مختلف موضوع

تُنهنجي تند تَنوار....

ڪتاب ”تنهنجي تند تنوار“ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب، ليکڪ، ناولنگار ۽ جديد صحافت جي اهڃاڻ ”سراج“ جي شاعري، ناٽڪ ۽ ترجمن جو مجموعو آهي. فهميده حسين لکي ٿي:
”سراج ادبي دنيا ۾ هڪ تخليقي فنڪار جي حيثيت ۾ قدم رکيو، هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ پاڻ مڃايو، وقت جي اڪثر رسالن ۾ هڪ شاعر جي حيثيت ۾ شامل ٿيندو رهيو، هڪ مضمون نگار جي حيثيت ۾ ڪيترائي تخليقي مضمون ۽ تاثر لکيائين، ٻين ٻولين ۾ ڇپجندڙ تخليقي ادب کي ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي دامن کي وسيع ڪيائين، تخليقي انداز ۾ تاريخي ناول لکيائين. ڪو وقت اهڙو به آيو، جو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وجود، حيثيت ۽ رُتبي تي سوال ٿيا، تڏهن هن پنهنجي قلم جو رخ تحقيق ڏانهن موڙيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي قدامت، عظمت ۽ شاهوڪاري ثابت ڪرڻ لاءِ موهن جي دڙي جي مهرن کان وٺي، تاريخ جي مختلف دورن ۾ ان جي اوسر ۽ ارتقا جا پيرا کنيائين،“
Title Cover of book تُنهنجي تند تَنوار....

گھاتُو گھر نه آئيا

[شاهه جي سُر تي ٻڌل هڪ ننڍڙو ناٽڪ]
ڪردار:
سدا جڙيو: سون مياڻيءَ ڳوٺ جو مُکي
اوڀايو: ڳوٺ جو هڪ پيرسن ۽ تجربيڪار مُهاڻو
وسايو
پنهون
دودل
پيارل
سوڍو
ڏهيسر
۽ مورڙو اوڀايي جا جوان پٽ






- ٽنگ کان منڊڙو، اوڀايي جو سڀ کان ننڍو پٽ
ٻڍل ڳوٺ جو لوهار
سهاڳڻ: اوڀايي جي زال، ۽ مورڙي جي ماءُ
ڳوٺ جا ڪيترائي زالون ۽ مرد، جن ۾ اوڀايي جي پٽن جون ونيون به شامل آهن.
زمانو:
اڄ کان صديون اڳ، جڏهن سنڌ تي سڀيتا جو جوڀن هو، تهذيب ۽ تمدن سندس پيرن جا پازيب هئا، ۽ اٻوجهائيءَ ۽ اڻڄاڻائيءَ هوندي به ماڻهن ۾ ساڻيهه جي سڪ ۽ جيئڻ جو جذبو ساهه سان جڙيل هو.
پردو پهريون
ڏيک پهريون
[ڪراچيءَ کان ڪجهه پنڌ پري، سمنڊ جي ڪناري تي، ’سون مياڻيءَ‘ جي ڳوٺ ۾، ڳوٺ جي مُکيءَ جي گهر ٻاهران، ميدان ۾، ڳوٺ جا ماڻهو اچي گڏ ٿيا آهن. ميدان جي چئن ئي طرفن تي مشعلون ٻاري رکيون اٿن. ڪجهه ماڻهو پنهنجين زالن سان هڪ طرف ويٺا آهن، ٻيا بيٺا آهن، ۽ ڪجهه ماڻهو پري کان ايندا نظر اچن ٿا. ماڻهن جي آهستي آهستي ڳالهين ڪرڻ جو آواز اچي رهيو آهي، ۽ پس منظر ۾ سمنڊ جي لهرن جو هلڪو شور آهي.
ماڻهن جي منهن تي گنڀيرتا بکي رهي آهي. مشعلن جي تيز روشنيءَ ۾، سندن اکيون ڪنهن عجيب چمڪ کان ٻهڪي رهيو ن آهن. زالن جي چهرن تي ڪجهه اون ۽ انتظار جي ڇايا آهي، پر گنڀيرتا ۾ پنهنجن ساٿي مردن کان به ٻه رتيون ڪسر آهن.
اوچتو ماٺ ٿي وڃي ٿي. اسٽيج جي هڪ پاسي کان هڪ ٻڍڙو شخص- ڳوٺ جو مُکي- اچي، حاضر ماڻهن تي هڪ نظر وجهي ٿو. ’ڀلايون هجنئي‘، ’ڪچهريون قائم‘ جي آوازن سان ٻڍڙي جي آجيان ڪئي وڃي ٿي، ۽ پوءِ ماڻهو هڪڙو هڪڙو ٿي ويهڻ لڳن ٿا. سڀ ماڻهو انتظار سان مُکيءَ ڏانهن ڏسڻ لڳن ٿا.]
مُکي: (لٺ جي ٽيڪ وٺندي) منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرو، اڄ جنهن ڪم لاءِ هت گڏ ٿيا آهيون، اهو اسان جي جيئڻ ۽ مرڻ جو سوال آهي. اچو ته گڏجي ڪجهه سوچيون ته اسان تي هيءَ جا آپدا آئي آهي، ان کي ڪيئن منهن ڏيون. (ٿڌو ساهه کڻي) اڃا ڪالهه ‘سڀاڳي’ جا ٻه ڪونڌر پٽ انهيءَ هائيءَ ۾ هلاڪ ٿيا آهن. سڀاڳا، ابا، تون ڀائرن اڳيان سربستو احوال پيش ڪر.
(هڪ ڪرڙوڍ ماڻهو، مجمعي مان اٿي، اڳيان اچي ٿو).
سڀاڳو: دادلَ، ڪهڙا ٿو سربستا حال پڇين! منهنجي پيريءَ جي لٺ کسجي ويئي آهي، منهنجا هيرن جھڙا ٻئي پنهل پٽ انهيءَ نُگري مَڇ جو بَک ٿي ويا! جيڪڏهن اڃا به ڪجهه نه ڪيوسين ته سون مياڻيءَ ۾ اهڙو گھر نه رهندو، جنهن جو هڪ نه ٻيو ڀاتي انهيءَ آفت نه ڳڙڪايو هوندو!
مکي: پر ڀلا، تون به ته ڇوڪرن سان گڏ هئين نه؟
سڀاڳو: نه، دادل، نه! شل آءٌ به گڏ هجان ها! هنن هڏن ۾ اڃا ايتري سگهه آهي، جو پنهنجي جگر جي ٽڪرن لاءِ انهيءَ مڇ سان مقابلو ڪن ها، پوءِ کٽن ڀاڳ! پر منهنجي مڪڙي پرڀرو هئي؛ راڻو ۽ جيئندو، ٻئي ٻيڙيءَ ۾ رڇ ڀريو ٿي آيا، ته اوچتو، ڪُن جي بنهه ڀر ۾، پريان ئي مون کي ان جي پڇڙيءَ جو ڦڻ نظر آيو. مون پريان ئي کين هڪل ڏني، پر جيسين هو هڪل تي هوشيار ٿين، تيسين ٻيڙي وڃي ڪُن ۾ ڦاٿي. (ٿڌو ساهه ڀريندي ۽ روئندي) بس، پوءِ ته نه تو ڏٺا، نه مون ڏٺا!
’گهنگهڻ گهڻَ ڄاڻَ، موڙهي مت مهائيين،
وئا گڏجي وِير ۾، پِئا منهن مهراڻَ،
اڳيان پويان ٽاڻَ، ويا ويچارن وسري!‘

(اوڇنگار ڏيندي) ابو ڙي! ... منهنجي ڏسندي منهنجا پنهل پٽ
ڪوڪارون ڪندا وڃي، مڇ جي پيٽ پيا!
مکي: ڌڻي امان ڏيندوَ! ابا، اولاد جو سور وسرئي به ڪين وسرندو، پر وري به صبر!
سڀاڳو: دادلَ، هاڻ صبر ڪٿي ... هاڻ ته انهيءَ مڇ سان منهنجو مقابلو آهي!
مکي: ڀائو، تون به اچي پوڙهو ٿيو آهين، هن آفت سان ڪيئن پڄندين؟ هن آفت کي منهن ڏجي به ڪيئن! جڏهانڪر انهيءَ بلا اچي ڪُن جو ڪنارو جھليو آهي، تڏهن لاڪؤن اسان جو وڻج، اسان جو واپار، اسان جوگذران وڃي سوڙهو پوندو:
’نڪا بوءِ بازار ۾، نڪا ڇِلُرَ ڇَٽَ،
جتي ڏنڀرين جي، اڳي هئي اَکُٽَ،
سي پِڙَ پَسيو پَٽَ، ماڙهُو وڃن موٽيو!‘

هڪ ٻڍڙو: جي مون پيرسن جي صلاح مڃو، ته ڪي جُنگ جوان سنڀاري، مڇ سان مقابلي لاءِ موڪليو. ٻن ٻيڙين ۾ اهي جوان سهي سنڀري، ڏڦا، ڪاترون ۽ ڀالا کڻي وڃن: هڪڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ خالي مڇي ڍوئي، ڪُنَ وٽان لنگهائجي؛ جئن ئي ٻيڙي ڪُنَ ۾ ڦري اچي، ۽ مڇ مٿن حملو ڪري، هي جوڌا جوان ڏڦن ۽ ڀالن سان مٿس اهڙو حملو ڪن، جو وڍي ٽُڪي وجهنس: پوءِ يا ته مري جان ڇڏيندو يا ته اهو ماڳ مٽائي ويندو!
مکي: چاچا وريام، چوين ته سچ ٿو. صلاح ته ڏاڍي سهڻي آهي، پر ڪم آهي وڏي جوکم جو. هڪڙو ڪُنَ جو خطرو، ٻيو مَڇ جو ڀؤ! پر مَنَ ڪي جوان نڪري پون ... آهن ڪي جوان، جي هن ڪم ۾ سر تريءَ تي رکي مڇ جو مقابلو ڪن؟
(ماڻهن ۾ ماٺ ٿي وڃي ٿي. ڪي نوجوان هڪٻئي سان صلاحون ڪرڻ ٿا لڳن. انهن جون زالون کين اون ۽ انتظاريءَ مان ڏسڻ ٿيون لڳن. ڪي زالون وري پاڻ ۾ سُسُ پسُ ڪنديون ٿيون نظر اچن. پر ڪوبه اڳيان وڌڻ جي ڪوشش نٿو ڪري.)
مکي: ڳوٺ کي سُڃي ٿيڻ کان بچائڻو آهي ته اهو ٻليدان ڏيڻو ئي پوندو!
(وري به بلڪل ماٺ ٿي وڃي ٿي. گهڙيءَ کانپوءِ هڪ اڌڙوٽ عمر جي زال اٿي بيهي ٿي).
زال: ڀانيان ٿي ته ڳوٺ مان ڪير به پنهنجي جان جوکم ۾ وجھڻ لاءِ تيار ڪونهي. سون مياڻيءَ جا مرد سنڌ جا سورهيه سڏائبا آهن ... پر، اڄ اهي سورهيه ساهه کي وڌيڪ مٺو ٿا سمجهن!
(گهڙي کن ماٺ ڪري، وري چوڻ لڳي ٿي).
اسين زالون ماڙهو، گهر جي ڪم هاج کانپوءِ، اوهان جون مڇيون بازار ۾ وڪڻؤن، ٻارڙن جي پرگهور لهون، پر ڀانيان ٿي ته هاڻ مردن بدران مهراڻ ۾ به اسان کي ئي گهڙڻو پوندو: آءٌ، ڀاڳڀري، سهاڳڻ ۽ ٻيون پنج- ڇهه ڄڻيون مڇ جي مقابلي تي وينديونسين!
(ميڙ ۾ ڀڻ- ڀڻ زور ٿيندي ٿي وڃي. ڪن مردن ۾ اٿل پٿل ۽ جوش جا آثار ظاهر ٿيڻ ٿا لڳن. پري کان اوڀايو، لٺ تي ڌڏندو، ايندو نظر اچي ٿو. گهڙيءَ لاءِ مجمعي ۾ سانت ڇانئجي وڃي ٿي، ۽ سڀني جون نظرون هن ڏانهن کڄي ٿيون وڃن.)
مکي: اوڀايا خان، تو پيرسن ڇو تڪليف ورتي؟ تنهنجا ڇوڪرا ته پنهنجين ونين سان سڀن کان سوير اچي هت گڏ ٿيا آهن، پوءِ تو کي تڪليف ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت؟
اوڀايو: ڀائو، گهر ۾ اڪيلو ويهي ڪڪ ٿي پيس، چيم ته ٻيو نه ته من ڳوٺ جي ڀلي لاءِ ڪا صلاح سڙي آءٌ به ڏيئي سگھان.
مکي: ڀلي آئين، جيءُ آئين. هان، اچي، هيڏانهن منهنجي ڀر ۾ ويهه. (اوڀايو، مکيءَ جي پاسي ۾، منجيءَ تي ويهي رهي ٿو). هت اڃا ته ڪا صلاح بيهي ئي ڪانه ٿي.
عورت: صلاح ڇو نٿي بيهي؟ چيم جو ته اسين ٿيون مڇ جو مقابلو ڪريون! چاچا اوڀايا، اسين نوَ ڄڻيون مڇ سان مهاڏو ڪرڻ لاءِ سنڀريون آهيون.
اوڀايو: ڇو؟ زائفائون ڇو؟ مڙسن کي ڇا ٿيو آهي؟ هيترا ڪونڌر جوان ويٺا آهن، سي ڇو ٻڙڪ نٿا ٻولين!
عورت: چاچا، اهي ڏينهن ويا، جڏهن چاچو اوڀايو اڪيلي سر ڏهن-ڏهن ڄرڪن سان جنگ جوٽي، راتو واهه ڳوٺ موٽي ايندو هو. هي اڄوڪا جوان-
(مجمعي مان هڪڙو جوان اُٿي ٿو بيهي)
جوان: ادي چڱي، اسان مڙسن جي هوندي جي اوهان زالن کي مڇ سان مقابلو ڪرڻو پوي ته پوءِ حيف آهي. آءٌ اڪيلي سر مڇ جي مقابلي لاءِ تيار آهيان!
(مجمعو حيران ٿي هن جوان کي ڏسڻ ٿو لڳي).
عورت: ڀائو مورڙا، شابس آهي تنهنجيءَ همت کي. آخر به ته چاچي اوڀايي جو تُخم آهين! پر قدرت توکي ٽنگ کان جَڏو ڪري، تو تي وڏو ظلم ڪيو آهي.
مورڙو: منهنجي ٽنگ جي جڏي آهي ته ڇا، ٻانهون ته سلامت ۽ سڄيون آهن! ڌڻيءَ جو سنهن، هنن ٻانهن ۾ ايتري سگھه ٿو ڀانيان، جو هڪ مڇ ۾ ته اک ئي ڪانه ٿي ٻڏيم! ٻئي ڪندي، جڏهن آءٌ پاڻ پنهنجي جان جوکي ۾ ٿو وجهان ته اوهان کي ڪهڙو اعتراض؟
(مورڙي جي زال ۽ ماءُ پاڻ ۾ ڀڻ-ڀڻ ڪرڻ ٿيون لڳن. مجمعي ۾ به ڪجهه بيچينيءَ جا آثار نظر اچن ٿا.)
اوڀايو: شابي، پٽ، شابي! اڄ تو منهنجي پت رکي ورتي آهي. پر، پٽ، انهيءَ آفت سان منهن پوڻ لاءِ اڪيلو تون ڪجهه ڪين ڪري سگھندين. آءٌ هاڻ جهور ٻڍڙو ٿي ويو آهيان، پر اڄ تنهنجي همت ڏسي مون کي جواڻي ياد اچي ويئي ... آءٌ تنهنجو ساٿي آهيان! جيڪڏهن تنهنجيءَ ٻانهن ۾ سگهه، ته هن ٻڍڙي ۾ آزمودو آهي. اسين ٻئي گڏجي، مڇ کي ماري مات ڪنداسين.
(اوچتو مجمعي مان پنجن-ڇهن ڄڻن جو يڪو آواز اچي ٿو).
آواز: نه ، بابا، نه ! اڃا اسين جيئرا آهيون ... اسان جي هوندي تون پيرسن پاڻ جهورين، سا ڳالهه ٿي نٿي سگهي!
(مجمعي مان ڇهه جوان اٿي اڳتي ٿا اچن. هي ڇهه ئي جوان اوڀايي جا پٽ آهن. سڀني مان وڏو، وسايو، مجمعي کي سامهون ٿي چوڻ لڳي ٿو.)
وسايو: ڀائرو، اسين مرد اهڙا نرلڄا ٿي ويا آهيون، جو زالون ۽ اسان جا ٻڍڙا اسان جي هوندي موت جي مُک ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهن. ائين هرگز نٿو ٿي سگهي! اسين ڇهه ئي ڀائر هينئر ئي مڇ جي مقابلي تي وڃڻ لاءِ تيار آهيون.
(ميڙ مان ڪن زالن جا ڀڻڪا ڪَن پون ٿا. اوڀايي جي زال، ۽ هنن جوانن جون ونيون بيچينيءَ ۽ هراس مان پاڻ ۾ هري هري ڳالهائڻ لڳن ٿيوڻ؛ ۽ ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ته هو پس منظر ۾ ڳالهائي رهيون آهن.)
اوڀايي جي زال: الا، منهنجا ٻچڙا!
هڪ جوان عورت: ائي، ٻڙي، مٺيس!
ٻي عورت: الا، هيءُ ڪهڙو ويل!
ٽين عورت: جيجل ڙي، تون ڪو واسطو وجهينس!
(زالن ۾ اضطراب جي ڪيفيت ڪجهه وقت قائم رهي ٿي، ۽ پوءِ مجمعي مان مورڙو وري ڳالهائي ٿو.)
مورڙو: ادا، شابس اٿوَ، پر ڀلائي ڪري مون کي به پاڻ سان وٺيو هلو.
وسايو: مورڙا ادلَ، تون ٽَنگ کان جڏو، مڇ سان مقابلو ڪيئن ڪندين؟
مورڙو: (ٿورو چڙ مان) وري به منهنجي ٽنگ! وڙهندس ٻانهن سان، يا ٽنگن سان؟
وسايو: اهو ته برابر؛ پر، ڀائو، پويان گهر جي سنڀال به ته ڪرڻي آهي. بابو نٻل ۽ پيرسن، هن جي خذمت به ته توکي ڪرڻي آهي!
(مورڙو لاجواب ٿي ويهي ٿو رهي.)
مکي: شابس آهي اوڀايي ۽ اوڀايي جي پٽن کي، جيڪي ڳوٺ جي سلامتيءَ لاءِ پنهنجا سر آڇڻ کان نه ٽريا! سون مياڻيءَ ۽ سنڌ جو نالو اهڙن ئي سورهين جي ڪري پيو ڳائجي.
وسايو: چاچا، هيءُ ته هڪڙو سر آهي، پر سنڌڙيءَ تان ته ڏهه، ڏهه سر هجن، سي به قربان. سون مياڻي به ته سنڌ آهي!
اوڀايو: هائو، ابا، سچ ٿو چوين. سنڌ جو هر ڳوٺڙو سنڌ آهي، جيئري جاڳندي، سدا وسندي سنڌ!
مکي: سنڌ جي سورهين هميشه سنڌ جو شان رکيو آهي. هنن ئي پَٽن تي، اڄ کان صديون اڳ، سنڌ جا سورهيه مرندي مري ويا پر پنهنجي جيئري سنڌ ڌارين کي نه ڏنائون. دنيا کڻي تاريخن کي مروڙي سروڙي ڇا به لکي، پر سنڌ جي سورمن سنڌ کي دشمنن کان بچائيندي پنهنجا سر نڇاور ڪري ڇڏيا.
‘تو تان واريان جند، منهنجي مٺڙي سنڌ!’
(اوڀايي جي اکين ۾ ڳوڙها تري اچن ٿا، جن کي پنهنجي ءَ اجرڪ جي پاند ۾ لڪائيندي، پنهنجن پٽن کي چوي ٿو.)
اوڀايو: منهنجا ٻچڙؤ، الله کي پرتؤ، سون مياڻيءَ کي پرتؤ، سنڌ کي پرتؤ!
(ڇهه ئي ڀائر، مکيءَ ۽ پيءُ کان آسيس وٺندي، ميڙ کان ٻاهر اچن ٿا. ماڻهن جو هجوم به آهستي آهستي اٿي پنهنجن گهرن ڏانهن هلڻ لڳي ٿو. پس منظر ۾، هلڪن سُرن ۾، ’تو تان واريان جند، منهنجي مٺڙي سنڌ‘، جو ترانو ٻُرندو رهي ٿو، ۽ پردو ڪِري ٿو.)
ڏيک ٻيو:
[پرهه جو وقت آهي. اوڀايي جي گھر جي ورانڊي ۾، هڪ کٽ تي، کاڏيءَ تي هٿ ڏيو، ٻڍڙو اوڀايو ويٺو آهي. سندس ٻڍڙي زال، سهاڳڻ، پيرانديءَ کان دروازي ڏانهن منهن ڪريو ليٽي پئي آهي. اڳيان ٻه چار منجيون رکيون آهن؛ ۽ هڪ ڪنڊ ۾، گهڙا منجيءَ تي، چِٽيل دلا پاڻيءَ سان ڀريا رکيا آهن. ٿورو پرڀرو، هڪ اڇي ٻلي پنهنجن ٻن پونگڙن سان راند ڪري رهي آهي.]
سهاڳڻ: ٻڌين ٿو؟ اڃا به مهل ڪانه وئي آهي ... منهنجي جهلئي ته نٿا جهلجن!
اوڀايو: چري، سورهين کي ڪو سر ڏيڻ کان جهلبو ڪيئن؟
سهاڳڻ: الا، ڪيئن ڪريان، ڪاڏي وڃان؟... پنهنجا مور پٽ، پنهنجين ئي اکين اڳيان ڪاريءَ قبر ۾ اماڻڻ ڪيئن سهسايان؟ (روئڻ لڳي ٿي.)
اوڀايو: پٽ رڳو تنهنجا ڪينهن، منهنجو ته جگر آهن! پوءِ، مون کي ڏس ...
سهاڳڻ: ها، تڏهن سڄي رات اک به ڪانه پوري اٿئي. لڳي ته تنهنجي من سان به ويڌن پئي آهي، ... پر-
اوڀايو: پر ڇا ؟ ... آخر به ته اولاد آهي، پر تون به سوچ ته سون مياڻيءَ کي بچائڻ لاءِ آخر ڪنهن کي ته ٻل ڏيڻو ئي پوندو. اسان جا پٽ نه، ته ٻئي ڪنهن جا. ان ۾ ته پاڻ تنهنجو مان آهي. تون ته سنڌ جي سچن سورهين جي ماءُ سڏبينءَ!
سهاڳڻ: ٻَنِ پئي اهڙي سورهيائي! هن مئيءَ مامتا کي ڪيئن ڪريان، ڪهڙي وهه وجھان؟.....دل ماڳهين مڃي ئي نٿي، هي سون جھڙا منهنجا پٽڙا .....!
اوڀايو: سهاڳڻ، پنهنجيءَ مامتا کي سون مياڻيءَ تي گهوري ڇڏ!
(اوچتو ٻاهران پري کان گهنڊن جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. ڳوٺاڻا اوڀايي جي پٽن جي آجيان ڪرڻ ۽ کين سمنڊ تائين امُاڻڻ لاءِ ميڙا ڪريو پيا اچن. اوڀايي جا پٽ پيءُ-ماءُ کان موڪلائڻ لاءِ اچي ٿا کين پيرين پون ۽ آسيس وٺن.)
اوڀايو: ابا، الله کي پرتؤ، سنڌ کي پرتؤ! (جذبات کان سندس آواز گُهٽجي ٿو وڃي.)
سهاڳڻ: (پٽن کي واري سان ڀاڪر پائيندي ۽ چميون ڏيندي، روئندي چوي ٿي) ابا، ڌڻي ڪندوته سوڀ سان سينگارجي مون وٽ ايندا! مَرڪندا مُرڪندا وڃو ۽ شل کلندا ٽهڪ ڏيندا واپس اچو! ڌڻي پناهه ۾ رکندوَ..... الله ڪندو اوهان جي وار کي به لهس ڪانه ايندي! ..... الله ڪندو.
(ڇهه ئي ڀائر، آسيسون وٺي، پنهنجين ونين ڏانهن وڃن ٿا. ورانڊي جي دروازي کان ساڄي پاسي تي، جن ڪوٺين ۾، انهن جون زالون مختلف انداز ۾ نظر اچن ٿيون. هنن روئي روئي پنهنجون اکيون سڄائي ڇڏيون آهن. ڪا وهاڻي ۾ منهن وجهيو پئي روئي، ۽ ڪا پنهنجي منهن تي گندي وجهي سڏڪن کي روڪڻ جي ڪوشش پئي ڪري. اسٽيج تي نمائندگي فقط هڪ اهڙيءَ ڪوٺيءَ جو ڏيک ڪري ٿو.)
وسايو: (زال کي ڀاڪر پائيندي) چري، هيءَ ڪا روئڻ جي مهل آهي! هيءَ ته اها مهل آهي جو تون مُرڪي موڪل ڏينم ...
جوڻس: مٺا، مرڪ ته کسي ٿو وڃينم، پوءِ مرڪ ڪٿان اچي؟ الا، هاڻ ڪنهن لاءِ مرڪنديس؟
وسايو: اڙي، اڃا ته جيئرو جاڳندو تو اڳيان هڪيو حاضر آهيان ... چڱو، هاڻ کلي ڏيکار، ۽ مُرڪي موڪل ڏينم!
جوڻس: موڪل؟ ... مون کان آسرو کسي ٿو موڪل گهرين! (روئندي) ڪانڌَ، مئيءَ تي ڪا مهر ڪر، مُڙي وڃ! ... جڳ جهان ۾ تون ئي منهنجو ساهه، تون ئي منهنجو روح، تون وئين ته آءٌ جي ڇا ڪنديس!
وسايو: پر ، مٺڙي، تو دل ڇو لاٿي آهي؟ مڇ کي ماري، شام کان اڳ نه اچي تو ڀيڙو ٿيان ته پوءِ کڻي-
جوڻس: ته پوءِ تون مون کي به پاڻ سان وٺي هل ... مون کي ڪُهي کڻي مڇ اڳيان اڇلج ... مڇ مون کي کائي، ته اوهين کيس ماري، سهي سلامت نڪري اچجو.
وسايو: آهين نه ساڳي چري! تو کان سواءِ منهنجو وري جيئڻ ڪهڙو؟هاڻ ضد ڇڏ، ڏاهي ٿيءُ، انهن مٺڙن چپن تي مرڪ آڻ ته ٻيڻو ساهس ڪري وڃي موت سان مقابلو ڪريان!
(کيس مٺِي ڏيئي، پاڻ ڇڏائي نڪري ٿو، پر هوءَ ٽنگن ۾ چنبڙي ٿي پويس، ۽ اوڇنگارون ڏيڻ ٿي لڳي. دروازي تي گهنڊ زور سان وڄڻ لڳن ٿا. وسايو زال کي هنج ۾ کڻي، هنڌ تي ليٽائي، تڪڙو ٻاهر نڪري ٿو وڃي.
ٻين ڀائرن جي ڪوٺين ۾ به اهڙو ئي ڏکوئيندڙ منظر پيش اچي ٿو. سڀ پنهنجين ونين کان موڪلائي، گڏجي، دروازي کان ٻاهر نڪرن ٿا. ماڻهن جو هجوم کين گلن جا هار پارائي، گهنڊ وڄائيندو، سمنڊ تائين وڃي ٿو. جيسين هو ٻيڙيون هاڪاري سمنڊ ۾ پري نڪري وڃن ٿا، تيسين ماڻهن جو هجوم به اتي بيٺل نظر اچي ٿو. مجمعي جي پٺيان اوڀايو ۽ سهاڳڻ، هڪٻئي جي سهاري تي، پاڇولن جيان خاموش، لڙڪ ڳاڙيندا، افق ۾ سمائيندڙ ٻيڙين کي تڪيندا رهن ٿا. پردو ڪِري ٿو.)

پردو ٻيو:
ڏيک پهريون

(سج لٿي جي مهل. اوڀايي جي گهر جي دالان ۾ هڪ وڏيءَ تونئريءَ تي ڪجهه ماڻهو ويٺل آهن. پردي کڄڻ سان سامهون اوڀايو ۽ مکي هڪٻئي جي ڀر ۾ ويٺل نظر اچن ٿا. سندن کاٻي ۽ ساڄي کان ڳوٺ جا ٻيا به ڪجهه ماڻهو نظر اچن ٿا. سڀني جي منهن تي ڊپ ۽ اداسيءَ جي ڇايا آهي.)
مکي: ادا اوڀايا، سون مياڻيءَ تي الائجي ڪهڙو گرهه نڀاڳ کڻي آيو آهي ... پر، ڀائو، ’لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي!‘
اوڀايو: (شوڪارو ڀري) هائو، ادل، سچ ٿو چوين. اسان جي تقدير ئي ڪا اهڙي هئي، پر وري به دل کي اهو پيا ڏڍ ڏيئي پرڀايون ته سون مياڻيءَ تان سر ڏنائون:
’گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئن ٿورا ڏينهڙا!‘
ڳوٺ جو هڪ ماڻهو: چاچا اوڀايا، سون مياڻيءَ جو هر ماڻهو ائين ٿو ڀانئي، ڄڻ ته سندس پنهنجي جگر جا ٽڪرا انهيءَ هائيءَ ۾ هڄي ويا آهن.
’ڪو جو قهر ڪلاچ ۾، جو گھِڙي سو نِئي،
خبر ڪونه ڏئي، ته رڇ ڪڄاڙي رَنڊئا!‘

اوڀايو: ابا، سر ڏيئي پاڻ ته وڃي سرها ٿيا، پر اسان پيرسنن جو ساهه پساهه ۽ جيئڻ جو آسرو به پاڻ سان نيندا ويا.
مکي: ڀائي، سائينءَ جي اها ئي سٽا هئي. ڀاڳ اڀاڳ ته اجهاڳ آهي. ڪَل ئي نه پوي. ڪونڌر ڪسجي ويا، پر ڏاڍ جو ڪوٽ اڃا قائم آهي!
مورڙو: چاچا، منهنجي دل ته اڃا به نٿي مڃي ته منهنجا ڀايڙا ڪي ...
’ڪال ڪلاچي وئا، ڇتيون کڻي ڇڳير،
ڀائرن ڀيرو نه ڪِئو، اَدن ڪِي اوير،
اهڙِي خاصي کير، ڪُن ورائي جهلين!‘

ڳوٺ جو هڪ ماڻهو. هائو ابا، هائو، سچ ٿو چوين. ڪوڏن جھڙا ڪونڌر ڀائر به ڪي وسرن!
مورڙو: بابا، هاڻ مون کي متان جهل ڪئي اٿوَ. منهنجا ڀايڙا پيا مون کي سڏ ڪن! جن سورهين سر ڏيئي، لالچ ۽ طمع جي هن ڀوت اڳيان ٻليدان ڏنو، انهن جي سٻاجهيءَ سنڀار منهنجي تن من ۾ باهه ڀڙڪائي ڇڏي آهي!
اوڀايو. نه، ابا، نه. باقي تون ئي ته وڃي جَڏن جيئن جي سام بچيو آهين! منهنجو ته هاڻ خيال آهي ته هاڻ هتان ماڳ مٽائي، لڏي ڪنهن امن واري هنڌ هلي جهُُڳا جهليون.
مکي: هائو، ڀائو، سچ ٿو چوين. هن ڏاڍ جي ڏونگر سان مٿو هڻڻ، پنهنجو ئي ڪنڌ ڀڃائڻو ٿيندو. هيءُ ڪو جھڙو تهڙو ڏونگر ڪونهي. هن جي پٺيان لوڀ ۽ لالچ جو ڪُن آهي، ۽ هن جي پٺيان پيٽ ڀرائيءَ جو گهمنڊ آهي. ڀلائي انهيءَ ۾ آهي ته اهڙي ڪميڻپ جي ڪوٽ کي تياڳ ڏيئي هلي ڪو ٻيو ماڳ وسايون!
مورڙو: نه، چاچا، نه. پهاڙ ٽُڪڻ لاءِ ئي هوندا آهن، ڪميڻپ جا ڪوٽ ڪيرائڻ لاءِ ئي هوندا آهن، ظلم جو نانگ پنهنجي سر ڪپائڻ لاءِ ئي ڪنڌ مٿي کڻندو آهي، ۽ پاپ ناس ٿيڻ لاءِ ئي سرجندو آهي. پنهنجو ماڳ مَٽائڻ بزدلي آهي. ظلم اڳيان ميدان ڇڏي وڃڻ، نانگ کي کير پيارڻو آهي. صدين کان هيڻن جو هجوم، چند يا فقط هڪڙي ئي ڏاڍي بُت اڳيان، پوڄائون ۽ پرارٿنائون ڪندو پوئتي ڀڄندو رهيو آهي، پر جيڪڏهن اهو هيڻن جو هجوم، هڪ ڀيرو سهي، جي ڪنڌ ورائي پويان نهاري ته بُت جي بدن ۾ ڏڪڻي پئجي وڃي، ۽ پنهنجي ئي خوف ۾ اهو بت چور چور ٿي وڃي! ... نه بابا نه، هن ماڳ جي مَٽائڻ کان ته آپگھات ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي! هن زمين جو ان پاڻي اسان جي رڳن ۾ آهي، ۽ ان جي بدلي هن زمين کي اسان پنهنجو رت ڏيئي سونو بنايو آهي. ان کي ائين سٿرو ڇڏي ڏيڻ، هن ڌرتيءَ مان، پنهنجو پاڻ سان بيوفائي ٿيندي!
مکي: واهه، ابا مورڙا، واهه! تو ته سنڌ جي سورهين جون سِڪون لاهي ڇڏيون.
’اَئين جا لُڏو لوڏَ، ايءَ پَرِ گهاتوئڙن جي،
ڪُنَ ڪَلاچيءَ ڪوڏَ، سُک نه ستا ڪڏهين!‘

هڪ ڳوٺاڻو: چاچا اوڀايا، تنهنجو هيءُ پٽ ’ايڪ رانجهو، لَکان دا مَٽ‘ اٿئي. اڄ کان اسين هن کي سون مياڻيءَ جو ’جئسينه‘ سڏينداسون! جڏو مڙس آهي، پر شينهن واريون اڇلون اٿس!
مورڙو: (ٿورو جوش ۾) ڀائرو، مون هڪڙي کيڏ سوچي آهي، جنهن سان انهيءَ مانگر مڇ کي يا ته آءٌ ڳڙڪائيندس، يا هو مون کي هڙپ ڪندو، پر مون کي مدد جي درڪار آهي..... آهي ڪو جوان، جو مون سان ساٿ ڏئي!
(ڪيترائي ماڻهو هڪ آواز ٿي چون ٿا-
”مورڙا، آءٌ هلندس!“ ، ”مورڙا، آءٌ هلندس!“)
مورڙو: بس، ڀائرو، پنهنجا مَڪڙا تيار ڪريو. اڄ کان ٽئي ڏينهن، اول خير، مڇُ مئو پيو هوندو!
مکي: پر، ابا، هيتريون جانيون اڳ ئي ذيان ٿيون آهن، هروڀرو موت سان مقابلي ڪرڻ جو ڪهڙو ضرور!
هڪ ڳوٺاڻو: نه، چاچا، نه، اسين ٻه-ٽي ويهون ماڻهن جو گڏ ڪري، ٻيڙيون سنباهي، مقابلي تي وينداسون.
مورڙو: نه، دادل، نه، مون کي هڪ ٻي اٽڪل سُجهي آهي، ٻيڙين جي ڪا ضرورت ڪانه پوندي:
”جئن جهڳا پائين جهول ۾، ائين نه مرن مڇ،
سٻر ڌار سمنڊ جا، ڪي رائون رڱيون رڇ،
هي ڇارون ۽ ڇڇ، اڃا اورڙاهه اڳاهون!“

اوڀايو: ابا، مورڙا، تنهنجيءَ همٿ کي شابس هجي، پر پاڻ سان گڏ، باقي جيڪي ڳوٺ جا جوانڙا وڃي بچيا آهن، تن کي ڇو ٿو جوکم ۾ وجهين؟
مورڙو: بابل، تنهنجي آسيس اٿئون ته اسان مان ڪنهن جو به وار ونگو ڪين ٿيندو. ڪُن تائين مون سان فقط هڪ ٻيڙي هلندي، باقي ڳوٺ جا جوان پري کان بيهي مدد ڪندا.
(ڪيترائي ماڻهو سرگوشين ۾ ڳالهائڻ لڳن ٿا. ”سو وري ڪيئن؟“ جو سوال سڀيئي ماڻهو ڪرڻ لڳن ٿا. اهو آواز وڌندو وڌندو شور ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.)
مورڙو: (ماڻهن کي ماٺ ڪرڻ لاءِ هٿ سان اشارو ڏيئي) چاچا ٻڍل، وڏو ڪارج ته توکي ڪرڻو آهي. تون مڙس آهين ته بابي وانگر بنهه پيرسن، پر ڀانيان ٿو ته هن مهل ته ڪنڌ ڪونه ڪڍائيندين.
ٻڍل لوهار: پٽ، ههڙيون مهلون ته ڇا، تو جھڙا سورهيه سڏ ڪن ته سر حاضر ڪري ڏيان. تون رڳو حڪم ڪر! ڇا گهڙي ڏيانءِ؟ منهنجي ڌنوڻ، گهن ۽ سنداڻ، تنهنجي مِلڪ آهن.
مورڙو: بابل، تون رڳو ڏينهن- ٻن ۾ هڪ اهڙو پڃرو تيار ڪري ڏينم، جنهن کي هڪ اهڙو دروازو هجي، جنهن کي هڪوار بند ڪجي، ته تنهنجي وڍڻ کانسواءِ بنهه نه کُلي؛ ڪڙو ڪڙي سان ائين ملي وڃي، ڄڻ ته دروازو هو ئي ڪونه. ان ۾ هڪ پاسي کان سيخون مڙئي ڪجهه ڇڊيريون هجن، جنهن مان چڱا موچارا رسا اندر لنگهي سگهن. ان پڃري جي ٻئي پاسي وري ماڻهوءَ جي ويهڻ لاءِ جاءِ ٺهيل هجي.
ٻڍل: پٽ، اهو ته تون مون کان سڀاڻي ئي تيار وٺ.
مورڙو: ان پڃري جي چوڌاري تلوارن کان تکا برڇ ۽ ڀالا، ڏَڦا ۽ تير اهڙا کُپائينس، جو هڪوار ڪنهن ساهه واري جي جسم ۾ گهڙن ته وري ان مان نڪرڻ جي بدران اندر گهر ڪندا وڃن.
ٻڍل: هائو، مون سمجهيو. ڇُٽو آهين! جي ٿو مڇ انهن کي منهن پئي ته هڏن ۾ اهڙو چڪ وجهنس، جو جيئن ڇڏائي تيئن وڃنس کپندا.
مورڙو: ٻچا جيئنئي، چاچا ٻڍل، بنهه ائين.
(ماڻهن ۾ وري ڀڻ-ڀڻ شروع ٿي وڃي ٿي، ۽ نيٺ هڪ ماڻهو اٿي ٿو بيهي.)
ڳوٺاڻو: پر، مورڙا يار ، مڇ ان پڃري ۾ ايندو ڪيئن؟
مورڙو. نه، ڀايڙا، نه، ان پڃري ۾ مڇ نه، پر مورڙو هوندو!
مکي ۽ اوڀايو: (هڪ ئي وقت) ابا، تون! مورڙو: هائو، بابل، هاڻ منهنجي رٿ ٻڌي وڃو. سڄي ڳوٺ جي زالن تي ٿا، اهو ڪم رکون ته ٻن ڏينهن اندر وڏا ٿُلها رسا ويَهي ٺاهين. اهي رسا چئن ئي پاسن کان انهيءَ پڃري ۾ ٻڌبا. هر ڪنهن رسي جي ٻي پڇاڙي هڪ پاڃاريءَ سان ٻڌل هوندي، ۽ هر ڪنهن پاڃاريءَ ۾ چار چار ڍڳا جوٽيل هوندا. پڃري ۾ آءٌ ويهندس؛ پوءِ انهيءَ پڃري کي بند ڪري، کڻي آڻي ڪُن جي ڀر ۾ ڦٽو ڪندا؛ ۽ پاڻ مڪڙو ڪاهي پٺتي موٽندا، ۽ خطري کان ٿورو پرڀرو، ٻيڙيءَ ۾ رسن کي جهلي بيهندا. مڇ به منهنجيءَ بوءِ تي ڇتو ٿي اچي چڪ وجهندو؛ جڏهن آءٌ ڏسندس ته ڀالن ۽ تيرن وڃي وچ ورتو اٿس، ته آءٌ رسن کي لوڏيندس. ٻيڙيءَ وارا همراهه، ڪناري تي بيٺل همراهن کي اشارو ڏيندا. پوءِ ته اوهين سمورا، مشعلون ٻاري، باهه جا موئا ڍڳن جي پڇن سان ٻڌي، وٺي هڪل ڪجونِ، باهه جي توَ تي ڍڳا اٿي ڀڄندا. ۽ ڌڻي ڪندو ته مڇ اچي اوهان جي پيرن ۾ پوندو! پوءِ ته ڳوٺ جا جوان جيڪا ڪار ساڻس ڪندا، سا سڀ ڏسنداسين.
(ميڙ منجهان ’واهه واهه‘ ۽ ’شابي شابي‘ جو شور ٿئي ٿو.)
مُکي: هائو، ابا، هائو؛ هاڻ سمجهيوسون. برابر، جيڪڏهن پورهيو ۽ پورهيت، همت ۽ همراهي، گڏجي هڪ- سٽا بنجي وڃن، ته مامرو ئي مٽائي وجهن! هيءُ ته هڪڙو مڇ آهي، پر پورهيي جي شڪتي اهڙن هزارن مڇن جا ڪنڌ مروٽي ڇڏي، جيڪي اسان جي رت ۽ هڏ تي پنهنجا ڀڀ ڀريندا وڃن!
(ماڻهو پاڻ ۾ ٽوليون ٺاهي، ڳالهيون ڪندا، مورڙي جي رٿ تي واهه واهه ڪندا، اٿندا ٿا وڃن. پردو ڪِري ٿو.)

ڏيک ٻيو:

(سج لٿي جي مهل. اوڀايي جي گهر جو اندريون صفو. کاٻي پاسي گھر جي دالان ڏانهن دروازو کليل نظر اچي رهيو آهي. اسٽيج جي هڪ پاسي کان ڪجهه زالون ويٺل نظر اچن ٿيون. اوڀايي جي پٽن جي زالن اڳيان ڳوٺ جون ڪيتريون زالون ويٺل نظر اچن ٿيون. اوڀايي جي زال سهاڳڻ کي، مورڙي جي ڪُنوار مٿي تي زور ڏيئي رهي آهي. ڏک جي ڇايا سڀني جي منهن مان ظاهر آهي.)
هڪ ٻڍڙي زال: ائي جيجل، ڌيرج ڪريو! اُٿي ڪو اَنُ-پاڻي چکو، مٿان اچي سورهون پهر گذريو آهي! جڳَ پَرِ آهي، اوهان پَرِ ڪانهي. ٻچڙيوال آهيو، پنهنجن ٻچن لاءِ جيئرا ساهه ٿيو!
وسايي جي زال: مِٺڙي جيجل، ڌيرج تي ڌاڙو لڳو، صبر ساڻن گڏ ويو، هاڻ مُئي من کي ڪٿان آٿت ڏيان:
”تريون پَسان نه تار ۾، جهُڳا جاءِ نه ڪن،
مادر! ملاحن، ماڳ نه ڍويا مڪڙا“

ٻي: (اوڇنگار ڏيندي)
”ڏينهاڻي ڏٺم ڪيترا، جنين ماريو موڪ،
گهر ۾ گهاتوئڙن جا، ٿا مارينم ٿوڪ،
لَڏي وچان لوڪ، اونهين ويا اوهري!“

ٽين: (سڏڪا ڀري)
”ڪال ڪلاچيءَ ويا، گهاتو ڪري گهور،
مادر! ملاحن جا، ويٺي سهان سور،
مون کي ڪري ملور، اونهين ويا اوهري!“

چوٿين: (رئي سان اکين کي ڍڪيندي)
”اُڀي اُسڙان اُس ۾، جهلئو ڪُنَ ڪنار،
گهاتو گهر نه آئيا، وڏي لڳين وار،
هليس جنين هار، سي موڙي چڙهئا مڪڙا!“

پنجين:

آيل! مئي من کي ڪٿان سمجهايون، جڏهن-
’کلي جان کيڪاريان، تان ساٽي سڱ نه ڪن،
واريو وهٽ وڃن، ڪن سڀاڳن سامهان!‘

ڇهين:
’مون اڌارئا مڇڙا، الله گهاتو آڻ،
ميان مدارن سين، مون کي قادر وجهه م ڪاڻ،
هِٺ منهنجي هاڻ، قدر لڌو جن ري!‘

هڪڙي ڳوٺاڻي: (ٻاهران ايندي) ائي ٻڙي، ٻڌو ٿيون! مڇ تي وري مارو ٿيڻو آهي! مورڙو، مڇ سان مهاڏي اٽڪائڻ ڪاڻ پيو تياريون ڪري!
مورڙي جي زال: ائي امڙ، مُٺيس!
سهاڳڻ: (اٿي) نه، امان، نه. آءٌ ٿي وڃڻ ڏيانس! ڇهه ته ويا، باقي هڪڙو وڃي اکين آڏو رهيو آهي، سو به .....
مورڙي جي زال: ائي جيجل، منهنجو هنيون ٿو هٿان وڃي! ..... ڌڻيءَ لڳ تون ڪو واسطو وجهينس!
سهاڳڻ: (دالان ڏانهن ايندي، جتي اڳئين ڏيک وارا مرد ويٺا آهن) آ، ابا مورڙا، متان اهو ڪم ڪيو اٿئي! اسان جي جڏي جيءَ جو باقي تون ئي ته وڃي آسرو بچيو آهين. اسين مرڳو هتان لڏي، ماڳ مٽائي هلنداسون، پر-
(مجمعي ۾ ٿوري بيچيني ڦهلجي وڃي ٿي.)
هڪڙو: ويچاريءَ ماءُ جي دل!
ٻيو: ادا، ڇهه جوڌا جوان وڃائي، ويچاري باقي بچيل پٽڙي لاءِ ڪيئن نه تڙپندي؟
مورڙو: جيجل امان، تون رڳو آسيس ڏينم، ته اهو مڇ آڻي، تنهنجن قدمن ۾ ڀيٽا رکندس. پنهنجن ڀايڙن جو جيسين بدلو نه ورتو اٿم، تيسين سک نه سمهندس!
سهاڳڻ: نه، پٽ، نه. انهيءَ مُئي جو نالو نه وٺ. منهنجي ته هِنئين ۾ ئي نالو ٻڌي چڪ پئجيو وڃي!
اوڀايو: مورڙي ماءُ، مون به گهڻو ئي سمجهايو اٿمانس، پر ڇوڪر ماڳهين مُڙي نٿو. هاڻ تون ڪا سمجهائينس.
(ماءُ پٽ کي اندر وٺي وڃي ٿي، ۽ کيس سمجهائڻ ۽ نيزاريون ڪرڻ لڳي ٿي. مورڙي جي زال به روئندي روئندي کيس ضد تان لهڻ لاءِ آزيون ٿي ڪري.)
مورڙي جي زال: منهنجا ڪانڌ، منهنجو سهاڳ نه کس، هيءُ پلاند اٿئي.مُڙي وڃ!
مورڙو: چري، مڙسن کي ظلم سان مقابلي ڪرڻ کان ڪڏهن به نه روڪبو آهي. اسان جون زالون ته اسان کان وڌيڪ دلير آهن، تون به اهڙي دلير ٿيءُ نه!
مورڙي جي زال: ٻَن پئي دليري! منهنجو سهاڳ سلامت آهي ته سڀ ڪجهه آهي.
مورڙو: پنهنجي سهاڳ کي ڪانئرپڻي تي مجبور ڪيئن ٿي ڪرين؟ مِٺي، هيءَ ته مهل ئي اهڙي آهي، جنهن ۾ مون کي تنهنجي سهڪار ۽ پاٻوهه جي ضرورت آهي، نه منهن موڙڻ وارن لفظن جي. ڏاهي ٿيءُ، ان ڳالهه تان لهي وڃ.
ائين چئي، مورڙو ٻاهر هليو وڃي ٿو.)
مورڙي جي زال: الا، هاڻ ڪهڙي وهه وڃان! ماڳهين مُڙي ئي نٿو (روئي ٿي.)
(سامهون سندس سس اچي ٿي کيس ڳراٽڙي پائي ۽ دلداريون ڏئي ٿي. پردو ڪري ٿو.)

پردو ٽيون:
[هن ڏيک ۾ نظارا نهايت ئي وسيع آهن، ان ڪري ضرورت آهر انهن جا نقش ۽ چِٽ به استعمال ڪيل آهن، جن ۾ مختلف صورتن جا مؤثر نظارا اصل نظارن جي نمائندگي ڪن ٿا.
ٽپهريءَ جي مهل آهي. سمنڊ جو ڪنارو سامهون نظر اچي رهيو آهي، جنهن تي انبوهه ماڻهن جا گڏ ٿيل آهن. هڪ پاسي کان چئن وڏين پاڃارين ۾ ڍڳا جوٽيا پيا آهن، ۽ ماڻهو مشعلون ۽ باهه جا موئا کنيو بيٺا آهن. پريان سمنڊ ۾، هڪ وڏي ٻيڙيءَ ۾، ٻه ماڻهو مورڙي جو پڃرو پاڻيءَ ۾ لاهي رهيا آهن.]
مکي: اوڀايا ڀائو، دل نه لاهه، ڌڻي ساڻي ٿيندس. مون کي ته پنهنجي دل پئي شاهدي ڏئي، سوڀ اوس مورڙي جي سر جو سهرو بنجي ايندي.
اوڀايو: ادا، شل سائين سڻائي ڪري!
هڪ ماڻهو: شابس آهي مورڙي جي همت کي، نه ته ڪير ٿو اوڙاهه ۾ اونهو وڃي!
گهوريندي گھور پئا، اگهور گهوريائون،
هيڪر ماريائون، ملاحن منهن سنرا!
اوچتو گوڙ مچي ٿو وڃي. مشعلن وارا، مشعلون ۽ موئا ٻاري، وٺي ٿا ڍڳن کي بڇين، ۽ ڍڳا لُوهَه ڪري وٺي ٿا ڀڄن. ماڻهن جو شور ۽ دانهون وڌنديون ٿيون وڃن، ۽ گهڙيءَ کانپوءِ پربت جيڏي آفت، مانگر مڇ، ڇڪبو، گھلبو، اچي ٿو ڪناري تي پوي. ماڻهو ڪهاڙيون، ڪاترون، ڏڦا ۽ ڀالا کڻي اچي ٿا وٺنس، ۽ کلندا، ٽهڪ ڏيندا، کيس ڳڀا ڳڀا ڪري ٿا وجهن.
پڃري منجهان مورڙو کلندو ٻاهر ٿو نڪري. سڀ کيس مرڪندا، ڀاڪر پائيندا، مبارڪون ڏيڻ ٿا لڳن. مورڙو وڌي اچي ٿو پيءُ- ماءُ جا پير ڇهي، جيڪي ڇڪي کيس ڳلي ٿا لڳائين. مورڙي جي زال به سَرهي منهن سان مرڪندي اچي ٿي کيس ڳراٽڙي پائي. ماڻهن جو مجمعو، ڪورَس جي انداز ۾، ڳائڻ ٿو لڳي:
جيڪس جهليا مَڇَ، گهاتو گهر نه آئيا!
ڪاهي وڃو، ناکئا! ڪرئو بُري تي بڇ:
گهاتو گهر نه آئيا!
ڪاٿي سندن ڪُنڍيون، ڪاٿي سندن رَڇَ:
گهاتو گهر نه آئيا!
ڪُنَ ڪڙڪو ڏاڍو، اٿوَ اڳيان اَڇَ:

گهاتو گهر نه آئيا!
اديون، ’عبداللطيف‘ چي، سڀ لنگهيندا ڇَڇَ:
گهاتو گهر نه آئيا!
(دور، اُفق تي، شام جي اوندهه مشعلن جي روشنيءَ ۾ جذب ٿيندي ٿي رهي، ۽ ڪورس جو آواز ٻُرندو، جهيڻو ٿيندو ٿو وڃي. انهيءَ نظاري تي پردو ڪري ٿو.)
-