مختلف موضوع

تُنهنجي تند تَنوار....

ڪتاب ”تنهنجي تند تنوار“ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب، ليکڪ، ناولنگار ۽ جديد صحافت جي اهڃاڻ ”سراج“ جي شاعري، ناٽڪ ۽ ترجمن جو مجموعو آهي. فهميده حسين لکي ٿي:
”سراج ادبي دنيا ۾ هڪ تخليقي فنڪار جي حيثيت ۾ قدم رکيو، هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ پاڻ مڃايو، وقت جي اڪثر رسالن ۾ هڪ شاعر جي حيثيت ۾ شامل ٿيندو رهيو، هڪ مضمون نگار جي حيثيت ۾ ڪيترائي تخليقي مضمون ۽ تاثر لکيائين، ٻين ٻولين ۾ ڇپجندڙ تخليقي ادب کي ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي دامن کي وسيع ڪيائين، تخليقي انداز ۾ تاريخي ناول لکيائين. ڪو وقت اهڙو به آيو، جو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وجود، حيثيت ۽ رُتبي تي سوال ٿيا، تڏهن هن پنهنجي قلم جو رخ تحقيق ڏانهن موڙيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي قدامت، عظمت ۽ شاهوڪاري ثابت ڪرڻ لاءِ موهن جي دڙي جي مهرن کان وٺي، تاريخ جي مختلف دورن ۾ ان جي اوسر ۽ ارتقا جا پيرا کنيائين،“
Title Cover of book تُنهنجي تند تَنوار....

جَر ۾ ڦوٽو جيئن.....

[هڪ چهچٽي جو هڪ ناٽڪ]

ڪردار:
زرينه بيگم: گهر جي مالڪياڻي
بانو: نوڪرياڻي
اسلم: هڪ مسافر
..... ..... ..... ..... .....

ڏيک پهريون:

(وقت: سياري جو هڪ صبح)
(مقام: پريم پور ڳوٺڙي ۾ ’زري محل‘ نالي بنگلو. مک دروازو اسٽيج جي ساڄي پاسي کان، اڱڻ ۾ کلي ٿو، اڱڻ مان هڪ ننڍڙو دروزاو باغيچي ڏانهن کلي ٿو. پردي کڄڻ تي، سامهون بنگلي جو باغيچو نظر اچي ٿو. باغيچي جي چؤگرد، ستگلن جي ول جو لوڙهو ڏنل آهي، ۽ هر قسم جي خوشنما گلن جون الڳ الڳ ٻاريون ٺهيل آهن. پردي کڄڻ تي صبح جي پکين جون مختلف ٻوليون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. ’زري محل‘ جي مالڪياڻي، زرينه بيگم، ستر کن ورهين جي پوڙهي آهي. سندس چهري تي اطمينان سان گڏ زندهه دليءَ ۽ خوشمزاجيءَ جو رنگ آهي. هوءَ اسٽيج تي، پنهنجي نوجوان نوڪرياڻي بانوءَ جي ٻانهن جي سهاري سان، باغ ۾ داخل ٿي رهي آهي.)
بيگم: اڙي بانو، اڄ توکي ٿيو ڇا آهي، جو بنهه مريضن وانگر پئي رڙهين؟
بانو: ڪجهه به ته نه آهي، سانئڻ. اوهان جي سِر جو سُنهن، ڪجهه به ڪينهي.
بيگم: هون ...، ڪجهه به نه آهي! پوءِ هيءَ تنهنجي سست رفتار، موڳي طبيعت، بي ڌياني چال ائين ئي بنا سبب جي آهي ... اڙي پاڳل، مون به دنيا ڏٺي آهي: تنهنجي عمر مان لنگهي آهيان ... ڀلا چؤ ته تنهنجو ’هو‘ شهر مان موٽي آيو يا نه؟
بانو: (ٿورو هٻڪي) جي ... جي، نه سانئڻ، اڃا ڪونه موٽيو آهي. (ٿڌو ساهه کڻي، روڪڻ جي ڪوشش ٿي ڪري.)
بيگم: ته پوءِ ائين چؤ نه. آءٌ به چوان ته مُئيءَ سان ڪا ته ويڌن آهي! ... ڇو ڀلا، اڃا ڇو ڪين آيو آهي؟ وئي به ته ڪافي ڏينهن ٿيا اٿس؟
بانو: (شرمائجي) ها بيگم، ڏاڍا وڃي ڏينهن لاتا اٿس. مون کي ته اچي اها جهوري لڳي آهي ته ...
بيگم: ها ها، چؤ، روڪجي ڇو وئينءَ؟
بانو: شايد کيس ترسائي ڇڏيو اٿن.
بيگم: ترسائي ڇڏيو اٿن؟ ڪنهن ترسايو هوندس؟
بانو: جي، اُتي ئي ته سندس مڱڻو ٿيل آهي!
بيگم: هون، سمجهيم، نڀاڳي، تو به ڪٿي وڃي اکيون اٽڪايون آهن ... جنهن جي دل ۾ اڳي ڪو ديرو دمايو ويٺو آهي، جو اڳي ئي پرائو ٿي چڪو آهي!
بانو: ائين نه چئو سانئڻ؛ هو پرائو ٻين لاءِ هوندو. منهنجي لاءِ ته ... ته ... (شرمائجي وڃي ٿي.)
بيگم: ها ها، تنهنجيءَ عمر ۾ سڀ ڇوڪريون، ائين ئي چونديون آهن. ها، سڀ ڇوڪريون ... آءٌ به ... (هلڪو کلندي) آءٌ به ائين چوندي هيس، پر جڏهن وقت آيو، تڏهن ... تڏهن ...! ٻڌ ته بانو، اڄ سيءُ هونئن ئي وڌيڪ آهي، يا مون کي ٿو محسوس ٿئي. هيءُ هوا جو سوساٽ ته ڏس ... ائين ٿو ڀانئجي ڄڻ ته هوا کي به پنهنجي جواني ياد اچي ويئي آهي، جنهن ۾ سڪون گهٽ هوندو آهي، ۽ طوفان گهڻا هوندا آهن. (ٿورو جذبات کان گُهٽيل آواز ۾) زندگي به عجيب آهي! جڏهن طوفانن جي تمنا هوندي آهي، تڏهن زندگيءَ جو وهڪرو بيهي رهندو آهي، ماٺائي جسم جي سوراخن مان روح اندر پيهي ايندي آهي!
بانو: (ٿورو شوخيءَ سان) بيگم، اڄ اوهان تي وري اهو دورو پيو آهي، جنهن کي ننڍو ميان صاحب ‘ ڦڦلسو’ سڏيندو آهي.
بيگم: (کلي) چري، ” ڦڦلسو“ نه، پر فلسفو.
بانو: سانئڻ، اهو مئو نالو مون کي ته ڏانءُ ايندو ئي ڪونه. (ٿوري وقفي کانپوءِ) ڀلا اوهين ته بينچ تي وهو ته آءٌ ڪبوترن لاءِ چوُري کڻي اچان.
(وڃي ٿي)
بيگم: (بينچ تي وهندي پنهنجي منهن) عجيب ڇوڪري آهي، ڪيڏي نه دل اٿس، پنهنجي پيارل سان! سندس پريمي دل اهو ته مڃي ئي نه ٿي ته ڪو هو، جو هن جو پنهنجو آهي، سو ڪو پرائو به ٿي سگھي ٿو. چري، تجربو پاڻهي سيکاريندس ته زندگيءَ جو نٺرپڻو، ڇا آهي ...! هون، اڄ ته زندگي سيءَ ۾ گهلندي ٿي وڃي. هي چنبيلي ۽ سورج مکي، جيڪي امن ۽ سڪون جا پيامي هوندا آهن، سي به اڄ مرده مرده ٿا لڳن. عجيب آهي زندگيءَ جو فلسفو. وقت به شايد سيءَ ۾ ڄمي غير متحرڪ ٿي پيو آهي: نه اڳتي ٿو وڌي، نه پوئتي ٿو موٽي ... پر فرض ڪريو ته وقت پوئتي ٿو موٽي وڃي- اڄ کان پنجاهه سال پوئتي ... هان، هي منهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ تيز ڇو ٿي ويئي؟ هي منهنجي جسم ۾ ڪهڙي نه عجيب گرم گرم لهر، لوڻن کان پيرن تائين سر سر ڪري لنگھي ويئي؛ اهو ڪهڙو احساس هو ... ؟ شايد گمشدگيءَ جو؛ شايد خود فراموشيءَ جو! نه نه، منهنجو ائين اڪيلو رهڻ ٺيڪ نه آهي، ذهن هروڀرو گمنام وادين ۾ ڀٽڪڻ ٿو لڳي- ۽ دل ... ڊاڪٽر به انهيءَ مئيءَ دل جي ڪري، اڪيلي رهڻ کان منع ڪري ويو آهي. ٺيڪ آهي، مون کي اڪيلو نه رهڻ کپي. بانو ... او بانو!
بانو: (پريان ايندي) اچان پئي، سانئڻ.
بيگم: ڇوري ايتري دير ڪٿي وڃي غرق ٿينءَ؟
بانو: سانئڻ، ٻاهر ڪو ماڻهو آيو آهي- چوي ٿو ته ”مسافر آهيان، سڄي رات سفر ڪيو اٿم، ۽ وسئن ڏسي لڙي آيو آهيان.“ چوي ٿو ته گهڙي کن آرام ڪري، وري پنهنجي مسافريءَ تي ويندو. چؤ ته هت وٺي اچانس.
بيگم: (چيڙاڪ طبيعت جو مظاهرو ڪندي) ماڻهو؟ ڪهڙو ماڻهو؟ سڄي رات سفر ڪيو اٿس، ڇو ڀلا؟ هت ڪيئن آيو آهي؟
بانو: (هيسجي) اهو ته مون ڪونه پڇيو مانس، سانئڻ.
بيگم: (ٿورو تکي ٿي) ڇو نه پڇئي؟- پڇڻ گهربو هو توکي. (وري نرمائيءَ سان) پر توکي ڪهڙي خبر ته رات جا مسافر ڇا هوندا آهن ... چڱو، اها چُوري مون کي ڏي، ۽ تون وڃي هن کي وٺي اچ.
(بانو چُوريءَ جي ٿيلهي بيگم کي ڏيئي ٻاهر وڃي ٿي. پردو ڪري ٿو).

ڏيک ٻيو:

[ساڳيو باغيچي جو منظر. پردي کڄڻ تي بيگم، بينچ تي ويٺي ڪبوترن کي ٻچڪاري رهي آهي. ڪيترائي ڪبوتر سندس اڳيان اچي گڏ ٿيا آهن، ۽ بيگم سندن اڳيان چوريءَ جون مٺيون ڀريندي اڇليندي ٿي وڃي.]
بيگم: (ڪبوترن کي ٻچڪاريندي) اچو، اچو، منهنجا پيارؤ ... هان هان تڪڙ نه ڪريو، سڀني لاءِ جهجهو ڪي آهي- ۽ تون نيلا شهزادا، تون پويان ڇو بيٺو آهين؟ رٺو آهين؟ (ٿورو کلي) شيطان، توکي پٽ تان کڻي کائڻ نٿو وڻي. هان اچ، منهنجي هٿ مان کاءُ ... ائين نه ... ائين ته هٿ ۾ ٺونگا ٿا لڳن، آهستي آهستي کاءُ، انسانن وانگر هٻڇ ته نه ڪر. الا، انسان پنهنجي صحبت ۾ ڪبوترن کي به هٻڇ ۽ لالچ سيکاري ڇڏي آهي. انسان جو سنگ به ڪيترو نه عجيب آهي!
[ڪجهه وقفي کانپوءِ ڪجهه ڪبوتر اڏامي ٿا وڃن، ۽ هڪ ٻيو ٽولو اچي ٿو چوري کائڻ لڳي.]
بيگم: (ٻچڪار ڏيندي) هي ڇا نيلا شهزادا، هي ڇا، تون ڇو هن ويچاريءَ سفيد ڪبوتريءَ کي نه ٿو سهين. ڏس ته ڪيتري نه پياري آهي. جڏهن کان سندس ساٿيءَ کي بي درد ٻارن کانڀاڻيءَ جو شڪار بنايو آهي، تڏهن کان ويچاري ڪيتري نه اداس ٿي لڳي. الا، انسان پکين کي به پريم ڪرڻ نه ٿا سهن. هتي به پنهنجي ڪاري ڪاريءَ واري لعنت کي ٿا استعمال ڪن. پوءِ ڀلي ٻار ڇو نه هجن ... آخر انسان جا ٻار آهن ... ازل کان پريت جا دشمن. ڪيترو نه تضاد آهي هنن ۾، ڪيتري نه ڏنگائي، جنهن پريم کين جنم ڏنو، انهيءَ پريم کي پناهه ڏيڻ جي بدران، نڙيءَ تي ننهن ڏيو ڇڏين.
(بانو ۽ مسافر داخل ٿين ٿا. سندن اچڻ تي ڪبوتر ٽهي، اڏامي ٿا وڃن. مسافر اسي کن ورهين جو جهور پوڙهو پير مرد آهي. جسم ۾ البت هڪ عجيب ڦڙتي اٿس. اکين تي ڪاري فريم سان هڪ ٿلهو چشمو چڙهيل اٿس، جو سندس بنهه اڇن وارن جي ڪري، سندس چهري ۾ عجيب سوڀيا ۽ گنڀيرتا جو اهڃاڻ بنيل آهي. آواز ۾ ميٺاج ۽ غم جي آميزش اٿس)
بيگم: هان هان، هي ڇا ٿا ڪريو. منهنجي نيلي شهزادي کي اڏائي ڇڏيوَ ... هاڻ هو مون وٽ ڪڏهن به نه ايندو، ڪڏهن به نه. هو به انسانن واريون خصلتون سکي پيو آهي.
مسافر: اوهه معاف ڪجو، منهنجي اچڻ سان اوهان جي وندر ۾ رنڊڪ پئجي ويئي. وڍڻ جي اجازت آهي؟
(ويهي رهي ٿو)
بيگم: ويهي ته اڳي ئي چڪا آهيو، پوءِ اجازت ڇا جي؟ بانو، تون ائين بت وانگر ڇو بيٺي آهين؟ وڃ وڃي مهمان لاءِ نيرن پاڻيءَ جو بندوبست ڪر.
بانو: جي، وڃان ٿي. (وڃي ٿي)
(ٻئي ڄڻا ڪجهه وقت خاموش ويٺا رهن ٿا. ائين ٿا محسوس ٿيڻ ڏين ڄڻ ته گفتگو شروع ڪرڻ لاءِ ڪنهن موضوع جي تلاش اٿن.)
مسافر: اوهين هت اڪيليون ٿيون رهو؟
بيگم: جي نه، ڪبوتر ۽ طوطا ساڻ اٿم.
مسافر: منهنجو مقصد انسانن سان هو.
بيگم: طوطا ۽ ڪبوتر انسانن کان ڪهڙي ڳالهه ۾ گهٽ آهن؟ طوطا چشم انسانن کان ته طوطا ۽ ڪبوتر وڌيڪ بهتر ساٿي آهن.
مسافر: (پنهنجي منهن آهستي) عجيب قنوطي عورت سان واسطو پيو آهي! (ڏاڍيان) انسان سمورا ته طوطا چشم نه آهن. ڪي انسان ته ويچارا پنهنجي سڄي عمر طوطا چشميءَ خلاف وڙهندا ٿا رهن.
(هڪ وڻ مان طوطي جي ٻوليءَ جو آواز ٿو اچي)
بيگم: ٻڌو، اوهان کي پنهنجي نظريي جو رد اتي ئي ملي ويو. طوطي کي اوهان جي ڳالهه شايد نه وڻي، ته منهن تي چئي ڏنائين.
مسافر: اهو ته سمجهه سمجهه تي منحصر آهي. طوطي ته شايد منهنجي ڳالهه جو رد نه پر تائيد ڪئي. پکين جي طوطا چشمي ته محض ظاهري آهي. انسانن جي طوطا چشمي ته سندن روح جي کنڊرن مان جاڳندي آهي.
بيگم: تڏهن ته چيم ته انسانن کان پکين جو ساٿ وڌيڪ برداشت جوڳو آهي. (ٿوري وقفي کان پوءِ) ڀلا اهو ته ٻڌايو ته اوهان جو سفر ڪيستائين آهي؟
مسافر: پريم پور وڃڻ جو ارادو اٿم؟
بيگم: (اچرج مان) پريم پور؟ ڪهڙي پريم پور؟ ... اهو ڳوٺ ته ٻڌل سئل ڪونهي ... ڪهڙي طرف آهي اهو ڳوٺ؟
مسافر: (ڌيرج سان) هونئن ته سنڌ جو هر ڳوٺڙو پريم پور آهي، پر هيءَ پريم پور هنن ئي پٽن تي هئي.
بيگم: (پنهنجي منهن آهستي) هيءُ ڪير آهي، جو پريم پور پڇائيندو وتي؟ سالن کان پريم پور جو نالو به ڪنهن نه ورتو آهي. (ڏاڍيان) پوءِ ڪو پار پتو مليو پريم پور جو؟
مسافر: (جذبات ۾ ڀريل آواز ۾) ”ڏوريان ڏوريان م لهان، شال م ملان هوت!“
بيگم: شاهه جو سهارو وٺي پنهنجي بزدلي لڪائڻ به ته هڪ ڪمال آهي.
مسافر: منزل جي ڀرسان پهچي، منزل کي ڄاڻي واڻي نه رسڻ به ته ڪمال آهي! (پنهنجي منهن) هيءَ طنز، هيءُ مزاج ڄاتل سڃاتل ٿو معلوم ٿئي. خبر نه آهي، دل جي ويرانن ۾ ڪي ستل پڙاڏا ڇو جاڳڻ لڳا آهن! (ٿڌو ساهه ٿو ڀري)
بيگم: سياري ۾ اهڙا ٿڌا ساهه ڀرڻ ڪيترو نه موزون آهي!
مسافر: پريم پور جي ياد جسم ۾ ڊسمبر جي ٿڌ اوتيو ڇڏي ... (وري ٿڌو ساهه ٿو ڀري ...) الا ...
(شعر)
”رات انڌيري، واءُ ٿڌيري، اڀ تي تارا ڇايا،
- هاءِ، پرين ياد آيا!“
بيگم: (هلڪي سر ۾)
”جھرمر وارا، پيارا پيارا، نيري گھرائيءَ ۾ تارا-
مون جيئن اک به نه لاتائون ٿي، پل پل جهاتيون پاتائون ٿي:
آهي نينهن به ننڊ جو ويري، جاڳي مون جاڳيا-
هاءِ پرين ياد آيا!“
مسافر: (درديلي آواز ۾)
’جئن جئن پوءِ، تئن پياس گهڻيري، آتا هاءِ اڃايا،
-هاءِ پرين ياد آيا!‘
بيگم: (جذبات کان گُهٽيل گلي سان)
’دور ڦٽي تئن باک ڀليري، گرجا گهنڊ وڄايا،
-هاءِ پرين ياد آيا!‘
مسافر: اوهان کي ته سڄو گيت ياد آهي. اوهان ڪٿان ٻڌو اهو گيت؟
بيگم: (ٿورو هٻڪي) اهو گيت؟ اهو گيت ته ازل کان پريمي ڳائيندا رهيا آهن. جڏهن پريم جي آڳ ۾ ڪويل سڙيل ڪاري ٿي ويئي ۽ سندس روح مان هڪ آهه نڪتي، تڏهن شاعر انهيءَ آهه کي لفظن جو روپ ڏيئي ڇڏيو هو، پر اوهان کي اهو گيت ڪيئن ياد آيو؟
مسافر: پريم پور ۾ منهنجو هڪ دوست هوندو هو اسلم. اڪثر هو اهو گيت جهونگاريندو رهندو هو ويچارو!
بيگم: ڇو ’ويچارو‘ ڪيئن ٿيو؟
مسافر: (عينڪ مان بيگم ڏانهن گھوريندي) جڏهن انسان پنهنجي راهه وڃائي ڍهندو آهي، تڏهن منزل خود هن لاءِ ڀٽڪڻ لڳندي آهي ... (ٿوري وقفي کان پوءِ ) اسلم، پريم پور جي زميندار جي ٻارن کي پڙهائيندو هو. هو بنهه سندن گهر جو ماڻهو ٿي ويو هو، ۽ سندن زمينداريءَ جو حساب ڪتاب به پاڻ رکندو هو، پر زمينداريءَ جو حساب رکندي، پنهنجي دل جو حساب ڪتاب ڀلائي ويهي رهيو. زميندار جي ڌيءُ ’زرينه‘...
بيگم: (ڇرڪ ڀري) زرينه؟ اوهين نالي ۾ ڀليا ته نه آهيو؟
مسافر: (اچرج مان) اوهان ايڏو ڇرڪ ڇو ڀريو؟ اوهين زرينه کي سڃاڻو ڇا؟
بيگم: (پاڻ سنڀاليندي) زرينه ... گلن کان وڌيڪ معصوم، ڀنڀوريءَ کان وڌيڪ چنچل زرينه کي آءٌ پاڻ کان به وڌيڪ سڃاڻان!
مسافر: سو ڪيئن؟
بيگم: اسين ٻئي ٻالڪپڻي کان گڏ رهيون هيونسين. ائين سمجهو ته اسين ٻه جسم، هڪ جان هيونسين، يا ٻه جانيون ۽ هڪ ئي جسم! الا ... اهي ڏينهن. اهو گيت به ته مون زرينه کان ئي ٻڌو هو. ويچاري زرينه!
مسافر: (گھري خيال ۾ پئجي وڃي ٿو- ۽ ٿوري وقفي کانپوءِ ...) کيس ويچاري ڇو سڏيوَ؟
بيگم: (کلي) جھڙيءَ طرح اوهان پنهنجي دوست اسلم کي ويچارو سڏيو، تيئن مون به پنهنجي ساهيڙپ جو حق ادا ڪيو. خير، پوءِ اوهان جي ويچاري اسلم جو ڇا ٿيو؟
مسافر: ڇا ٿيو ... سو هڪ دردناڪ قصو آهي. خير، ويچارو زرينه جي محبت ۾ ايترو ته نڪمو ٿي ويو، جو ٻين جا گيت ڳائيندي ڳائيندي، خود به شاعري ڪرڻ لڳو. جنهن مهل زرينه کي پنهنجي سامهون ڏسندو هو، تڏهن سندس دل، پنهنجي دڪ دڪ جو هڪ ڌڪ گسائي وهندي هئي. حساب ڪتاب جا انگ اکر واڳو ٿي ورندا هئس ... ۽ (ٿورو جذبات سان) ۽ زرينه، گلن کان وڌيڪ معصوم، ڀنڀوريءَ کان وڌيڪ چنچل، ستارن کان وڌيڪ روشن، مکڙين کان وڌيڪ نازڪ زرينه، سندس دل ۽ دماغ تي ائين ڇانئجي ويندي هئي، جو هر ساهه ۾ کيس زرينه جي خوشبوءِ ايندي هئي، هر قدم تي زرينه جي ساٿ جو گمان ٿيندو هوس ... ڀلا اوهان جي ساهيڙي زرينه جو ڪهڙو حال ٿيو؟
بيگم: اسلم شايد اوهان کي به شاعريءَ جو چشڪو ڏيئي ڇڏيو آهي. ها، زرينه جيڪي مون کي ذاتي خط لکيا، انهن مان ته ائين ٿي معلوم ٿيو ته هوءَ به اسلم کي هميشه لاءِ پنهنجو ڪري چڪي هئي. سندس روح جي تار تار ۾ اسلم پيهي چڪو هو...
مسافر: ڀلا زرينه پنهنجي خطن ۾ کوهه واري واقعي جو ڪو ذڪر ڪيو هو ڪي نه؟
بيگم: (پنهنجي منهن) هيءُ ته ڄڻ منهنجي آڏي پڇا ڪرڻ آيو آهي! (ٿورو سوچي، ڏاڍيان) اوهه، ڪيترو نه ڏکوئيندڙ واقعو هو ... (هٻڪي) منهنجو مقصد آهي ته جھڙيءَ طرح زرينه لکيو هو، ان مان ته ائين ٿي ڀانيو ته هن سماج ۾ پريم ڪرڻ وارن لاءِ سواءِ موت جي، ٻي ڪا واهه ئي ڪانهي! الا، دنيا جوان دلين کي گڏجي ڌڙڪڻ ڇو نٿي ڏئي!
مسافر: ۽ جڏهن ٻنهي جا لاش گڏ کوهه مان ڪڍيائون، تڏهن ڇوڪريءَ جو پيءُ، ڇوڪري جي پيءُ سان ڳراٽي پائي روئڻ لڳو- اوهه، منهنجو مطلب آهي ته اسلم، جڏهن پنهنجي خط ۾ اهو ذڪر ڪيو، تڏهن ائين ٿي ڀانيو، ڄڻ ته اهو واقعو بنهه منهنجي اکين اڳيان ٿي گذريو هو! ويچارو انسان صدين گذرڻ کانپوءِ به پريم ڪرڻ جو وڃايل آدرش حاصل نه ڪري سگھيو آهي!
بيگم: (پنهنجي منهن) ’پريم ڪرڻ جو وڃايل آدرش!‘ اهي لفظ منهنجي ڪنن ۾ اڃا تائين پيا هُرن، ڪٿي ٻڌا اٿم اهي لفظ! (ڏاڍيان) وڃايل آدرش هٿ ڪرڻ لاءِ انسان کي اڃا ڪيئي محبتون، ڪيئي پريم قربان ڪرڻا پوندا! (ٿڌو ساهه ڀري) ڀلا پوءِ اوهان جي ويچاري اسلم جو ڇا ٿيو؟
مسافر: (پنهنجي منهن) هن کي ته نه رڳو واقعو معلوم آهي، پر هن کي ته زرينه جا هو بهو لفظ به ياد آهن. متان هيءَ پاڻ ته زرينه ڪانهي. (ڏاڍيان) پوءِ ... پوءِ هن کي معلوم ٿيو ته زميندار زرينه جي شادي ڪنهن وڏ گهراڻي ڇوڪري سان ڪرائڻ ٿو گهري، هن زميندار اڳيان ڏاڍيون آزيون نيزاريون ڪيون، پنهنجي دل جا پرزا ميڙي، لڙڪن جي مالا پوئي، زميندار جي ڪٺور قدمن ۾ ڪري پيو، پر وريو ڪجهه به ڪين!
بيگم: (پنهنجي منهن) هن کي ته سڀ ڪجهه ائين ياد آهي، ڄڻ ته پاڻ ئي اسلم آهي، پر متان ڪٿي هي اسلم ئي ته ڪونهي؟ (ڏاڍيان) پوءِ نيٺ ڇا ٿيو؟
مسافر: پوءِ جڏهن هن جي دل جي دروازي کي زوريءَ تالو هنيو ويو، تڏهن جهنگ منهن ڪري هليو ويو. آخري اطلاع مون کي اهو مليو هو ته ڪراچيءَ ۾ بحري فوج واري بغاوت ۾، ستيا گرهين سان گڏ، پنهنجي وطن لاءِ وڙهندي وڙهندي، فرنگي گولين جو شڪار ٿي ويو. (پنهنجي منهن آهستي) واهه جو پاڻ کي وطن دوست ثابت ڪيو اٿم. هن کي ڪهڙي خبر ته زندگي ايتري ته سخت جان آهي، جو اُن ۾ اٿلن پٿلن ۾ زرينه جو درد دل تان جلد ئي ميسارجي ويو، ۽ آخر زرينه جھڙي ئي محبت ڪندڙ، حوا جي ئي هڪ ڌيءَ سان شادي ڪيم، جا پنهنجي ڳراٽين ۽ محبتن سان گڏ ٻه گلڙا نذرانو ڏيئي، وڃي قبر ڀيڙي ٿي. (ڏاڍيان) ۽ ڀلا اوهان جي ساهيڙيءَ جو ڇاٿيو؟
بيگم: (پنهنجي منهن) ڪوڙو ڪنهن جاءِ جو! آءٌ به اهڙو ئي ڪوڙ ٺاهي ٻڌايانس، جو ياد ڪندو ته کانئس گهٽ آءٌ به ڪانه آهيان! (ڏاڍيان) ويچاري زرينه، اسلم جي وڃڻ کانپوءِ بنهه پاڳل ٿي پئي. عجيب عجيب حرڪتون ڪرڻ لڳي. ماڻهو چوڻ لڳا ته جن پيو اٿس. ڪن چيو ته ڀوت پريت جو واسو اٿس. ڀوپن ۽ مولوين کان ٽوڻا ڦيڻا ڪرايائون، جن ٻڌايائونس، پر افسوس، جنهن جي دل پنهنجي وس نه هجي، ان کي ويڄ طبيب ڇا ڪندا. ۽ نيٺ هڪ ڏينهن ڳوٺ جي انهي ساڳئي کوهه ۾ ٽپو ڏيئي، پنهنجي اسلم تان قربان ٿي ويئي! (پنهنجي منهن آهستي) آءٌ اهو ڇو ٻڌايانس ته پوءِ جلد ئي منهنجي شادي ٿي ويئي. ڪجهه عرصو ته ڏک ۽ مايوسي کان جيئڻ جهنم ٿي پيو، پر پوءِ زندگيءَ جو وهڪرو پنهنجي تک ۾ لوڙهي ويو- ۽ هاڻ جين بچنم، ستن ڏوهٽن پوٽن جي ڏاڏي ناني آهيان!
مسافر: (پنهنجي منهن) هيءَ ته ڪوڙ کان به ٻه قدم اڳتي لنگهي ويئي. پڪ سان هيءَ زرينه آهي.
بيگم: (پنهنجي منهن) هن جي ماٺ مان ظاهر آهي ته هيءُ ئي اسلم آهي. (ڏاڍيان) او ڇوري بانو، ڪيڏانهن مري وئينءَ؟
بانو: سانئڻ، آءٌ ته بنهه اوهان جي ڀر ۾، ڳچ وقت کان بيٺي آهيان. نيرن تيار آهي.
بيگم: (مسافر کي) هلو، هلي نيرن ڪريو. (ڪجهه وقفي کانپوءِ- پنهنجي منهن) سندس هلڻيءَ ۾ اڃا تائين ڪو فرق نه آيو آهي. ڇا آءٌ پاڻ ظاهر ڪريان؟ نه نه، هرگز نه! هاڻ مون ۾ رکيو ڇا آهي؟ ستر ورهين جي پوڙهي، جنهن ۾ جوان زرينه جا کنڊر به هاڻ ڊهندا ٿا وڃن. نه نه، ائين ئي ٺيڪ آهي. (وڃي ٿي)
مسافر: (پنهنجي منهن، آهستي) ها ها، هيءَ سچ پچ زرينه آهي. سندس چال اڃا تائين اها ئي آهي. ڇا آءٌ ٻڌايانس ته آءٌ ئي اسلم آهيان؟ نه نه، هرگز نه. اسي ورهين جي هن اسلم ۾ ڪابه ڳالهه هاڻ نه رهي آهي، جنهن جو جوان اسلم سان ڪو دور جو به واسطو هجي: هي گهنجيل چهرو، هي ڊبل شيشن جي عينڪ ۽ هيءَ ڪٻي چيلهه! نه نه ائين رهڻ ئي چڱو آهي. پريم پور جي عشق جو داستان ائين ئي اڻپورو رهي ته بهتر آهي! (وڃي ٿو)
پردو ڪري ٿو
[‘جر ۾ ڦوٽو جيئن’ ٻن پريمين جو داستان آهي جن سماجي طبقاتي ويڇن جو شڪار ٿي، کوھ ۾ ٽپو ڏنو پر بچي ويا. زرينه جي شادي ’زري محل‘ جي مالڪ سان ٿي وئي. زندگيءَ جي شام ۾ ٻنھي جي ملاقات باغ ۾ ٿئي ٿي. ماضيءَ جا واقعا بيان ڪندي، هڪ ٻئي کي اهو چئي حقيقت ظاهر نٿا ڪن ته ’پريم پور جي عشق جو داستان ائين اڻپورو رهي ته بھتر آهي.‘]
-