پريم پارڪ ۾...!
[آزاد نظم]
رات، سوچيندو رهيس، چُپ چاپ،
ڪيڏي عظمت آ چنڊ ستارن ۾!
دل چيو ته پَر لڳائي اُڏامجي،
نِيلگون آسمانَ جي اڱڻ ۾،
چنڊ تارن سان گڏجي رقصُ ڪجي!
راتِ جي دلنواز دوشيزه،
جڏهن سنواري دراز ذلفن کي؛
- مان ، سحر جي شعاعِ نُور سان گڏجي،
گُل جي سيني ۾ جذب ٿي وڃان!
۽ پنھنجي ذِي حيات خوشبوءِ سان،
حسنِ تخليق کي بخشيان اهڙي سُڳنڌ،
جا منھنجي معصوم لُڙڪن سان واسجي،
ڪائنات جي عظيم وسعتن ۾،
زندگيءَ جي اُداس ويرانين کي،
- ڪا نئين حيات بخشي...!
- ۽ جيڪڏهن،
”هوءَ“، ڪٿي نظر جي سامُھون،
رقص ڪندي ۽ مُرڪندي اچي،
- هن جي نرم ۽ گُداز سيني ۾،
دائمي خوابُ بنجي سمهي رهان!
پر هن ڪارِ گاهِه هستيءَ ۾،
ايڏي فُرصت ڪٿي، جو ڪو ڏسي سگهي،
- پنھنجي خُوابن جو هيءُ حسين تعبير!
ڪاري رات ۽ پريم پارڪ ۾،
آءٌ زندگيءَ جي ساز تي نغمه گُو،
خاموشين جي سيني ۾ جذب ٿي،
سوچيندو رهيس، چُپ چاپ -
اڄ به پيرن ۾ آهي اُها ئي زنجير،
اُهي ئي پابنديون، اُهو ئي دستور،
- چنڊ جابر- ۽ هزارها مجبور....!!
[سماهي مھراڻ، بھار- 1955ع]