جوءِ وٽ
ويهينءَ جي اونداهين ۾ ڪڏهن ڪنهن جي ٽڪ ڇوڙيو وٺي، ٻئي ڏينهن ڀُنگ وٺيو، ڪجهه پوليس جي رسائي، ڪجهه دوستن جي چانهن تي ’پئسا پورا‘ همراهه وري سٽن ۾، ائين حياتيءَ کي ڌڪيندي، مڙس جي ڏاڙهيءَ ۾ اڇا اچي پيا، پر هن زندگيءَ ۾ ڪا به نئين ڳالهه نه ڏٺي. حياتيءَ جو آزاريندڙ تجربو به وڏي پيڙا آهي. سڀ ڪجهه سمجهايو ڇڏي. هن ڳوٺ ۾ ماستر سان سنگت رکي. ماستر به راءِ سهاسيءَ کان ويندي، چوڌري غلام محمد تائين پنا پڙهيو، سڙيو ويٺو هو، تنهن ٽوپي لاهي اجرڪ ٻڌڻ شروع ڪئي. اونداهيون راتيون هنن جون وٿاڻن جي منگهن تي ڪچهريون.
ڳوٺ تي رستو ناهي، ٻهراڙيءَ ۾ روشني ناهي، ان جو اگهه چوٽ چڙهي ويو آهي. بک ڪري ٻار ڪونه ٿا پڙهائي سگهون. هي وڏيرا حاڪم زميندارن جا ايجنٽ آهن، جيئن انگريزن جا خانبهادر هوندا هئا. ائين ڏينهن راتيون ٻٻرن جي ڇانئن ۾، واهن جي ڪنارن تي، ڪهاڙيون ڪلهن تي، ماني راڄن تي، ويا ملڪ واڍوڙيندا. خبر تڏهن پئي جڏهن بٺوري جي هوٽلن جو سينگار، وڏيرن جي اڳيان جهڪي هٿ ٻڌڻ وارو، پوليس جو کاٽائو، نيڪ سڏجڻ لڳو، ڪنهن چيو، ”يار پنهونءَ جي نالي ائين نه چئو، هن سڀ عادتون بدلائي ڇڏيون آهن، ڪڏهن هن سان ڪچهري ڪئي اٿئي؟“
”نه.“
”هل ته هلون.“
پري کان پنهونءَ جي هٿ ۾ اخبار ڏٺائون، ”پنهون تون ڪڏهن پڙهيئن؟“
”ادا، هن سنڌ جي عظيم استاد مونکي پڙهائڻ ۾ دير ئي نه ڪئي. ويهو، ڪهڙا حال آهن، خوش ته آهيو. پر ڳالهه ٻڌو، مڙس ٿيو، هاڻي ذليل زندگي نه گذارينداسين. ههڙا سارا ڪنڌار مڙس، پوءِ به لڄون اُگهاڙيون، کاڌي لاءِ محتاج، اها آهي اسان جي حياتي، يارو ائين نه ٿيندو، مڙس ٿيو. اڻ قدرتي قانون، انڌو مئجسٽريٽ، سڙيل سوار پاڻ کي ڇا ڪندا، راڄن مان سائو ڪونه ويو آهي. سڀ هڪ ٻئي کي مان ڏينداسين. فتح – واهه وارا لاشاري، شاهه – واهه وارا چانگ، چور – واهه وارا جتوئي، گهاڙيءَ وارا زئور هڪ ٻئي کي ابن ڏاڏن کان سڃاڻون، اهي هڪ ٻئي لاءِ سر نه ڏيندا؟ ڌاريان ماڻهو الائي ڪٿان جا، ڪهڙا سندن قانون، روز پيا پڙها گهمائن ته اڄ سرڪار جو هي حڪم آهي ته سنڌ جون زمينون فوجن کي ملنديون، اڄ فلاڻي هينئن چيو آهي ته ڪُڇندا ته ڪچليا ويندا. اسين ڪي ڀاڙي آهيون ڇا؟ اسان به هن ملڪ جا آهيون، اسان کان ڪڏهن به نه پڇيو ويو آهي ته ٻيلي هيئن ٿا ڪريون، اوهان جي ڪهڙي مرضي آهي، باقي ان کٽي ته پنهنجي پئدائش وڌائڻ گهرجي. موٽر تي رڳو اسين چڙهنداسين. رستا اوهين ٺاهيو.“ پنهون يڪ ساهيءَ ڳالهيون هنن جي ذهنن ۾ اوتي ويو.
”ادا، ٻڌئي پنهون کي، اهو اٿئي پنهون.“
”يار، ڳالهيون ته دل واريون ڪيون اٿس. باقي پاڻ سمجهون.“
”ان ۾ سمجهڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، ڪهڙي سقراط جي ڦيري واري گفتگو آهي، مڙيئي حياتيءَ لاءِ سوچڻو آهي، جيڪو اسان لاءِ نٿو جيئي، تنهن لاءِ اسين به واندا ڪونه آهيون، پرينءَ شاهه واهه وارن چانگن جي هڙيءَ ۾ ميٽنگ آهي، جتي سڀ راڄ گڏ ٿي رهيا آهن ساري سنڌ ايندي، اوهان کي به ضرور اچڻ گهرجي.“
”سائين، اکين سان.“
”پر رٿون سڀ سوچي اچجو ته اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي.“
اهو اٿوَ پنهون هاري، جنهن کي هيڏي سنڌ ۾ نه ايڪڙ زمين جو، نه رهڻ لاءِ اجهو، نه ڍڳن جو جوڙو، ڇَتو نه ٿيندو ته جوڻس وٽ ويندو.