مختلف موضوع

تُنهنجي تند تَنوار....

ڪتاب ”تنهنجي تند تنوار“ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب، ليکڪ، ناولنگار ۽ جديد صحافت جي اهڃاڻ ”سراج“ جي شاعري، ناٽڪ ۽ ترجمن جو مجموعو آهي. فهميده حسين لکي ٿي:
”سراج ادبي دنيا ۾ هڪ تخليقي فنڪار جي حيثيت ۾ قدم رکيو، هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ پاڻ مڃايو، وقت جي اڪثر رسالن ۾ هڪ شاعر جي حيثيت ۾ شامل ٿيندو رهيو، هڪ مضمون نگار جي حيثيت ۾ ڪيترائي تخليقي مضمون ۽ تاثر لکيائين، ٻين ٻولين ۾ ڇپجندڙ تخليقي ادب کي ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي دامن کي وسيع ڪيائين، تخليقي انداز ۾ تاريخي ناول لکيائين. ڪو وقت اهڙو به آيو، جو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وجود، حيثيت ۽ رُتبي تي سوال ٿيا، تڏهن هن پنهنجي قلم جو رخ تحقيق ڏانهن موڙيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي قدامت، عظمت ۽ شاهوڪاري ثابت ڪرڻ لاءِ موهن جي دڙي جي مهرن کان وٺي، تاريخ جي مختلف دورن ۾ ان جي اوسر ۽ ارتقا جا پيرا کنيائين،“
Title Cover of book تُنهنجي تند تَنوار....

سراج: ’مجسم سنڌ‘، ڪراچي ’جانِ سنڌ‘

[b] تاج جويو[/b]
02 فيبروري 2013ع تي، صبح جو 08.58.40 وڳي، ڊاڪٽر فهميده حسين جو موبائيل تي ’ميسيج‘ (msg) پهتو: ”ادا سِراج هليو ويو، اسان کي يتيم ڪري!“ ميسيج پڙهي مون کان ’رڙ‘ نڪري وئي، ”الا! اڄ نه رڳو سراج جو خاندان، پر سڄيءَ سنڌ جي دانش يتيم ٿي وئي!“ هڪدم امداد ڊرائيور کي فون ڪيم. اڪثر موڪلن وارن ڏينهن تي ڊرائيور فون نه کڻندا آهن، پر اڄ امداد فون کڻي ورتي. هو حيدرآباد شهر کان پرڀرو، ڪِرڙ سولنگيءَ جي ڳوٺ ۾ باءِ پاس سان لڳولڳ رهندو آهي. کيس چيم ته رڪشا ڪري آفيس ۾ تُرت پهچي وڃي، ڏهين وڳي ڪراچيءَ پُڄڻو آهي، جو سراج صاحب گُذاري ويو آهي. ڪجهه دوستن کي به موبائيل تي هن المناڪ واقعي جو ’ڄاڻُ‘ ڏنم. سيد قلندر شاهه لڪياري، محمد عثمان ميمڻ، مدد علي سنڌي ۽ زاهد اوٺي فون تي پڇا ڪئي ته ڪراچيءَ لاءِ ڪيڏي مهل نڪرندؤ؟ مون کين ’ڏهين‘ وڳي جو ٻڌايو، ۽ خود رڪشا تي آفيس پهتس. امداد ۽ سڀ همراهه ڏهين بجي تائين پُڄي ويا. هڪدم ڪراچيءَ روانيا ٿياسون. واٽ تي مختلف چئنلن- آواز، سنڌ، مهراڻ ۽ ڪي.ٽي.اين جي نمائندن، سراج صاحب بابت تعزيتي تاثرات وٺڻ شروع ڪيا. نوري آباد مس ڪراس ڪئي هونديسون ته سن مان منهنجي ڀائيٽي مارئيءَ جون فون آيو. سندس روئڻهارڪو آواز ٻڌي، هڪدم چيم: ’ڇو بابا‘ ڇا ٿيو؟‘ هڪ سيڪنڊ جي خاموشيءَ ۽ سُڏڪن گاڏڙ لفظن ۾ چيائين: ’چاچا! توهان؟..... چئنل تي اوهان لاءِ پٽي پئي هلي....“ ”ڇا بابت؟“ ”... ته توهان گذاري.....“ هوءَ وڌيڪ ڳالهائي نه سگهي. اِئين ڪراچي تائين ڏهاڪو کن دوستن جا به فون آيا ۽ هڪ دوست ٻڌايو ته اوهان جي فيس بُڪ تي به اوهان بابت فوٽوءَ سان ’ڄاڻُ‘ ڏنو ويو آهي‘. ڏاڍي حيرت ٿي ته جنهن چئنل، سڀ کان اڳ سراج صاحب بابت مون کان تعزيتي تاثرات ورتا هئا، اُن تي ئي منهنجيءَ وفات جي پٽي پئي هلي! هڪدم شوڪت چاچڙ ۽ تولارام سوٽهڙ سان موبائيل تي رابطو ڪيم ته آفيس وڃي منهنجي ’فيس بڪ‘ تان منهنجي موت جي خبر هٽائي. سراج صاحب بابت ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جي ستين جلد لاءِ ڪمپوز ڪيل پروفائيل رکي ڇڏين، هُنن ائين ئي ڪيو، تڏهن وڃي دوستن يارن جي فونن ۾ گهٽتائي آئي. مون سوچيو: ’هي سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو؟ آءٌ جيئرو آهيان ۽ سراج صاحب هُن پار اُسهي ويو آهي! ڇا اِئين ته نه آهي ته سراجُ اسان سڀني کي زندگي بخشي، پاڻ پَرلوڪ پڌاري ويو!‘
ها، اها حقيقت آهي ته قومن جا سچا اديبَ، پنهنجي زندگين جي ڀيٽا ڏئي، وطن ۽ قوم کي جياري ويندا آهن، جاودان زندگي بخشي ويندا آهن. سنڌ جي سچن اديبن ۽ شاعرن به هميشه اهو ئي پيغام ڏنو آهي:
’سنڌڙي رهي، اسان نه رهياسين ته ڇا ٿيو؟‘
- رشيد ڀٽي
جو قوم جياري، اُهو جيئندو رهندو،
جو عامُ اُجاري، اُهو جيئندو رهندو؛
مون کي تاريخ ۽ تقديرَ ڏني پڪ آهي،
جو سِنڌ سنواري، اُهو جيئندو رهندو!
- اُستاد بخاري
اُن ۾ ڪي به ٻه رايا نه آهن ته ’سراج‘، ’سنڌ- سنوار‘ ۽ ’قوم- اُجار‘ اديب ۽ دانشور هو. هن جي سوچَ، قلمَ ۽ عملَ ۾ سنڌ جو ’اوجل آئيندو‘ هو. هن جا سپنا ۽ هن جون ساڀيائون، سنڌ سان ئي واڳيل هيون. هن جا آدرشَ ۽ هن جون محبتون: جَديد، حسين، ترقي پذير، خوشحال ۽ هر ڦرلٽ کان آجي، خودمختيار ۽ خُوداختيار سنڌ لاءِ هيون. هو ’مجسم سنڌ‘ هو. هن جو هر حوالو مڪمل هو. هو هڪ مڪمل ’انسان‘ هو. هڪ مڪمل پيءُ ۽ مڪمل ڀاءُ هو. مڪمل اديب ۽ دانشور هو؛ مڪمل ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار هو؛ مڪمل ناٽڪ نويس ۽ محقق هو؛ مڪمل ماهر- لسانيات ۽ قانوندان هو، مڪمل ايڊيٽر ۽ صحافي هو. پر هو انهن سمورن حوالن سان گڏ هڪ ’مڪمل شاعر‘ به هو، جنهن جي شايد ڪيترن کي خبر نه هجي، يا ڪن جي لاءِ هڪ انڪشاف هجي! هن ايڏِي پختِي، ايڏي جٽادار، ايڏي سگهاري ۽ ايڏي فڪري ۽ فني طور ڀرپور شاعري ڪئي آهي، جو هُو مشقِ سخن جاري رکي ها ته اياز ته پري جي ڳالهه آهي، پر شمشير ۽ امدادَ سان جوڙ وڃي ضرور ڳنڍي ها! اها منهنجي دعويٰ آهي، عقيدت نه آهي. شاعريءَ جا نقاد- سڳن آهوجا، الهداد ٻوهيو ۽ ذوالفقار راشدي زنده هجن ها ته اُهي مون سان ضرور اتفاق ڪن ها- ڀلا، سراج جي اُها ڪهڙي ادا ۽ خصوصيت هئي؛ اهو سراج جو ڪهڙو گڻ يا ڪهڙي صلاحيت هئي، جو علم ۽ ڄاڻ جو پروهت، محمد ابراهيم جويو، محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي قرآن پريس تي پروف ڏسندڙَ، ويپيون ڪندڙَ ۽ ترجما ڪندڙَ، 19-20 سالن جي ڳڀرو جوانَ، بي.اي جي نوجوان شاگرد، سراج کي، ڇِڪي ادبي بورڊ ۾ وٺي آيو- ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته هنن ٻنهي پورهيت اديبن، سنڌي ادبي بورڊ ۾ ويهي، ’سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي زبان کي ذهني سفر ۾، ڪيترو نه اڳڀرو ۽ پاڻڀرو ڪيو!
مون به ڪنهن وقت شاعر ڪئي هئي ۽ شاعري اڃا به منهنجيءَ سرشت ۽ منهنجي رت ست ۾ سمايل آهي، اُن ڪري، آءٌ چاهيان ٿو ته آءٌ سراج جي شاعرَ واري رُخ تي ئي روشني وجهان.
مون کي سراج جي شاعريءَ جو بنهه ٿورڙو ذخيرو هٿ آيو آهي، جنهن جو تفصيل هن ريت آهي:
گيت، 5 عدد، نظم، هڪ عدد،آزاد نظم، 5 عدد، 2 عدد ترجمو نظم، ۽ هڪ سنگيت ناٽڪ، ’تند تنوار....‘ سُر ڀيرويءَ تي مبني آزاد نظم ۾
جهڙيءَ ريت، قاضي قاضن جا ’ست بيت‘ لڀي، ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب کيس اَساسي دور جو اهم شاعر قرار ڏنو هو- ۽ اڄ ’هيري ٺڪر‘ جي تحقيق کان پوءِ هُو نه رڳو سمن- ارغونن جي دور جو اهم پر وڏو شاعر ثابت ٿي چڪو آهي. تهڙيءَ ريت سراج کي هنن ’12 شعرن‘ ۽ هڪ ’سنگيت ناٽڪ، (منظوم) جي بنياد تي پنهنجي دور جو ’اهم شاعر‘ سڏيندي، آءٌ ڪنهن به صورت ۾ گهٻراهٽ جو شڪار نه آهيان، باقي کيس ’وڏو شاعر‘ سڏڻ جي جسارت نه ٿو ڪري سگهان، ڇو ته ’نمبرن جي قطار‘ جا اُميدوارَ شاعر ڪٿي مون کي ’سنگسار‘ نه ڪري وجهن! آءٌ فقط ’مُٺ مان خرار جي خبر‘ پوڻ واري ڪسوٽيءَ ۽ تنقيد جي سِراڻ تي، سراج جي گيتن، نظم، آزاد نظمن ۽ سنگيت ناٽڪ جا ڪجهه ٽڪرا ۽ هڪ مڪمل ’آزاد نظم‘ هتي پيش ڪرڻ جي اجازت گهران ٿو:
’گيت‘ جي وصف، ٻوليءَ ۽ احساسن کان، سڀ اديب، شاعر ۽ ادب دوست آگاهه آهن، اُن ڪري، اُنهن رُخن تي قلم آرائي ڪرڻ بدران آءٌ صرف گيتن جا ڪجهه بند پيش ڪريان ٿو:
[b]
گيت (1):[/b]
ساٿـــي! باقـــي ٿـــــوري رات!

چانڊوڪي ڏس جهاتيون پايو،
دل کي وجهي ٿي گهايو گهايو،
ساهُه سُڪائي تنهنجي تات!
ساٿي! باقي ٿـــــوري رات!

تارا تنهنجي راهه ڏِسن ٿا،
ٿڪجي ٿڪجي نيٺ کِڙن ٿا،
شايـــد ٿيندي ائـيـن پـــرڀات!
ساٿـــي! باقـــي ٿـــــوري رات!
- (ڇهن بندن مان ٻه بند)
[b]گيت (2)[/b]:
ذهن ۾ اُڀريا چنڊ ستارا-
ماڪ ڀري ڪا مُکڙي،
ڄڻ ته کِلي ڪُو مائي!
تنهنجي ياد جو آئي... مٺڙا!

مَن ڏُسڪيـــو، آشا تــــڙپـــي-
آس جي شمع اُجهاڻي،
لُڇندي راتِ وهاڻي!
تنهنجي ياد جو آئي... مٺڙا!
- (ڇهن بندن مان ٻه بند)
[b]گيت (3):[/b]
مُرڪ اُها جا ورهيه پُراڻي،
پنهنجي چپن تي کولين ڇو ٿي؟
منهنجي مُنهن ۾ هر هر، جاني!
پنهنجي پاڻ کي ڳولين ڇو ٿي؟
ياد ته هوندءِ...
پريتِ ڇني، تو ناتو ٽوڙي،
مون کان هو ڪئن پلئُه ڇڏايو!
مُنهنجي اکين جي هن ساگر ۾،
هاڻ ته ڪو به ڪنارو ناهي؛
پوءِ ڀلا هي تنهنجي اکين ۾،
طوفانن جو اِشارو ڇاهي؟
ياد ته هوندءِ...
نينهن نهوڙي، تو منهن موڙي،
مون کان هو ڪئن پلئه ڇڏايو!
- (چئن بندن مان پهريان ٻه بند)
مٿيان گيتن جا مختصر مثالَ پڙهي ۽ ٻڌي، ٻوليءَ، هيئت، احساسن، ڪيفيتن، ڏانءَ ۽ ڏات جي خيال کان ڪير چوندو ته سراج جا هي گيت، بردي، تنويرَ، اُستاد ۽ امدادَ جي گيتن کان ڪي گهٽ معيار وارا گيت آهن!
هتي آءٌ سراج جي هڪ ئي خوبصورت نظم ’ڪونج‘ جي ’مطلع‘ واريون ٻه سٽون ۽ هڪ بند نموني طور ڏيان ٿو، هي نظم هڪ مطلع، چئن بندن ۽ هڪ مقطع تي مشتمل آهي. نظم جي هيئت جو بنهه نئون انداز آهي، ته اُن جو وزن به بنهه مُترنم!
آڪاشَ جي بي انت سِياهين ۾ رُڳي رُڃَ،
تنهنجي ته اکين ۾ ٿي ازل کان ئي بَکي اُڃ،
او ڪونج، سندءِ رُوح سندي پياسَ ٻُجهي ڪيئن؟

ٿي رُوح کي ڀنڀلائي سندءِ درد ڀري لاتِ،
ڄڻ ياد جو پڙلاءُ، اُمنگن کي ڌُتاري-
’ڳولا‘ جي صنم خاني ۾ ڏُسڪي ٿي پئي راتِ،
ماحول به خاموش رهي لُڙڪ ٿو هاري؛
او ڪونج، سندءِ رُوح سندي پياسَ ٻُجهي ڪيئن؟
ڇا، هي نظم پڙهندي، اُن ۾ آبشار جهڙي رواني ۽ ترنم ۽ تاثر جي وحدت محسوس نه ٿي ٿئي؟ جي ها، ته ’فراق گورکپوريءَ‘ جي نظم لاءِ پيش ڪيل ڪسوٽيءَ تي هن نظم کي اَوس پرکي سگهي ٿو.
سراج جا، منهنجيءَ ‘Collection’ (ميڙيءَ چونڊيءَ) ۾ هيٺيان آزاد نظم آهن: (1) ’پريم پارڪ ۾....‘، (2) ’ڪراچي‘، (3) ’بازگشت‘، ۽ (4) ’اندر سڀا‘- جڏهن ته سنگيت ناٽڪ ’تند تنوار....‘ به آزاد نظم جي فارم ۽ هيئت تي لکيل آهي. هتي هڪ آزاد نظم بنا تبصري ۽ سنگيت ناٽڪ جو ٽڪرو پيش ڪرڻ کان پوءِ ’آزاد نظم‘: ’ڪراچي‘ نظم جو مختصر جائزو پيش ڪندس:

[b]پريم پارڪ ۾...! (آزاد نظم)[/b]

رات، آءٌ سوچيندو رهيس، چُپ چاپ،
- ڪيڏي عظمت آ چنڊ تارن ۾!
دل چيو ته پَر لڳائي اُڏامجي،
نِيلگون آسمانَ جي اڱڻ ۾،
چنڊ تارن سان گڏجي رقصُ ڪجي!
راتِ جي دلنواز دوشيزه،
جڏهن سنواري دراز زلفن کي؛
- مان، سحر جي شعاعِ نُور سان گڏجي،
گُل جي سيني ۾ جذب ٿي وڃان!
۽ پنهنجي ذِي حيات خوشبوءِ سان،
حسنِ تخليق کي بخشيان اهڙي سُڳنڌ،
جا منهنجي معصوم لُڙڪن سان واسجي،
ڪائنات جي عظيم وسعتن ۾،
زندگيءَ جي اُداس ويرانين کي،
- ڪا نئين حيات بخشي...!
- ۽ جيڪڏهن،
’هوءَ‘، ڪٿي نظر جي سامهون،
رقص ڪندي ۽ مُرڪندي اچي،
- هُن جي نرم ۽ گَداز سيني ۾،
دائمي خوابُ بنجي سُمهي رهان!
پر هن ڪارِگاهه هستيءَ ۾،
ايڏي فُرصت ڪٿي، جو ڪو ڏسي سگهي،
- پنهنجي خُوابن جو هيءَ حسين تعبير!
ڪاري رات ۽ پريم پارڪ ۾،
آءٌ زندگيءَ جي ساز تي نغمه گُو،
خاموشين جي سيني ۾ جذب ٿي،
سوچيندو رهيس، چُپ چاپ-
اڄ به پيرن ۾ آهي اُها ئي زنجير،
اُهي ئي پابنديون، اُهو ئي دستور،
- چند جابر- ۽ هزارها مجبور....!!

- سنڌيءَ ۾ پهريون سنگيت ناٽڪ/ منظوم ڊرامو (Opera)، مرزا قليچ بيگ، ’ليليٰ مجنون‘ 1880ع ۾ لکيو هو، اُن کان پوءِ ٻيو سنگيت ناٽڪ، مشهور شاعر ارجن ’شاد‘ جو ’ڏاهيون ڏک ڏسن‘ (1966ع) ملي ٿو، جنهن کان پوءِ شيخ ايازَ ٽي سنگيت ناٽڪ: ’دودي سومري جو موت‘، ’رنيڪوٽ جا ڌاڙيل‘ ۽ ’ڀڳت سنگهه کي ڦاسي‘ ملن ٿا. پهريان ٻئي سنگيت ناٽڪ ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ ڪتاب (1960ع) ۾ ڇپيل آهن ۽ آخري سنگيت ناٽڪ هن 1971 ڌاري لکيو هو. سنڌي سنگيت ناٽڪن ۾ هن وقت تائين صرف اهي ناٽڪ ئي شمار ڪيا ويندا رهيا آهن؛ جڏهن 1964ع ڌاري سراج به هڪ سنگيت ناٽڪ (تُنهنجي تند تنوار....“ لکيو هو، جيڪو سدا سُهاڳڻ راڳڻي ڀيرويءَ جي سُر تي مُبني، آزاد نظم هو ۽ فني پيشڪش ۽ ڏيکن جي حوالي سان، اياز جي سنگيت ناٽڪن سان بر ميچي بيٺو آهي. هن ناٽڪ جي ڏيک پهرئين جي ڪجهه جهلڪ پيش ڪريان ٿو:
[i]
ڏيک پهريون[/i]

]پسمنظر ۾ ڪنهن لَنگهي جو دهل وڄائي، پڙهو ڏيڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ ٿو اچي- ۽ اُن سان گڏ ماڻهن جو شور به ٻڌجي ٿو، ايڪشن شروع ٿيڻ تي پڙهي جو آواز صاف اچي ٿو.[
”جيڪو جو ڌو، سنڌ جي راجا
ڏياچَ جو سِرُ آڻيندو،
ٿالهه ٽَڪن جو سو ماڻيندو!“
(ڀير تي ڏونڪي جو آواز، ۽ پوءِ دُهل جو آواز ۽ ماڻهن جو شور تمام جهڪو ٿي وڃي ٿو.)
ٻيجل جي زال: او ٻيجل جي ماءُ،
ٻيجل ماءُ ٻُڌين ٿي،
شهر- لنگهو پيو اَڄ هوڪا ڏي!
راڄ- مُکيءَ جي هي پڌرائي،
شهر- لنگهي پئي ڳائي:
’جيڪو جوڌو،
سنڌ جي راجا،
راءِ ڏياچ جو سر آڻيندو،
ٿالهه ٽڪن جو سو ماڻيندو!“
ٻيجل ماءُ: ٿالهه ٽڪن جو؟
ڇا جي لاءِ؟
ڏياچَ جو سِرُ ڇا جي لاءِ؟
هاءِ الا،
انسانن کي ٿيو ڇاهي!
انسانُ ڌڻيءَ جو پاڇو،
اُن جي سِر جي قيمت،
ٿالهه ٽڪن جو؟
ماڻهو پوءِ ماڻهو ڇا جو؟
جهنگ مرونءَ ۽ ماڻهوءَ ۾،
فرق تڏهن رهندو ڇا جو؟
هي چئن ڏيکن تي مشتمل ناٽڪ، هڪ شاهڪار ناٽڪ آهي، جيڪو سنڌ جي هڪ لوڪ داستان/ لوڪ روايت تي مشتمل آهي. آخر ۾ آءٌ، سراج جو اُهو شاهڪار آزاد نظم ’ڪراچي‘ پيش ڪري، اُن جي جائزي تي پنهنجو مقالو پورو ڪندس:
[b]
ڪراچي[/b]

- اي ڪراچي، سنڌ جا سينگار، اي رُوحِ وطن،
تنهنجي ’ماضي‘ کي سلام!
تنهنجي ماضيءَ- منهنجي ماضيءَ- کي سلام!
ها، اُهو ماضي جو بيحد روشن و تابان هيو-
جنهن ۾ روشن ها اُميدن جا چراغ؛
آرزوئن جا هزارين چنڊ اُڀريا ۽ اُميدن جا ستارا جاڳيا؛
اَمن و آزاديءَ سندي آڪاشَ تي!
ڪلپنائن ۽ اُمنگن جي ٿڌيءَ چانڊاڻ ۾،
هلڪي هلڪيءَ جوتِ جي مانڊاڻ ۾،
مٺڙا مٺڙا گيت ٿي مُرڪيا هتي-
ڄڻڪ هي ڪو ديسُ ئي گيتن جو هو،
گيتن ۽ نغمن جو ديس!
گيت اهڙا جن ۾ هو
ڪنهن سهاڳڻ سُندريءَ جي نرگسي
نيڻن جو ڪيف-
ڇلڪندڙ آبِ حيات!
- اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،
اي ستارن جي زمين، اي اَپسرائن جا وطن،
تنهنجي مٽيءَ جي مٿان
اڄ به آهن چمڪندر ماضيءَ جا نقش:
تنهنجي مِٽيءَ مان اچي ٿي جا سُڳنڌ،
سا ٻڌائي ٿي هزارين داستان:
اڄ به تنهنجون ’بلڊنگون‘ ٿيون ساکَ ڏين،
اڄ به تنهنجا ’گُلڪدا‘ ٿا ڏَڪندي ڏَڪندي چون:
(جن جي بنيادن تي بيٺل هي ’تجارت گاهه‘ ٿا
کوکلي تهذيب جي چُغلي هڻن!)
سنڌ جي ماضيءَ جي عظمت تون هُئينءَ،
تون هئينءَ سنڌ جي تهذيب جو سُورج مکي:
ڄڻ هئينءَ تون ’شاهه‘ جي هڪ سورمي!
مذهبي ويڇن کان دور،
تو ۾ هو ڄڻ امنِ عالم جو مثال-
زندگِيءَ جي عزم جي تابندگي،
آدميت جو سُهاڳ!
- اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،
اڳ به تون سوداگرن جو شهر هُئينءَ،
اڄ به تون سوداگرن جو آن وطن-
پر ٻنهي ’سوداگرن‘ ۾ فرق آهه!
اڳ جا سوداگر ڪندا ها صرف هڪ سوداگري-
سِرُ ڏئي پنهنجي وطن کي ’غير‘ کان ڳِنهندا هئا:
اڄ جا سوداگر ته پيا نيلام ڪن پنهنجو وطن،
’ڪڻڪَ جي مُٺِ‘ تي وِڪامي ٿو ’بهشت‘!
- اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،
تنهنجو هي ماحول ڏس ڪيڏو نه آهي اجنبي!
تنهنجو ساگر ڪيترو مايوسُ آهه!
هر گهٽيءَ ۾ لُٽجي پيو ٿو آدميّت جو سُهاڳ-
سون چانديءَ جي سجايل ’جانڊهن‘ ۾،
اندران ئي اندران ڏِس زندگيءَ پسجي پئي؛
آبرو لُٽجي پئي،
امن و آزاديءَ سندي ظاهر ظهور!
’غير‘ ڏس ڪيڏو نه آهي سر بلند،
ڪيترو مضبوط آ هِت سامراج!
- اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،
تنهنجي رنگينيءَ جي پردي ۾ لڪل
ڏسجي ٿو ڪو انقلاب!
وقت جون واڳون ورڻ لاءِ بيقرار!
تنهنجي رستن مان اچي ٿي سرمدي رَت جي پُڪار-
گلشنن جا گل ٿا ڏسجن خُونچڪان،
تنهنجي خاموشين ۾ شايد ٿو هُري سُڏڪن جو سازا
ڪيستائين رهندو آخر هي فريب:
مدتن کان آ زمانو منتظر،
ڪَر ٿو موڙي هت نئون ڪو دَور ڏس-
ڏس ته ڏورانهين اُفق تي پِرهه آ جاڳڻ لڳي،
چاڪ ٿيندو ظلمتن جو پردهء تاريڪ تر،
هر طرف روشن ’حقيقت‘ ٻهڪندي،
سر بلند ٿيندو وري هت لوڪ راج،
سر نوائي نيٺ ڀڄندو سامراج!
هڪ ٿي ويندينءَ سنڌڙيءَ سان اي ڪراچي نيٺ تون،
روح پنهنجي جسم سان ملندو وري!
اي ڪراچي، سنڌ جا سينگار اي روحِ وطن،
اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن!
هي آزاد نظم، سراج، ’ڪراچي‘ سنڌ کان کسي مرڪز جي حوالي ڪرڻ وقت لکيو هو. نظم لکڻ جو اصل سال ته خبر نه آهي ڪهڙو هو، پر پهريون ڀيرو، سماهي مهراڻ، 3- 1956ع ۾ ڇپيو هو، ۽ اڄ اُن کي 57 سال گذري ويا آهن. نظم جو متن، نفسِ مضمون، اڄ جي حالتن سان ڪيڏو نه ٺهڪندڙ ٿو لڳي. هي سٽون ٻُڌو:
اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،
اڳ به تون سوداگرن جو شهر هُئينءَ،
اڄ به تون سوداگرن جو آن وطن-
پر ٻنهي ’سوداگرن‘ ۾ فرق آ!
اڳ جا سوداگر ڪندا هئا صرف هڪ سوداگري-
سِرُ ڏئي پنهنجي وطن کي ’غير‘ کان ڳِنهندا هئا:
اڄ جا سوداگر ته پيا نيلامُ ڪن پنهنجو وطن،
ڪَڻڪ جي مُٺِ تي وِڪامي ٿو ’بهشت‘!
هن بند ۾ ’اڳ‘ جي ۽ ’اڄ‘ جي ’سوداگرن‘ جي ڀيٽ ڪئي وئي آهي. ’اڳ جا سوداگر‘ يا ته ’سنڌ ورقي‘ هئا، جيڪي ٻاهران ڪمائي اچي ڪراچيءَ کي ’سونو‘ بنائيندا هئا، يا اُهي سورما هئا، جيڪي ٻاهرين حملي آورن کان ڪراچيءَ جو سُهاڳُ/ سنڌ وطن جو سُهاڳ بچائيندا هئا. اڄ ڪراچيءَ جي صورتحال ڇا آهي؟ ’ڪَڻڪ جي مُٺ‘ تي ڪراچيءَ جو ’بهشت‘ وڪرو ڪيو پيو وڃي، ۽ ڪراچيءَ ۾ انسانيت جي سُهاڳ ۽ آبرو کي ڪيئن لُٽيو پيو وڃي، اچو ته سراج جي 58 سال اڳ لکيل آزاد نظم مان معلوم ڪريون:
اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،
تنهنجو هي ماحول ڏس ڪيڏو نه آ اجنبي!
تنهنجو ’ساگر‘ ڪيترو مايوسُ آهه!
هر گهٽيءَ ۾ لُٽجي پيو ٿو آدميت جو سُهاڳ-
سون چانديءَ جي سجايل ’جانڊ هن‘ ۾،
اندران ئي اندران ڏس زندگي پِسجي پئي؛
آبرو لُٽجي پئي،
امن و آزاديءَ سندي ظاهر ظهور!
’غير‘ ڏسُ ڪيڏو نه آهي سربُلند،
ڪيترو مضبوط آ هِت سامراجُ!
سراج جي علامت ’جانڊهن ۾ زندگيءَ جو پِسجڻ‘ جديد دور جي ’ٽارچر سيلن‘ سان مشابهه نه آهي؟ اڄ ڪراچيءَ وٽ ’سنڌو ساگر‘ مايوس نه آهي؟ ڪراچيءَ جو ماحول ’ٻاهرين جي آمد (Influx) سبب اجنبي نه ٿو لڳي؟ پٺاڻ، پنجابي ۽ پناهگير، سامراج جي صورت اختيار ڪري نه چڪا آهن؟ سراج، مستقبل بين شاعرَ، سچ نه لکيو آهي؟
ها، البت ’ڪراچي سنڌ کان کسجڻ‘ کان پوءِ به سراج اُميد پرست رهيو هو ته: ’زمانو منتظر آهي، نئون دور ڪَر موڙي رهيو آهي، پِرهه جاڳڻ واري آهي، ڪراچي، سنڌڙيءَ سان هڪ ٿي ويندي!“ - ۽ ائين ٿيو، ڪراچي سنڌ کي واپس ملي، سنڌ جي راڄڌاني بڻي، پر اڄ وري ’مهمان‘، ’مالڪ‘ ٿيڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن. آءٌ چاهيان ٿو ته هن موقعي تي سراجَ جي دوست، سراج جي رفيقَ، ويهين صدي ۽ ايڪيهين صديءَ جي وڏي شاعرَ، شيخ اياز جو 1985ع ۾ لکيل ’رڻ تي رم جهم‘ ڪتاب (1986ع) ۾ ڇپيل، ’ڪراچيءَ‘ بابت، ساڳئي سراج واري ڪم آندل بحر وزن ۾ لکيل آزاد نظم پڻ هتي پيش ڪريان، ۽ موازنو ڪريان ته ٻنهي همعصرن، ڪراچيءَ کي ڪهڙيءَ نظر سان ڏٺو آهي. سراج جو نظم 58 سال پراڻو ۽ اياز جو 38 سال پراڻو نظم آهي:
شيخ اياز:
جِهلملائيندڙ ڪراچي!
روشنيءَ جا گيت ڳائيندڙ ڪراچي!
سنڌ جي آهين ڪراچي!
اڄ به مان
تنهنجي رستن کي مُنڊي جئن ڄڻ ته پُورو ٿو اچان!
اڳ گرومندر کان ٿورو اڳڀرو ويندي هئينءَ،
شامَ جو ڪيئي ٽَلا ٽهه ٽهه ڪندا نيندي هئينءَ،
ڪويلين جي ڪوڪ ڏي جي ڌيان ويندو هو ڪڏهن،
چنڊ ايندو هو نظر آڪاسَ ۾ ويندو تڏهن،
۽ ڪڏهن تارا هوا ۾ جُگنوئن جئن جڳمڳائيندا هيا،
پير منهنجا ڊگمگائيندا هيا،
عاملياڻين جي پٺيان-
اڄ به مان
تن کي ساري تن جي خوشبوءَ ۾ وڃان ٿو ويڙهجي،
ڪوڪ ڪويل جي ٻڌان ٿو
تن جي جادوءَ ۾ وڃان ٿو ويڙهجي،
تنهنجو لالو کيت، اورنگي به مون لئه اجنبي
ناهن ڪُنوار!
مون رُنو هو زار زار
’تانتيا ٽوپي‘ جڏهن ڦاهي چڙهي مردانه وار
ڪالهه رَسيءَ ۾ لُڏيو بي اختيار
مون ڇُهيا ها پير اُن جا بار بار،
ڪاش! هُن جا هم وطن
ايترو سمجهي سگهن
ڪيئّن آزادي ملي؟
ڪير ها، ورتي هُئي جن
شاهراهن کي ڇڏي سوڙهي ڳِلي؟
اڄ به مان هي ٿو چوان
ڪاش، ٽيپوءَ جئن مران!
ڪوبه دکن کان ڪراچيءَ ۾ اچي
ان ڪري مون لاءِ ناهي اجنبي،
هِت به آهن تُنهنجي اوچن بنگلن،
مير صادق وانگيان ننگِ وطن،
پاڻ سان غدار آهن
زندگيءَ جي هار آهن،
تن کي ڪيئي نوڪريون ۽ ڪيئي ڪاروبار آهن
پو به ڪجهه ناهي وَٽن،
جي نه آ مٽي ته پوءِ ڪهڙو ڪفن!
تون ڀلي ڪشمير کان ڪارو منڊل تائين لڳين
منهنجي دل ۾ ٿي وسين؛
تون سڄي تاريخ آهين
ڌرتتيءَ جي چيخ آهين
دل ڏکائيندڙ ڪراچي!
جهلملائيندڙ ڪراچي!
اڄ به مان،
تنهنجي رستن کي مُنڊيءَ جئن ڄڻ ته پورو ٿو اچان!
سچ چيو آهي ڪنهن ته: ‘Peaks of Mountains see each other’ يعني: ’پهاڙن جون چوٽيون ئي هڪ ٻئي کي ڏسنديون آهن‘. سنڌي ادب جي هنن ٻن پهاڙن جي سوچ جي يڪسانيت، فڪري گهرائي، چئلينجن تي نظر ۽ مستقبل بينيءَ ۾ مماثلت ڪمال جي آهي. ’جهلملائيندڙ ڪراچي‘ نظم لکڻ وقت اياز جي شعور، لاشعور يا تحت الشعور ۾ سراج وارو نظم ’ڪراچي‘ هو يا نه، پر ٻنهي جي آزاد نظمن جي ابتدا ۾ پنهنجي شهر لاءِ ’محبت ۽ رومانس‘ ساڳيو آهي. اياز وٽ ڪجهه ذاتي/ رومانوي ۽ سراج وٽ ڪجهه تاريخي ۽ رومانوي- جڏهن ته سراج جي نظم جي پڇاڙي، ڪراچي، سنڌ کي واپس ملڻ واري اُميد پرستيءَ واري جذبي سان معمور هئي، ۽ اياز پنهنجي نظم ۾ ’تانتيا ٽوپي‘ (جهانسيءَ جي راڻيءَ جي ساٿي، بهادر وطن پرست) جي هم وطنن کي مخاطب ٿي جيڪي ڪجهه چيو آهي، ڪيڏو نه سچ آهي. ڪيڏو نه ڪڙو اظهار آهي! پوءِ به ڪراچي، سندس دل ۾ وسي ٿي، اسان جي دل ۾ وسي ٿي:

ڪوبه دکن کان ڪراچيءَ ۾ اچي،
اُن ڪري مون لاءِ ناهي اجنبي،
هِت به آهن تنهنجي اوچن بنگلن،
مير صادق وانگيان ننگِ وطن،
پاڻ سان غدار آهن،
زندگيءَ جي هار آهن،
تن کي ڪيئي نوڪريون ۽ ڪيئي ڪاروبار آهن،
پو به ڪجهه ناهي وٽن،
جي نه آ مٽي ته پوءِ ڪهڙو ڪفن!
تون ڀلي ڪشمير کان ڪارو منڊل تائين لڳين،
منهنجي دل ۾ ٿي وسين؛
تون سڄي تاريخ آهين
ڌرتتيءَ جي چيخ آهين
دل ڏکائيندڙ ڪراچي!
جهلملائيندڙ ڪراچي!
اڄ به مان،
تنهنجي رستن کي مُنڊيءَ جئن ڄڻ ته پورو ٿو اچان!
ڪراچي، اياز جي ’دل ۾ ٿي وسي‘، ’هوءَ سڄي تاريخ ۽ ڌرتتيءَ جي چيخ‘ آهي، ۽ اياز اُن جي ’رستن کي مُنڊيءَ جئن پورو ٿو اچي‘- ۽ سراج لاءِ ڪراچي، ڪلهه به، اڄ به سڀاڻي به ’سنڌ جو سينگار‘ ۽ رُوح- وطن آهي:
اي ڪراچي، سنڌ جا سينگار، اي روحِ وطن!
اي ڪـــراچي، جانِ سـنـــڌ، روحِ وطــن!

---