مختلف موضوع

تُنهنجي تند تَنوار....

ڪتاب ”تنهنجي تند تنوار“ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب، ليکڪ، ناولنگار ۽ جديد صحافت جي اهڃاڻ ”سراج“ جي شاعري، ناٽڪ ۽ ترجمن جو مجموعو آهي. فهميده حسين لکي ٿي:
”سراج ادبي دنيا ۾ هڪ تخليقي فنڪار جي حيثيت ۾ قدم رکيو، هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ پاڻ مڃايو، وقت جي اڪثر رسالن ۾ هڪ شاعر جي حيثيت ۾ شامل ٿيندو رهيو، هڪ مضمون نگار جي حيثيت ۾ ڪيترائي تخليقي مضمون ۽ تاثر لکيائين، ٻين ٻولين ۾ ڇپجندڙ تخليقي ادب کي ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي دامن کي وسيع ڪيائين، تخليقي انداز ۾ تاريخي ناول لکيائين. ڪو وقت اهڙو به آيو، جو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وجود، حيثيت ۽ رُتبي تي سوال ٿيا، تڏهن هن پنهنجي قلم جو رخ تحقيق ڏانهن موڙيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي قدامت، عظمت ۽ شاهوڪاري ثابت ڪرڻ لاءِ موهن جي دڙي جي مهرن کان وٺي، تاريخ جي مختلف دورن ۾ ان جي اوسر ۽ ارتقا جا پيرا کنيائين،“
Title Cover of book تُنهنجي تند تَنوار....

ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري

مون پنهنجي مُرڪ ۾ ماکي ڀري، دريءَ پٺيان ويٺل سنڌياڻيءَ کي چيو: ”مون کي مدراس ايڪسپريس ۾ تريچور لاءِ هڪ جڳھ کپي.“
سنڌياڻيءَ ڀرسان وايٺل گجراتي ڪلارڪ ڏانهن نهاريو. نگاهن ئي نگاهن ۾ خبر ناهي هڪٻئي سان ڇا ڳالهايائون، پوءِ وري مون ڏانهن مهڙ ڪري، سنڌياڻيءَ رکائيءَ سان چيو: ”جڳهه ڪانهي.“
مون چيو: ”اڄ نه آهي ته سڀان جي ئي سهين.“ ”سڀان جي به ڪانهي“ هن ڳالهايو ايئن، ڄڻ مشين ٿي ڳالهايو.
”پريهين جي.“
سنڌياڻيءَ کي گجراتي ڍنگ جي چولي پيل هئي، جنهن تي آرسين جو ڀرت ٿيل هو. مون هن ڏانهن نهاريو ٿي، ته هنجي چوليءَ جي ننڍڙين ننڍڙين سوين آرسين ۾ منهنجا پاڇا پئي نچيا. سنڌياڻيءَ ساڙهي سنڀالي پاڻ ڍڪيو، وري هڪ دفعو گجراتي ڪلارڪ ڏانهن نهاريائين ۽ پوءِ چيائين: ”پريهنَ جي به ڪانهي.“
هينئر مون پنهنجي سڀاءَ جي ڪل خوشامد پنهنجي مرڪ ۾ ڀري چيو: ”ڏس، مان پناهگير آهيان.“ سنڌياڻيءَ جي منهن تي دلچسپيءَ جي هلڪي جهلڪ نمودار ٿي، پر گجراتيءَ جي منهن ۾ گهنج پئجي ويو. سنڌياڻيءَ سوال ڪيو...
”سنڌي آهين؟“
مون هڪدم جواب ڏنو: ”نه“
”نه بنگالي آهين.“
”نه“
”پنجابي...“
”نه“
سنڌياڻيءَ هينئر خفي ٿي چيو: ”تڏهن ڪٿان آيو آهين؟“
”بمبئي جوئي آهيان، پر گهر مان هڪالي ڪڍيو ويو آهيان. مون ڏانهن چئن مهينن جي مسواڙ رهيل هئي.“
سنڌياڻيءَ هينئر چيو: ”ڏس مسٽر، هيءَ مذاق جي جڳهه نه آهي، ويهين تاريخ تائين ڪابه جڳهه خالي ڪانهي، باقي معمولي سيڪنڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ کپيئي ته سامهون دريءَ تان پڇا ڪر، شايد ملي وڃيئي.“
ايڏي لنبي چوڙي تقرير بعد سنڌياڻي ايئن سهڪڻ لڳي، ڄڻ هماليه جي چوٽي چڙهي آئي هئي. مان سامهون ٻيءَ دريءَ ڏانهن وڌيس.
سامهون ٻيءَ دريءَ تي هڪ تمام سهڻي مرهٽياڻي ويٺي هئي. پيشانيءَ تي چمڪندڙ ٽڪلو گول گول سفيد مکڙو! مون کي دريءَ ڏانهن وڌندو ڏسي موتين جهڙا ڏند ڏيکاري، پنهنجي خاص انداز سان مرڪي چيائين: ”اڄ ته ڪابه جڳهه ڪانهي.“
”سڀان؟“ مون رکائيءَ سان سوال ڪيو.
هن ڏاڍي موهيندڙ نموني ۾ چيو: ”سڀان به ڪانهي.“ ڄڻ ته مون تي احسان ٿي ڪيائين.
”پريهن؟“ مون ذرا ترشيءَ وچان پڇيو.
”پريهن ڇا، ٻاويهين تاريخ تائين ڪانهي.“ هن اڃا به مشڪي چيو، هن جي مرڪ اهڙي ته مٺي هئي، جيڪر مانيءَ تي ٻرڪي کائي ڇڏجي. پر مون کي اُن وقت مانيءَ جي بک ڪانه هئي، مون کي سيٽ گهربل هئي. آءٌ هڪدم ڊويزنل ٽرئفڪ مئنيجر وٽ وڃي پهتس.
ڊويزنل ٽرئفڪ مئنيجر هڪ مرهٽي سردار وانگر ڏاڍي مضبوطيءَ سان ڪرسيءَ تي ويٺو هو. هن جي گنجيءَ ٺوڙهه مٿان بجليءَ جو بلب پئي چمڪيو ۽ اُن جي روشني سندس گنجي ٺوڙهه تي چمڪي اُن جي چوڌاري چڪر ٻڌي ڇڏيو هو، جيئن اَوِتارن ۽ پيغمبرن جي تصويرن ۾ اُنهن جي سِرن جي چوڌاري نور جو چڪر ڏسبو آهي. آءٌ هن جي سامهون پيل ڪرسيءَ تي ويهي رهيس.
”مونکي اڄ ڪيئن به تريچور وڃڻو آهي.“
”ڀلي وڃو.“
”مگر جڳهه نه ٿي ملي.“
هن بيڪسيءَ مان ٻانهون پکيڙي چيو: ”ته مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟“
مون چيومانس: ”ڳالهه فقط هيءَ آهي ته سڀاڻي تريچور ۾ ڏکڻ هندستان جي بهترين اديبن جي هڪ ڪانفرنس ٿيڻي آهي، جنهن جو مان صدر آهيان. جيڪڏهن مان اڄ هتان روانو نه ٿيندس ته هو ويچارا بيحد نا اميد ٿيندا.“
مرهٽي سردار رڙ ڪري چيو: ”پٽيوالا!“
پٽيوالو اندر آيو.
”هيڊ ڪلارڪ کي سڏي وٺ.“
هيڊ ڪلارڪ اندر آيو.
”هن جنٽلمين کي مدراس ايڪسپريس ۾ هڪ جڳهه ڏيو.“
”جڳهه نه، برٿ (بينچ)، ٻن ڏينهن ٻن راتين جو سفر آهي.“
”برٿ ڏيوس.“ مئنيجر ڪڙڪي سان چيو.
هيڊ ڪلارڪ پنهنجي چوچين اکين سان هڪ دفعو مون ڏانهن نهاريو. پوءِ چيائين: ”حاضر سائين.“
ٻاهر نڪري هيڊ ڪلارڪ مون کي هڪ ڪاغظ جو پرزو ڏنو ۽ چيائين ته: ”ٽڪيٽن واريءَ دريءَ تي کڻي وڃو، اوهان جو ڪم ٿي ويندو.“
مان وري جڏهن سنڌياڻيءَ واري دريءَ وٽ پهتس ته گجراتي ڪلارڪ گهٻرايل چهري سان هنجي ڪن ۾ آهستي چئي رهيو هو: ”هن سيٺ جورزرويشن لاءِ فون آيو هو.“
مونکي پنهنجي سامهون بيٺل ڏسي سنڌياڻي بيحد خفي ٿي چيو: ”مون جڏهن توکي هڪ دفعو چيو ته...“
مون هن کي جملو پورو ڪرڻ نه ڏنو ۽ هڪدم هيڊ ڪلارڪ وارو پرزو کڻي هن جي اڳيان رکيم. پوءِ حسين مرهٽياڻيءَ کي کيڪاري چيم: ”جڳهه ته ملي ويئي. هاڻي رات جي کاڌي لاءِ هڪ تار ته موڪلي ڏج.“
هن جي سويل واري مرڪ گم ٿي ويئي ۽ منهن ڦيري ڇڏيائين. سنڌياڻيءَ پرزو ڏسي حيرت ۾ سوال ڪيو: ”توکي جڳهه ڪئن ملي ويئي؟“
حيران ته آءٌ پاڻ به هوس، پر چپ رهيس. ڄڻ اُن ۾ به ڪو سرڪاري راز هو. هو به سچ پچ سرڪاري راز، ويچاري ٽرئفڪ مئنيجر الائي ڇا سمجهيو، ته مان ڪهڙن اديبن جي ڪانفرنس جو صدر بڻجڻ ٿو وڃان، مگر جيڪڏهن هن کي خبر هجي ها ته مان ترقي پسند اديبن جي ڪانفرنس ۾ ٿو وڃان، ته مدراس ايڪسپريس ته پري رهي، بار گاڏيءَ ۾ به جڳهه ڪانه ڏئي ها. خاص ڪري هينئر جڏهن ٻڌجي ٿو ته سڀني صوبائي سرڪارين وٽ انهيءَ قسم جون هدايتون اچي ويون آهن ته ترقي پسند اديبن تي خاص نگاهه رکو ۽ انهيءَ هدايت موجب ڪو به سرڪاري ملازم ترقي پسند اديبن جي جماعت جو ميمبر ٿي نٿو سگهي، سواءِ سي. آءِ. ڊيءَ جي.
جڏهن ٽڪيٽ جو ڪم ختم ٿيو، ته مون واچ ڏانهن ڏٺو. اڃا هڪ لڳو هو، گاڏي ٻين بجي ڇٽڻي هئي. مان به چپ چاپ گاڏيءَ ۾ وڃي جڳهه تي بسترو لڳائي سمهڻ جي نيت سان ليٽي پيس.
رات جو اَٺين بجي هڪ مسافر مون کي ڌونڌاڙي سجاڳ ڪيو. جنهن اسٽيشن تي مون کاڌي لاءِ تار ڏني هئي، اُها اچي ويئي هئي ۽ هوٽل جو ماڻهو ٽفن کڻي حاضر بيٺو هو. اڄ مون کي پهريون دفعو ڏکڻ هندستان جي نج کاڌي کائڻ جو موقعو مليو. پهرئين پڙ ۾ چٽڻي، ٽماٽن جي سوپ جهڙي کٽي، پوءِ ٻوڙ جنهن ۾ دال ۽ دنيا جون سڀ ڀاڄيون پيل هيون. پوءِ ٻن قسمن جا ڏڌ، پڇاڙيءَ واري پڙ ۾ چانور ۽ هڪ ننڍڙي وٽيءَ ۾ پپر ۽ ڪيوڙي جي پن تي اٽي جي ماني ۽ ٻه پپرم، جنهن کي اسين فقط پاپڙ ڪوٺيندا آهيون. مان اهو کاڌو کائي وري سمهي پيس ۽ جڏهن وري صبوح جو اُٿيس ته ڏٺم ته بمبئي پرڳڻو گهڻو پٺتي رهجي ويو هو ۽ گاڏي ڇُو... ڇُو ڪندي ڏکڻ هندستان جي ماٿرين مان پئي لنگهي.
هن اڻ واقف ملڪ ۾ مان پهريون دفعو آيو هوس، انهيءَ ڪري سڄو وقت دريءَ وٽ ويهي ٻاهر جو نظارو ڏسڻ لڳس، هتي جو نظارو بمبئيءَ جي نظاري کان بلڪل نرالو آهي. جيتوڻيڪ جبلن جي قطار اُها ساڳي اُلهندي گهاٽن وڻن واري آهي، مگر هي خط استوا کي تمام ويجهو آهي، جنهنڪري هتي جا گل ڦل ۽ وڻڪار بلڪل ڦريل آهي. خير، ڦريل برابر آهي پر ڌارين ڪانه ٿي لڳي. جيتوڻيڪ هن طرف آيو پهريون دفعو هوس، تڏهن به ايئن پئي سمجهيم ته اهي نظارا اڳ به ڏسي چڪو آهيان. اوچتو اکين سامهون وڻڪار جو هڪ قسم ڏٺم جهڙو ڪشمير جي هيٺين پهاڙي علائقن ۾ يعني ميرپور ۽ ڪوٽلي ۾ ڏسبو آهي. عجب کاڌم ته اها ساڳي جنس هتي به ڪيئن ٿي اڀري ۽ منهنجي من جو پکيئڙو وڃي اُن بدنصيب واديءَ ۾ پهتو، جتي اڳي ڳوٺاڻا پنهنجا مٺا گيت ڳائيندا هئا، پر اڄ اُتي گولين جي ٺڪا ٺوڪي ٿي ٻڌجي، جتي اڳي انسان هڪٻئي سان پريت ونڊيندا هئا، اُتي اڄ نگاهن ۾ نفرت ڀريل آهي، جتي اڳي ڪڙمي هر ڪاهيندو هو، اتي اڄ فوجي سپاهي کڏون پيو کوٽي، جتي هڪ طرف هندستان ۽ پاڪستان پرديسي شاهوڪارن جي هٿ ۾ ڪاٺ جون پتليون بڻجي سامراجي شهنشاهت جو ناچ پيا نچن ۽ ٻئي طرف غريب ڳوٺاڻا زندگيءَ ۽ موت جي جدوجهد ۾ رڌل آهن. مان وري ڏکڻ هندستان جي اُن دلڪش واديءَ ۾ موٽي آيس ۽ سوچڻ لڳس، ”هتي ته سڪون آهي، اَمن آهي.“ هيءُ نظارو ڪهڙو نه سانتيڪو، آرام بخش آهي. ننڍڙا جبل، ڪٿي ڪٿي انهن جون ٻاهر نڪتل گول چوٽيون، ايئن پئي لڳو ڄڻ اُس کان بچڻ لاءِ جبلن به انگريزي ٽوپلا کڻي پاتا هئا. دور تائين ميلن ۾ ڇانيل جهنگ، ٻنيون ٻارا، ڪٿي پوک پئي ٿي ته ڪٿي فصل پئي لٿو، ڪٿي اَن جا سنگ اڃا ساوا هئا ته ڪٿي پيلا ۽ سونهري پئي ڏٺا ۽ لابارو پئي پيو. ۽ وري پهاڙي نظارو، ڪشميري قسم واري وڻڪار اُس ۾ چمڪندي اکين سامهون ڊوڙندي ٿي ويئي. ڪٿي وري کجيءَ جي ڇانو هيٺ ساون چراگاهن ۾ چوپائي مال جا ڌڻ، ڪٿي نارنگين جي باغات، ڪٿي وڻن جي جهڳٽن وچ ۾ پراڻا مندر ۽ اُنهن جي اڳيان بيٺل سينواريل پاڻيءَ جا تلاءَ. جيڏو مندر جو ميدان اوڏو تلاءَ جو مقدار. اُتر هندستان وارا ٽڪنڊا مندر نه، پر ڏکڻ هندستان جا عاليشان مندر، سر کان وٺي چوٽيءَ تائين جهنگل جئن پکڙيل، اڏاوتي هنر ۽ سنگتراشيءَ جا بهترين مثال! اُتر هندستان جا مندر ننڍڙا سوڙها ۽ ٻسا آهن، مگر ڏکڻ هندستان جا مندر اَوِتارن جي روح جو عڪس آهن. هو جهنگلن جي ويڪر ۾ پهاڙن جي بلنديءَ تي، نيري آسمان جي آزاد ماحول ۾ وڌي وڏا ٿيا آهن ۽ اهي سڀ خصوصيتون هنن پنهنجي فن ۽ معماريءَ ۾ سمايون آهن. ايامن کان ڏکڻ هندستان جي تهذيب ۽ روزاني زندگيءَ جو مرڪز مندرئي پئي رهيو آهي. اُتي شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مندر فقط پوڄا جي جاءِ نه ٿي رهيو آهي، بلڪ راڄنيتي ۽ سماجي موقعن تي به اُنهنکي ڪم ۾ آندو ويندو آهي. اُتيجا مندر ناچ گهر آهن، سڀ ڪنهن قسم جي فن جا مرڪز آهن، حاڪم پنهنجا عهدناما مندرن ۾ ڪندا آهن، شاديون مندرن ۾ ٿينديون آهن ۽ لڙائيءَ جي وقت به سپاهي مندر ۾ مٿو ٽيڪي پوءِ ويندا آهن، وهنجڻ ڪرڻ مندرن جي تلائن تي ٿيندو آهي. رڌڻ پچائڻ لاءِ پاڻي مندرن مان ڀربو آهي. ڏکڻ هندستان ۾ روزاني زندگي جو مرڪز مندر آهي ۽ شايد انهيءَ ڪارڻ ئي اُتي براهمڻ پڻي جو ايترو زور هلندو رهيو آهي.
ڪٽريا کان ننديپور تائين اِنهن دل وڻندڙ قدرتي نظارن ۾ ڪٿي به ڪو رکو اڀوڳو خال ڪونهي. اُنهن نظارن جو سلسلو مدراس علائقي کان شروع ٿي حيدرآباد رياست ۾ وڃي ختم ٿو ٿئي. ننديپور ۾ منهنجي گاڏي ۾ هڪڙو رومن ڪئٿولڪ پادري ۽ هن جو هڪ ديسي ساٿي به اچي چڙهيا. ڪئٿولڪ پادريءَ جو سرخ گول گول چهرو بلڪل ٻارن جهڙو هو. جنهن تي سڄو وقت هڪ وڻندڙ مرڪ پئي کيڏيو. هن جو ساٿي ڳلن بيٺل، سانوري رنگ جو هو، هن مون وٽ اچي چيو: ”مون کي خبر آهي ته هي برٿ توهان لاءِ رزروڊ آهي، مگر اسان کي فقط چار اسٽيشنون پري وڃڻو آهي، جيڪڏهن اعتراض نه هجيو ته اسين هتي ويهون.“ انهيءَ تي آءٌ ڀلا ڪهڙوپ اعتراض وٺان! تنهن کانسواءِ ٻاهران بئنڊن باجن جو به آواز پئي آيو. مون سوچيو ته ضرور ڪو وڏو اڳواڻ آهي. جنهن لاءِ هيڏو ٺاهه ٺوهه ڪيو ويو آهي. دريءَ کان ٻاهر نهاريم ته ڪي سرڪاري عملدار ۽ ڪيترائي سپاهي بيٺل نظر آيم. کن لاءِ خيال آيم ته منهنجي استقبال لاءِ ته ڪونه آيا آهن. مگر اُتي ئي ويچار آيم ته نه، اڃا اُهو زمانو ڪونه آيو آهي جو اسان جهڙن کي بئنڊ وڄائي گرفتار ڪيو وڃي. سو مون مشڪي پادريءَ کان پڇيو: ”هي توهان کي ڇڏڻ آيا آهن؟“ پادري ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو، چيائين: ”واهه واهه، واهه جو چرچو آهي. تري ميندوس“ هن جا انگريزي اُچار عجيب هئا. ٽ کي ت ۽ ڊ کي د انهيءَ ڪري Tremendous کي ”تري ميندوس“ ٿي چيائين ۽ چپ ائين ٿي هلايائين ڄڻ وات ۾ گرهه پيو هوس. مون کي شڪ پيو ته هي پادري انگريز ڪونهي پر اوڏي مهل پڇڻ جو وقت ڪونه هو. ديسي پادريءَ ٻڌايو ته هيءُ بئنڊ مدراس جي فوڊ منسٽر، کاڌي خوراڪ جي وزير لاءِ وڄي رهي آهي، سپاهي ۽ سرڪاري ملازم هن کي ئي اُماڻڻ لاءِ آيل آهن ۽ هي ميون ۽ ڀاڄين جا ٽوڪرا به هن لاءِ آهن. اهي سڀ ”وڌيڪ اناج پيدا ڪريو“ جي ثابتيءَ طور آهن. مون وري دريءَ مان ٻاهر نهاريو ۽ وزير صاحب کي پنهنجي ڀرواري گاڏي ۾ چڙهندو ڏٺم. هن جي آسپاس ٻه چار ڊزن سپاهي هئا. ڪنهن زماني ۾ اهو فرض عوام پاڙيندي هئي، پر اڄ هنن جي ارد گرد اُها ئي پراڻي پوليس، اهي ئي خوشامدڙيا، اُهي ئي ميون مٺاين جا ٽوڪرا.
مون هينئر وڏي پادريءَ کي چيو: ”فادر! منهجو اندازو غلط ڪونه هو. هي بئنڊ باجا هڪ پادريءَ کي ئي ڇڏڻ آيا آهن. گانڌي مت جي هڪ وڏي پادريءَ کي...“
ٻئي پادري مون ڏانهن گهوري نهارڻ لڳا. مان مُشڪڻ لڳس. وڏي پادريءَ وري ٽهڪ ڏيئي چيو: ”تري ميندوس.“
مون سوال ڪيو: ”گاڏي هتي گهڻو وقت بيهندي آهي؟“
ديسي پادريءَ جواب ڏنو: ”پنج منٽ!“
مون خفي ٿي چيو: ”پندرهن منٽ ته ٿي ويا اٿس.“
هن چيو: ”هلندي... هلندي، گهٻرايو نه.“
ايتري ۾ هڪڙو پيرسن جنهن جي مٿي ۽ ڏاڙهي جا وار سفيد هئا، گلاب جي گلن جي ٽوڪري ڪلهي تي رکي اسان جي گاڏي وٽ آيو ۽ اندر ليئو پائڻ لڳو. مون پڇيومانس: ”هي گل ڪيئن ٿو ڏين؟“
ٻڍي ٽوڪري هڪدم پٺيان هٽائي ڇڏي ۽ مون ڏانهن ملامتي نگاهن سان نهاريندي پڇيائين: ”بيگم اندر آهي؟“
ديسي پادريءَ هڪدم چيس: ”نه، هوءَ اڳئين گاڏي ۾ آهي.“
ٻڍو اڳتي وڌيو. مون حيران ٿي هن کان سوال ڪيو، “هيءَ ڪهڙي ماجرا آهي؟”
ديسي پادريءَ وراڻيو: ”اها لنبي ڪهاڻي آهي. چئن اسٽيشنن تائين پوري ڪانه ٿي سگهندي، انهيءَ ڪري مختصير ڪري ٿو ٻڌايانوَ...“
هن ٻڍي جو نالو ياسين آهي. پيتم پور جي راجا جي باغن ۾ مالهيءَ جو ڪم ڪندو هو. هي ننديپور جي آسپاس ميلن ۾ پکڙيل جيڪي باغ باغيچا ڏسو ٿا، اُهي سڀ پيتم پور رياست ۾ اچي وڃن ٿا، انهن باغن جون نارنگيون سڄي ڏکڻ هندستان ۾ مشهور آهن. ناگپور جون نارنگيون اِنهن اڳيان ٽڪو به ڪين لهن.
ياسين سالن کان اُنهن باغن ۾ ڪم ڪندڙ هو. کانئس اڳي سندس پيءُ اُتي ڪم ڪندو هو. هو پيتم پور رياست جو هڪ وفادار رهاڪو آهي. ياسين واري باغ جي ڀرسان ئي راجا صاحب هن کي ننڍو زمين ٽڪر ڏنو هو، جتي هن جي ڪکائين جهوپڙي هئي. اُن زمين تي هو اَن پوکيندو هو، ڀاڄين جون وليون هڻندو هو، گل ڦل باغ مان ملندو هوس. سکيو وقت پئي گذريس ۽ هو به ڏينهن رات پنهنجي ڪم ۾ مشغول رهندو هو.
ياسين جي زال کي گذرئي سال ٿي ويا. رڌڻ پچائڻ ۽ گهر جو ڪم ڪاج هن جي ڌيءَ بيگم ڪندي هئي. بيگم کي ياسين پنهنجي هٿن سان پاليو هو. بيگم ماءُ جي وفات وقت پنجن سالن جي ٻارڙي هئي. مون اُنهن ڏينهن ۾ ئي ياسين کي چيو ته اها ٻالڪي اسان جي ڪانوينٽ يعني ديول ۾ کڻي ڏي. اتي هن کي تعليم ملي ها ۽ هن جي پرورش به سٺي ٿئي ها پر هن ڪمبخت ٻڍي منهنجي ڪا ڳالهه نه مڃي. هي ڏاڍو پڪو مسلمان آهي، پنج وقت نماز پڙهندو آهي. ان وقت مون کي چوڻ لڳو: ”پادري صاحب! منهنجي زال جي هڪڙي نشاني باقي وڃي رهي آهي. سا به جي اوهان کي ڏيئي ڇڏيان ته باقي مون وٽ ڇا رهندو. اوهين ته رڳو منهنجي ڌيءَ، پر منهنجو ايمان به مون کان کسي رهيا آهيو.“
خير سائين، ياسين پنهنجي نياڻيءَ کي نپايو، هميشه پنهنجي اکين اڳيان رکندو هوس. باغ ۾ ويندو هو تڏهن به کيس ڪلهي تي چاڙهي پيو گهمندو هو. ماڻهو چوندا آهن ته مامتا جو جذبو رڳو ماءُ ۾ هوندو آهي، پر مون ته اهو جذبو بيگم جي پيءَ ۾ به بيدار ٿيل ڏٺو آهي.
بيگم وڏي ٿي ڏاڍي طرحدار نڪتي. اوسي پاسي جي ڳوٺن ۾ به اهڙي سهڻي ڇوڪري ڪانه هئي. جڏهن گل ٽڙندو آهي، تڏهن انهيءَ جي سڳنڌ پري پري تائين وڃي پهچندي آهي. بيگم جي حسن جي چؤ پچؤ راجا جي ڪنن تائين پهتي. هن جو رڳ به ڦڙڪي، پر دل جهلي ويهي رهيو، جو سندس عمر اسي ورهين کان به مٿي ٿي چڪي هئي. هاڻ ته گل ڇنڻ ۽ سندس خوشبوءِ سنگهڻ جي طاقت به منجھس ڪانه رهي هئي. انهيءَ ڪري هو ويچارو به دل کي هٿ ڏيئي رهجي ويو، اها دل جنهن جي ڌڙڪڻ بس ڪنهن به گهڙيءَ بند ٿيڻي هئي.
بيگم پنهنجي پيءُ سان گڏ باغ ۾ ڪم ڪار ڪندي هئي. هوءَ پنهنجي ٻنين ۾ به مردن وانگر ئي ڪم ڪندي هئي، ڇاڪاڻ ته هاڻي هن جو پيءُ پوڙهو ٿي ويو هو ۽ هن کان ايتري محنت به نه ٿي ٿي. انهيءَ کان سواءِ هوءَ پنهنجي جهوپڙي جو به ڪم ڪار ڪندي هئي. بيگم پنهنجي دل ۾ اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته جيسين سندس پيءُ جيئرو آهي، تيسين هوءَ شادي ڪانه ڪندي. جڏهن به ياسين هن جي اڳيان شاديءَ جو نالو ورتو، تڏهن هوءَ هن سان خفا ٿي وڙهي پوندي هئي ۽ ڏينهن جا ڏينهن هن کان رٺل رهندي هئي! ڏاڍي جذباتي ڇوڪري هئي. جيڪڏهن ڪانوينٽ ۾ اچي ها ته هن وقت هوءَ هڪ ڏاڍي سٺي راهبه هجي ها پر افسوس صليب هن جي قسمت ۾ نه هئي. بيگم جون سموريون عادتون مردانه هيون، پر هڪڙي ڳالهه هن ۾ اهڙي هئي جنهن مان عورتن جي جمالي نسائيت جو ڀرپور اندازو ٿيندو هو. هن کي گلن سان عشق هو ۽ گل به گلاب جا. هن پنهنجي جهوپڙي جي چوڌاري جهنگلي گلاب جون وليون پوکي ڇڏيون هيون ۽ جهوپڙيءَ کان ٻاهر به پنهنجي ننڍڙي باغيچي ۾ طرح طرح جا گلاب ڪونڊين ۾ لڳايا هئائين. انهن گلابن جي قلمن لاءِ بيگم کي ٻين باغن جي مالهين کي ڪيتريون منٿون ڪرڻيون پيون هيون. ڪيڏي جانفشانيءَ سان انهن گلابن جي سهڻن گلن کي پنهنجي جهوپڙيءَ جي آس پاس سينگاريو هئائين. ياقوت جهڙا ڳاڙها گل، شفق جي رنگ جهڙا گلاب، گلاب جن جي رنگت ۾ صبح جو سون گهوٽيل هو، چانڊوڪي رات وانگر سفيد ۽ معصوم گلاب، ۽ ٻيا پيلا گلاب، پنهنجي اندر ۾ جدائيءَ جي پيلاڻ ۽ تپش کڻندڙ گلاب، جن جي خوشبوءِ ايتريقدر تيز هئي جو پري پري تائين اناج جي ٻنين ۾ ڦهلجي ويندي هئي، ۽ گلاب، جن جي خوشبوءِ محبت جي خاموش راز وانگر جهڪي، هلڪي، گهري ۽ پراسرار هئي. اها خوشبوءِ، جا هڪڙي چهري تان اڏامي ٻئي چهري تائين پهچي سگهي ٿي، اهڙا سوين گلاب هئا، جي بيگم جي باغيچي ۾ ٽڙيل هئا، جي بيگم جي ڪارن وارن جي زينت هئا، جي هن جي گلي جا هار هئا، ۽ هن جي ڪپڙهن جي دلنواز مهڪ... بس اها ئي گلاب جي محبت بيگم جي ڪمزوري هئي، ۽ ياسين کي خبر هئي ته اها ڪمزوري خود هن بيگم جي مزاج ۾ پيدا ڪئي آهي. ننڍپڻ کان وٺي هن ڌيءَ کي گلن سان محبت ڪرڻ سيکاريو هو. هو هن لاءِ باغيچي مان چورائي سهڻا سهڻا گل آڻي ڏيندو هو، جن سان هوءَ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺي راند ڪندي هئي. هاڻ اهو گلن سان کيڏڻ وارو زمانو ته گذريو ويو، پر گلن سان هن جي محبت اڃا به باقي هئي ۽ هن جي جهوپڙي گلاب جي ٽڙيل مکڙين سان ايتري قدر ڀريل هئي جو ائين ٿي معلوم ٿيو، جو ڄڻ ته هي ڪو مدراسي ڳوٺ ڪونه هو، ڪو ايراني باغيچو هو.
هڪڙي ڏينهن پيتم پور جي راجا جو ولي عهد پنهنجي دوستن سان ننديپور ۾ شڪار لاءِ پهتو. هنن جا پنهنجا جهنگ هئا، پنهنجا باغ هئا، رعيت به پنهنجي هئي، چئني طرفن پنهنجي ملڪيت هئي. ڊپ ڪنهن جو ڪونه هو. اسٽيشن جي هڪڙي طرف سائڊنگ ۾ هنن جو اسپيشل سيلون (خاص گاڏو) لڳايو ويو ۽ ولي عهد صاحب پنهنجي شڪارين کي ساڻ کڻي شڪار لاءِ نڪري ويو. هنن شڪار ڪيو. چيتا، رڇ، هرڻ، سوئر ۽ ڪيترا جهنگلي جانور هٿ لڳن. شڪارين مان فقط ٻن جانين جو نقصان ٿيو. هڪڙي کي چيتي ڦاڙي ڇڏيو، ٻيو هڪڙي جهنگلي سوئر جي ور چڙهي ويو، جنهن سندس سخت ٿوني سان هن جي پيٽ کي چيري آنڊا ڪڍي ڇڏيا ۽ پوءِ غصي ۾ اچي هن ويچاري غريب هاريءَ کي پري اڇلائي اونڌو ڪري ڇڏيو. ان وقت سوئر تي گولين جوپ وسڪارو ٿي رهيو هو، مگر ان ڪمبخت مرڻ تائيِن انهي غريب کي چيلهه کان وٺي ڳچي تائين بلڪل اڊيڙي ڇڏيو. اهو راجا جو ڏاڍو پراڻو شڪاري هو، پر هاڻ ڇا ٿي ٿي ٿي سگهيو. شڪار ۾ ته ايئن ٿيندو آهي، بلڪ اڪثر ته ايئن ٿيندو آهي، جو هڪڙو چيتو به شڪار ڪونه ٿيندو آهي ۽ ٻه چار شڪاري مفت ۾ جهنگلي جانورن يا ڪنهن ٻئي شڪاريءَ جي گوليءَ جو نشانو بنجي ويندا آهن، انهيءَ ڪري اڄوڪو ڏينهن ته پاڻ سٺو ٿيو، پنڌرهن کن جانور هٿ آيا، جن مان ٽي چيتا هئا، ۽ پنهنجي طرف کان فقط ٻن شڪارين جي جان ويئي.
ولي عهد ڏاڍو وش ٿي پنهنجي سيلون ڏانهن موٽيو. وهنجڻ کان پوءِ شراب جو دور هليو، شراب جي دوران ۾ ججڏهن ولي عهد جون اکيون گلابي ٿي ويون ۽ زبان ۾ هٻڪ ٿيڻ لڳي، تڏهن ڪنور بير سنگھ هٿ ٻڌي عرض ڪيو:
”حضور! آءٌ اڪيلائيءَ ۾ ڪجھ عرض ڪرڻ گهران ٿو...“
ولي عهد پنهنجي ڪرسي تان اٿيو ۽ ڪنور بيرسنگهه کي پاڻ سان وٺي پنهنجي خوابگاهه ۾ آيو. اتي هن هڪ ڇوڪري ڏٺي، جنهن کي ڏسي هو اتي ئي وائڙو ٿي بيهي رهيو ۽ پوءِ شرمائجي اکيون کڻي هيٺ ڪيائين ۽ بيرسنگهه کي چيائين: ”ڪنور جي! هيءَ ڪير آهي، ۽ اسان جي ڪمري ۾ ڇا پئي ڪري؟“
ڪنور جي مرڪي جواب ڏنو: ”حضور! هيءَ اوهان جي رعيت آهي، اوهان جي ملڪيت آهي، نالو بيگم اٿس. هن جو پيءُ حضور جي باغن ۾ مالهيءَ جو ڪم ڪندو آهي.“
ولي عهد ڏاڍو شرميلو هو، هن جي باري ۾ سڄي جاگير ۾ اهو مشهور هو ته ولي عهد ڪڏهن به عورتن ڏانهن نگاهه کڻي نٿو ڏسي سگهي. راجا صاحب جي صلاح سان ولي عهد جي دوستن ڪيترا ڀيرا هن کي حسن جي ”محفل“ لاءِ ڀڙڪايو، پر هر ڀيري ولي عهد نٽائي ڇڏيندو هو! لاچار راجا صاحب ولي عهد جو مڱڻو ڪري ڇڏيو ۽ ايندڙ مهيني ۾ شادي هئي، مگر راجا صاحب کي اهو کٽڪو هو ته ويچارو ولي عهد ٻين ولي عهدن وانگر نامرد نه ثابت ٿئي. انهيءَ فڪر ۾ هو ڳرندو پئي ويو. ڀلو ٿئي ڪنور بير سنگهه جو، جو هن راجا صاحب جي اڳيان شڪار جو پروگرام رکيو ۽ پنهنجي تجويز کان به آگاهه ڪيائينس. راجا صاحب راضي ٿي ويو، انهيءَ ڪري هاڻ هيءَ ڇوڪري ولي عهد جي خواب گاهه ۾ موجود هئي.
ولي عهد چيو: ”توکي خبر آهي ته ايندڙ مهيني ۾ منهنجي شادي ٿيڻ واري آهي؟“
ڪنور بير سنگهه کلي چيو: ”انهيءَ ڪري ڇا ٿي پيو؟ سرڪار! هيءُ هڪڙي مشق ٿي پوندي...“ پوءِ ٿورو روڪجي چيائين: ”ذرا نظر ته ڪريو حضور! ڪهڙو نه سهڻو گل آندو اٿم!“
ولي عهد نظر مٿي کڻي ڏٺو _ ۽ اهو ته آءٌ ٻڌائي چڪو آهيان ته بيگم بيحد سهڻي هئي.
---
ولي عهد جي پروگرام ۾ ننديپور ۾ رهڻ جا فقط ٻه ڏينهن هئا. پر ولي عهد ست ڏينهن رهيو، ۽ ست ئي ڏينهن ياسين پنهنجي ڌيءَ سان ملڻ لاءِ ايندو هو، پر هن کي ڪنهن به سندس ڌيءَ سان ملڻ نه ڏنو. هو انهيءَ ڏينهن به روزاني دستور موجب پنهنجي باغ ۾ ڪم ڪري رهيو هو، ته ڪنهن اچي کيس چيو ته: ”تنهنجي ڌيءَ کي راجا جا ماڻهو کڻي ويا آهن، هوءَ تلاءَ تان وهنجي اچي رهي هئي ته مون رڙيون ٻڌيون، مون ڏٺو ته راجا صاحب جا ماڻهو هن کي پڪڙي ڪلهن تي کڻي گهوڙي تي سوار ٿي هليا ويا. بيگم تنهنجو نالو وٺي روئي رهي هئي، پر هاڻ ڇا ٿو ٿي سگهي، منهنجي ڳالهه جي مڃين ته ماٺ ڪري ويهي رهه، گڻو گوڙ ڪندين ته نوڪريءَ تان به هٿ ڌوئڻا پوندءِ!“
پر ياسين ٻئي مالهيءَ جي ڳالهه نه مڃي، هو ننديپور اسٽيشن تي رڙيون ۽ دانهون ڪندو پهتو ۽ اسپيشل گاڏي جي چوڌاري چڪر هڻندو رهيو، پر اسپيشل گاڏي جون سموريون دريون بند هيون، ۽ انهيءَ ڪري ٻاهرين دانهن اندر نه وڃي سگهي، ۽ ندر جو سڏڪو ٻاهر ٻڌڻ ۾ نه آيو. ان کان پوءِ جڏهن ياسين بيتاب ٿي گهڻو گوڙ مچايو، تڏهن ڪنور بيرسنگهه ۽ سندس ماڻهن ياسين کي خوب مار ڪڍي ۽ هن کي اڌ مئو ڪري سندس جهوپڙيءَ ۾ ڇڏي آيا.
اتي ياسين ٻن ڏينهن تائين پيو هو، پر مئو ڪونه. توکي ته خبر آهي ته هي هاري ماڻهو ڏاڍا سخت جان ٿيندا آهن، هنن جي هڏي ڏاڍي مضبوط ۽ سخت هوندي آهي. ٻڍو بچي ويو، پر هن جو دماغ موڪلائي ويو. چوٿين ڏينهن جڏهن ٻڍو ياسين وري اسپيشل گاڏي جي سامهون آيو، ته هن جي هٿ ۾ گلاب جي گلن سان ڀريل ٽوڪري هئي، ۽ هو هري هري جهڪي آواز ۾ چئي رهيو هو: ”منهنجي بيگم کي منهنجي اڳيان آڻيو ته آءٌ کيس سندس گل ڏيان.“
پوءِ هو اسپيشل گاڏي جي هر دريءَ اڳيان بيهي چوندو هو ”بيگم ڇا تون اندر آهين؟ ڏس ته مون تنهنجي لاءِ تنهنجا گل آندا آهن!“
انهيءَ ڏينهن کان ياسين جو دستور ٿي ويو ته سڄو ڏينهن اسپيشل گاڏي جي چوڌاري چڪر لڳائيندو هو ۽ رات ٿيندي هئي ته وڃي پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ ڪري پوندو هو. جڏهن صبح ٿيندو هو ته وري گلن جي ٽوڪري هٿ ۾ کڻي اسٽيشن تي اچي موجود ٿيندو هو. راجا صاحب جا نوڪر هن کي ماريندا ڪٽيندا هئا، گاريون ڏيندا هئا، ڊيڄاريندا ۽ دڙڪا ڏيندا هئا، هن سان مسخري ۽ مذاق ڪندا هئا، پر هن تي ڪنهن به ڳالهه جو اثر ڪين ٿيندو هو. هو ڪنهن تي به ڪين ڪاوڙيو هو، بلڪه ڏاڍي نيزاريءَ سان، تمام نرم آواز ۾ نوڪرن کي چوندو هو: ”بيگم کي اندران سڏ ڪريو، آءٌ هن کي گل ڏيندس ۽ پوءِ هليو ويندس.“ اهو ٻڌي راجا جا نوڪر وري زور سان کلڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ لڳندا هئا.
ستين ڏينهن اسپيشل گاڏو هليو ويو ۽ انهيءَ سان گڏ ياسين جي زندگيءَ جي آخري اميد به هلي ويئي.
---
پادري چپ ٿي ويو. مون ڏٺو ته گاڏي آهستي آهستي ننديپور جي پليٽ فارم کان ٻاهر نڪري رهي آهي ۽ اهو اڇي ڏاڙهي وارو ٻڍڙو پنهنجي هٿ ۾ گلاب جي گلن جي ٽوڪري جهليو پليٽ فارم جي آخري سري تي ڪنڌ جهڪايو بيٺو آهي.
پادري منهن ورائي ڀريل گلي سان چيو: ”انهيءَ ڏينهن کان هي ٻڍڙو روزانو هتي ايندو آهي ۽ هر ڪنهن گاڏي جي هر گاڏي ۾ جھاتي پائي پڇندو آهي ته ڇا بيگم اندر آهي؟ آءٌ هن لاءِ گل کڻي آيو آهيان!“
---
گاڏي ۾ دير تائين ماٺ ٿي وئي. گاڏي هاڻ ننديپور کان اڳتي نڪري جهنگ مان لنگهي رهي هئي. گوري پادريءَ آڱر جي اشاري سان مون کي ٻڌايو ته: ”هي جهنگ پيتم پور جي راجا جا آهن. تمام پري هوڏانهن الهندي طرف حيدرآباد جي نظام جي رياست اندر انه جابلو چوٽين تائين اهي جهنگ پکڙيل آهن. انهن جهنگن ۾ جهنگلي جانور بيحد ملن ٿا ۽ اهي جانور ايڏا ته دلير آهن جو اوسي پاسي جي ڳوٺن مان ماڻهو کڻي وڃن ٿا ۽ هڪڙي ڏينهن ته اسٽيشن تان به هڪڙي اسٽيشن ماستر کي کڻي ويا. ڏاڍا خونخوار چيتا آهن هن جهنگ جا...“
آءٌ راجا صاحب جي جهنگن ڏانهن نهارڻ لڳس. ننڍين ننڍين انساني آبادين جي چوڌاري ميلن تائين ڦهليل خونخوار جهنگ، اهي مدراس صوبي کان حيدرآباد تائين ڦهليل جهنگ، جن جي وچ ۾ هڪڙو گل قيد ٿيل آهي. ڇا اهو گل ڪڏهن به آزاد نه ٿي سگهندو؟ مون نظر ڦيرائي انهن وسيع جهنگن ڏانهن ڏٺو، جن جي وچ ۾ گاڏي ڀڄندي پئي ويئي. راجا صاحب جا خوفناڪ جانورن وارا جهنگ، ٽڪرين جي هن طرف حيدرآباد جي سرحد هئي، اوستائين به اهي ٻيلا پکڙيل هئا. انهن کان پر تي ”تلنگانه“ هو ۽ مون سوچيو ته اهو گل هڪ ڏينهن ضرور آزاد ٿيندو! تلنگانه جا هٿ ۽ شاعر جي دل انهيءَ جهنگ کي فتح ڪندا، جو انسان جي روح جي چوڌاري ڇانيل آهي.
---
ڪن گهڙين جي ماٺ کان پوءِ گوري پادريءَ ڏک جهڙي آواز ۾ چيو: ”اڄ ڪلهه شڪار ۾ مزو ڪونه رهيو آهي.“
”ڇو؟“ مون پڇيو.
”شڪار لاءِ شڪاري ملن ئي ڪونه ٿا. اڳي ته گهڻا ملندا هئا، پر هاڻي ٻيڻي ملهه تي به تمام ٿورا ملن ٿا، ۽ توهان کي ته خبر آهي ته شڪارين کانسواٰءِ شڪار ۾ لطف ئي ڪونه ايندو آهي. اڄ ڪلهه غريبن کي به پنهنجي جان تمام پياري ٿي پيئي آهي.“
مون پڇيومانس: ”فادر! توهان کي شڪار جو ڏاڍو شوق آهي؟“
هن جو گول گول ٻارن جهڙو چهرو ٽڙي پيو، چيائين: ”تري ميندوس.“
چيومانس: ”فادر، توهين فرينچ آهيو يا اٽالين؟“
هن وراڻيو: :مان ڊچ آهيان، هتي آئي مون کي ٽيهه سال ٿي ويا آهن.“
مون گاڏيءَ کان ٻاهر اشاور ڪندي چيو: ”ٽيهه سال ئي هتي گذاريا اٿو؟“
هن ڪنڌ سان ها ڪري چيو: ”مون کي هي ته ڏاڍو پسند آهي، هتي شڪار جو ڏاڍو مزو آهي، شينهن، چيتا، سوئر، هرڻ، هر ڪو جانور هتي آهي. نٿو ملي ته هڪڙو هاٿي نٿو ملي، هن پٽ ۾.“
هينئر مون چيومانس: ”فادر، توهين يئن ڪيئن ٿا چئو؟ هاٿي ته هتي به آهن، مگر توهين انهن جي شڪار ڪرڻ جي ڪوشش ئي ڪونه ٿا ڪريو. توهين هميشه غريب جانورن جو شڪار ڪندا رهيا آهيو ۽ هاٿين کي جهنگل ۾ آزاد ڇڏي ڏنو اٿو. هاٿي مشرق ۾ ڪٿي نٿو ملي؟ هندستان ۾ آهن، سيالون ۾ آهن، برما ۾ آهن، ملايا ۾ آهن، انڊونيشيا ۾ به آهن، مگر انهن هاٿين جو رنگ سفيد آهي. ماڻهو چوندا آهن ته اهو سفيد هاٿي تمام پاڪ آهي ۽ ڏاڍي جاکوڙ سان ملندو آهي، مگر منهنجو خيال آهي ته ايشيا جو ڪو ملڪ ڪونهي، جتي اهو سفيد هاٿي نه لڀندو هجي ۽ هاڻي ته حد ٿي ويئي آهي. هينئر ته اهو سفيد هاٿي عرب، عراق، سريا ۽ فلسطين جي بيابانن ۾ به پکڙجي ويو آهي. جتي جتي تيل جا چشما آهن، لوهه جو کاڻيون آهن، رٻڙ ۽ چانهه جا کيت آهن، اُتي اِهو سفيد هاٿي ضرور ملندو.“
گوري پادريءَ جي منهن جو رنگ اُڏامي ويو. هن جا چپ اندر ڀڪوڙجي ويا، هٿ ڳچيءَ ۾ لڏندڙ صليب ڏانهن وڌي ويو ۽ مون ڏانهن حقارت ڀري نگاهه سان نهاري منهن کڻي ڦيريائين.
ديسي پادري چوڻ لڳو: ”توکي فادر سان اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ واجب نه هو.“
مون نرمائيءَ سان چيو: ”مون فادر جي شان ۾ ڪابه گستاخي ڪانه ڪئي آهي. مون فقط هاٿين جو ذڪر ڪيو.“
گاڏي اچي اسٽيشن تي پهتي، پادرين کي اڃا اڳتي هلڻو هو، پر هو اُتيئي لهي ويا. لهندي وقت ديسي پادري مون ڏانهن زهر ڀريل نگاهن سان ڏسڻ لڳو. آءٌ پاڻ روجڪي نه سگهيس کين چيم: ”وڃو ٿا، ته اڳو پوءِ هيءَ ڳالهه به ٻڌي وڃو. اڳي سفيد ۽ ڪارن هاٿين وچ ۾ هميشه لڙائي چالو هوندي هئي، ٻيئ پنهنجا پنهنجا ٽولا ٺاهي جهنگلن ۾ گهمندا هئا، مگر هاڻي ٻڌجي ٿو ته سفيد ۽ ڪارن هاٿين وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي ۽ ٻئي ڏاڍي پريم سان هڪ ٻئي سان سونڊيون ملائي ايشيا جي جهنگلن ۾ پيا ڦرن!“
گورو ۽ ديسي پادري پنهنجو سوٽ ڪيس کڻي جيئبن منهنجي دريءَ وٽان پئي لنگهيا، تيئن منهنجي وات مان نڪري ويو: ”تري ميندوس.“
اُنهيءَ رات وري ڪو خاص واقعو ڪونه ٿيو. ٻئي ڏينهن شونور کان ڪجھ اسٽيشنون اڳيان به مسلمان سوداگر اچي مون واري گاڏي ۾ چڙهيا. هن جو ڪاروبار ڪو چين بندرگاهه ۾ هلندڙ هو. هنجي پٺيان هڪ ٻڍو مگر شوقين مدراسي به چڙهي آيو. ٻڍي مدراسيءَ کي ريشمي سوٽ پهريل هو؛ چانديءَ جي مٺئي وارو هڪ لڪڻ ساڻ هوس ۽ هٿ جي آڱرين ۾ هيرن جون منڊيون پيل هئس.
مسلمان سوداگر ۽ مدراسي مليالي ٻوليءَ ۾ هڪ ٻئي جو ڏس پتو پڇڻ لڳا ۽ نيٺ جڏهن هڪ ٻئي جي خبر چار وٺي پوري ڪيائون، تڏهين مون ڏانهن مهڙ ڪري پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪجھ چيائون. مون انگريزيءَ ۾ چيومان: ”مان اها ٻولي ڪانه ڄاڻان.“
سوال پڇندڙ پهرين ڇرڪ ڀريو، پر پوءِ مرڪي چيائين: ”معاف ڪجو. مون سمجهيو ته توهين اَلپيءَ جا رهاڪو آهيو.“
مون وراڻيو: ”مون کي اُن شهر ڏسڻ جي ڏاڍي خواهش آهي.“
هن چيو: ”مان اَلپيءَ جو ئي رهاڪو آهيان. الپي جنهن کي هندستان جو ”وينس“ (Venice) ڪوٺيندا آهن.“
ٻڍي پنهنجي لڪڻ کان ٿانئيڪو ڪندي چيو: ”مان به الپيءَ جو رهاڪو آهيان.“
مون مسلمان سوداگرن مان نوجوان کان پڇيو: ”توهين ڪهڙو ڌنڌو ڪندا آهيو؟“
”آءٌ ايل. ايل. بي پڙهندو آهيان، پوءِ پنهنجي ساٿيءَ ڏانهن اشاور ڪري چيائين: ”۽ پنهنجي ڀاءُ سان گڏ ڌنڌو ڪندو آهيان.“
”ڪهڙو ڌنڌو؟“
”هارڊ ويئر _ يعني لوهه جو ڌنڌو، توهين ڪهڙو ڪندا آهيو؟“
مون وراڻيو: ”سافٽ ويئر.“
هن ٽهڪ ڏيئي چيو: ”اهو سافٽ ويئر ڇا ٿيندو آهي.“
چيومانس: ”توهين لوهه جو واپار ڪندا آهيو، آءٌ قلم جو واپار ڪندو آهيان.“
وڏي ڀاڻس چيو: ”توهين فائونٽن پينون وڪڻندا آهيو؟“
مون چيومانس: ”بس، ائين ئي سمجهو.“
ڪجھ کن ترسي وڏي ڀاءُ چيو: ”صاحب ڇا به هجي، پر اڄ ڪلهه ڌنڌي ۾ فائدو ئي ڪونهي. ڪمبخت مزورن جو دماغ خراب ٿي ويو آهي.“
ٻڌو چوڻ لڳو: ”الپيءَ ۾ منهنجو هڪ ڪارخانو آهي. اتي به ساڳيو حال آهي.“
پوءِ مون ڏانهن منهن ورائي آهستي چوڻ لڳو: ”اها سڀ ڪميونسٽن جي حرڪت آهي نه صاحب!“
مون چيومانس: ”توهين درست آهيو.“
ٻڍو وري چوڻ لڳو: ”مگر منهنجي پٽ جو چوڻ آهي ته انهن جو دماغ ٺيڪ ڪري ڇڏيو. توهان کي خبر آهي، منهنجو پٽ ڪير آهي؟“
مون پڇيو: ”ڪانگريسي آهي؟“
”نه“
”هندو مها سڀائي؟“
”نه ... نه ... “
”ته پڪ سنگهي هوندو.“
”نه صاحب، منهنجو پٽ ملٽري سيڪريٽري آهي، اوهان ڇا سمجهو آهي؟“
مون چيومانس: ”معاف ڪجو، توهان ڪجھ غلطي ٿا ڪريو. ملٽريءَ جو ڀلا سياست سان ڪهڙو واسطو آهي؟“
ٻڍو چوڻ لڳو: ”مگر ڪميونسٽن کي دٻائڻ ۾ وري سياست جو ڪهڙو واسطو آهي؟ هيءَ ته سڌي سادي ڳالهه آهي. مزوردن جي هڙتال سبب منهنجو ڪارخانو بند ٿيڻ تي آهي.“
وڏي ڀاءُ چيو: ”منهنجي بزنس ۾ به اُنهن گڙٻڙ مچائي ۽ مون اُنهن کي ڪڍي ٻين ماڻهن کي رکيو. پر مون کي ڪالهه مدراس ۾ تار ملي، ته هنن وري گوڙ مچايو آهي. جنهن ڪري مان اڄ ڪوچين پيو وڃان. هيءَ سرڪار ڪجھ نه ٿي ڪري.“ پوءِ مون کان پڇيائين: ”ڪيئن صاحب؟“
مون وراڻيو: ”توهين ٺيڪ ٿا چئو.“
سوداگر چيو: ”ڏسو هن اسان جي سرڪار ناريلن جو ٻاهر موڪلڻ بند ڪري ڇڏيو آهي. ولائت ۾ ناريلن جو اگهه پنج سؤ روپيه ٽن آهي: هتي اڍائي سؤ آهي. اسان کي ٽن تي اڍائي سؤ روپيا نقصان ٿو پوي.“
مون چيومانس: ”برما ۾ ناريل ڏيڍ سؤ روپئي في ٽن آهن. اُنهيءَ حساب سان توهان کي سؤ روپيا في ٽن فائدو آهي.“
”مان برما جي ڳالهه ڪانه ... “
مون هن کي وچ ۾ ئي ڪپي چيو: ”ملايا ۾ 75 روپيا ٽن آهي، سينگاپور ۾ پنجاهه روپيا ۽ جيڪڏهن توهين هونو لولو وڃو، ته اُتي مفت ۾ ئي ايترا ناريل ملندؤ، جو تمام سولائيءَ سان هڪ وڏي شاهي عمارت کڙي ڪري سگهندا. آيو توهان جي سمجھ ۾!“
وڏي ڀاءُ ڇرڪ ڀريو، ڇرڪ ڀري ننڍي ڀاءُ ڏانهن نهاريائين، ننڍي ڀاءُ ٻڍي مدراسيءَ طرف نهاريو، مدراسيءَ مون ڏانهن ايئن نهاريو، ڄڻ ٿاليون لٿل هوس. هن جو وس هلي ها ته شايد مون کي گاڏيءَ مان به ڪڍي ڇڏي ها، مگر تريچور اسٽيشن اچي ويئي ۽ مان اُتي لهي پيس.
اڄ تريچور اسٽيشن تي خوب پيهه هئي، اٽڪل ڏيڍ سؤ والنٽيئر ڳاڙها ٻلا لڳائي بيٺا هئا. ڪن ماڻهن مون کي سڃاڻي ورتو ۽ منهنجي اچڻ جي خوشيءَ ۾ نعرا لڳايائون. فضا ۾ هر طرف ”انقلاب زنده باد“ جي صدا گونجڻ لڳي. هيٺ لهندي مون پنهنجي هم سفر امير ساٿين ڏانهن هڪ دفعو نهاريو، جن هينئر مون ڏانهن تمام حيرت وچان پئي نهاريو. هيٺ لهندي لهندي مون ٻڌو، ننڍو ڀاءُ وڏي کي چئي رهيو هو... ”هي به اُنهن مان ئي آهي!“ ايئن چئي هنن گاڏيءَ جي شيشي واري کڙڪي بند ڪري ڇڏي، ۽ اسان ڏانهن پٺ ڏيئي ويهي رهيا، مگر انقلابي نعرا طوفاني جهٽڪن مثل برابر گاڏيءَ اندر پهچندا رهيا.
”انقلاب زنده باد!“
”انجمن ترقي پسند مصنفين زنده باد!“
”مزورن ۽ اديبن جو اتحاد زنده باد!“
هارڊ ويئر جا واپاري اسان کي پٺي ڏيئي ويٺا هئا، ۽ ڪڏهن ڪڏهن آڏين نگاهن سان اسان ڏانهن پئي نهاريائون. هنن جي چور نگاهن ۾ ڊپ هو، پريشاني هئي، هراس هو، هارڊ ويئر جا واپاري سافٽ ويئر جي واپارين سامهون گنهگارن وانگر خاموش ۽ هيسيل هئا. فضا ۾ ساٿين جي نعرن جي گونج هئي ۽ منهنجي دل ۾ اقبال جو شعر ٿي اڀريو.
”ڦول ڪي پتي سي ڪٽ سڪتا هئه هيري ڪا جگر!“
[ڪرشن چندر جي ناول جو هڪ باب جيڪو سال 1954ع ۾ سراج ترجمو ڪيو هو.]