ياد جا تابوت
[آزاد نظم]
-ذهن جي تھخانن ۾
ياد جي بدران رت جو وهندو دريا:
پائيندو ٻوڙيندو
ياد جون وستيون، واهڻ، سوچ جا مندر،
(ڀل ته صدين جي پوڄا سوچ جو مندر سمجهو!)
مسجد، ديول، ڏاهپ جا بتخانا!
(ڏاهپ_
ڊپ جي ته سڳي جيجل ڀانيو!)
_ ان سيل روان کان، اي يارو،
نوح جي ٻيڙي به سلامت ڪانه بچي!
(نوح به ڏاهپ جو نانءُ ٿو سڏجي ڇا؟)
ان ٻوڏ جي جوکم کان
ننڊ به ڪيسين غافل رکندي _
موت جي ڀيڻ سھي، زهر آلود سھي،
ساغر و مينا جي هيءَ ڄائي
ٻوڏ کي موٽائي ڇا سگھندي؟
(آهي ڏاهن آڏو،
ننڊ به ڏاهپ جو هڪ پڙلاءُ!)
_ هيءَ ٻوڏ ڀلا ڪا چوماسي
وير ته ڪانهي:
هي رت جو هڪ دريا آهي؛
هن کي ته ڪنارو ئي ڪونهي:
ڪو طرف نه ڪو پيمانو آ!
(اوندهه کي ڪنارو ڇا هوندو:
اوندهه اطراف کان بي پروا
پيماني کان خالي آهي!)
-”سور ورهايا سرتين...*“
۽ جڏهين
”مٺ مٺ سورن سڀ ڪنھن آئي*:“
(ماڻھوءَ ويچاري سور ڇڏيا ها ساڱاهي!)
ڏک ته سکن جي سونهن هئا، پر
ورڇ ۾ ڪن کي مسجد آئي،
ڪن کي مندر،
ڪن کي ديول،
ڪن کي ڏاهپ،
ڪن کي سانت جو ساگر،
(ڏاهپ سانت جي ساهيڙي ڪئن چئجي؟)
ڪنھن ڪنھن کي طائوسي،
ڪنھن ڪنھن کي ڪوٽ-ڪڙا،
ڪن کي ڀونگي،
ڪن کي ڏونگر،
ڪن کي ڀاڳ جي ديوي (لڇمي، مايا!)
(وتعز من تشاء وتذل من تشاء!...؟)
-ڪثرت وحدت جو هي جهيڙو:
ڪثرت- ڄڻ پڃري جون تيليون،
ڪنھن ڀونگيءَ جا ڪکڙا،
وحدت ڄڻ محلسراءَ،
ڄڻ مسجد جو منبر،
ڄڻ ڪنھن صوفيءَ جي چپ!
اهڙي چپ جا ’ماٺ‘ نه آهي،
اهڙي چپ، جا سرگوشين ۾
ورد ڪندي ٿي ويئي:
’سو هي، سو هو، سو ويري، سو واهرو!‘
’سو هي، سو هو، سو ويريءَ...‘جو مطلب
(سورن- ورڇ ته ڪانهي!)
’ننڊ جو نوتو‘ آهي-
اهڙي گھري ننڊ، جا منصورن کي
(منصور متان باغي ته نه هو؟)
سوريءَ تي ڳھرائي،
تقدير جو جهوٽو کارائي،
رت جون سيرون ٿي ڇوڙائي!
منصور جو رت،
ڪيڏو مغرور سھي،
رت جي نئن ٿو بڻجي؛
۽ اُها نئن هر ٻي نئن سان ملي
رت جو دريا بنجي،
ذهن جي تھخانن کي _
ياد جي تابوتن کي،
ٻوڙي، لوڙهي
وهندو ٿو رهي!
- ماهنامو نئين زندگي