تنهنجي تند تنوار....
ڏيک پهريون:
[پس منظر ۾ ڪنهن لنگهي جو دهل وڄائي، پڙهو ڏيڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ ٿو اچي_ ۽ ان سان گڏ ماڻهن جو شور به ٻڌجي ٿو. ايڪشن شروع ٿيڻ تي پڙهي جو آواز صاف اچي ٿو.]
“جيڪو جوڌو، سنڌ جي راجا
ڏياچ جو سر آڻيندو،
ٿالهه ٽڪن جو، سو ماڻيندو!”
(ڀير تي ڏونڪي جو آواز، ۽ پوءِ دهل جو آواز ۽ ماڻهن جو شور تمام جھڪو ٿي وڃي ٿو.)
ٻيجل جي زال: او ٻيجلَ ماءُ،
ٻيجلَ ماءُ ٻڌين ٿي،
شهر _ لنگھو پيو اڄ هوڪا ڏي!
راڄ _ مکيءَ جي هيءَ پڌرائي
شهر _ لنگهي پئي ڳائي:
(ٿالهه ٽڪن جو ساڻ اٿن!)
“جيڪو جوڌو،
سنڌ جي راجا،
راءِ ڏياچ جو سر آڻيندو،
ٿالهه ٽڪن جو، سو ماڻيندو!”
ٻيجل ماءُ: ٿالهه ٽڪن جو؟
ڇا جي لاءِ؟
ڏياچ جو سر ڇا جي لاءِ؟
هاءِ الا،
انسانن کي ٿيو ڇاهي!
انسان ڌڻيءَ جو پاڇو،
ان جي سر جي قيمت،
ٿالهه ٽڪن جو؟
ماڻهو پو ماڻهو ڇا جو؟
جھنگ_ مرونءَ ۽ ماڻهوءَ ۾
فرق تڏهن رهندو ڇا جو؟
ٻيجل جي زال: (خفي ٿي): تون ته وڃي بڙ بڙ ۾
چنتا جو مانڊاڻ منڊيندي؟
انسانن جي چنتا_ هون!
تون پوڙهي، پر ويچار به پوڙها_ هون!
ڏينهن ٿيا جو اڻڀي سڻڀي
ماني کائڻ ڪاڻ،
دان ملڻ جي واٽ تڪي،
هاڻ ته اکيون ٿڪجي پيون!
انسانن جي چنتا_ هون!
مڙسم جا حال اهي، جو
ڏينهن سڄو روئي ڳائي
رات سڄي ٿو چنگُ وڄائي.
ڳائڻ يا چنگُ وڄائڻَ مان
پيٽ ڪڏهن ڪو ڀربو آ؟
(اتي پڙهي جو آواز، بلڪل چٽو ٻڌڻ ۾ ٿو اچي.)
“جيڪو جوڌو، سنڌ جي راجا
ڏياچ جو سر آڻيندو،
ٿالهه ٽڪن جو سو ماڻيندو.”
ٻيجل جي زال: هوڪي وارا،
او هوڪي وارا، هيڏي آ
ٿالهه ٽڪن جو مون کي ڏي:
پرنامن سان راجا کي
خوشخبري هيءَ پهچايو:
مڙسم، ٻيجل_ جهونا ڳڙهه جو راڳي
ڏياچ جو سر لاهيندو،
راجا جي قدمن ۾
آڻي ڀيٽا ڏيندو!
(ڪجهه وقت کان پوءِ ٻيجل سُرندو وڄائيندو گھر اچي ٿو.)
ٻيجل: هان، هي ڇاهي
ٿالهه ٽڪن جو؟
هي ڪاٿون آيو؟
ٻيجل جي زال: تون ته رڳو ٿو چنگُ وڄائي ڄاڻين،
روئي ڄاڻين، ڳائي ڄاڻين،
ڌرم ڪرم مان تون ڇا ڄاڻين،
ڪالهوڪو تون بنباسي ٿي،
پنهنجي دنيا،
پنهنجي گيت سنگيت ۾ پورو
ڄڻ کيپ کٽي گهر آيو آهين؟
ٻيجل: (ڪاوڙجي) پر هي ٿالهه ٽڪن جو،
آيو ڪاٿون؟
ٻيجل جي زال: جهونا ڳڙهه جي راجا
راءِ انيراءِ جي مومل مڱ
چنڊ کان سهڻي، نرمل ناري
مرگهن_نيني، ڪومل ساري
ويچاري سورٺ کي،
سنڌ جي راجا، ڏياچ کڻائي
راڻي پنهنجي آهه بڻايو
جهونا ڳڙهه جي راجا
سينا ساري سنڀرائي، پر
سنڌ جي ويرن سامهون
ڪا نه گهڙي ڪا بيٺي
ڪاوڙ ۽ مايوسيءَ کان
راجا دل هاري آ،
راڄ _ مکيءَ هي کيٽ رٿي
صبح سويري هوڪو ڏياريو
“جيڪو جوڌو، سنڌ جي راجا
ڏياچ جو سر آڻيندو،
ٿالهه ٽڪن جو، سو ماڻيندو!”
ٿالهه ٽڪن جو ڏسندي
هِرکي دلڙي منهنجي
تنهنجي پاران هام هنئي مون
“مڙسم ٻيجل، جهونا ڳڙهه جو راڳي
ڏياچ جو سر لاهيندو
راجا جي قدمن ۾
آڻي ڀيٽا ڏيندو.”
ٻيجل: (ڪاوڙ ۽ افسوس مان)_ ڪرمن ڪاري متين موڙهي
تو هي ڪهڙي ڦاهي،
منهنجي گلي لئه ٺاهي؟
هاءِ هي نرڌن ناريون
مايا جون پوڄاري
مايا پويان تن من وڪڻن،
اف! هي انسانن کي ٿيو ڇاهي؟
ڪرمن ڪاري،
تو هي ڪهڙي ڦاهي،
منهنجي گلي لئه ٺاهي؟
سر ڀي ڪنهنجو؟
جو آ راجائن جو راجا
جنهنجي پرجا، خود راڄ _ ڌڻي،
سچ جو ساڻي، ڪوڙ جو ويري!
هاءِ جو ٻيجل،
سنگيت کي سمجهي سک_ساگر
سوئي ٻيجل،
ڏک جو پانڌي بڻجي،
شهر وسيون سڀ ساڙي،
چنڊ جو قاتل بڻجي،
پرهه جو سينو گهائي
ڦهلائيندو اوندهه ڪاري،
ڪرمن ڪاري (ڏک جو ڪو ساز وڄائڻ جو آواز)
ڏيک ٻيو:
[رات جو سمو ڏيکارڻ لاءِ موزون موسيقي ڏيڻ گھرجي، ڏيک جي شروعات سورٺ جي خواب مان جاڳڻ سان ٿئي ٿي، ۽ هوءَ هلڪي رڙ ڪري سڏ ٿي ڪري.]
سورٺ: داسي، ... داسي!
داسي: (گهٻراهٽ ۾) آيس، سانئڻ!
سورٺ: (ساڳي ڊپ واري انداز ۾)
راجن ڪاٿي، منهنجو راجن
سر جو سائين، ڪانڌ ڪميڻيءَ جو ...
(راءِ ڏياچ جاڳي ٿو پوي، سندس اوٻاسيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.)
راءِ ڏياچ: ڇاهي سورٺ؟
ڇا پرهه ڦٽي آ ...؟
سورٺ: (تقريباً رئڻ جي انداز ۾، جذبات سان ڀرپور آواز ۾)
سر جا سائين،
منهنجا جاني، ڪانڌ
تو ڪارڻ تو کان ڀؤ ٿي ڀانيان!
شل تون جيئين، آءٌ مران!
راءِ ڏياچ: (پيار مان)
پاڳل، ڀؤ ڇا جو آ؟
پريتم تنهنجو تو سان آ ...
تنهنجي قدمن ۾
راڄ سڄو،
هي پرهه ڦٽيءَ جي جاڳرتا
هي تنهنجي منهنجي پريت
پاڳل، پو ڀؤ ڇا جو آ؟
سمجهيم:
سپني کان ڊني آهين-.
سپنو هو يا ساڀيان هئي؟
سورٺ: سپنو، ساجن،
ساڀيان جهڙو سپنو:
(هتي خواب جو منظر ڏيکارڻو آهي، موسيقيءَ جي لاءِ هوا جو سَنهون سوساٽ ڏيئي، اُن جي پسمنظر ۾ تمام هلڪي آواز ۾، ڀيرويءَ ۾ سُرندي وڄڻ جو آواز ٻڌجي ٿو: ان سان گڏ خواب جو تاثر پيدا ڪرڻ جي موسيقي خلط ملط ٿيل لڳي ٿي.)
راجا اندر جو آواز: (جذبات کان ڳؤري آواز ۾)
“تن من ارپيم توکي،
ساجن موٽي، آءُ
ساجن... موٽي آءُ.”
(آهه ڀرڻ جو آواز)
“سنگيت جڏهن روح کي رولي
دل جي صنم خاني ۾،
سونهن ڀري ڪنهن آشا کي ٿو جاڳائي،
من مرڪي،
هجر جي هاڃي کان،
ڇو ٿو روئي، ڀيرو!
ڀيرو، ڀيرو...،
گيت سنگيت جا راجن،
آشا کي سونهن آشا ڏي ٿي...
پرهه جي راڻي ... !
ڳاءِ، وري ڳاءِ ... !”
(ٿورو سر ۾، ڀيرويءَ جي سرگم سان)
“تن من ارپيم توکي،
ساجن موٽي آءُ!
ساجن ــــ موٽي آءُ!”
ڀيرو: گيت سنگيت جو راجن،
آءٌ؟
مان گيت سنگيت منجهان ڪجهه به نه ڄاڻان، سائين! ...
ڪجهه به نه ڄاڻان، سائين!
ڀيرو ته ائين ئي آ بدنام ٿيو،
ڀيرو گيت مان ڇا ڄاڻي؟
آءٌ،
گيت سنگيت مان ڇا ڄاڻان؟
ٻيجل: چنڊ جو قاتل
چنڊ جو قاتل، ۽ شڪاري تارن جو
من تڙپائي،
جان جلائي،
شهر وسيون سڀ ساڙي،
هي جهونا ڳڙهه جو جاجڪ
سر جون ٿو صدائون ڳائي،
سئن هڻي،
سر جي سئن هڻي ڳائي!
مان سنگيت مان ڪجهه به نه ڄاڻان، سائين....
ڪجهه به نه ڄاڻان، سائين!
راجا اندر: (سوچ ۽ ڪجهه ياد اچڻ جي انداز ۾)
ٻيجل؟
ڪهڙو ٻيجل؟
ڇا راءِ انيراءِ جو ٻيجل ٿو چئين؟
ڀيرو: جي ها، راجن،
سوئي ٻيجل،
جو سُر ۾ ساهه ڪڍي،
جو سِرُ ٿو تند برابر توري!
جي ها، سائين
سوئي ٻيجل
جهونا ڳڙهه جو جاجڪ
چنڊ جو قاتل
پريم جو ويري... !
اندر: (پريشانيءَ مان) ڀيرو...
تو ياد ڏياري ٻيجل جي
چنتا جي چڻنگ لڳائي،
مان سوچيان پيو
سورٺ جو ڇا ٿيندو؟
(افسوس ۾) ويچاري سورٺ، ويچاري
ڀيرو: (اچرج مان) سورٺ!
ڪهڙي سورٺ، سائين؟
سنڌ جي سورٺ؟
سچ، سهاڳ جي سورٺ؟
اندر: (افسوس مان) ڀاڳ اَڀاڳ جي ديوي ڪلهه آئي هئي،
سورٺ جي جنم پتريءَ ڪاڻ!
سورٺ، ٻيجل، راءِ ڏياچ
(سچ، مايا ڇٽ، نرواڻ)
ڀاڳ اَڀاڳ جو قهري ناچ!
ٻيجل چنگُ برابر چوريندو،
جهونگاريندو،
سُرندو ساريندو...، پر
راءِ ڏياچ جو سِر لاهي
تند برابر توريندو!
سورٺ، ٻيجل، راءِ ڏياچ
ڀاڳ اَڀاڳ جو قهري ناچ
(خواب ختم ٿيو، سورٺ جي روئڻ جو آواز اچي ٿو)
راءِ ڏياچ: (کلي) پاڳل، سپني کان ڪو ڊڄبو آ،
سپنو ساڀيان ناهي
سپنو ته رڳو سپنو آهي.
سورٺ، منهنجي سورٺ
مان ئي تنهنجو سپنو
تون ئي منهنجي ساڀيان،
پو ڀؤ ڇا جو؟
سورٺ: (ڪجهه ڌيرج سان) ڊڄان ٿي
سرتاج، ڊڄان ٿي
ڀاڳ اڀاڳ جي ڦيري کان
سپني ساڀيان جي گهيري کان
هن دنيا کان،
دنيا جي ماڻهن کان-.
(پيار جا دشمن، پريم جا ويري
سک جا سپنا ڊاهي،
ڏک جا ڪوٽ اڏين؛
پريم جا ويري اڪثر
سچ جو سهاڳ لُٽي
ڪوڙ جي ماڙي ٺاهي
ڏاڍ جا ڪوٽ اڏائي
سرڳ نرڳ جو مانڊاڻ منڊي
روهه رلائن انسانن کي، پريمين کي)
ڪوڙ کي ٿا پارائن
چولو سچ جو:
ڪوڙ لڳي ٿو سهڻو
سچ کان سهڻو:
ان دولاب ۾ ٿا ڦٿڪن، تڙپن
پيار جا ڳولائو، پريت جا ديوانا!
سرتاج ڊڄان ٿي،
ان دولاب کان، مايا ڇل کان:
ڀاڳ اڀاڳ جي ڦيري کان؛
سپني جهڙي ساڀيان جي گهيري کان؛
هن دنيا کان،
هن دنيا جي ماڻهن کان
پريم جا ويري، پيار جا دشمن!
ڏياچ: (پاٻوهه مان) سورٺ، منهنجي سورٺ
ڪوڙ جو مانڊاڻ هلندو ڪيسين؟
سچ نيٺ سچ ٿيندو!
ڪانءُ ڀلا مور جي چال هلندو ڪيسين؟
(هيٺان ٻيجل جي سُرندي جو آواز ٿو اچي. ڀيرويءَ جو آلاپ شروع ٿئي ٿو)
هان،
هي ڇا هي ۽
هي منهنجي دل ۾ ڇا ٿو ٿئي؟
من_ ساگر اٿلي ڇو ٿو؟
ڪير پيو هي ساز وڄائي؟
هاءِ،
هي ڄڻ ڀيرو پاڻ پيو ڳائي:
داسي، او داسي _ !!
داسي: (ڊڄندي هٻڪندي) سائين،
هڪ چارڻ (رمتو جوڳي وار ڀڀوت
ڪن ۾ واليون، مک تي مڻيا)
دل ۾ ڀنڀٽ...
چنگَ ۾ چڻنگون
جهونا ڳڙهه جو ڪو جاجڪ آهي!
راءِ ڏياچ: مان ڏئي هت آڻينس _
(پنهنجي منهن ڀڻڪڻ ٿو لڳي)
پرهه جو اهڙو راڳ
ڄڻ ڪا جلندي آڳ!
... ... ...
ڏيک ٽيون:
[هن ڏيک ۾، ڀيرويءَ جو آلاپ تيز ٿيندو ٿو وڃي، ۽ داسي اچي ٻيجل کي سڏي ٿي. داسيءَ جو آواز ٻڌي، ٻيجل سُرندو وڄائڻ بند ٿو ڪري]
داسي: چارڻ،
راجن توکي ياد ڪيو آ،
راڳ جي آهٽ ٻڌندي،
ڀانيان ٿي ڪجهه وياڪل وياڪل آهي،
سورٺ راڻي پڻ حاضر آهي.
هل،
راجن کي گيت سنگيت جي جادوءَ سان
مڌ مست ڪري
من پرڀائي،
موتي مڻيا لعل جواهر پاءِ!
ٻيجل: سورٺ؟ ڪهڙي سورٺ؟
اندر سڀا جي نچڻي سورٺ؟
جنهن جي چپن جي روءِ برابر
سرڳ_ڦلن تي ويس ڪئي؟
جنهن جي سونهن سراسر
ديوين جهڙي،
جنهن جي پدمن جي ڇم ڇم
مرگهه ترشنا کي تڙپائي؟
سورٺ، ڪهڙي سورٺ؟
جنهن ديس بديس جي شهزادن کي ريٽي
سونهن جي سوداگر
ڏياچ جي سيج سنواري آ؟
داسي: سائي سورٺ،
سنڌ جي راڻي؛
پر تون هل، راجن وياڪل آ،
نه ته منهنجو ساهه سماپت آ!
(وڃڻ جو آواز، ٻيجل وري آلاپ وڄائي ٿو)
ڏيک چوٿون:
[ٻيجل جي اچڻ جو آواز، آلاپ نزديڪ ايندو اچي]
سورٺ: داسي،
ڇا نالو آهي چارڻ جو؟
داسي: سانئڻ،
نالو مان ڇا ڄاڻان؟
ڪي کيس سڏن ٿا ٻيجل
ڪي کيس سڏن ٿا ”مايا موهه“ جو بادل
(پنهنجي منهن آهستي)
مايا برسي، موهه برسي
”ڪام“ ٿو ڇلڪي، ”پريم“ نه ڇلڪي،
سپنا ڊاهي، سانگ رچائي،
سوئي ٻيجل،
جهونا ڳڙهه جو جاجڪ!
سورٺ: (پنهنجي منهن ڇرڪ ڀري )
ٻيجل جاجڪ؟
ذات جو چارڻ؟
چنڊ جو قاتل!
هاءِ الا هي ڇا ڀانيان؟
ڀاڳ اڀاڳ جو نوتو
ايڏو تُرت ڀلا ڪئن پهتو؟
(درد مان) ساٿ سنگت ساجن سان
سڱ ٽُٽو راجن سان
هاءِ حياتي پرينءَ بنان
ڪٽبي ڪهڙيءَ پر سان؟
(آهستي) پر سورٺ مرندي، ڏياچ نه مرندو
ڄاڻ _ چڪوري مرندي، چنڊ نه مرندو
سورٺ مرندي، ڏياچ نه مرندو.
(ڏاڍيان ڏياچ کي) ڪانڌ، اوهان کي سوڳنڌ آ،
چارڻ کي موٽايو،
هي چارڻ پريم جو ويري آ،
ڏک جو پانڌي،
ڪوڙ جو راهي،
يا ته انيراءِ جي انياءَ جو ڪانڌي؟
ڏياچ: (ٽهڪ ڏيندي) انياءُ ڇا جو؟
انياءُ ته انيراءِ جي ڪوٽن ۾
قابو آهي ورهين کان
انياءُ ڀلا هت ڪئن ايندو؟
(ٻيجل بلڪل نزديڪ پهچي ٿو وڃي. سندس آلاپ به نزديڪ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.)
اچ، اچ راڳي
چنگ کي چوري،
پرهه جي گيتن جو
جادو لائي،
من ۾ آنند آڻ!
(ٻيجل ڀيروي وڄائي، هت ڀيرويءَ جو ترانو ٽي چار منٽ، تين تال ۾ ڏجي)
راءِ ڏياچ: (خوشيءَ ۽ اطمينان سان)
گُهر اي چارڻ ڇا گھُرجئي؟
گهُر اڄ جيڪي به گهُرڻ چاهين!
راڄ سڄو ملڪ سندءِ :
هاٿي گهوڙا، هي محلاتون
سون، جواهر موتي مڻيا
يا چاهين ٿو سروپا؟
داسي، او داسي _
”نازي ڏيوس تڪڙو، جوهر پائي زين!“
سون ۽ چاندي،
لال جواهر، جو طلبي،
گهوريو هن چنگ مٿان، هن چارڻ تان!
ٻيجل: اي سورٺ _ ور
”پائي پٽ ڪڻا، مون تان مور نه مڱئو،
هاٿي ڪارڻ هيڪڙي، آءٌ ڪا تند هڻان!“
ڏياچ: گھُر، جيڪي گهُرڻو هجئي،
دان ڏيانءِ ٿو دهرا،
سون واسيو، يا چاندي جي چاهين
گھُر اڄ، جيڪي به گھُرڻ چاهين؟
ٻيجل: اي راجن، راڄ _ ڌڻي
راڳ جي قيمت دنيا ڇا ڄاڻي؟
ڄاڻ جي قيمت دنيا ڇا ڄاڻي؟
ڄاڻ جي آڳ جلي ٿي ديوانن ۾.
راڳ جي آڳ _
دل جي ايوانن ۾!
تون دل جو صاحب،
دل جي قيمت،
راڳ جي قيمت تون ٿو ڄاڻين ۽
چانديءَ جا چند ٽڪرا،
راڳ جو مُلهه ٿيندا ڇا؟
هاٿي گهوڙا، سون جواهر
ڀيروءَ جي ڀيت برابر ٿيندا ڇا؟
سنگيت ته سر جو سودو آ
سر جو سودو...
راجن، راڄ ڌڻي
سر جي سئن هڻان ٿو، سائين
سورٺ: (ڇرڪي) سر جي سئن؟
هاءِ مٺيس!
سپنو آ يا ساڀيان؟
(پنهنجي منهن): (چارڻ چنڊ جو قاتل
شهر وسيون سڀ ساڙي... !)
چارڻ تنهنجو نالو ڇاهي؟
ٻيجل: ٻيجل، سانئڻ،
جھونا ڳڙهه جو جاجڪ
ذات جو چارڻ
چنگ کي چوري، چنڊ کي گھائڻ
جل ۾ باهه لڳائڻ...
ٻيجل، سانئڻ!
سورٺ: (هيجي) ٻيجل...
چنڊ جو قاتل شڪاري تارن جو،
من تڙپائي،
جان جلائي
شهر وسيون سڀ ساڙي،
سر جون صدائون ڳائي!
هي سپنو آهي يا ساڀيان؟
ٻيجل: ساڀيان، سانئڻ
ساڀيان اهڙي جهڙو منهنجو راڳ
سپني جهڙي ساڀيان
ساڀيان جهڙو سپنو!
سورٺ: (ليلائيندي) چارڻ، چنگ _ مٺا
سر جي سئن هڻي تون،
ڇو ٿو شهر وسيون سڀ ساڙين؟
راڳ ته من _ موهه جو ساگر آ
سر جو سودو تون ڇا ڄاڻين؟
راڳ ته پوڄا _ جل آ،
سر جو سودو تون ڇا ڄاڻين؟
هان، هي سر منهنجو حاضر آ،
سر جي سرتاج مٿان هي سر گهوريو -
شل هو جيئي:
سر جو سودو تون ڇا ڄاڻين:
هان، هي سر منهنجو حاضر آ
ڪڍ ڪاتي، وڍ سر، حاضر آ!
ڏياچ: (ديا ڪلتا سان) سورٺ، ڏاهي ٿي
منهنجو وچن آ، تنهنجو ڇا؟
ٻيجل _ چارڻ،
چنڊ جا قاتل
سر سودائي
هان، هي سر منهنجو حاضر آ
ڪڍ ڪاتي، وڍ سر حاضر آ!
مون سمجهيو، تون يمدوت جو چيلو آن _
پر ڇو؟ انسان ته ايڏو ڪانئر ناهه!
ٻيجل: ڪانئرتا ۽ انسان!
مان ڪير ڪٿان آيس
ڪير نه ڄاڻي _
آءٌ نه ڄاڻان
نالي ۾ انسان
ٻيجل، جهونا ڳڙهه جو جوڳي
ڏک جو راڳي، مايا جو روڳي!
ڏياچ: هڪ سر مان حاصل
توکي ٿيندو ٻيجل؟
ٻيجل: سائين، مان ڪُهه ڄاڻان؟
سئن هنئي ٿم، سائين،
سر جي، تنهنجي سر جي
تنهنجو سر، هڪ سر ناهي، سائين:
تنهنجو سر، سچ جو مندر!
انسانن جي هر دنيا ۾
جيڪي ڪجهه سهڻو آ
تون ڄڻ ان جي مورت آهين
ايڏي دولت ڪيئن نه پايان؟
آءٌ ڏک جو راڳي، مايا روڳي
مايا موهه جو بادل،
مايا اهڙي،
آد جڳاد کان ماڻهن،
ميڙي، چونڊي
نياءَ، جي نالي ۾ سموئي جنهن کي
سچ جي جوت جڳائي
تنهن سچ جو چور سڏائي مان
ڇو نه صدا سر جي ڳايان؟
راءِ ڏياچ: ٻيجل
جهونا ڳڙهه جا جوڳي
مايا موهه جا بادل، مايا _ روڳي
سچ جي مايا، سوئي ڀوڳي
سچ تان جيڪو سرڙو گھوري:
تون چور به سڏبين، پر
مايا _ چور
سچ جي مايا تون ڇا کڻندين؟
سچ جي مايا سوئي ڀوڳي
سچ تان جيڪو سرڙو گھوري!
آءُ، وڍي سر مايا ماڻ
ڪوڙي مايا!
(تلوار کڻي پنهنجي سر تي هڻي ٿو، ۽ سندس سر وڃي پري ٿو پوي، ان جي تاثر لاءِ موزون موسيقي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي، تيز تيز سنگيت جي آواز مان ڏک جو تاثر پيدا ٿئي ٿو، جنهن ۾ سورٺ جي اوڇنگارن جو آواز مدغم ٿيندو ٻڌجي ٿو.)
سورٺ: (روئندي) هاءِ سهاڳ!
هاءِ اڀاڳ
ٻيجل، چارڻ
پريم جا ويري، پيار جا دشمن
سُک جا سپنا ڊاهي،
ڪوڙ جي ماڙي ٺاهي،
تو سچ جو سهاڳ لٽي ورتو
تو سورن ڀاڳ لٽي ورتو!
ڏک جا ڏونگر ڏرندا، ڪنهن پر
ياد جو ايندي ساجن جي؟
آڳ اجهامي من جي، ڪنهن پر
ياد جو ايندي راجن جي؟
سک جا سپنا ساڀيان مور نه ٿيندا
سک جا سپنا، سپنا رهندا!
ڏک جا سپنا ساڀيان ساڀيان
ڏک جا سپنا ساڀيان رهندا!
پر ٻيجل، چارڻ...
شل تون جيئين،
پاپ جو پانڌي بنجي،
شل تون ڳائين...
پر ايندڙ دنيا ۾،
ٻيجل جلندو
راءِ ڏياچ امر ٿي
سنگيت سان سر لائي
پريم سنيهو ڏيندو رهندو،
سورٺ جي مئي، ته به سک ٿيندو رهندو!
(ساڳي تلوار سان سورٺ پاڻ کي ماري ٿي، تيز تيز موسيقيءَ سان ڏک جو ناڻو پيدا ٿئي ٿو... ڪجهه وقت کانپوءِ ڪاٺين سڙڻ جو آواز اچي ٿو ۽ ان جي پس منظر ۾، ڀيرويءَ جي آلاپ سان، ٻيجل ڳائي ٿو:)
انسانن جي هن دنيا ۾
ڏاڍ جي ڏائڻ
ڪوڙ جي سانئڻ
ويس وڳا دولاب جا پهري،
چٽجي، ڏکجي،
مکجي، چکجي،
چرب زبانيءَ جي منتر سان
راءِ ڏياچن کي دلبي،
سر جي سئن هڻي ٿي.
ويچاري سورٺ
سانگ جي ان رڃ ۾
رڻ ۾ رات گذاري
ٻاڪاريندي، ٻاڏائيندي،
سر تان آهو لاهي،
سچ جون ڪاٺيون ميڙي
آد جڳاد چتا ۾ جلندي
جڳمڳ جڳمڳ
جوت نئين جاڳائيندي،
”پريت امر آ“، چوندي
ڳائيندي رهندي،
دنيا ٻيجل جو نالو کڻندي،
رئندي کلندي، کلندي رئندي،
ٻيجل جلندو،
سنگيت نه مرندو!
(باهه جو آواز تيز ٿئي ٿو. اُن سان گڏ ڀيرويءَ جي درت جا آخري آلاپ تيز ٿي، ختم ٿين ٿا.)
(ماهنامو نئين زندگي ڀٽائي نمبر، جولاءِ 1964ع)