مختلف موضوع

تُنهنجي تند تَنوار....

ڪتاب ”تنهنجي تند تنوار“ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب، ليکڪ، ناولنگار ۽ جديد صحافت جي اهڃاڻ ”سراج“ جي شاعري، ناٽڪ ۽ ترجمن جو مجموعو آهي. فهميده حسين لکي ٿي:
”سراج ادبي دنيا ۾ هڪ تخليقي فنڪار جي حيثيت ۾ قدم رکيو، هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ پاڻ مڃايو، وقت جي اڪثر رسالن ۾ هڪ شاعر جي حيثيت ۾ شامل ٿيندو رهيو، هڪ مضمون نگار جي حيثيت ۾ ڪيترائي تخليقي مضمون ۽ تاثر لکيائين، ٻين ٻولين ۾ ڇپجندڙ تخليقي ادب کي ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي دامن کي وسيع ڪيائين، تخليقي انداز ۾ تاريخي ناول لکيائين. ڪو وقت اهڙو به آيو، جو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وجود، حيثيت ۽ رُتبي تي سوال ٿيا، تڏهن هن پنهنجي قلم جو رخ تحقيق ڏانهن موڙيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي قدامت، عظمت ۽ شاهوڪاري ثابت ڪرڻ لاءِ موهن جي دڙي جي مهرن کان وٺي، تاريخ جي مختلف دورن ۾ ان جي اوسر ۽ ارتقا جا پيرا کنيائين،“
Title Cover of book تُنهنجي تند تَنوار....

چهچٽو ٻيو

ڏيک پهريون

[وقت: پهرئين چهچٽي کان ڪجهه ڏينهن پوءِ.
هنڌ: سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ ’ديول ڪوٽ‘ ۾، سنڌ جي مهاراجا چنيسر جي شاهي محلات ’سنڌ ڀَوَن‘ جي شاهي دروازي تي ٻه چوبدار بيٺا آهن ۽ دروازي کان وٺي محل جي چؤ ٿنڀيءَ تائين رنگبرنگي گلن جون سڌيون قطارون نظر اچن ٿيون. چؤ ٿنڀيءَ جي اڳيان سنگ مرمر جي ڏاڪن مٿان ٻن شينهن جي ڪلهن تي، ڳاڙهي پٿر مان ٺهيل سنڌ جو نقشو نظر اچي ٿو. کاٻي پاسي کان محل ۾ اندر وڃڻ لاءِ دروازو نظر اچي ٿو، جنهن اڳيان به هڪ چوبدار ترار کنيو بيٺو آهي. پردي کڄڻ وقت، گيڙو رنگ جي ميرن ڪپڙن ۾ ڪونئرو ۽ سندس ماءُ (مرڪي)، چوبدار سان ڳالهائيندي نظر اچن ٿيون.]
چوبدار: مائي بابا، اندر وڃڻ جي موڪل به ورتي اٿو؟
مرڪي: (ڪنجهندي) ابا، ٻچڙا جيئني، وڏي وزير، جکري، ته چيو ٿي ته هيءَ چائنٺ مراد وندن کي ڪانه روڪيندي. پوءِ تون ڪيئن ٿو جھلين؟
چوبدار: امان، درٻار ۾ ته برابر ڪنهن کي جهل ڪانهي، پر هينئر ته مهاراجا مهاراڻيءَ سان اڪيلائيءَ ۾ ويٺو آهي.
مرڪي: اسان کي جکري موڪليو آهي. جي ويساهه نه اچئي ته کڻي ماڻهو موڪلي پڇائينس.
چوبدار: ٻيلي، ڳالهه ته ڳري ٿي، پر اوهين ڪي جوڳياڻيون ٿيون ڏسجو. چڱو، وڃو اندر.
[مُرڪي ۽ ڪونئرو پردو کڻي اندر وڃن ٿيون. سامهون ريشمي وهاڻن کي ٽيڪ ڏيو، مهاراجا چنيسر ويٺو آهي. مهاراڻي، ليلا، مور جي کنڀ سان سندس ڪن ۾ ڪتڪتائي ڪري رهي آهي، ۽ ٻئي ڪنهن عجيب امنگ کان مرڪي رهيا آهن. مُرڪي ۽ ڪونئرو جي داخل ٿيڻ تي، ٻئي پاڻ سنڀالين ٿا. ڪونئرو ۽ مُرڪي ڪورنش ڪري، هٿ ٻڌي بيهن ٿيون.]
ليلا: (ٿورو چڙ مان) مائي، اوهين ڪير آهيو؟ هت ڇو آيون آهيو؟
مُرڪي: (ليلائي) سانئڻ، اوهان جي دريا دليءَ جي واکاڻ ٻڌي، پري کان پنڌ ڪري آيون آهيون. هيءَ منهنجي ڌيئڙي، ڪونئرو آهي.
چنيسر: (ليلا کي ڪن ۾) نينگر ته ڏاڍي سهڻي آهي. چپ ته توکان به سنهڙا اٿس.
ليلا: (آهستي) اوهان کي ته اچي مسخريءَ کنيو آهي. هون، سهڻي آهي ته کڻي پٽ راڻي بنايوس. (ڏاڍيان) پوءِ هت ڪيئن آيون آهيو؟
چنيسر: (آهستي) آيون آهن منهنجي سيڄ سنوارڻ!
ڪونئرو: (مٺي، ٻاجهاري آواز ۾) سانئڻ، زماني جي ڏولاون اسان کي هت رولي ٽولي آندو آهي. پئسو پنجڙ به جيڪو ساڻ هوسون، سو پورو ٿي ويو. ڌڻيءَ اوهان کي سڀڪي ڏنو آهي، جي هيڻن تي هٿ رکندا ته ڌڻي اوهان تي هٿ رکندو. ٻئي ڄڻيون هٿ جون سڄيون آهيون: امان اُڻڻ جي هنر جي ڪاريگر آهي. ۽ آءٌ گهر جي ڪم ڪار جي کڙي تڙي آهيان.
ليلا: (نرمائيءَ سان) چڱو مائي، تون مهاراجا جي ريشمي پڳ تيار ڪري ڏينم، ۽ تون ... تون (کلي) مهاراجا جي سيڄ وڇائڻ جو ڪم ڪجانءِ. اوهان کي رهڻ لاءِ ٻه ڪوٺيون ورانڊي جي پوئين پاسي ملنديون. (چنيسر کي، آهستي) هاڻ ته دل خوش ٿِيوَ. ڀَل ته هي سهڻي نينگر اوهان جي سيڄ وڇائي. آءٌ به ڏسان ته اوهان ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهيو!
چنيسر: (ڪجهه سوچي، آهستي ليلا کي) ليلا، چري نه ٿيءُ. هن ڇوڪريءَ کي رڌڻ پچائڻ جي ڪم تي کڻي لڳاءِ.
ليلا: (کلي، آهستي) بس، پاڻ تي ڀروسو به اجهو اهو اٿوَ!
چنيسر: (ڀڻ ڀڻ ڪندي) ان ۾ ڀروسي جي ڪهڙي ڳالهه آهي، نيٺ به ته ...
ليلا: (مرڪندي، آهستي) آءٌ اڃا ته جيئري آهيان. جيئري ڪا مئي اوهان ڏي اک کڻي ته ڏسي، ٻئي اکيون نه ڪڍانس ته چئجو. (ڏاڍيان) اوهين اڃا ڇو بيٺيون آهيو؟ وڃو، ٻاهر منهنجي ٻانهي، سڀاڳي اوهان کي سڀ سمجهائي ڇڏيندي. ]وڃن ٿيون[.
چنيسر: ليلا، تون مون کي ايترو وڻين ڇو ٿي؟ دنيا جون سموريون سهڻيون، سون ورنيون هڪ پاسي ۽ ٻئي پاسي تون هجين ته به آءٌ هوند توکي چونڊيان.
ليلا: (شرمائجي) هاڻ ٿا منهنجو مٿو ڦيرايو. اوهان جي پريت ئي ته منهنجو ساهه آهي. مون تان نظر پاسي ڪريو ته مون کي مئل ڏسندا.
چنسير: چري، متان اها ڳالهه دل ۾ آندي اٿئي. پريمي ۽ ديش ڀڳت جي دل مڙئي ساڳي. جھڙيءَ طرح ديش ڀڳت جي سرير جو ساهه پنهنجي ديس ۾ هوندو آهي، تيئن پريميءَ جو ساهه پنهنجي پريتم ۾ هوندو آهي. مون کي ٻه ساهه آهن، هڪڙو سنڌ ۾، ته ٻيو تو ۾ !
شل انهن ٻن دلين ۾ ٽڪر نه ٿئي!
ليلا: اهڙا ٻول نه ٻوليو! آءٌ ته اوهان جي پيرن جي پڻي آهيان.
چنيسر: نه نه، تون منهنجي دل جو سوجهرو آهين. تون نه هجين ته آءٌ ...
ليلا: بس بس، متان ڪو اهڙو اکر ڪڇيو اٿو به، اوهان کي قسم آهي ليلا جو.
چنيسر: (ٿورو مرڪي) ليلا؟ ڪير آهي ليلا؟
ليلا: رام ليلا!
چنيسر: نه چنيسر ليلا! (وڌي ليلا جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي ٿو ۽ پردو ڪري ٿو.)