻارهون
[/b]ڪورٽ جو منظر آهي ٻاهران ماڻهن جا ميڙ آهن، وڪيل ڪورٽ جي دروازي تي بيهي مٺو کي سڏي ٿو، مٺو تڪڙو تڪڙو هن ڏانهن وڃي ٿو، وڪيل ڪن ۾ سُس پُس ڪري ڪورٽ جي ڪلارڪ کي اشارو ڪري ٿو. مٺو هن کي پندرهن روپيه ڪڍيو ڏي، ڪجهه دير کانپوءِ وڪيل جو منشي سينگاريل ”ٽي“ ۾ چانهه کڻي اچي ٿو. وڪيل (جهڪي مئجسٽريٽ کي ادب سان چوي ٿو) سائين ٿڪي پيا آهيون، چانهه ٺهرائي اٿئون ٻه ٽي ڍڪ ڀريو، مئجسٽريٽ ڪهڙي تڪليف ڪئي اٿوَ، مرڪي ٿو، چانهه جي دؤر کان سگريٽ جو دور هلي ٿو، پاڻ ۾ پٽ سٽ ڪن ٿا، وڪيل، ڪوڙي مرڪ منهن تي آڻي صاحب کي ضامن جي درخواست ڏي ٿو، جج کلندي آرڊر ڪري ٿو، پٽيوالو (ڊوڙندي مٺو کي) چاچا مبارڪ ضامن ٿيو، مٺائي کارائي مٺو به ٻه روپيه ڪڍي ڏئي ٿو، پٽوالو ڪاوڙ مان واپس ڪري ٿو، وڪيل وچ ۾ پئي پنجن روپين تي ٺاهه ڪرائي ٿو.
(پردو ڪري ٿو)
[b]ائڪٽ تيرهون
[/b]گهر جو وايو منڊل آهي اڱڻ ۾ زالون مرد ٻار سڀ اُداس ويٺل آهن، لال اچي ٿو سڀ هن کي ملن ٿا. هڪ ڀيرو خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي. ڏاڍو ڏکوئيندڙ منظر آهي، (لال خاموشي کي ٽوڙيندي چوي ٿو)
چاچا هڪ مينهن ڳندڻ لاءِ هئي سابه بيگناهه چٽي ۾ ويئي هئي، وري ڪڏهن وٺنداسين يا نصيب ماني ٽڪر به رکو نصيب ٿيندوسين. (هي ڳالهائيندو رهي ٿو) چاچا تون چوندو هئين ته ڌارين کان پوءِ به پنهنجا چڱا، هي پنهنجن جا وڙ آهن جو اسان جون مڇون پٽين، ڏنڊا هڻن، ٿڪون هڻن، گاريون ڏين؟ سالن جي ڪمائي مان ورتل مينهن سا به وڪيائين.
ٻنپهرن جي ماني ته بصر سان کائي وينداسين، پر رات جو رکو ڀت ڪيئن ڳڙڪندوسين. لال يڪ ساهي چوندو ويو، جڏهن چپ ٿيو تڏهن مٺو وراڻيو ته ”لال تون ته رکي ڀت جي ڳالهه ٿو ڪرين پر منهنجو ته انساني ڀالپي مان ڀروسو نڪري ويو آهي، ڪير ڪنهن جو ڪونهي، نه مسلماني نه پاڪستاني رشتو، هرڪو پنهنجي شڪار جي تاڻ ۾ آهي. سڀ ٺڳيون اسان مسڪينن سان ڪيون وڃن ٿيون، هي ملڪ هلائيندڙ سڀ دشمن آهن، هي اسان جا مٽ ڪين ٿيندا، هنن سان ڪهڙا سنڱ ڪهڙيون اميدون، اسان مسڪينن جو ڪوبه چاڙهو ڪونهي، سواءِ انهي جي جو اسين ڪمائيندا رهون ۽ هي ڦريندا رهن، قانون به هنن جا ته انصاف به هي ڪن، اسان رڳو هي ڳالهه سکي ته انصاف ٿئي ئي ڪونه، سڀ ڪوڙو سانگ آهي. اسان کي ڦاسڻ ۽ ڦرڻ جا مانداڻ آهن، پوليس به اهو سيکاريو ۽ وڪيل به اهو سيکاريو، جج کان به اها ڳالهه سکي سون. پوڙهي چيو ”بس اسين ائين قربان ٿيندا رهنداسين اسان ڄاپي ڇا ڪيو اهڙي جيئڻ مان ڪهڙو فائدو، الله سائين به الاهجي ڪٿي آهي، انسان، انسان تي هيڏا ڪلور ڪري، ڪوبه ٻڌڻ وارو نه آهي، الله سائين تون ڪو رحم ڪجين، هن مئن جي پاڙ پٽجين. نوجوان ڇوڪري وراڻيو امان تنهنجو پٽون الاهجي ڪيڏانهن پيون وڃن آئون ته سدائين پئي ٻڌندي آهيان پر انهن جو ڪوبه کڙ تيل ڪونه نڪتو آهي.
(پردو ڪري ٿو)
[b]ائڪٽ چوڏهون
[/b]گهر جو وايو منڊل آهي، اڱڻ ۾ سڀ ڀاتي ويٺا آهن، چاچي مٺو ڳالهه ڇيڙي، اڄ لُنڊن جي ڳوٺ ويس لال واري ڪيس جي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي مان، سڀني کي گهڻو ڏک ٿيو، چيائون ته ادا اسان سان به ساڳيو حل آهي. ڪڏهن جمعدار در تي ڪڏهن تپيدار، ڪڏهن وڏيرو مڙيئي لوهه ساڳيو اوزار جدا جدا ڪنهن کي منهن ڏيون. چيو مان مڙس ٿيو دل نه لاهيو هڪ ٻي سان حال اوريون جيڪي تڪيلفون اچن ٿيون اهي پاسي واري راڄن کي بي حجاب سربستيون ڪري ٻڌايون، ائين سڀني جي هڪ ٻئي سان همدردي ٿيندي، تڏهن هڪٻئي جي مدد ڪنداسين، مٺي جي زال چيو ته اڄ آئون رندن ۾ ويس لال وارو سارو داستان سڀني ماين کي ٻڌايم، سڀني هڪ آواز ۾ چيو ته خدا شل سڀني جو ڪارو منهن ڪري اسان جا مڙس اچن ته اسين ٿيون کين شرمايون يا اسان جون ٻانهيون پائي ويهن يا اوڙي پاڙي جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿين، لال چيو ’شاهه واهه‘ جي موريءَ تي سڀ راڄن جا ڇورا اچي گڏ ٿياسين، مون سان ٿيل تعدي جو سڄو داستان ٻڌايو مان، چيائون هنن جي هتان گهڙي..... آئيندي جيڪو هڪ ٻي جي مدد نه ڪندو تنهن جي ماءُ کي .....
(پردو ڪري ٿو)
[b]ائڪٽ پندرهون
[/b]پرائمري اسڪول جو سمان آهي، لال ڇوڪرو وٺي اسڪول ۾ داخل ڪرائي ٿو، ماستر هن کي ويهڻ جو چوي ٿو.
هي لهواريون اوڀاريون ڪندي پنهنجي ڪيس جو واقعو ٻڌائي ٿو، ماستر کي هن لاءِ گهڻي همدردي پيدا ٿئي ٿي، ڳالهين ڪندي ماستر لال کي چيو ته ”اوهان جي گهر ۾ ڪا ڇوڪري پڙهيل آهي لال چيو ته منهنجي ڀيڻ پنج درجا پڙهيل آهي، ماستر چيو ته منهنجي هڪڙي صلاح اٿوَ ته آئون اوهانکي ڪتاب ڏيان ٿو. جيڪو اوهان گهر جا ڀاتي گڏجي پڙهندا وڃو.“ ائين چئي هن خاني مان ”جمال ابڙي“ جو ”پشو پاشا“ ڪڍي ڏنو، لال ماستر کان موڪلائي روانو ٿيو.
[b]ائڪٽ سورهون
[/b]اوطاق جو سمان آهي زميندار لئه سان اوطاق ۾ ويٺل آهي، ڪمدار ويهي هن جي اڳيان ها سائين نه سائين خدا شل اوهان جي سئو ورهيه حياتي ڪري، واهي هڪڙي ڳالهه ڪري ڪمدار ٻي ڳالهه ڪري، هارين جو جٿو حاضر ٿئي ٿو. ڪمدار هنن کي پٺ تي ويهڻ جو اشارو ڪري ٿو، هي سڀ بيٺا رهن ٿا، زميندار چڙ مان ڍاڍ ڪري چوي ٿو.
اوهان نالائقن لاءِ مون وٽ زمين نه آهي، هاري يڪي آواز ۾ چون ٿا تنهنجي اسان کي پرواهه نه آهي.
زميندار اڙي ڇا ٿا چئون، هڪڙي منجهان چيو، اسان انسان آهيون غلام نه آهيون، چڱو نڪري وڃو منهنجي اوطاق مان، آئون اوهان کي ڏسي رهندس، هاري سڀ ماٺ ڪري بيهي رهن ٿا، زميندار خار کائي ٿو، منهن تي پگهر نڪريو اچيس، ڪمدار واهي چپ بيٺا آهن، هارين جي منهن تي ٿورڙي طنزيه مرڪ آهي، پوءِ هي سڀ ٽهڪ ڏيو نڪريو وڃن، ٽهڪن جو پراڏو گهڻي دير تائين گونجندي رهي ٿو.
(پرود ڪري ٿو)
[b]ائڪٽ سترهون
[/b]هارين جي ڳوٺ ۾ پوليس لٿل آهي، جمعدار پوليس وارا اوريان پريان پيا ٿين، پر ڪير به هنن کي منهن ڪونه ٿو ڏئي، جمعدار جي سڏ ڪرڻ تي جواب ۾ اڙي ڇا آهي ته وري ٻيو چوي ڇو رلي مئا آهيو، پوليس لاچار واپس ٿئي ٿي.
(پردو ڪري ٿو)
ائڪٽ ارڙهون
بازار جو وايو منڊل آهي بازار مان هڪ نوجوان کي پوليس پڪڙي ٿڦڙون بجا هڻندي لٺين جا وسڪارا ڪندي گهيليو وڃي ٿي، ماڻهو سڀ ڏسندا رهن ٿا، انهن مان ڪي آواز نڪرن ٿا ته هن ملڪ جا قانون الاهجي ڪيڏانهن ويا.
(پردو ڪري ٿو)
[b]ائڪٽ اوڻيهون
[/b]جلسي جو وايو منڊل آهي هارين جو وڏو ميڙ گڏ ٿيل آهي، جنهن ۾ هاري تقرير ڪري رهيو آهي.
”ساٿيو! هي سڀ معاملو انهيءَ ڏينهن وڏيري کي پنهنجو کتو جواب ڏيڻ جي ڪري آهي. اوهان کي خبر آهي ته آفيسر ڪو به پنهنجو مٽ نه آهي، قانون لٽيندڙ طبقي جو ٺاهيل آهي، سرڪار وڏيرو آهي ۽ وڏيرو سرڪار آهي، هنن وٽ چند پگهاردار سپاهي آهن، اسان سان لکين عوام سپاهي آهن، هنن جون گوليون اسان کي ماري سگهن ٿيون، پر غلام رکي نٿيون سگهن.“ ميڙ مان نعرو لڳي ٿو، هاري مزدور اتحاد زنده باد، عوام اتحاد زنده باد، وڏيرا شاهي مرده باد، هاري تقرير جاري رکندي چوي ٿو، ”اسان اڳيان پهريون مسئلو آهي ته ڪلهه ٻهراڙي جي هڪ هاري کي پوليس بازار مان ڇو گرفتار ڪيو، جيڪڏهن اڄ اسان هنن جي مدد نه ڪئي ته آئينده اهڙا سوين هاري هر روز پوليس جو شڪار ٿيندا رهندا، اسان سوين ڪاريون ڪنڍيون نيلام ڪندا رهنداسون.“
نعرو لڳي ٿو پوليس شاهي مرده باد فيصلو ڪيو ويو ته سڀاڻي سڀئي پوليس ٿاڻي تي هلنداسين، پر هرڪو هاري جي نشاني ڪهاڙي سان کنيو اچي.
(پردو ڪري ٿو)
[b]ائڪٽ ويهون
[/b]ٿاڻي جو وايو منڊل آهي، هاري ٿاڻي کي ڦريو، بيٺا آهن، مطالبو ڪن ٿا ته حمزي کي آزاد ڪريو، ٿاڻو ختم ڪريو، ظلم بند ڪريو، صوبيدار فون تي ڳالهائي پيو، فون رکندي ڪنڌ جو اشارو ڪندي چوي ٿو ”سالون په چلائو گولي“ گولي ڇٽندي ٿاڻو باهه جي نظر ٿي ويو. هاري پنهنجي مئل ساٿي کي ڪلهي تي کڻيو، ظالم سرڪار مرده باد، هاري مزدور اتحاد زنده باد جا نعرا هڻندا پيا وڃن.
(پردو ڪري ٿو)
[b]ائڪٽ ايڪيهون
[/b]بڙا جي چوڪ جو سمان آهي، اخبار وارو هوڪو ڏيندي اخبارون پيو وڪڻي ”سندهه مين هاريون ني گهيرائو جلائو تحريڪ شرو ڪردي“ ماڻهو سڀ اخبارون وٺن ٿا، جنهن ۾ وڏي سرخي سان خبر ڇپيل آهي، سندهي هاريون ني، گهيرائو جلائو تحريڪ شروع ڪردي، ايڪ تهانه ڪو آگ لگادي گئي ايڪ بهي سپاهي بچ نه سڪا!، اخبار پڙهندڙ مان هڪ وڏي آواز چيو الله سائين توبهه هيڏو ڪوڙ، اردو اخبارن ڪوڙن جا هاڃا ڪري ڇڏيا آهن، هرو ڀرو ويڙهائي چٽ ڪندا، ڪجهه پوليس جي ظلمن جو ذڪر ڪن ها تڏهن به چڱو. ٻڌندڙ چون ٿا ته انهن ائين مڪر ڪري ته ملڪ ڦريو آهي.
(پردو ڪري ٿو)