مختلف موضوع

تُنهنجي تند تَنوار....

ڪتاب ”تنهنجي تند تنوار“ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب، ليکڪ، ناولنگار ۽ جديد صحافت جي اهڃاڻ ”سراج“ جي شاعري، ناٽڪ ۽ ترجمن جو مجموعو آهي. فهميده حسين لکي ٿي:
”سراج ادبي دنيا ۾ هڪ تخليقي فنڪار جي حيثيت ۾ قدم رکيو، هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ پاڻ مڃايو، وقت جي اڪثر رسالن ۾ هڪ شاعر جي حيثيت ۾ شامل ٿيندو رهيو، هڪ مضمون نگار جي حيثيت ۾ ڪيترائي تخليقي مضمون ۽ تاثر لکيائين، ٻين ٻولين ۾ ڇپجندڙ تخليقي ادب کي ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي دامن کي وسيع ڪيائين، تخليقي انداز ۾ تاريخي ناول لکيائين. ڪو وقت اهڙو به آيو، جو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وجود، حيثيت ۽ رُتبي تي سوال ٿيا، تڏهن هن پنهنجي قلم جو رخ تحقيق ڏانهن موڙيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي قدامت، عظمت ۽ شاهوڪاري ثابت ڪرڻ لاءِ موهن جي دڙي جي مهرن کان وٺي، تاريخ جي مختلف دورن ۾ ان جي اوسر ۽ ارتقا جا پيرا کنيائين،“
Title Cover of book تُنهنجي تند تَنوار....

چهچٽو ٽيون:

ڏيک پهريون

[وقت: ڪجهه ڏينهن کانپوءِ.
هنڌ: ساڳيو چنيسر جو محل. چنيسر جي آرام گاهه جي اڳيان ورانڊي ۾، پنهنجي ڪوٺڙيءَ اڳيان، ڪونئرو ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي. پريان ليلا ايندي نظر اچي ٿي. پويان ٻه ٻانهيون به اٿس.]
ليلا: (ڪونئرو اڳيان پهچندي) ڇو ڙي، تون روئين ڇو ويٺي؟
ڪونئرو: (هٻڪي) سانئڻ ... ڪجهه به ڪينهي.
ليلا: پوءِ اکين ۾ لڙڪ ڇو؟
ڪونئرو: ائين ئي ... شايد تيل هاڻو هٿ اکين ۾ لڳي ويو هوندو.
ليلا: مون کي ته ويساهه نه ٿو اچي ته اهي لڙڪ تيل هاڻي هٿ جا آهن. سچي ڳالهه ڇو ڪين ٿي ٻڌائين؟
ڪونئرو: (هٻڪندي، گُهٽيل آواز ۾) ڪي سکر ڏينهن ياد پيا ته لڙڪ لڙي آيا. ڪو ڏينهن هو، جڏهن، سانئڻ، آءٌ به تو وانگي هندورن ۾ هوندي هيس. اڳيان پويان ٻانهيون هونديون هيم. منهنجي نو لکي هار جا نيلم سموري محل کي جرڪائي ڇڏيندا هئا. ۽ هاڻي ...
ليلا: (ڪجهه سوچي) پر به آءٌ ڪيئن سمجهان ته تون سچ ٿي ڳالهائين؟
ڪونئرو: (پنهنجي بريءَ مان نو لکو هار ڪڍندي) اجهو، هي ڏس!
[هار جي چمڪڻ سان چئني پاسي نيلي روشني ڦهلجي وڃي ٿي.]
ليلا: (اچرج مان) ڌڻي منهنجا! هن هار اڳيان ته سج چنڊ به ڪجهه ڪينهن. گهر جيڪي گهرڻو هجيئي، پر اهو هار مون کي ڏي!
ڪونئرو: مال متاع جي مون کي ڪهڙي ڪاڻ؟ ها، جي چنيسر سان رات رهاڻ ڪرڻ ڏينم ته هار مٿان گهوري ڇڏيانءِ!
ليلا: (ڪجهه سوچ ۾ پئجي) ڳالهه ته اهڙي ڪئي اٿئي، جو هوند، گهاڻي ۾ پيڙائي ڇڏيانءِ! تنهنجي هار منهنجو چت چريو ڪري ڇڏيو آهي. پر چنيسر ...
ڪونئرو: سانئڻ، هڪڙي رات لاءِ هار مهانگو ڪين آهي، ۽ ...
ليلا: پر جي چنيسر توکي ڏسي تڙائي ڪڍئي ته پوءِ ...
ڪونئرو: پوءِ جيڪو منهنجو ڀاڳ ... هار توکي آيو.
ليلا: چڱو، اڄ رات چنيسر يارن سان ڳچ رات تائين ويهي مجلس ڪندو. ۽ يارن ۾ چُڪي مڙئي سرس چاڙهيندو آهي. آءٌ پاڻ توکي ٻانهن کان وٺي، سيڄ تي وهاري اينديس. اُن کانپوءِ کٽن تنهنجا ڀاڳ! هاڻ مون کي ڏي اهو هار....!
(ڪونئرو هار ڏئيس ٿي. ليلا هار پائي، خوش ٿيندي وڃي ٿي. پردو ڪري ٿو.)
ڏيک ٻيو:

[وقت: ٻئي ڏينهن ساجهر صبح جو.
هنڌ: چنيسر جي آرام گاهه.
ڪونئرو ڪر موڙي سيڄ تي اٿي ٿي وهي. هوءَ ڪنوار وانگر سينگاريل نظر اچي ٿي ۽ سندس سونهن انهيءَ سينگار ۾ ٻيڻي ٿي وئي آهي. سندس چپن تي هلڪي مرڪ آهي. چنيسر به جاڳي ٿو.]
چنيسر: (اکين کولڻ بنا. پيار مان) ليلا ... راتوڪي رات، تنهنجي چپن ۾ هڪ نواڻ اچي ويئي هئي. منهنجو وات اڃا تائين مٺو مٺو پيو لڳي ۽ تنهنجي انگ انگ ۾ ست سارنگ سمائجي آيا هئا ...ليلا راتوڪي رات امر رات هئي.
ڪونئرو: (مرڪي، خوش ٿيندي) چنيسر جي هر رات امر رهندي.
چنيسر: (ڇرڪ ڀري) هان! تون ڪير؟ تون هت منهنجي سيڄ تي ڪيئن؟ (ڪونئروءَ جي سونهن ڏسي. سندس اچرج ٻيڻو ٿي ٿو وڃي.)
ڪونئرو: سر جا سائين، راتوڪي رات ته مون ليلا کان نو لکو هار ڏيئي خريد ڪئي هئي.
چنيسر: نو لکو هار؟ ڪهڙو نو لکو هار! ۽ هي تو ڪهڙو ڇل ڪيو آهي؟
ڪونئرو : منهنجي من جا مور، ڇل سمجهين يا پريم، پر منهنجو سمورو جيون امر ٿي ويو. متان مون کي ڪا گولي ٻانهي سمجهيو اٿو؟ آءٌ ڪڇ جي راڻي جي ڌيءَ آهيان. سرتين تنهنجو طعنو ڏنو، ته چت چريو ٿي پيم. ۽ جڏهن اوهان کي ڏٺم ته هيڪاري دل هاري ويٺيس. روز رات جو ٻانهي ٿي تنهنجي سيڄ سنواريم، ۽ تنهنجي سيجه جي سنڌ سنڌ ۾ منهنجا لڙڪ لڪل آهن. سيڄ وڇائي، روئڻ ويهي رهندي هيس، پر نيٺ ڌڻيءَ منهنجي من جون مرادون پوريون ڪيون. ليلا منهنجي هار تي هرکجي ويئي ۽ فقط هڪ رات لاءِ پنهنجي سيڄ منهنجي حوالي ڪيائين. (روئڻهارڪي ٿي) جون جي آس پوري ٿيم، پنهنجي پريتم سان رات رهاڻ ڪيم، هاڻ جي وهه کائينديس ته ساهه سولو نڪرندو.
چنيسر: (رنج ۽ خوشيءَ گڏيل آواز ۾) تنهنجي انهن ڳالهين منهنجو به من موهي وڌو آهي. تو مون سان ملڻ لاءِ پنهنجو راڄ ڀاڳ ڇڏيو. ٻانهين وارو ڪم ڪيو، پر هاڻ دل هوندي به توکي وڌيڪ طمع نه آهي. (طنز مان) ڀاڳ ته منهنجا آهن، جنهن جي هڪ رات نو لکي هار ۾ ٿي وڪامي! پر ليلا هي ڇا ڪيو ... ڪيڏو نه پيار هو، منهنجو هن سان ... هاڻ ائين ٿو ڀانيان ته هن جي پريم جو وڻ منهنجي دل مان ڪپجي ڪِري پيو آهي ... سُڪل ٺوٺ وڻ. رات ۾ پريم جو وڻ سڪي ويندو، سو ڪڏهن ڪين ٿي ڀانيم ...! ڪونئرو، ليلا کڻي مون کي وڌيڪ سهڻي لڳي، پر تو منهنجي دل خريد ڪري ورتي آهي. تو پريم پائڻ جو اهو اهڃاڻ ڏنو آهي، جو سؤ ليلائون به ڪين ماڻي سگهنديون. هن هار تي پريم هارايو، تو هار ڏيئي دل کٽي آهي. هار تي هرکجي، هن رات اڪيلي گذاري به پاپ ڪيو آهي، ۽ تو پريم تي هرکجي، پرائي پريتم سان رات گذاري پڃ ڪيو آهي. ليلا جو پريم اوگڻ آهي، تنهنجو موهه سوگڻ! (ليلا اچي ٿي. ليلا کي ڏسندي چنيسر کي چڙ اچي ٿي وڃي.)
چنيسر: (ليلا کي) هاڻ ڇا لاءِ آئي آهين هت، ليلا! تو ته رات مون کي وڪڻي ڇڏيو ... پنهنجو پريم وڪڻي ڇڏيئي. اڄ کان ڪونئرو منهنجي پٽ- راڻي آهي. منهنجي دل جي مالڪ به هوءَ ئي آهي. تنهنجي پيار جو وڻ ئي ڪپجي ويو.
ليلا: (نه سمجهندي) هاڻ ڇڏيو، انهن چرچن کي؛ اٿو، هلي نيرن ڪريو.
چنيسر: (ڪاوڙ مان) اڄ مون اهڙي نيرن ڪئي آهي، جو ڪن ڀاڳ وارن کي ڪرم ۾ هوندي آهي. آءٌ نيرن ته ڪونئرو سان ڪندس. ۽ هاڻ تنهنجو ته اچڻ به مون کي ڪين ٿو وڻي.
ليلا: (ڳالهه سمجهندي، گهٻرائجي) سر جا سائين، هي ڪهڙيون پيا ڳالهيون ڪريو. اوهان کانسواءِ منهنجو ڪهڙو جيون!
چنيسر: (بيت)
مڻيي تي موهجي، موڙهي! ڪيئيِ مرڪ
وري ويو ورق، آيئي ڏنءُ ڏهاڳ جو!

ليلا: نه ڪانڌ، ائين ته نه چئو. آءٌ ڳهيلي ٿيس، پر تون پنهنجي پريم جي صدقي مون کي بخش ڪر:
ڍولا، ڍيل مَ مون، ڪانڌ ڪميڻي آهيان.
سڪ تنهنجيءَ سپرين، ڀيري وڌيس ڀون،
مون ور تُنهين تون، تو ور، وهون ڪيتريون!

چنيسر: پر به راتوڪي رات تنهنجي دل ۾ منهنجو پريم ڪين هو ڇا، جو هار تي رات وڪڻي ڇڏيئي؟ پريم به ڪا وڪري جي شيءِ آهي؟ نه... نه ... هاڻ منهنجي دل ۾ ليلا جو نالو ڪڏهن به نه ايندو!
ليلا: (ليلائيندي):
مڻيي مٿي جي هئا، تن چٽن ڦيريم چت،
هار کٽنديس هوڏ ۾، نيبهه ٿيندم نت،
ڪونئروءَ جو ڪرت، مُنهان مٿاهون ٿيو!

پر هاڻ، تون پاڻ ڏي ڏس. منهنجون مدايون معاف ڪر، نه ته منهنجو جيئڻ ڪهڙو؟
جي مون موڙهي مت، ته تون پاڻ سڃاڻج، سپرين!
اصل اواين جا، عيب ڍڪين تون اُت،
ايءَ پرين تنهنجي پت، جئن ولهيون ڍڪيين، ولها!
۽ جي تو مون کي ائين تڙي ڇڏيو ته لوڪ ڇا چوندم؟

تون منهنجو ولهو، آءٌ تو ۾ طمعدار
ڍڪي، ڍول گذار، لڄ منهنجي لوڪ ۾!

چنيسر: لوڪ لڄا جو خيال ان وقت نه آيئي، جڏهن پنهنجو ڪانڌ ٿي نيلام ڪيئي؟ هيءَ دنيا تو جھڙن ماڻهن سان ڀري پئي آهي. هيرا، جواهر ۽ ڌن ئي هنن لاءِ سڀڪجهه آهي: ڪي پنهنجا پريتم وڪڻيو ڇڏين، ڪي پنهنجو وطن وڪڻيو ڇڏين ۽ ڪي پنهنجا آدرش نيلام ڪندا وتن. ليلا، جي تو جھڙا آدمي رهيا ته ماڻهو پنهنجي سنڌ به نيلام ڪري ڇڏيندا. جيڪڏهن ٿوري سمي لاءِ کين ڌن دولت ماڻڻ لاءِ ملي وڃي، يا راڄ ڀاڳ ملي وڃين ته پنهنجي جيجل سنڌڙيءَ کي وچ بازار ۾ نيلام ڪرڻ کان ڪونه مڙندا- ۽ پوءِ يا ته گونگا لڙڪ ويهي ڳاڙيندا يا تو وانگر اهي بهانا ڏيندا ته هنن ته رڳو گهڙيءَ جي ڪم ڪڍڻ لاءِ ائين ڪيو هو. سنڌ کي ليلائن جي نه، پر ڪونئرن جي گهرج آهي، جيڪي ڏک ڏاکڙا ڪڍي، پنهنجي آدرش حاصل ڪرڻ لاءِ، پنهنجي پريتم هٿ ڪرڻ لاءِ ڌن دولت کان بي پرواهه ٿي، جتن ڪن. ڪونئروءَ ته پنهنجي پريتم کي هٿ ڪرڻ لاءِ پاپ کي به پڃ سمجهيو- ۽ تو دولت هٿ ڪرڻ لاءِ پڃ کي به پاپ ۾ بدلائي ڇڏيو. وڃ، سنڌ جي پٽ راڻي ڪونئرو آهي. ليلا جي راڻي ٿي رهڻ سان، سنڌ جي ماڻهن مان آدرش هليو ويندو. ڪونئروءَ جي راڻي ٿيڻ مان هنن کي نئون آدرش ملندو- ۽ پنهنجي هر آدرش لاءِ، پوءِ اهو من جو پريم هجي يا ديس جي آبرو، سڀڪجهه قربان ڪرڻ کان ڪين ڪيٻائيندا. اڄ کان تاريخ ۾ چنيسر هميشه لاءِ ڪونئروءَ جو رهندو.
(ليلا روئندي ٻاهر وڃي ٿي. چنيسر ڪونئروءَ سان هري هري ڳالهائڻ ٿو لڳي. پردو ڪري ٿو.)
(پورو ٿيو)
-