پروفيسر
[هن ناٽڪ کي اسٽيج ڪرڻ لاءِ، ضروري ڦير گھير ڪري سگھجي ٿي. سماجي ناٽڪ هئڻ سبب اسٽيج سيٽنگ متعين نه آهي.]
ڪردار:
پروفيسر ضيا
مس بدر
نوري
فرزانه بيبي
نواز
حميد
نرگس
ڪاليج جا ڇوڪرا، ڇوڪريون، پٽيوالا وغيره.
ڏيک پهريون:
(ايڪشن پروفيسر ضيا جي ڪمري ۾ شروع ٿئي ٿو، جڏهن مس بدر سندس ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿ ي. قدمن جو آواز ...)
مس بدر: اڙي اوهين اڃا اتي ئي ويٺا آهيو؟ ...
پروفيسر ضيا: (جھونگاريندي) ڪلاس ٽائيم گذري ويو، اٿو جلدي ڪريو ... واهه واهه - هي ته شعر ٺهي ويو، بلڪل موزون، بر محل ... بدر، مون اڄ واهه جو نظم لکيو آهي، ٻڌندينءَ؟
مس بدر: هوندو ڪو منهنجي زلفن تي لکيل نظم! اوهان کي منهنجي زلفن، منهنجي اکڙين ۽ منهنجي چپڙن کانسواءِ ٻي ڪا ڳالهه ياد به آهي؟
پروفيسر ضيا: زندگيءَ ۾ انهن کانسواءِ آهي به ڇا؟ تنهنجي حسن، تنهنجي ناز ۽ تنهنجي ادائن منهنجي شاعريءَ کي مئون نوڙ ... منهنجو مطلب آهي ته نئون موڙ بخشيو آهي: هڪ پاسي سنڌ، ٻئي پاسي تون- منهنجو عشق تڪميل تي آهي، مون کي باقي دنيا جي ڪهڙي پرواهه: تون منهنجي لاءِ اهو جوڳي آهين، جنهن لاءِ شاهه ڪريم جي رسالي ۾ آهي ته ”ستو هوس ننڊ ۾، جوڳيءَ جاڳايوس ...“
مس بدر: (ناز مان اکيون نچائيندي) اوهان کي ته رڳو شاعريءَ جو مرض آهي، محبت مان اوهين ڇا ڄاڻو؟
پروفيسر ضيا: محبت ۽ ضيا ساڳي ڳالهه آهي. ان ڪري ئي منهنجو نالو ضيا آهي، ۽ تنهنجو بدر. يا آءٌ تنهنجي ضيا آهيان، ۽ تون منهنجو بدر- چنڊ ۽ روشني! اسان ٻنهي جي سرشت ئي ساڳي آهي:
” تنهنجي چپن جون هي چانڊوڪيون
رات سڄي گھاريم چوسيندي!“
مس بدر: (شرارت مان) لفظن جي معنيٰ جي لحاظ کان ته اوهان جي بيگم صاحبه نوريءَ جي به ساڳي سرشت آهي!
پروفيسر ضيا: (چڙ مان ورچڻ واري انداز ۾) اوهو، تو وري هن جي ياد ڏياري،. ڀانيان ٿو ته اصل ۾ هن جو نالو ناري هو، پر سندس مائٽن هن کي “نوري” سڏڻ شروع ڪيو. منهنجي لاءِ هوءَ ناري آهي يعني بوزخ جي داهه وانگر- منهنجو مطلب آهي دوزخ جي باهه وانگر!
مس بدر: (وڌيڪ شرارت مان) اهو نالو هن جي مائٽن رکيو يا اوهان شاعريءَ جي موڊ ۾ الف حذف ڪري ”و عطف“ ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي! ۽ ناري به ته ڏاڍو سٺو لفظ آهي: هنديءَ ۾ ته ان جهڙو مٺو لفظ عورت لاءِ آهي ئي ڪونه.
پروفيسر ضيا: جاني، اهي ڳالهيون ياد نه ڏيار: نوري منهنجي زندگيءَ ۾ ان وقت آئي، جڏهن مون کي الف هيٺان نقطو ۽ ب خالي نظر ايندي هئي. عشق، محبت، اشارا، غمز، ادائون، ناز، راز ۽ نياز- اهي سڀ ڳالهيون، منهنجي ذهن ۾ ڪوبه احساس پيدا نه ڪنديون هيون، - ۽ اوچتو ئي اوچتو، هڪ رات مون پاڻ کي هن سان گڏ ڳاڙهي سجايل سيج تي ستل ڏٺو!
مس بدر: (کيس وڌيڪ چيڙائڻ لاءِ) ۽ ان رات اوهان ۾ عورت جي قرب جو احساس جاڳيو، ان رات اوهان ”رات ستارن هاڻي ...“ نظم لکيو. مون کي اڄ به اوهان جو اهو نظم وڻندو آهي. الا، ڪهڙيون نه چيچلائيندڙ ڳالهيون لکيون اٿو!
پروفيسر ضيا: (چڙندي) چڱو ائين ئي سهي، پر اهو ته نوخيزيءَ ۽ جوڀن جو زمانو هو. ان وقت ته ڪا ڪاري، ڏنگي، نڪ_چٻي به چڱي ملوڪ لڳي ها ۽ نوري ته بنهه بي عيب هئي: سندس سٻاجھي صورت، پاپ ۽ پڃ کان بعيد، گناهه ۽ ثواب کان پري، سندس اٻوجھائيءَ واريون حرڪتون، سندس مينديءَ رتا هٿ پير منهنجي ڪچڙي دماغ تي ائين اثر ڪرڻ لڳا ڄڻ ته خالي سليٽ تي ڪي نقشا ٺهندا ويا ۽ ... ۽ ...
مس بدر: (اڃا به ٽوڪ جي انداز ۾) ۽ پوءِ مون اچي اهي نقشا ڊاهي ڇڏيا، ائين نه؟ ڏيو مون کي ڏوهه: دل پنهنجي ڪمزور، ڏوهه ڏين ٻين جي حسن کي!
پروفيسر ضيا: برابر، اهي نقشا ته ڪچيءَ سليٽ تي ڪچيءَ پين سان لکيل هئا، ۽ جڏهن سليٽ پچي راس ٿي، تڏهن تو پنهنجي مرمرين جسم ۽ پٿر جھڙي دل سان ان تي اهي نقشا ڪڍيا آهن، جيڪي ڊهڻ کي نه ڊهندا! ... ۽ ان ۾ ته منهنجي مائٽن جو ڏوهه آهي. مون ٿورو ئي کين چيو ته مون کي شادي ڪرايو. شادي ته دل جو سودو آهي! توح جي راتن ... اوهو، منهنجو مطلب آهي روح جي تارن کي اڻ تڻڪيل حالت ۾ ڇيڙڻ سان ته بي سرائي پيدا ٿيندي!
مس بدر: روح جي اڻ تڻڪيل تار شايد هاڻ ڪافي تڻڪيل ٿي ڀانئجي!
پروفيسر ضيا: ائين کڻي سمجھه ته توکي ڏسي، سڀ تارون تڻڪجيو ٿيون وڃن!
مس بدر: ۽ ان مان راڳ ڪهڙا ٿا نڪرن؟
پروفيسر ضيا: تنهنجي ضرب سان ايمن جا سر ٿا آلاپجن.
مس بدر: ڪلياڻ کانسواءِ!
پروفيسر ضيا: (ٿڌو ساهه ڀري) عشق ۾ ڪٿان آيو ڪلياڻ، جاني!
مس بدر: تنهنجي معنيٰ ته مون مان اوهان کي ڪلياڻ نصيب نه ٿيندو.
پروفيسر ضيا: تون ڇو اڄ مون کي ايترو تنگ ٿي ڪرين؟
مس بدر: ان لاءِ جو اوهان جي سامهون نوريءَ جو خط پيو آهي. ۽ اوهين اجھو ٿا ڳوٺ ڀڄي وڃڻ جون تياريون ڪريو.
پروفيسر ضيا: اهڙي ته ڪا ئي ڳالهه نه آهي! پڙهي کڻي ڏس.
مس بدر: نه بابا، پرائي زال جو خط پڙهڻ ٺيڪ نه آهي. الائجي ڪهڙي راز جون ڳالهيون هجن.
پروفيسر ضيا: توکان ڪهڙا راز ڳجھا آهن؟ مون ته اڃا کوليو ئي ڪونهي. اڪثر خط کولڻ بنا ئي ڦاڙي ڇڏيندو آهيان، پڙهي ٻڌاءِ ته ڇا لکيو اٿس.
مس بدر: لکيو وري ڇا هوندائين! اهو ئي نه اوهان کي ڏٺي ڏاڍا ڏينهن ٿيا آهن- سگھا اچو! (خط کولي پڙهڻ ٿي لڳي. خط پڙهڻ وقت مختلف وقتن تي مختلف جذبا سندس چهري جي تاثرن مان ظاهر ٿين ٿا.)
”جيءَ جا جاني، ڪيترا ڪانگ اڏايم، پر تو واڳ نه ورائي. تون ايترو ڪٺور دل ته نه هئين. اهي ڏينهن، اهي نينهن ياد ڪري هيانءُ ٿو ڦاٽي. ڳالهيون ٿيون ياد پون ته ڳچ ٿا ڳڙن. الائجي ڪهڙو پاپ ڪيم، جو تون رسي وئين. ڳالهيون پئي ٻڌان ته ڪاليج ۾ ڪا ڇوڪري آهي، تنهن سان دل لڳائي اٿئي. مئيءَ دل کي چوان ته منهنجي جانيءَ ائين وري ڪيئن ڪيو هوندو. من ته مڃي ئي نه ٿو. ياد اٿو هڪ ڏينهن ماسي خيران، ڳالهين تان ڳالهيون ڪندي، چيو هو ته اڄ جا ڇوڪرا پڙهي، پڙهيل ۽ ٺٺ ٺانگر وارين ڇورين سان نيون شاديون ٿا رچائين، ۽ ويچاريون ڏاڏي پوٽيون رليءَ ۾ ويهي روئڻ ۾ ئي حياتي ڪاٽيو وڃيو قبر ڀيڙيون ٿين، تڏهن تو اڇانگ ڏيئي چيو: ”ماسي خيران، اهي ڪي هلڪڙي قسم جا ڇوڪرا هوندا، جيڪي ڪنهن بي گناهه کي سڄي عمر رڳو پنهنجي حرص پوري ڪرڻ لاءِ، روئڻ لاءِ ڇڏي ڏيندا. شاديون برابر پسنديءَ موجب ٿيڻ گھرجن، ۽ ڇوڪريون پڙهيل آهن ته حياتيءَ ۾ ٻارن ۾، ۽ گھر تڙ ۾ سڌارو ايندو، پر اهو انهن لاءِ آهي، جيڪي اڃا ڪنوارا آهن. مائٽن جي غلطيءَ جي سزا انهن اٻوجھه ۽ معصوم ڪنوارن کي ڏيڻ ته ڪميڻپ آهي. جي اهڙا منهن موچارا آهن ته اول پنهنجين ونين کي هٿ وٺي نوان مڙس ڏين، پوءِ وڃي پنهنجو پاسو گرم ڪن. آخر انهن غريبن کي به حياتي آهي، جنهن ۾ اهڙيون ئي ڪلپنائون ۽ امنگ آهن.“ اهي تنهنجا اکر ڪيئن وساريان! آءٌ ته سڄي لڄ کان ڳاڙهي ٿي وئي هيس، ۽ مون چريءَ دل کي چيو هو ته دنيا اٿلي پوي، تون نه بدلبين، پر به جيڪڏهن ڪٿي ڪنهن من موهڻيءَ سان انگ اڙائي ويٺو آهين ته به منهنجي اکين تي. آءٌ ته تنهنجي پيار وهيڻي آهيان. فرو تو کي ڏاڍو ياد ٿي ڪري! بابا بابا، ڪري وڃيو فوٽوءَ کي مٺيون ڏئي. آءٌ فوٽوءَ ۾ توکي ڏسي، وري به فرو کي مٺي ڏيئي چوندي آهيان: “فرو، تنهنجو بابا ڪُو گاڏيءَ تي ٿو اچي.“ من سندس دل پرچي وڃي! ٿورو لکيو گھڻو ڪري سمجھندا. روز کير ۾ پيهون پسائي ٿي رکان: من کائڻ وارو کير جي صدقي اچي نڪري. ماسي خيران چوندي آهي ته جي پنهنجي پيارل لاءِ اوسيڙو ڪندي کير رکي ڇڏبو ته ورهيه گذرڻ کانپوءِ به کير کٽو نه ٿيندو. ڏسين متان کير کٽو ٿي وڃي ... تنهنجي نوري.“
(خط جي اثر کان ٻئي ڄڻا گھڙي کن چپ ٿي ٿا وڃن.)
پروفيسر ضيا: (خط جي لفظن کان متاثر ٿيندي، ٿڌو ساهه ڀريندي) اف، ڪيترا نه ڏکوئيندڙ خط ٿي لکي، جيڪڏهن منهنجي من جو کير اڳئي کٽو نه ٿي ويو هجي ها ته شايد آءٌ روئي وجھان ها! ڇو تون خاموش ٿي وئينءَ؟ ڪجهه چئه ... ڪجهه ڳالهاءِ، منهنجو ته هيانءُ ٿو ٻُڏي.
مس بدر: (ٿورو هٻڪندي) هي لفظ واقعي دل ۾ وڍ ٿا وجھن. آءٌ به ته هن جھڙي زال ذات آهيان. هن مون کي ته لوڏي وڌو آهي ... آءٌ اوهان کي ايترو قرب، ايترو پيار سموري زندگيءَ ۾ ڏيئي ڪانه سگھنديس ... هن خط مون کي سوچڻ تي مجبور ڪري وڌو آهي ... آءٌ پنهنجي پاڻ کي هن ڪِيس جي ڏوهڻ بنائڻ نه ٿي گهران ... آءٌ ...
پروفيسر ضيا: بس بس ... ان ڪري چيم ٿي ته آءٌ هن جا خط پڙهڻ کانسواءِ ڦاڙي ڦٽا ڪندو آهيان ... الائجي ڪٿان لفظ ڳولي ٿي لکي ... پر هاڻ ته آءٌ پنهنجي من مندر ۾ توکي وهاري، پاڻ ارپي چڪو آهيان. اتان موٽ ممڪن نه آهي ... مونکي تنهنجي گھرج آهي، تنهنجي پيار کي آءٌ ڇا ڪندس ... منهنجي لاءِ تنهنجو حسين وجود ڪافي آهي.
مس بدر: (ٿورو چڙ مان) جيڪڏهن اوهان کي رڳو منهنجي وجود سان واسطو آهي- ۽ منهنجي پيار جي اوهان کي گھرج ئي ڪانهي، ته پوءِ ... ته پوءِ اوهين مون سان شاديءَ لاءِ ڇو پيا پتوڙيو! اوهان جي من-مندر ۾ جي منهنجي مورتي آهي، ته شاديءَ جي ڪهڙي ضرورت! مورتيءَ جي پوڄا ته اوهين موهن جي دڙي جي کنڊرن ۾ پاڻ پوري به ڪري سگھو ٿا.
پروفيسر ضيا: تنهنجي چڙ تو کي وڌيڪ حسين ٿي بنائي ... هي تنهنجا ڏڪندڙ چپ، هيءَ تنهنجي گلابي گلابي زبان، هي رتا ڳل ... ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ته ... ڄڻ ته ...
مس بدر: ]ساڳئي ترش لهجي ۾[ اف، هاڻ وري شاعري شروع ٿي ويئي ... پروفيسر صاحب، شاعري زندگيءَ جو فقط هڪ اڻ لکو اهڃاڻ آهي. اهو اهڃاڻ ڪيترو ئي اهم سهي، زندگيءَ ۾ ٻين سان کيڏڻ جو حق ڪونه ٿو ڏئي. اوهين رڳو پنهنجي ذهني عيش، پنهنجي هٿن جي ڇهاءَ، پنهنجي چپن جي چشڪي، پنهنجي راڳ ويراڳ ۾ ازل جا اسرار بيان ڪرڻ ۾ مست آهيو: ٻيون حياتيون- جيئرا جاڳندا انسان- اوهان جي لاءِ تڇ، بي مقصد، بي حيثيت ۽ بيڪار آهن ... اها خود غرضيءَ جي حد آهي. خدا جي واسطي انساني زندگيءَ کي ايترو سستو، ايترو پاسيرو ۽ ايترو بي حقيقت نه سمجھو ...
]سٽ ڏيئي ٻاهر هلي ٿي وڃي.[
پروفيسر ضيا: (پنهنجي منهن) عجب ڇوڪري آهي ... جيڪڏهن پيار ڪرڻ تي ٿي اچي ته خود منهنجو پيار، ان جي اڳيان ڪک پن وانگر لڙهيو وڃي ... ۽ جڏهن زندگيءَ جي حقيقتن کي ٿي ڏسي ته محض پٿر ۽ پهڻ بنجيو وڃي، جنهن ۾ شاعريءَ، محبت، آفاقيت کي ڪا جاءِ ڪانهي ... ڪيترو تضاد آهي هن ۾ ... ۽ مون ۾ ...
(پروفيسر جا دوست نواز ۽ حميد اندر اچي، سامهون ڪرسين تي چپ چاپ ويهي ٿا رهن. ڪجهه وقت ته پروفيسر پنهنجي منهن چپن ۾ ڳالهائيندو ٿو رهي. پوءِ سامهون ويٺل دوستن کي ڏسي اوچتو ڳالهائڻ ٿو شروع ڪري)
پروفيسر ضيا: [نواز سان مخاطب ٿي] تون ٻڌاءِ، ٻن پريمين ۾ ايترو تضاد ڇو؟
نواز: [ڇرڪ ڀري] پريمي؟ ... ڪهڙا پريمي؟
پروفيسر ضيا: چنڊ ۽ سوجھرو!
حميد: [کلي] يا اماس جو چنڊ ۽ اوندهه ... !
پروفيسر ضيا: تون ڪير آهين؟ هت ڇو ويٺو آهين؟ آءٌ ڪير آهيان؟ هت ڇو ويٺو آهيان؟ هي ڪير آهي ... هت ڇو آيو آهي ... هوءَ ڪير آهي ... هتان ڇو هلي ويئي؟ هوءَ ڪير آهي ... هت ڇو نه آئي ؟
حميد: [آهستي] اچي ويو پنهنجي رنگ تي، هاڻ ته اڙجي وياسون! ]ڏاڍيان کلندي[ مان گھورڙيو آن، هت ٽڻ مڻ وڪڻڻ آيو آهيان. تون ... ٻڪر آن، هت ٻٻر جا پلڙا کائڻ آيو آن. هي ٻڪرار آ ... تنهنجي ڳولا ۾ هت آيو آ؛ هو ... هو ٻٻر جو پلڙو آ، هت وڪامڻ آيو آ ... ۽ هوءَ ... رابيل جو سرهو گل آ، ... ٻٻرن جي لوڙهي ۾ اٽڪي پيو آ ...!
پروفيسر ضيا: [چڙ مان] حميد، مون توکي ڪيترا ڀيرا چيو آهي، منهنجي شخصي زندگيءَ ۾ تنهنجو ڪجهه نه وڃي؛ ۽ مون سان ان بابت چرچو نه ڪندو ڪر.
حميد: [کلندي] چرچو ڪنهن ڪيو؟ تو يڪساهيءَ چار سوال پڇيا، ۽ مان چئين ساهين ۾ هڪ ئي جواب ڏيئ ي سگھيو آهيان.
نواز: ڇڏيو انهيءَ بڪ کي. ضيا، ٻڌ ته اڄ مشاعري ۾ ڪهڙو نظم پڙهندين؟
حميد: ”چانڊوڪيءَ ۾ گھلو واهه جو سير!“
پروفسير ضيا: وري به مذاق ... ڏس حميد، اڄ منهنجو موڊ ٺيڪ نه آهي، تنگ نه ڪر.
نواز: تون حميد ڏانهن ڌيان ئي نه ڏي. ٻڌاءِ، ڪهڙو نظم پڙهندين؟
پروفيسر ضيا: اڄ، دل ۾ سوز ۽ اکين ۾ باهه پئي ٻري. اڄ ته آءٌ اهڙو نظم پڙهندس، جو سڀ ياد ڪندا. اڄ آءٌ هڪ طويل نظم پڙهندس: ”تون ۽ مان!“
حميد: پر اڄ ته سنڌي ٻوليءَ جو ڏينهن ٿا ملهايون. ٻوليءَ يا سنڌ تي ڪو نظم پڙهڻ وڌيڪ سونهندو. نواز به اڄ ”موهن جي دڙي“ وارو يا ”ٺٽي“ تي نظم پڙهندو.
پروفيسر ضيا: حميد، جڏهن انسان ٻن محبوبن جي پريم ۾ گرفتار هوندو آهي، تڏهن شاعر جي پنهنجي شخصيت ٻنهي ۾ ملي، ٻنهي کي هڪ ڪري ڇڏيندي آهي.
حميد: واهه جي تثليث آ- شاعر، سنڌ ۽ محبوب. بلڪل عيسائين جهڙي تثليث، پر عيسائين جي تثليث کان اڳ تڪوين ڪائنات ۾ سرپنٽ يعني ڪاريهر بمعنيٰ شيطان به شامل آهي. تنهنجي تڪوين ۾ اهو ڪردار الائجي ڪير ٿو ادا ڪري، شاعر يا محبوب؟
پروفيسر ضيا: [چڙندي] تون مذاق کان باز نه ايندين. اڙي پٽيوالا ... [گھنٽي وڄائيندي] او پٽيوالا ...
پٽيوالو: [ٻاهران ئي] جي سائين ... آيو سائين.
[اندر اچي ٿو]
پروفيسر ضيا: [پٽيوالي کي گھوريندي] ڏسين ڇا پيو. مون کي هتان ڌڪا ڏيئي ٻاهر ڪڍ.
پٽيوالو [گھٻرائجي] : جي سائين، ڇا چيوَ؟
پروفيسر ضيا: [چڙ مان] ٻوڙو ڪڏهن کان ٿيو آهين. اسرافيل جي ڪوڪ ٻڌي اٿئي ڪيئنءَ؟ چيو مانءِ ته ڌڪا ڏيئي ڪڍ.
پٽيوالو: [هٻڪندي] ڪنهن کي سائين؟
پروفيسر ضيا: مون کي، ٻيو وري ڪنهن کي گڏهه، هي ته مهمان آهن، هي ڪيئن نڪرندا؟
[پٽيوالو حيرت مان ڪڏهن پروفيسر کي ته ڪڏهن حميد ۽ نواز کي ڏسڻ ٿو لڳي.]
حميد: [پٽيوالي کي] تون وڃ، بابا. ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس ڀري اچ، تنهنجي صاحب کي قلب جي گرميءَ جي شڪايت ٿي پئي آ.
پروفيسر ضيا: واهه واهه ! قلب جي گرمي ... ۽ شڪايت:
هيءَ آڳ سلامت ته رهي عشق سلامت
واهه جي گرھ لڳائي اٿم: سبحان الله سبحان الله! نانو مرحوم چوندو هو ته سنڌين ۾ برجستگي ڪانهي! ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي برجستگي ٿيندي. ڇا چيو آهي يونانين جي ابي يورپڊيز؟ ٻڌاءِ ته. واهه واهه! [پٽيوالي کي] تون ڇو بيٺو آهين؟ ٿڌو پاڻي آندءِ؟ ڏسو ته، زمانو ڪٿي وڃي پهتو آهي!
[پٽيوالو وڃي ٿو. ايتري ۾ ٻه چار ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اندر اچن ٿا، ۽ سڀ هڪ آواز ٿي ”السلام عليڪم“ چون ٿا.]
نواز: [حميد کي، آهستي] يار حميد، ضيا جي طبيعت کان اڄ مون کي ته ڀؤ ٿو ٿئي. ههڙيون ڳالهيون، جن جو نه سر نه پير، اڳي ته ڪڏهن نه ڪندو آهي!
پروفيسر ضيا: وعليڪم السلام. هيءَ فوج ڪيئن چڙهي آئي آهي؟
هڪ ڇوڪري: سائين، مس بدر چيو هو ته اوهين ڪلاس هت وٺندا. ۽ اسان کي هيڏانهن موڪليو اٿس.
پروفيسر ضيا: [شوڪارو ڀري] چڱو، وهو، وهو. اڄ ڪلاس هت ئي وٺبو. هي ٻه ڄڻا اوهان جا نوان ساٿي آهن. اڄ ئي داخلا ورتي اٿن. ڳالهين مان خبر پئي ته هڪڙي کي شاعريءَ جو مرض آهي، ٻئي کي افساني جو. اوهان مان شاعريءَ جو مرض ڪنهن کي آهي؟
هڪ ڇوڪرو: سائين، اوهان کي؟
پروفيسر ضيا: ”اوهان مان“ پڇيم، ”اسان مان“ ڪونه پڇيم.
ڇوڪرو: اوهان ۽ اسان ٻنهي جا هتي ”ضمير حاضر“ آهن!
پروفيسر ضيا: ٺيڪ آهي، ٺيڪ آهي. اوهان ۽ اسان ۾ ڪو خاص فرق به ڪونهي. ٻئي ضمير عربي ”انا“ مان نڪتل آهن، سو ڳالهه مڙئي ساڳي آهي.
[ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا کلڻ لڳن ٿا.]
ڇو، ان ۾ کل جي ڪهڙي ڳالهه، اها ته هڪ تحقيق آهي. پروفسير بخش برهمنا باديءَ مدظله صحيفي قرة السنديءَ ۾ چٽي ۽ پڌري اها ڳالهه مصحح طور سمجھائي آهي! خير، اڄ بحث جو موضوع ڇا آهي؟
هڪ ڇوڪرو: ”موهن جي دڙي جي تهذيب ۾ شاديءَ جون رسمون.“
پروفيسر: موضوع ته دلچسپ آهي، پر ان لاءِ تاريخي شاهدي ايتري مڪمل نه آهي. ان ۾ اول ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان تهذيب ۾ شاديون مرد ڪندا هئا، يا زالون؟ جيڪڏهن مرد ڪندا هئا ته هڪ ئي وقت گھڻيون جويون ڪندا هئا، ۽ جيڪڏهن زالون ڪنديون هيون ته هڪ ئي وقت گھڻا مڙس ڪنديون هيون؟
[ڇوڪرا کلڻ ٿا لڳن.]
پروفيسر: ڇو، صرف ڇوڪرا ڇو پيا کلن، ۽ ان ۾ کل جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟
هڪ ڇوڪرو: سائين، مردن ۽ زالن ۾ چٽا ڀيٽي هوندي هئي. ڪڏهن مرد گھڻي ۾ گھڻيون جويون ڪري رڪارڊ قائم ڪندا هئا، ته ڪڏهن زالون گھڻي ۾ گھڻا مڙس ڪري رڪارڊ قائم ڪنديون هيون.
حميد: سائين، جي اجازت هجي ته مان به ڪجهه عرض ڪريان؟
پروفيسر: جي ٻچا، چئو. بلاشڪ چئو، منهنجي ڪلاس ۾ اجازت سان ڳالهائڻ منع آهي.
حميد: آديس گرو ... آديس گرو. سائين، موهن جي دڙي جي ڪن مهرن مان مردن کي پڇ، يعني دُم، يعني Tail سان ڏيکاريو ويو آهي؛ ۽ ڪن کي ڳچيءَ ۾ هڪ رسو ٻڌل آهي، ۽ اهو رسو هڪ وڻ سان ٻڌل آهي. سندس پويان هڪ ٻڪري اڳيان کر سندس پٺن تي رکي، کيس ٿونو هڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
[ڇوڪريون کلن ٿيون.]
پروفيسر: هاڻ ڇوڪريون ڇو ٿيون کلن؟ ٺيڪ آهي؛ ڀلي کلن. برابر اهڙيون مهرون ملن ٿيون، ٻچا؛ پر ان مان ڇا ٿو ثابت ٿئي؟
حميد: سائين مولانا لا يعني نيشاپوري پنهنجي اڻ لڌل مخطوطي ۾ رقم طراز آهي ته جيڪي مرد ٻي شاديءَ جو خيال به ڏيکاريندا هئا، تن کي ديوتا ناراض ٿي، پڇ جو سراپ ڏيندا هئا: ۽ سندن زالن کي اهو اختيار هوندو هو ته کين ڳچيءَ ۾ نوڙ وجھي، ٻڪرين سان گڏ، واڙي ۾ منهه سان ٻڌي ڇڏينديون هيون.
]ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا کلڻ لڳن ٿا[.
پروفيسر: ]آهستي[ يعني تون وري شخصي حملي تي لهي آئين. ]ڏاڍيان[ ٺيڪ آهي، شايد ائين ئي هوندو، پر ان مفروضي جي رد عمل طور ئي موجوده سماج ۾ ٻن جي ٻيڻ يعني چئن شادين جي اجازت آهي- ۽ آهي اهو اختيار مردن کي ته ٻڌي ڇڏين زال پنهنجيءَ کي، سراسر منجھه واڙي ٻڪرين جي! ڪلاس برخواست.
]پروفيسر کانسواءِ سڀ کلندا ٻاهر وڃن ٿا.[
ڏيک ٻيو:
[ڪجهه ڏينهن کانپوءِ]
بدر: توبهه، اوهين ته ائين ٿا سمهو، ڄڻ ته وري منڪر نڪير اچي اوهان کي اٿاريندا. اٿو، ڪاليج جو وقت ٿي ويو آهي.
پرفيسر: ڪاليج، ڪهڙو ڪاليج؟ تون ڪير آهين؟ هت ڪيئن ۽ ڇو آئي آهين- ۽ هوءَ ڪيڏانهن وئي.
بدر: ]چڙ مان[ هوءَ؟ڪير هوءَ ڪير آئي هئي هتي؟
پروفسير: ]اوٻاسي ڏيندي[ اوهو، بدر ... اوهو منهنجو مطلب آهي، بدر بيگم، لاحول ولا قوة منهنجو مطلب آهي صرف منهنجي بيگم ...! پر بيگم تو منهنجو خوار خراب اوهو منهنجو مطلب آهي، منهنجو خواب خراب ڪري ڇڏيو.
بدر: ]ساڳي چڙ مان[ اوهين اڃا خوابن جي دنيا ۾ آهيو: آءٌ ته خواب مان جاڳي چڪي آهيان. هيءُ گھر آهي يا خچر خانو؟ ائش ٽري اوهان جي سيرانديءَ کان رکي آهي، پر خالي.
پروفيسر: (ٿورو ڦڪو ٿيندي) بيگم، سچ ٿو چوان ته اهي ايترا سگريٽ يقيناً مون نه ڇڪيا هوندا.
بدر: تڏهن مون ڇڪيا آهن؟ يا رات ڪي چور اچي هت سگريٽ ڇڪي واپس هليا ويا. هون! عجيب مصيبت ۾ جان آهي! نه صفائيءَ جو خيال، نه ڪپڙن پائڻ جو سليقو، نه ڳالهائڻ جو ڍنگ، رڳو شاعريءَ جي پيٽ ڀرائي.
پروفيسر: (ليلائيندي) بيگم، ڪاوڙ تنهنجي صحت لاءِ ٺيڪ نه آهي. خدا نه ڪري جيڪڏهن تنهنجي دشمنن کي ڪجهه ٿي پيو ته آءٌ بي موت مري ويندس.
بدر: (طنز مان) واهه واهه، يعني منهنجي دشمنن کي ڪو مرض ٿيو ته اوهان جي لاءِ موت ٿيندو، ۽ مون کي ۽ منهنجي دوستن کي ڪجهه ٿيو ته پوءِ ته اوهين دهل وڄائيندا، ائين نه؟
پروفيسر: (هٻڪي) بيگم، مون ته هڪ فصيح محاورو استعمال ڪيو هو.
بدر: (ساڳئي انداز ۾) اهڙا فصيح محاورا، اوهان جي صحت لاءِ چڱا هوندا: مون کي تنهن کان معاف رکو.
پروفيسر: (هٻڪندي، پرچائڻ جي آواز ۾) بيگم ... تون ايترو بدلجي ڇو وئي آهين؟ اڃا شاديءَ کي مهينو به ڪونه ٿيو آهي ته تنهنجي محبت هر ڪري پوا ٿي، لاحولا ولا قوة، پر ڪري هوا ٿي ويئي. ڪيڏو نه تنهنجو نينهن هو مون سان. مون کي پنهنجي سر جو تاج، من جو موتي، دل جو ... الائي دل جو ڇا ڇا سمجھندي هئينءَ- ۽ هاڻ، ... هاڻ، آءٌ ساڳيو تنهنجو ضيا، توکي بنهه ڪين ٿو وڻان. مهانڊي جي ته خير ڳالهه ئي جدا آهي، ۽ اها خدا جي جوڙ آهي- توکي منهنجو ڀر پاسي ۾ هجڻ به ڪين ٿو وڻي.
بدر: (ڪڪ ٿي) هاڻ ڇڏيو، انهي بڪ کي. اٿو، وڃو ڪاليج، منهنجون ڪجهه سهيليون اچڻيون آهن، سي اوهان کي ڏسي نه وٺن.
پروفيسر: يعني مون کي ڏسنديون ته ڇا ٿيندو، اهڙو بدشڪل ته ڪونه آهيان، جو مون کان انسان ذات ڇرڪڻ لڳي!
بدر: اوهان کي ڪجهه نه ٿيندو، البت منهنجي پسند جو داد اهڙو ملندو جو يا عمر ياد ڪنديس.
پروفيسر: ڇو، تنهنجي پسند کي ڇا ٿيو آهي؟
بدر: (خفي ٿيندي) رب جي واسطي مون کي بخش ڪريو، ۽ هتان ٽرو، منهنجون ساهيڙيون اچڻ واريون هونديون.
]ٻاهران زنانن ٽهڪڙن جو آواز اچڻ ٿو لڳي، ۽ گھڙيءَ کانپوءِ ٽي ڇوڪريون اندر اچن ٿيون. ڇوڪرين کي ڏسي، پروفيسر هڪدم چادر ڇڪي منهن تي وجھي ٿو ڇڏي.[
اڙي، هي ته اچي به ويون، (ڏاڍيان) نرگس، اوهين ڊرائنگ روم ۾ وهوته آءٌ اچان ٿي.
نرگس: هي ڪنهن کي لڪايو اٿئي چادر ۾، جو اسان کي ٿي تڙي ڪڍين؟ يا موتي ڪتو بستري ۾ بالم ٿيو ستو پيو آهي.
بدر: وڏي ڪا وات واري آهين، نرگس. اڃا هي صاحب بهادر ننڊ مان ئي ڪونه اٿيو آهي. هن کي ڪاليج موڪليان ته سامت جو ساهه کڻي ويهي، اوهان سان رهاڻ ڪريان. توهين گھڙيءَ لاءِ ڊرائنگ روم ۾ وهو ته آءٌ اجھو آيس.
نرگس: (کلندي) اڙي مون ته تنهنجو گھوٽ اڃا تائين ڪونه ڏٺو آهي. ساڳي شاعرن جھڙي شڪل اٿس. يا ان کان وڌيڪ ...
]ڇوڪريون کلڻ ٿيون لڳن[
ٻي ڇوڪري: پروفيسر صاحب،السلام عليڪم.
پروفيسر: (چادر جي اندران) وعليڪم السلام.
نرگس: (کلي) اڙي، هي ته ڳالهائي به ٿو، ۽ سو به عربي ۾، پر ويچارو آهي واقعي شرميلو، بدر، اسين تنهنجي پروفيسر جو منهن ڏسڻ کانسواءِ هتان ڪين ٽرنديونسين.
پروفيسر: (چادر مان سسي ڪڍندي ۽ اٿندي) جي اجھو حاضر!
نرگس: (شرارت مان ڪيڪ ڪندي) اوئي الا ...
بدر: (بيزاريءَ مان) نرگس ڏاهي ٿي، تون هنن کي وٺي هل ڊرائنگ روم ۾ ته مان هن کي “ڊسپوز” ڪري اچان ٿي.
هڪ ڇوڪري: (ٽهڪ ڏيئي) واقعي، آهي “ڊسپوز” ڪرڻ جھڙي شيءِ.
پروفيسر: يعني ڪه ڊسپوز ڪرڻ جھڙي شيءِ؟ يعني ڪه معنيٰ؟
بدر: (ڪاوڙ مان) اوهين چپ رهو.
نرگس: واقعي جيسين ڳالهايو نه هئائين، تيسين ته چڱو خاصو انسان ٿي لڳو.
بدر: (منٿ ڪندي) نرگس، مون تي ڪهل ڪر، هتان هلي ...
نرگس: تون چپ ڪر: هي شاعر به آهي. پروفيسر صاحب پنهنجو تازو ڪلام ٻڌايو ته اوهان کي بخشيو ويندو نه ته ...
پروفيسر: (خوش ٿيندي) جي حاضر، رات ئي هڪ ڪلام آيو هو.
هڪ ڇوڪري: (کلندي) وهه واهه، اها ئي شاعري ڏسو- ڪلام آيو هو، ڇا چست فقرو آهي، سبحان الله، جزاڪ الله.
پروفيسر: (شاعرن وانگر جھڪي سلام ڪندي) نوازش، ڪرم، ذره نوازي- ۽ سو به رات جو ٽين بجي.
نرگس: اهو ته سگريٽن جي ٽوٽن مان ظاهر آهي، ڪا ڪمهلي شاعري آهي.
پروفيسر: عرض ڪيو اٿم ... (کنگھڻ ٿو لڳي)
هڪ ڇوڪري: مڪرر ارشاد.
پروفيسر: يعني ڪه ڇا مقصد؟
نرگس: يعني ڪه ٻيهر.
پروفيسر: (وري کنگھندي- ترنم سان)
اڃا به آهن، اڃا به آهن، اڃا به آهن، اڃا به آهن،
مفا علاتن، مفا علاتن، مفا علاتن، مفا علاتن.
نرگس: واهه واهه، هي تعليمي شعر واقعي ڪمال آهي.
(ڇوڪريون کلڻ ٿيون لڳن)
پروفيسر: شڪريو، مهرباني، آءٌ ڪهڙي باغ جي موري آهيان!
(پڙهي ٿو)
سواءِ منهنجي سوا ٻيا به آهن، سواءِ تنهنجي ٻيا به آهن،
مفا علاتن مفا علاتن مفا علاتن مفا علاتن!
ڪي دل کان مجبور ڪي جگر کان، ڪي اکين کان مجبور ڪي ڪنن کان
مفا علاتن مفا علاتن مفا علاتن مفا علاتن
سواءِ تنهنجي سواءِ منهنجي ڪي ساهه وارا ٻيا به آهن.
هڪ ڇوڪري: اڙي واهه، هن ۾ ته بدر جو ذڪر آيو آهي ...
بدر: (ڪاوڙجي) اوهان کي جيڪڏهن بڪواس ٻڌڻي آهي ته ويٺيون ٻڌو، آءٌ وڃان ٿي.
پروفيسر: اڙي بيگم، خدا جي واسطي، هي آخري شعر ٻڌندي وڃ ... عرض ڪيو اٿم ...
بدر: (ڪاوڙ مان) اوهين، جيڪڏهن هن گھڙيءَ هتان نه ويا ته آءٌ ئي گھر ڇڏي هلي وينديس. توبهه گھر آهي يا ڪنهن بڪواسيءَ جو طوطي خانو.
پروفيسر: (ڦڪو ٿيندي) بيگم، تون ناراض نه ٿي! مان ئي وڃان ٿو. هن مڙي هن گھنٽ- منهجو مطلب آهي، هن گھڙيءَ هن منٽ هتان ڪوچ ڪرڻ جو ارادو رکان ٿو، پر ... پر بيگم، هي مقطعو ته ٻڌندي وڃ.
بدر: (ورچي) جهنم ۾ پوي اوهان جو مقطعو: نڪرو هتان نه ته سڏ ٿي ڪريان موتيءَ کي. (ڪتي کي ٻچڪاريندي) موتي ... موتي.
]پريان ئي ڪتي جي ڀؤنڪڻ جو آواز ٻڌجي ٿو، ۽ پروفيسر جو اٿي باٿ روم ۾ زور سان دروازي بند ڪرڻ جو آواز اچي ٿو[.
ڏيک ٽيون:
[ڪجهه ڏينهن کانپوءِ]
پروفيسر: به به به بيگم:
بدر: چيم ته اچان ٿي. اوهان ته مغز کائي ڇڏيو آهي. صبح کان وٺي، اها ئي چخ چخ. آءٌ ڪم مان واندي ٿي، اچي ٿي اوهان جي سامهون وهان.
پروفيسر: (هٻڪندي) ف ف فقط هڪ منٽ.
بدر: (چڙ مان) وري به ساڳي ڳالهه ... اوهان مان ته اڙجي ويئي آهيان، مهمان اچڻ وارا آهن. اوهين ڏٽا مٽا ٿيا ويٺا آهيو، ڪک ڇڏي ٻه به نه ڪيو اٿوَ. نه شيو ڪئي اٿو، نه غسل ڪيو اٿوَ- هي پنهنجو حال ته ڏسو، ڪير چوندو ته بدر جو مڙس هي آهي. هڪڙي شڪل اڳي ئي ..
پروفيسر: (ڪاوڙ مان رڙ ڪري) بيگم ... حد ٿي وئي تون ... تون ...
بدر: (ٽوڪ مان) حد ٿي ويئي، ائين نه؟ پوءِ اتي ڇو ويٺا آهيو، وڃي پنهنجي يارن دوستن ۾ ويهي شاعري ڪريو.آءٌ پنهنجي سالگرهه پاڻهي ملهائينديس.
پروفيسر: (نرميءَ سان) بيگم، تون ڇو اهڙي ٿي ويئي آهين؟ تون اهو ڇو ٿي سمجھين ته تنهنجي سالگرهه جي مون کي خوشي ڪانهي؟ مون کي بيحد خوشي آهي- دراصل دراصل ... آءٌ پنهنجي ڪپڙن ۾ نه ٿو ماپان ... (حسرت سان) دراصل آءٌ پنهنجي ڪپڙن کان ئي ٻاهر نڪري آيو آهيان ... تون فقط منهنجي ڳالهه ٻڌ ...
بدر: (نرگس کي سڏ ڪندي) نرگس، تون ان صوفا کي، ڀت سان لڳاراءِ ته آءٌ اچان ٿي. ]پس منظر ۾ فرنيچر ۽ ڪراڪريءَ جو آواز اچي ٿو[
پروفيسر: بيگم ... آخر تون منهنجي ڳالهه ٻڌ ته سهي ...
بدر: (ٽوڪ مان) چئو، ڪو غزل تازو لکيو اٿوَ، ڪو نظم نزول ٿيو اٿوَ: آءٌ ٻنهي ڪنن سان ٻڌڻ لاءِ تيار آهيان ... کڏ ۾ وڃي پوي سالگرهه، ڌوڙ ۾ وڃي پئي ...
پروفيسر: بيگم ... (حسرت مان ۽ ڏکويل انداز ۾) بيگم، فروءَ کي ٽائفائڊ ٿي پيو آهي ... هي ڏس نوريءَ جي تار آئي آهي ... ته ته ته فر ... فروءَ جي حالت نازڪ آهي ... ۽ (تقريباً روئندي) بابا، بابا ڪري مون کي سڏي ٿي.
بدر: (ڪاوڙ ۽ ٽوڪ ۾) اوهو ... اوهان کي بيگم صاحبه ياد ڪيو آهي، ائين نه ؟ بهانو اهو ته فروءَ کي ٽائفائڊ ٿي پيو آهي ... ٽائفائڊ اٿس ته آئي منهنجي جتيءَ تان ... هون، (اهل ڪندي) نوريءَ جي تار آئي آهي ...!
پروفيسر: (ليلائيندي) بيگم ... آءٌ رڳو فروءَ کي ڏسي سڀان شام موٽي ايندس ... تون دوستن کان معافي وٺج ته ته ...
بدر: هون! دوستن کان معافي وٺان ته منهنجو مڙس پنهنجي اڳين بيگم جو منهن ڏسڻ ويو آهي- ۽ عين منهنجي سالگرهه جي ڏينهن ... خوب، خوب عزت وڌندي، منهنجي دوستن جي اڳيان. (ڪاوڙ مان) ياد رک اوهين هتان ٻاهر نڪرندو، پر منهنجي لاش کي لتاڙي ...
پروفيسر: به به بيگم ... مون کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪر ... بيگم!
بدر: خوب سمجھيو اٿم اوهان کي ...
پروفيسر: (ڪنهن جذبي کان) آءٌ ضرور ويندس ... بيگم، مون کي دنيا جي ڪا طاقت فروءَ وٽ وڃڻ کان روڪي نه ٿي سگھي ... منهنجي ٻچڙي فرو ... ٽائفائڊ ۾ آهي- ۽ مون کي سڏي رهي آهي. بيگم، مان ضرور ويندس مان ضرور ويندس.
]ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري ٿو[
بيگم: (رڙ ڪري) موتي ... موتي، خبردار جي دروازي کان ٻاهر ويا آهيو.
]ڪتي جي رومڙ ڪرڻ جو آوز اچي ٿو- ۽ زور زور سان ڀؤنڪڻ جو آواز اچي ٿو- پروفيسر “ڪتو ... ڪتو” ڪري رڙيون ڪرڻ لڳي ٿو، ۽ باٿ روم ۾ اندر گھڙي ٿو وڃي[.
بيگم: ]دروازي کي ڪڙي ڏيڻ جو آواز اچي ٿو[ هاڻ اتي اندر باٿ روم ۾ ويٺا هجو ... ڏسان ڪيئن ٿا وڃو، مهمان اچڻ تي اوهان کي ٻاهر ڪڍنديس ... موتي، تون نگاهه رکجانءِ.
پروفيسر: (دروازي کي مڪون هڻندي، رڙيون ڪندي) بيگم ... مون کي هتان ٻاهر ڪڍ ... بيگم ... فرو مري ويندي ... بيگم، ... ڪميني بيگم ...
]ڪجهه وقت کانپوءِ مهمانن جو شور ٻڌڻ ۾ اچي ٿو- ۽ “هئپي برٿ ڊي” جا آواز اچن ٿا. عين ان شور ۾ شيشي ڀڃڻ جو آواز اچي ٿو. پروفيسر جي پويان ڪتي جي ڀؤنڪڻ جو آواز ٿو اچي[.
پروفيسر: (رڙيون ڪندي) بيگم ... فرو مري ويئي ... فرو ڪانه مرندي ... فرو مري ويئي.
نرگس: (خوف مان) بدر، مون کي ته ڀؤ ٿو ٿئي ... ته پروفيسر ...
هڪ مهمان: اڙي هي ته پروفيسر هو ... ۽ بدر ٿي چيو ته پروفيسر ڪراچيءَ ويو آهي ...
ٻيو مهمان : ويچارو بيمار ٿو لڳي.
[پروفيسر جون رڙيون آهستي آهستي جھڪيون ٿي وڃن ٿيون].
ڏيک چوٿون:
[هي منظر پاڳل خاني جو آهي: چرين جي آوازن ۽ موزون موسيقيءَ سان اهو تاثر پيدا ٿئي ٿو. هي ائڪشن هڪ لوهي دروازي جي کلڻ جي آواز سان ٿئي ٿو.]
ڊاڪٽر: ڪيئن آهيو، پروفيسر صاحب؟
پروفيسر: ڊاڪٽر صاحب، “اتي ئي آهي، جتي اوهان ڇڏيون!”
ڊاڪٽر: خوب ، خوب! ڀلا ڪا ننڊ ٻنڊ به آئي؟
پروفيسر: (اداسيءَ مان) ننڊ ته ڪانه آئي، البت فرو آئي هئي.
ڊاڪٽر: (ڪجهه سوچيندي) اوهو، اوهان جي ڪڪي فرزانه آئي هئي؟ پوءِ ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون، اوهان ساڻس؟
پروفيسر: منهنجي لاءِ گل آندا هئائين، سرنهن جا پيلا پيلا، جن مان زندگيءَ جي نواڻ پئي بکي، پر ...
ڊاڪٽر: پر، ڇا ٿيو؟
پروفسير: (ڏک مان) بيگم جھپ هڻي، اهي گل مون کان کسي ويئي ... (آهه ڀري) ... ۽ ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽر، ڊاڪٽر، منهنجي سامهون، او هينءَ (اشارو ڪري ٿو) پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي هلي ويئي- ۽ ويچاري فري روئڻ لڳي. (پاڻ به روئڻ ٿو لڳي) اصل ماٺ ئي نه ڪري. کير ۾ ڀنل پيهون کارايون مانس ته تڏهن وڃي ماٺ ڪيائين.
ڊاڪٽر: پوءِ ڇا ٿيو؟
پروفيسر: (آهستي، رازدارانه انداز ۾) نوري به آئي هئي، ڊاڪٽر، پر بيگم کي ڏسي کٽ هيٺان لڪي ويئي. بيگم کي متان ٻڌائين! (حسرت مان) ڊاڪٽر بيگم کي چؤ ته مون وٽ نه ايندي ڪري. مون کي سندس سڱن کان ڊپ ٿو لڳي. ۽ فرو به هن کان ڊڄي ٿي، ڊاڪٽر تون ڊڄين ٿو ڪي نه؟
ڊاڪٽر: سڱن کان ڊپ ٿو لڳئي؟
پروفيسر: ها، بيگم کي سڱ ڄمي پيا آهن. (کلي) چڱو ٿيو؛ جو مون ساڻس لائون نه لڌيون، نه ته مون کي به سڱ ڄمي پون ها .... هي هي هي ... ائين نه ڊاڪٽر؟
ڊاڪٽر: بلڪل بلڪل، پر هاڻ تون ته بچي ويو آهين نه؟ اڄ کان بيگم جو ته اچڻ بند ٿا ڪريون، اصل نه ايندي. کيس ٻڪرين جي واڙي ۾ بند ڪرائي ڇڏينداسون.
پروفيسر: (کلي، خوش ٿيندي) هي هي ... هي هي هي ! بلڪل ٺيڪ. پوءِ هوءَ مون کي ٿونا به نه هڻندي، ۽ نوري ۽ فرو به ڪونه ڊڄنديون، اصل نه ڊڄنديون.
]هڪ برقعي پوش زال ۽ هڪ ڪڪي اچن ٿيون. ڊاڪٽر کين ڪمري ۾ اچڻ کان منع ڪري ٿو.[
ڊاڪٽر : پروفيسر، هي ڏس ته ڪير آيو آهي؟
پروفيسر: (اکين کي مهٽيندي وڦلڻ جي انداز ۾) اڙي هيءَ ته فرو آهي، پر هيءَ اندر ڇو نه ٿي اچي؟ فرو ... منهنجي ننڍڙي فرو، آءُ ته کير واريون پيهون کائون.
ڊاڪٽر، نوري به ته اندر نه ٿي اچي- ۽ نوري هي پاڻ سان ڪفن ٻڌي ڇو آئي آهي، ڊاڪٽر ... نوري، اهو ڪفن لاهي ڇڏ ... ۽ ڊاڪٽر بيگم کي ٻڪرين جي واڙي ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي ... سڱ ڄمي پيا هئس نه ... تنهن ڪري ... ها تنهن ڪري ... موهن جي دڙي ۾ رسم هئي اها ... ]ڊاڪٽر کيس سئي ٿو هڻي. ۽ پروفيسر آهستي آهستي ڍرڪڻ ٿو لڳي، ۽ سندس اکيون بند ٿي ٿيون وڃن. برقعي پوش عورت اندر اچي، سندس پيرانديءَ کان ويهي رهي ٿي، ۽ سندس پير هنج ۾ رکي، انهن تي پيار مان هٿ گھمائڻ ٿي لڳي. سندس هلڪي روئڻ جو آواز به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.[
ڊاڪٽر: ڀيڻ تون فڪر نه ڪر. وقت لڳندو؟ هن جو دماغ موٽي ايندو؛ ۽ جڏهن هن جو دماغ موٽيو، تڏهن هن کي ياد به نه هوندو ته هن ڪا ٻي شادي ڪئي هئي. اوهين به خيال ڪجو ته هن کي ڪو ان ڳالهه تي نه ڇيڙي. ممڪن آهي ته ٻي شاديءَ جو نالو ئي ٻڌي، هي ڪو نقصان ڪري وجھي. هن کي فقط تون ۽ فرو ياد رهنديون. هن کي شايد کير ۾ پيهون زياده دلپسند آهن، اهي کارائيندا رهجوس.
[ٿورو وقت ماٺ ٿي وڃي ٿي.]
هي ائين سمجھندو، ڄڻ ته هڪ وڏي مسافريءَ تان موٽيو آهي. البت هڪ ڳالهه اوهان کي ضرور چوندس ته هي نهايت حساس ذهن جو ماڻهو آهي، ۽ هن ۾ ڪي اهڙيون خصلتون آهن، جن کي پڙهيل ماڻهو شاعري چون ٿا، جا بذات خود هڪ چڱي شيءِ آهي ۽ هن جي دماغ ٿيڙڻ جو وڏو سبب آهي، ڳوٺن جي بند ۽ ٻوساٽيل ماحول ۾ رهيل زندگي، ۽ شهري زندگيءَ جي مصنوعي زندگيءَ جو تضاد ۽ ٽڪر. تعليم ۽ پڙهڻ هن ۾ هڪ عجيب جھيڙو پيدا ڪيو آهي- جنهن جي ڪري شايد اڌ ماڻهو ته هڪ نه ٻيءَ طرح چريا آهن ئي.
پر آئيندي هن کي اوهان جي ساٿ جي سخت ضرورت رهندي.
نوري: (پاڻ تي ضابطو آڻيندي) جي ... شل منهنجي حياتي به کين ملي، آءٌ ته پاڻ گھوري ڇڏينديس.
ڊاڪٽر: ڀيڻ پاڻ گھورڻ جي ايتري ضرورت ڪانهي، جيتري هن کي سمجھڻ _ ۽ هن سان ساٿ ڏيڻ جي. ان ساٿ نه ملڻ جي ڪري ئي شايد ٻي شاديءَ جي چڪر ۾، حساس ماڻهو گرفتار ٿي ٿا پون. چڱو خداحافظ! (جمعدار کي) جمعدار، مريض کي هوش اچي ته هن ڀيڻ ۽ ڪڪيءَ کي سندس اڳيان بيهڻ نه ڏجانءِ ۽ مون کي اطلاع ڪجانءِ ...! (ڊاڪٽر وڃي ٿو، نوري اتي ئي ويهي رهي ٿي- فرو به پيءُ جي وارن ۾ آڱريون وجھي، پاٻوهه مان کيس ڏسندي رهي ٿي. ]پردو ڪري ٿو.[