مختلف موضوع

تُنهنجي تند تَنوار....

ڪتاب ”تنهنجي تند تنوار“ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب، ليکڪ، ناولنگار ۽ جديد صحافت جي اهڃاڻ ”سراج“ جي شاعري، ناٽڪ ۽ ترجمن جو مجموعو آهي. فهميده حسين لکي ٿي:
”سراج ادبي دنيا ۾ هڪ تخليقي فنڪار جي حيثيت ۾ قدم رکيو، هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ پاڻ مڃايو، وقت جي اڪثر رسالن ۾ هڪ شاعر جي حيثيت ۾ شامل ٿيندو رهيو، هڪ مضمون نگار جي حيثيت ۾ ڪيترائي تخليقي مضمون ۽ تاثر لکيائين، ٻين ٻولين ۾ ڇپجندڙ تخليقي ادب کي ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي دامن کي وسيع ڪيائين، تخليقي انداز ۾ تاريخي ناول لکيائين. ڪو وقت اهڙو به آيو، جو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وجود، حيثيت ۽ رُتبي تي سوال ٿيا، تڏهن هن پنهنجي قلم جو رخ تحقيق ڏانهن موڙيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي قدامت، عظمت ۽ شاهوڪاري ثابت ڪرڻ لاءِ موهن جي دڙي جي مهرن کان وٺي، تاريخ جي مختلف دورن ۾ ان جي اوسر ۽ ارتقا جا پيرا کنيائين،“
Title Cover of book تُنهنجي تند تَنوار....

”ڪراچي“

”ڪراچي“
[آزاد نظم]

-اي ڪراچي، سنڌ جا سينگار ، اي رُوحِ وطن،
تنھنجي ’ماضيءَ‘ کي سلام!
تنھنجي ماضيءَ _ منھنجي ماضيءَ _ کي سلام!
ها، اُهو ماضي، جو بيحد روشن و تابان هيو _
جنھن ۾ روشن ها اُميدن جا چراغ؛
آرزوئن جا هزارين چنڊ اُڀريا ۽ اُميدن جا ستارا جاڳيا؛
اَمن و آزاديءَ سندي آڪاشَ تي!
ڪلپنائن ۽ اُمنگن جي ٿڌيءَ چانڊاڻ ۾،
هلڪي هلڪيءَ جوتِ جي مانڊاڻ ۾،
مٺڙا مٺڙا گيت ٿي مرڪيا هتي-
ڄڻڪ هي ڪو ديس ئي گيتن جو هو،
گيتن ۽ نغمن جو ديس!
گيت اهڙا جن ۾ هو
ڪنھن سھاڳڻ سندريءَ جي نرگسي نيڻن جو ڪيف-
ڇلڪندڙ آبِ حيات!
_اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،
اي ستارن جي زمين، اي اَپسرائن جا وطن،
تنھنجي مٽيءَ جي مٿان
اڄ به آهن چمڪندڙ ماضيءَ جا نقش:
تنھنجي مِٽيءَ مان اچي ٿي جا سڳنڌ،
سا ٻڌائي ٿي هزارين داستان:
اڄ به تنھنجون ’بلڊنگون‘ ٿيون ساکَ ڏين،
اڄ به تنھنجا ’گلڪدا‘ ٿا ڏَڪندي ڏَڪندي چون:
(جن جي بنيادن تي بيٺل هي ’تجارت گاهه‘ ٿا
کوکلي تھذيب جي چُغلي هڻن!)
سنڌ جي ماضيءَ جي عظمت تون هُئينءَ،
تون هئينءَ سنڌ جي تھذيب جو سورج مکي:
ڄڻ هئينءَ تون ’شاهه‘ جي هڪ سورمي!
مذهبي ويڇن کان دور،
تو ۾ هو ڄڻ امنِ عالم جو مثال-
زندگِيءَ جي عزم جي تابندگي،
آدميت جو سُهاڳ!
_اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،
اڳ به تون سوداگرن جو شھر هُئينءَ،
اڄ به تون سوداگرن جو آن وطن-
پر ٻنھي ’سوداگرن‘ ۾ فرق آهه!
اڳ جا سوداگر ڪندا ها صرف هڪ سوداگري-
سِر ڏئي پنھنجي وطن کي ’غير‘ کان ڳِنهندا هئا:
اڄ جا سوداگر ته پيا نيلام ڪن پنھنجو وطن،
’ڪڻڪَ جي مٺِ‘ تي وِڪامي ٿو ’بھشت!‘
_اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،
تنھنجو هي ماحول ڏس ڪيڏو نه آهي اجنبي!
تنھنجو ساگر ڪيترو مايوس آهه!
هر گهٽيءَ ۾ لُٽجي پيو ٿو آدميت جو سھاڳ-
سون چانديءَ جي سجايل ’جانڊهن‘ ۾،
اندران ئي اندران ڏِس زندگي پسجي پئي؛
آبرو لُٽجي پئي،
امن و آزاديءَ سندي ظاهر ظھور!
’غير‘ ڏس ڪيڏو نه آهي سر بلند،
ڪيترو مضبوط آ هِت سامراج!
_اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،
تنھنجي رنگينيءَ جي پردي ۾ لڪل
ڏسجي ٿو ڪو انقلاب!
وقت جون واڳون ورڻ لاءِ بيقرار!
تنھنجي رستن مان اچي ٿي سرمدي رَت جي پڪار-
گلشنن جا گل ٿا ڏسجن خونچڪان،
تنھنجي خاموشين ۾ شايد ٿو هُري سڏڪن جو ساز!
ڪيستائين رهندو آخر هي فريب:
مدتن کان آ زمانو منتظر،
ڪَر ٿو موڙي هت نئون ڪو دَور ڏس-
ڏس ته ڏورانھين اُفق تي پِرهه آ جاڳڻ لڳي،
چاڪ ٿيندو ظلمتن جو پردءِ تاريڪ تر،
هر طرف روشن ’حقيقت‘ ٻھڪندي،
سر بلند ٿيندو وري هت لوڪ راج،
سر نوائي نيٺ ڀڄندو سامراج!
هڪ ٿي ويندينءَ سنڌڙيءَ سان اي ڪراچي نيٺ تون،
روح پنھنجي جسم سان ملندو وري!
اي ڪراچي، سنڌ جا سينگار، اي روحِ وطن،
اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن!
[سماهي مھراڻ، 3-1956ع]